سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:3 

مواد جي ترتيب:

هن جلد جو مواد تحريري توڙي سگهڙن جي صدري روايتن ذريعي ڪافي محنت ۽ ڪشالي سان گڏ ڪيو ويو آهي: انهن قصن بابت نڪي آڳاٽا ڇپيل ڪتاب آساني سان ملي ٿي سگهيا ته نڪي جن سگهڙن کي ڪي قصا ياد هئا تن جا نالا معلوم هئا. ڦڙي ڦڙي تلاءَ بعد جڏهن مواد گڏ ٿيو ته مضمون جي وسعت ۽ روايتن جي ڪثرت سببان ان جي ترتيب مشڪل نظر آئي. ڪوشش ڪري هن جلد جي ساء کي ڪافي قدر آسان بنايو ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن قصي جون محض منظوم روايتون مليون (مثلاً ’جمجمه سلطان‘) ته انهن کي ڀيٽي شروع ۾ انهن جو اختصار نثر ۾ ڏنو ويو آهي، انهيءَ لاءِ ته پس منظر پڙهندڙ جي آڏو اچي وڃي ۽ هو منظوم روايتون انهيءَ روشني ۾ آساني سان پڙهي ۽ سمجهي سگهي. ڪن وڏن قصن (مثلاً شاهه بهرام ۽ سيف الملوڪ) جون نثر توڙي نظم ۾ مختلف روايتون مليون ته انهن کي ڀيٽي، ساڳيءَ سٽاء واريون روايتون هڪ جاءِ جمع ڪيون ويون، جن جي بناء تي مهاڳ طور هڪ مستقل روايت نثر ۾ قائم ڪئي وئي. اهڙيءَ طرح وڏن قصن کي هڪ کان زياده مستقل روايتن ذريعي مرتب ڪيو ويو آهي. گهڻين روايتن واري حالت ۾ هرقصي جي مهاڳ ۾ انهن روايتن تي جامع نموني ۾ روشني وڏي وئي آهي. اهي مهاڳ هرقصي جي مضمون توڙي مختلف سٽائن کي سمجهڻ ۾ مدد ڪندا. هر روايت جي شروع ۾ هيٺ حاشيي ۾ شاعر يا راوي جي سڃاڻپ توڙي روايت جي اصليت بابت مفيد پڻ اشارا قلمبند ڪيا ويا آهن.

اسان کي هن قسم جي قصن جو مواد ٻن جلدن ۾ مرتب ڪرڻ جو ارادو هو؛ پر تازو بورڊ طرفان عائد ڪيل پائبندين سببان في الحال هن هڪ جلد تي اڪتفا ڪرڻي پئي ۽ سڄي مواد کي ان ۾ سموهيو ويو آهي. انهيءَ ڪري اُهي ڪتاب جي ڇپيل آهن ۽ قدري آساني سان ملي سگهن ٿا (مثلاً لطف علي جو ’سيفل نامون‘، مل محمود پلي جو ’ليليٰ مجنون‘، ثناء الله ثنائي جو قصو خدا دوست جو ’مثنوي محمود غزنوي عرف سچو عشق‘) انهن ڏانهن صرف اشارا ڪيا ويا آهن، حالانڪ انهن ۾ شامل قصن جي سٽاء جو اختصار ڏيڻ مفيد ٿئي ها. اهڙيءَ طرح هن موجوده دور جي ڪن عوامي شاعرن جي جوڙيل قصن کي ڇڏيو ويو آهي؛ بلڪ صفحن جي ڪوتاهي سببان ڪن اڳين روايتن کي پڻ ڇڏيو ويو آهي. البت هن مقدمي ۾ موقعي بموقعي پڙهندڙ ۽ محققن جي دلچسپي خاطر ڪن اڳين ڇپيل ڪتابن جا نالا نروار ڪيا ويا آهن. باوجود انهيءَ ڪفايت جي، هن موضوع تي آڳاٽو ۽ اهم مواد گهڻو ڪري سڄو سهيڙي هن جلد ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جو سنڌي قصن ۽ افسانن جي اوسر ۽ عروج بابت آئيندو تحقيق لاءِ ڪافي ڪارگر ثابت ٿيندو.

اڪثر قصن کي سنڌ جي ساعرن ۽ سگهڙن ڪافين ۽ ڪلامن، سَت سُرن بيتن، ۽ ڏورن ۽ ڳجهارتن جي ٽاڻن ۽ اهڃاڻن ذريعي پڻ ياد پئي ڪيو آهي، ۽ موقعو مليو ته انهن حوالن تي آئينده ڪنهن سلسلي ۾ روشني وڌي ويندي. هنن قصن جو مطالعو نه صرف ادبي لحاظ سان سنڌ ۾ افسانن جي رواج يا فن قصه- خواني جي عروج کي سمجهڻ لاءِ ڪارگر آهي، مگر تاريخي سرمايي، سنڌي ٻوليءَ جي مطالعي توڙي سنڌي عوامي شاعري جي ملوڪت ۽ نزاڪت کي پروڙڻ لاءِ پڻ قيمتي آهي. فاضل شاهه، ڇتي کٽي، بهار ٻپڙ، شيخ ابراهيم، بهاول مهر، شاهه محمد ديدڙ ۽ عرض محمد چانڊيي جي جوڙيل سربستن داستانن توڙي سانوڻ، منو چانڊيي، محمود شيخ ۽ ٻين عوامي شاعرن جي بيتن ۾، شاعرانه اسلوب بيان توري سنڌي ٻولي جي نج سهڻن لفظن ۽ اصطلاحن جي مطالعي لاءِ ڪافي ادبي مواد موجود آهي.

ن-ب

            (نيو

متن

 

ٻاهريان قصا ۽ عشقيه داستان
 

جَمجما سلطان*

 

ڪنهن زماني جي ڳالهه آهي ته هڪڙي ڀيري حضرت عيسيٰ عليھ السلام سير جي خيال سان گهوڙي تي سوار ٿي سمنڊ جي ڀر وٺيو پئي ويو ته واٽ تي هڪڙي هنڌ اوچتو گهوڙو ڇرڪي بيهي رهيو. گهوڙي جي هن اوچتي ڇرڪ حضرت عيسيٰ کي به هوشيار ڪيو(1) ۽ غور سان سامهون رستي ۾ نهارڻ لڳو. ڇا ڏسي ته ڪنهن آد مزاد جي، ڪن ايامن جي پراڻي ڪيپراٽي مٽيءَ ۾ لٿڙي پئي آهي ۽ ان جي اکين، ڪنن ۽ نڪ جي سوراخن مان جيتن ۽ ماڪوڙين جو سنگهرون پيو اچن وڃن. اهو حال ڏسي حضرت عيسيٰ گهوڙي تان هيٺ لهي، انهيءَ ڪيپراٽيءَ جي ويجهو ويو ۽ دل ۾ چيائين ته، سمنڊ جي هن سڃي ڪناري تي هڪ انسان ذات جي ڪيپراٽي ڪيئن آئي! هتي ويجهڙائيءَ ۾ نه ته ڪو قبرستان آهي ۽ نڪو هتان ڪو عام لنگهه آهي، جو ڪنهن اوچتي حادثي سبب هن جو موت ٿيو هجي. تنهن کان سواءِ هيءُ ماڻهو ڪير هو ۽ ڪٿي جو رهاڪو هو، هتي سندس سسي ڪيئن پهتي، اها سڀ خبر جيڪر ڪنهن طرح معلوم ٿئي ته ڏاڍو چڱو.

اڃان حضرت عيسيٰ انهي ئي خيال ۾ هو ته جبرائيل وحي کڻي آيو ۽ حضرت عيسيٰ کي چيائين ته: اي نبي نُوراني! ڪهڙي ويچار ۾ پيا آهيو؟ سيگهه ڪري پنهنجي دل جو حال مون کي ٻڌايو ته قدرت وٽ توهان جو وڪيل ٿي وڃان. حضرت عيسيٰ وراڻيو ته: جيڪڏهن هن ڪيپراٽيءَ ۾ وري ساهه پوي ته جيڪر کانئس سندس خبر چار پڇان.

وحي هي ارادو معلوم ڪري انهيءَ مهل غائب ٿي ويو ۽ وڃي خدا تعاليٰ جي حضور ۾ سندس پيغمبر جي مرضي بيان ڪيائين. رب تعاليٰ وحيءَ کي چيو ته: حضرت عيسيٰ کي وڃي چئو ته تون انهيءَ ڪيپراٽيءَ کان پڇندين ته توکي جواب ملندو. وحيءَ اهو پيغام هڪدم اچي حضرت عيسيٰ کي پهچايو.*

الاهي حڪم ٻڌي حضرت عيسيٰ ڪيپراٽيءَ کان سوال ڪيو ته: اي هڏا، مونکي پنهنجين مڙني حقيقتن کان واقف ڪر ته تون اصل ڪير هئين، تنهنجو نالو ڇا هو، تو پنهنجو وقت دنيا ۾ ڪيئن گذاريو؟ اڃان حضرت عيسيٰ پنهنجو سوال ڪيو ته قدرت الاهي سان انهيءَ ڪيپراٽيءَ ڳالهائڻ شروع ڪيو ۽ هن ريت بيان ڏيڻ لڳي ته: اي وقت جا نبي، آءٌ پنهنجي وقت جو سلطان هوس، ’جمجما‘ منهنجو نالو هو، ڏاڍي ٺاٺ ۽ شان سان پنهنجي حڪومت هلائيندو هوس. منهنجي هٿ هيٺ ڪيترائي ننڍا ننڍا صوبا هئا، جن جا بادشاهه منهنجا ڏن ڀَرو هئا. ڪيترن اميرن ۽ وزيرن جي وچ ۾ آءٌ ڏينهن خواهه راتين جو محفلون مچائيندو هوس. دولت ۽ لشڪر جي مون وٽ ڪمي ڪا نه هئي. باغ ۽ محلات رهڻ لاءِ هئم. سواريءَ لاءِ طوفان کان تيز ۽ جنگي گهوڙا هئم. شڪار جو شوقين هوس ۽ ڪٿي به منزل ڪندو هوس ته منهنجو وڏي شان ۽ مان سان استقبال ٿيندو هو. تنهن تي حضرت عيسيٰ چيس ته: چڱو هاڻي ٻڌاءِ ته انهيءَ بادشاهيءَ واري وقت ۾ تو رعيت سان ڪهڙي هلت ڪئي؟ ڪيپراٽيءَ وراڻيو ته: اي نبي! مون دنيا ۾ وڏا وڏا انصاف ڪيا، غريب امير سان ساڳيو سلوڪ ڪيم. ملڪ تي ڏهون حصو محصول ٻڌم. غريبن ۽ محتاجن لاءِ ٻارهن ئي مهينا منهنجو لنگر پيو هلندو، سخائون ۽ خيراتون دل کولي ڪيم.

حضرت عيسيٰ هي احوال ٻڌي عجب ۾ پئجي ويو ۽ وري ٽيون سوال ڪيائين ته: هاڻي پنهنجي موت ۽ هن حال تائين پهچڻ جي خبر ٻڌاءِ. ڪيپراٽيءَ جواب ڏنو ته: اي نيڪ نبي! آءٌ هڪ دفعي وڏي ساز ۽ سامان، سپاهه ۽ اميرن وزيرن سان شڪار تي ويس. انهي شڪار جي شوق ۾ پنهنجي ملڪ کان پنج منزلون پري نڪري ويس. شڪار کان پوءِ جلدي وطن پهچڻ جي خيال سان تڪڙا تڪڙا واپس ورڻ لڳاسون ته اتفاق سان هڪ گڏهه، جا واٽ تي ويائي ويٺي هئي، سا اسان جي گهوڙن جي کرن سان لتاڙ جي پرزا پرزا ٿي وئي. مون پنهنجي تڪبر جي ڪري انهيءَ گگدام تي ڪا ڪهل ڪا نه ڪئي ۽ گهورن کي تئان ئي تڪڙي هلائڻ جو حڪم ڏنم (3). اڃان شهر کان ڳچ پنڌ پري هئاسون ته مونکي مٿي ۾ اچي سخت سور پيو. انهيءَ سور ايتري قدر ته تنگ ڪيو جو آءٌ دانهون ڪرڻ لڳس. شهر پهچڻ بعد شاهي طبيبن ۽ حڪيمن ڪئين حيلا هلايا، پر مونکي ڪو به فائدو ڪو نه ٿيو. انهيءَ سور سببان منهنجا لڱ آهستي آهستي لانجها پوڻ لڳا. تان جو عضون جو چرڻ پرڻ: ۽ زبان جو ڳالهائڻ به بند ٿي ويو. اهو حال ڏسي امير وزير ڏاڍا حيران ۽ محلات جون راڻيون ۽ ٻانهيون ڏک کان روئڻ پٽڻ لڳيون. هاڻي مون ۾ موت جون نشانيون بلڪل ظاهر ٿي چڪيون هيون. ٿوري وقت جي سڪرات کان پوءِ مون وفات ڪئي ۽ سڀئي عزيز، دوست، يار مونکي وهنجاري سينگاري کٽولي تي کڻي قبرستان ڏي هليا ۽ مونکي دفن ڪري واپس ويا هليا.

ٿوري وقت بعد انهيءَ انڌاري قبر ۾ اوچتو هڪڙو ٺڪاءُ ٿيو. ڇا ڏسان ته سامهون ٻه هيبتناڪ همراهه گرز هٿن ۾ کنيو بيٺا آهن! آءٌ انهن کي ڏسي ڊڄي ويس. پوءِ هنن منهنجو نالو وٺي ڏاڍي ڏهڪاءَ مان مون کان پڇيو ته: ٻڌاءِ تنهنجو خدا ڪهڙو آهي؟ رسول ڪهڙو آهي؟ ۽ تون ڪهڙي دين سان واسطو رکين ٿو؟ اي عيسيٰ! هنن جي هيبت منهنجون متيون منجهائي ڇڏيون ۽ مون کان بي اختيار زبان مان نڪري ويو ته، منهنجو ڪو به خدا، رسول يا دين ڪونهي. آءٌ پنهنجي ملڪ جو پاڻ بادشاهه هوس. منهنجو اهو بيان ٻڌي اڳئين کان به وڌيڪ ڪاوڙ مان پڇيائون ته: ڀلا تو دنيا ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا؟ مون وراڻيو ته: مون دنيا ۾ تمام سٺا ڪم ڪيا ۽ خير خيراتون ڪيون. منهنجي ائين چوڻ تي ڪاوڙجي مونکي چيائون ته: تنهنجو ڪو به خير قبول ڪو نه پيو آهي ۽ تنهنجي جاءِ جهنم ۾ آهي. ائين چئي مونکي گرز هڻڻ لڳا. آءٌ دانهون ڪري بيهوش ٿي ويس. وري جڏهن هوش ۾ آيس ته پاڻ کي هن حال ۾ ڏٺم يعني ڌڙ دوزخ ۾ ۽ سِسي هن ويران رڻ ۾. مونکي هن عذاب ۾ هڪ هزار ۽ ڏهه ورهه گذريا آهن.*

سڄي ڳالهه ٻڌڻ کان پوءِ حضرت عيسيٰ ڌڻيءَ جي درگاهه ۾ جمجما جي وري زنده ٿيڻ ۽ ڪجهه وقت دنيا ۾ گذارڻ بابت دعا گهري. خدا تعاليٰ پنهنجي پياري نبيءَ جي دعا قبول ڪئي ۽ جمجما جيئرو ٿي اچي حضرت عيسيٰ جي اڳيان بيٺو. حضرت عيسيٰ کيس ٻڌايو ته: آءٌ خدا جو خاص بندو ۽ نبي آهيان. اهو خدا تعاليٰ سڄي جهان جو خالق ۽ مالڪ آهي. هاڻي تنهنجي لاءِ بهتر آهي ته تون انهن ڳالهين تي ايمان آڻي وري مليل ڏينهن سندس عبادت ۾ گذارين.(1) جمجما اها ڳالهه قبول ڪئي ۽ اتي جو اتي ڌڻي تعاليٰ تي ايمان آندائين. انهي واقعي کان پوءِ جمجما خدا تعاليٰ جي عبادت ۾ لڳي ويو ۽ ستر ورهين بعد وفات ڪيائين. اهڙيءَ طرح خداتعاليٰ سندس سڀ ڏوهه گناهه معاف ڪري کيس وري بهشت ۾ موڪليو.(2)

 

روايت (1)*

چيل محمد خان ٽالپر

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،

 

قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪان،

 

اول جوڙيئين آدم کي، ڪري بندي باب بيان،

 

خاوند خاصو خلقيو، عزت ڏئي اِنسان،

 

واحد وڌايو تنهن مان، جوڙيو جڳ جهان،

 

ڪئين صاحب سلوڪت جا، ڪئين مورک مت نادان،

 

’ڪل نفس ذائفه الموت‘، ڪيو فائق هي فرمان،

 

وهيو سور سڀڪنهن تي، بندي، ڀوت، حيوان،

 

ماريو ڳڻتيءَ موت جي، آدم کي ارمان؛

 

”محمد“ رهيو ماٺ ۾، ٿيو صبر جو سلطان،

 

وري ڪرم آندو قسمت ۾، شامل ٿيو شيطان،

 

جاڳيس جلوو جيءَ ۾ مٽجي ٿيو مستان،

 

بکي ٿيو بادشاهه، دور وڏي دهمان،

 

ويو وسري اجل جو، بندي باب بيان،

 

سير سڏائي سڀڪو، پاءُ نه سڏائي پاڻ،

 

پوءِ انهيءَ گند گمان، ميان موت وساريو.

2-

ميان موت وساريو، خان مثل خواب،

 

جڏهن وڃين جهان مان، نيڪيءَ ساڻ نواب،

 

پوءِ سڏائج پاڻ کي، ادا! تون ارباب،

 

پورا ڪنهين نه ڪيا، ڪاتب هت ڪتاب،

 

ويا وساري ويسلا، ٿي هيڻا هيٺ حساب،

 

کاڄ خوراڪون ماکيون، آهن قيما قُوت ڪباب،

 

ڇانون منجهه ڇٽڪاريو، عطر آب گلاب،

 

”محمد“ هن مهراڻ ڪيا، سوين غرق غراب،

 

ڪٿي بادشاهي بهمڻ جي، ڪٿي رستم سندو تاب،

 

ڪٿي سلطاني سڪندر جي، ڪٿي سورهيائي سهراب،

 

ماري موت تنين کي، ڪيو خان خراب،

 

پوءِ بنگلا جنين باب، واريءَ وڇاڻا تن ٿيا.

3-

واريءَ وڇاڻا تن ٿيا، هئي وهندڙ واٽ سندن،

 

ميان! ڪنهن کي موت کون، مليو ڪين امن،

 

هرگز هلندو ڪينڪي، توسان توڙ تمن،

 

ويا وساري ويسلا، جاڙ ڪري جوپن،

 

ست لک سالار، سرهيءَ سيج بندن،

 

مکيو تيل ڦليل جو، واس عطر وارن،

 

ويا خالي خان هٿن، ورئي وارث ٻيا ٿيا.

4-

ورئي وارث ٻيا ٿيا، ويا ورهين ويچارا،

 

خان نه رکندءِ خبرون، جي تو هئا پسند پيارا،

 

ويا ڪري پتيون پاڻ ۾ اهي مهري متارا،

 

رهندءِ وڃي راڄ ۾، نيڪيءَ نظارا،

 

هتي دُنگ وڏا دارا، ويا مري ڪل مقام ۾.

5-

ڪُهنيون ڏٺيم قبرون، ميان! منجهه مقام،

 

ڪڇن نڪي پڇن سي، سڏئي ڏين نه سلام،

 

وين ذات زبون ٿي، نيڪي سارو نام،

 

سڌ نه پوي سلطان جي، نڪي غم غلام،

 

هئي صورت سهڻي جن جي، سي کائي ڪيا خاڪ کلام،

 

جي هئا عالم منجهه امام، ڌرتيءَ داخل سي ٿيا،

6-

ڌرتيءَ داخل سي ٿيا، هتي لک هزار،

 

مورک انهي ڳالهه جو، توکي ناهي اعتبار،

 

قصو ڪريان ٿو هڪڙو، سڻ گوش ڏيئي گفتار:

 

ڪنهن واري ڪامل هو، نيڪ نبي نروار،

 

’عيسيٰ‘ نام انهيءَ جو، هو عالم ۾ اظهار،

 

قدرتي تنهن ڪامل کي، تخت مليو ٿي تيار،

 

زماني ۾ زور هو، ڪامل سرِ ڪفار.

 

حضرت هڪڙي ڏينهن جو، چڙهيو شوق شڪار،

 

ڪاهيو ڀر درياءَ جي، آيو راهه وٺي رفتار،

 

سمند سونهاري ڇرڪ ڀريو، هڏ ڏسي هيڪار،

 

چڙِي چابڪ واريو، سمند تي سردار:

 

’ڪهڙو ڏٺئي ڏينهن جو، هن واٽ ويندي ويچار؟

 

مالڪ سمجهيو ڳالهه کي، دانَهه ڪري ديدار،

 

هڏ ڏٺائين هڪڙو، ڪو ڌڙ سوا پيو ڌار،

 

پوءِ چوريو تنهن چوڌار، مٿو آهي ڪنهن ماڻهوءَ جو.

7-

مٿو آهي ڪنهن ماڻهوءَ جو، رلندڙ مٿي راهه،

 

نڪي غم غلام جو، نڪي صورت ثاني شاهه،

 

مٽي مڙيئي هڪڙي، آئي نبي نيڪ نگاهه،

 

سوين سوراخون سرِ ۾، جيون جوڙي جاءِ،

 

ڪِيئن کائي هڏ کي، طرحين تُن ڪيا،

 

نڪ نشانيون ضعيف ٿيون، اکين جوت جهَڪا،

 

گوش گسي نابود ٿيا، جو سڻندڙ بات صفا،

 

موتيءَ مثل ڏند هئا، جي ورسي وات ويا.

 

وار وَسِيهر سڀئي، ڇني واءُ ڇڏيا،

 

لب لالايون گهٽ ڪيون، ساڙي رنگ سياءِ،

 

ڌڻ ڌڪيندي ڌوڙ ۾، پيو ڦيري هڏ فنا،

 

پو عبرت ۾ عيسيٰ، حضرت ڏسي هڏي کي.

8-

حضرت ڏسي هڏي کي، خاطر رکيو خيال،

 

جيڪس جيئري جڳ ۾، ٿيو بندي هٿ بطال،

 

ڪندڙ نيڪ نياز هو، يا ظالم زور زوال،

 

هو ڏيوالو ڏيهه ۾، يا وڏي وياءَ عيال،

 

سُڃو سر هو هڪڙو، يا ماڳ گهڻي سين مال،

 

رلندو راهه مسافر هو، يا عزت وڏي اقبال،

 

پوءِ هڏي ڏسي حال، لهي وير ويهي رهيو.

9-

لهي وير ويهي رهيو، خيال رکي خاطر،

 

مونکي هن مذڪور جي، ڪل نه آهي قادر!

 

هڏ ڏٺو هوم هڪڙو، سڃو آدم سر،

 

مرد اميري جو آهي، نام ڪهڙي نادر،

 

سٺو ڪين زمين سو، پنهنجي پيٽ قبر،

 

جيڪس هن جهان ۾، بندي ڪيا بانور،

 

مارايو ”محمد خان“ چوي، توڙ تنين کي تڪبر،

 

پوءِ پڇان خاص خبر، سسيءَ انهيءَ ساهه پوي.

10-

وحي واحد موڪليو، جُودون جبرائيل،

 

آيو اُڏامي عرش تون، تاري جيئن تعجيل:

 

’مونکي توڏانهن موڪليو، آهي رب جليل،

 

سڻاءِ مونکي ڳالهڙي، سندي دل دليل،

 

پوءِ وري ٿيان وڪيل، وڃي صاحب سُڌ سڻايان‘.

11-

’ڀلي ڀلي آئين، وحي واحد جا،

 

هڏ ڏٺو مون هڪڙو، هي رلندڙ مٿي راهه،

 

تعجب ٿيڙم تنهن جو، اوسيڙو ارواح،

 

ڪهڙي ڳالهڙين ڪاوڙيو، باري بيپرواهه؟

 

پوءِ سِسيءَ پوي ساهه، پڇان حقيقت هڏي کان.‘

12-

ويو اُڏامي واءَ جيئن، عرش مٿي اسرار،

 

وڃي سڻايو واحد کي، عيسيٰ جو اظهار:

 

’رلندي مٿي راهه آهي، سِسو منجهه سنسار،

 

ڏسي عيسيٰ ان کي، ويٺو منجهه ويچار،

 

پوءِ دل اٿس درڪار، هڏي حال پڇڻ جي.‘

13-

’ترس نه ساعت هڪڙي، کڻ پانڌي! پروان،

 

منهنجو ڏي محبوب کي، وڃي ثابت سامانو،

 

موڪل توکي مير ملي، حڪم حقانو،

 

چئو ظاهر زبانو، سسي توسان سُڌ ڪري.‘

14-

بيهو ڀر سسيءَ جي، پڇي سِر سجان:

 

’ڪير اصل جي آهين، ڪهڙي جنس جوان،

 

ڪهڙا ڪم ڪمايا تو جيئري منجهه جهان،

 

هئين صاحب سلوڪت جو، يا مورک مت نادان،

 

هئين ملا مسيت جو، يا تخت ڌڻي سلطان،

 

ڪر ڪيپراٽي بيان، اصل ڪنهن جي آهيين؟‘

15-

اُلٽـي آب اکين مان، نيڻين وهايئين نار،

 

پِيو ساهه سسيءَ ۾، حڪم سين هيڪار.

 

’ڪهڙا ڪامل ٿو پڇين، وڌ مون کان ويچار،

 

قصو ڪريان هڪڙو، سُڻ گوش ڏئي گفتار،

 

ڀاڳ وڏي هئس بادشاهه، ۽ ملڪ ڌڻي مختار،

 

مشرق مغرب وچ ۾، نالو مون نروار،

 

آندم ڪڏهن ڪو نه ڪو، ڪنهن آدم تي اختيار،

 

ديس سندو دستار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

16-

هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه اخوان،

 

نبي! نام منهنجو هو، ’جمجما سلطان‘،

 

ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، هئا صوبائي سلطان،

 

بادشاهه بلخ، بخارا، ڪل زمين ڪستان،

 

پڇم، پورب، پارڪر، موهن ۽ ملتان،

 

حڪم ساري سنڌ تي، دهڪو منجهه دهمان،

 

پوءِ اهڙي سان طولان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.‘

17-

عيسيٰ پڇي اُن کان، پارس اهڙي پر:

 

’ڏي مونکي ڏيهه جي، تون پنهنجي خان! خبر،

 

گهڻا توسين گڏ هئا، گهوڙا ۽ لشڪر،

 

هاڻي ظاهر زبانون ڪر، وير! وڏائي پنهنجي.‘

18-

’پهريون بيان منهنجو، تون ڪامل ڪجئين ڪن،

 

ڪئين ته مون وٽ ڪيترا، مجلس منجهه ويهن،

 

جيڏا جوڙ جوان هئا، ۽ صورت ثاني سن،

 

گلم غاليچا ريشمي، ۽ پٿر پٽ پون،

 

عطر عود عنبير جا، مشڪي مينهن وسن،

 

سرندا ساز سرود هئا، ۽ شرنايون شرطن،

 

ويٺي ڪچهرين وچ ۾، مونکي سوين سج لهن،

 

پوءِ اهڙي شان شهن، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

19-

ٻيو بيان منهنجو، سالڪ سُڻ سلطان!

 

ڪئين مون وٽ ڪيترا، گهوڙا ۽ گهمسان،

 

چڙهيو چئني طرفن تي، ڪُڏايم ڪهڪان،

 

ڪو نه اُڏي ٿي آئيو، صوبو يا سلطان،

 

مڃائي ”محمد خان“ چوي، ٿم فرقون منجهه فرمان،

 

اهڙيءَ پر پهلوان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

20-

ٽيو بيان منهنجو، سالڪ! سُڻ سجان،

 

ڪيئن ته مون وٽ ڪيترا، جنگي هئا جوان،

 

سورهن لک سولجر هئا، پندرهن لک پٺاڻ،

 

چوويهه لک چينائي هئا، يارهن لک يونان،

 

پنجويهه لک پيادا هئا، نو لک هيٺ نريان،

 

ٻارهن لک ٻروچ هئا، وڏا سي اخوان،

 

ڪري سڻايان ڪيترا، آءٌ ساراهي سبحان،

 

مور ملڪ کان گهڻا هئا، اڳ منهنجا انسان،

 

پوءِ شاهه اهڙي سين شان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

21-

چوٿون بيان منهنجو، عيسيٰ! سڻ اظهار،

 

ست ويهون سوڍين جون، جي ناز ڀريون نار،

 

رهن راڻيون روءِ برابر، ڪريو ڪونج قطار،

 

چوڏس سونهن چنڊ کي، جيئن تارا ٻڌيو تار،

 

ڪن تواضع قرب منجهان، جيئن گولين منجهه گفتار،

 

پوءِ اهڙي سين اختيار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

22-

صاحب! منهنجي ڳالهه جو، پنجون هيءُ بيان،

 

چوڏهن سو چوڪيدار هئا، در مٿي دربان،

 

پنج لک پيش پڙهيل هئا، ۽ دفتر تي ديوان،

 

ست لک سپاهي هئا، زنگي زور جوان،

 

وڄي نوبت نادري، ۽ نغارا نيشان،

 

ڏڪيا ڏونگر ڏيهه تي، جتي منزل ڪيم ميدان،

 

ڪاري واري ڪٽڪ کان، عرش چڙهي آسمان،

 

پوءِ اهڙي پار پهلوان، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

23-

ڇهون بيان منهنجو، سالڪ! سڻ سردار،

 

ست سو هئا ڪتن جا، جي ڪارڻ شوق شڪار،

 

بحري باز لغڙ هئا، ۽ مرغ پکي پرمار،

 

ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار،

 

ويا مڙيوئي ’محمدخان‘ چوي، گهورپسيو ٿي گهيوار،

 

ڪا نه جهلي ٿي جانور، منهنجي تاب پسي تلوار،

 

پوءِ دانهه هنن ديدار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

24-

ستون بيان منهنجو، عيسيٰ! ڪج ويساهه،

 

بيحد رکيم بورچي، جي رڌين ٻوڙ پلاه،

 

هر ڪنهن وقت سبيل هئي، ماني ڪنهن نه مناه،

 

ويا پُر پينار ٿيا، دعا ڪندا درگاهه،

 

پوءِ هئس خلق سندو خير خواهه، مالڪ پنهنجي ملڪ جو.‘

25-

’هئين مالڪ پنهنجي ملڪ جو، عالم منجهه امير،

 

آيو ازل اوچتو، ويري وڏو وير،

 

جميعت آيئي جان کي، جان ويندئي ساهه سرير،

 

ويو اُڏامي واءَ جيئن، يا توڙ تکي تقصير،

 

ٻريا ٻارڻ توتي، يا کل خوشيءَ سان کير،

 

پوءِ موت سندءِ هي مير! ڏي حقيقت هن حال جي؟‘

26-

’ڪري خيال خوشيءِ جو، چڙهيس شوق شڪار،

 

سوين گڏ گهوڙا هئا، ٻيا هاٿين تي هسوار،

 

تازي ڪتا ڪيترا، خاصا خونخوار،

 

بحري باز لغڙ هئا، پر مرغ پکي پرمار،

 

ڪن تماشا ترمچون، چرغ ڏيئي چوڌار،

 

ڪيهر ٻيلائي ڪيترا هئا، چيتا شينهن چوڌار،

 

سانجهيءَ وقت قرار، منزل اچي مير ڪيم.

27-

منزل اچيو مير! ٿي طرحين گهرايم طعام،

 

ٻوڙ پلاءَ پڪوان هئا، ۽ تازا ترت تمام،

 

پيتم شاهه شراب پئي، جنس مٺا تت جام،

 

ويهي وڄايائون ويجهڙا، تانسين تمام،

 

سمهيو سيج پلنگ تي، عيسيٰ! ڪيم آرام،

 

پوءِ ستي کِٽ کلام، پيو سامهون سور مٿي ۾.

28-

پيو سامهون سور مٿي ۾، جنهن بيحد ڪيو بيزار،

 

ڦٽو سک سرير جو، سيج مٿي سردار،

 

ويهڻ ويتر وڌ ٿيا، ستي سور هيڪار،

 

لڳي باهه بدن کي، چڻنگ هئين چوڌار،

 

ظاهر بت ضعيف ٿيو، نيڻين وهايان نار،

 

ڪاهي آيس ڪڙم ۾، درد وڏي درڪار،

 

پوءِ وسريا شوق شڪار، موٽي آيس ماڳ تي.

29-

موٽي آيس ماڳ تي، سڏايم سپاهه،

 

جي وير ويهندا هئا مون وٽ، دلاور داناهه،

 

ڪارڻ وڌِ وڄاءِ جي، کڻندڙ رات به راهه،

 

بابت طبي تاءُ، ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس.

30-

ڏيندڙ روز ڏهاڻ هئس، تن کي مير مدام،

 

چڱا ڪپڙا قيمتي، ۽ خلعت خاص انعام،

 

رکيو زور ذهن تي، ۽ مٿي طب تمام،

 

ڦڪي فرق نه ڪري، اثر سور اندام،

 

پوءِ ويران وير وريام! وڌندڙ سور سرير ۾.

31-

وڌندڙ سور سرير ۾، جانِ ڦِٽي جميعت،

 

ويچارن وڏيون ڪيون، هزارين حڪمت،

 

هليو نه ڏس ڏاهن جو، جڏهن ڪَڻ کُٽا قسمت،

 

لکيو منجهه لکت، ڪنهن کان اکر نه اُڪلي.

32-

ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، وڏا ڪيائون وس،

 

توڙئون نه پئي طبع تي، ڏاهن سندو ڏس،

 

مالڪ لکي مس، ڪنهن کان اکر نه اُڪلي.

33-

ڪنهن کان اکر نه اُڪلي، لکيو قلم قهارم

 

آيو اجل جنهن مٿي، تنهن دم ٿيندو تيار،

 

ڪهڙي لڳت ڪانڌ کي، پئي لائين منجهه پڇار،

 

قادر اسان جي ڪانڌ جي، ڪر جهجهي ڄام ڄمار!

 

صاحب رب ستار، سڻج سوال بندي جا.

34-

سڻج سوال بندي جا، آهين رب اعليٰ،

 

تو وٽ ڪنهين ڳالهه جي، ڪمي نه آهي ڪا،

 

هادي! اسان جي حال تي، تون رحم ڪجان ڪو راء،

 

ويو آهي سڪي ساه، ويندي ور هٿن مان.

35-

ويندي ور هٿن مان، پيو آهي مُنجهي من،

 

بعد منهنجي ڀر ۾، سوڍيون سڀ ويهن،

 

کڻيو هٿ خدا ڏي، دلئون دعا گُهرن،

 

ور ڏيو ايئن چون، اسين مُيون مڙيئي گهوريون.

36-

مُيون مڙيئي گهوريون، تڳون جنهن جي تات،

 

لَک لٽايون ڪينڪي، خزانا خيرات،

 

پيو قبول ڪو نه ڪو، ذرو ظاهر ذات،

 

ڏسندي ملڪ الموت کي، ساهه لڳي سڪرات،

 

وائي نه وري وات، ڪا لڳي مُهر زبان کي.

37-

لڳي مُهر زبان کي، ٿي هيڻائي هڏن،

 

منهن مان مادر کير پيو، چُري منجهه چپن،

 

چاٻي مثل چيچڙي جيئن، ڪانجهيءَ تيل ڪڍن،

 

پيو ولوڙو بت ۾، جيئن مَٽِي مانڌاڻن،

 

ڪندي قصو موت جو، ٿا ڪامل! هڏ ڪنبن،

 

هڻي ويو هٿن، ڦِري ڦوڪارو نه وريو.

38-

ڦري ڦوڪارو نه وريو، باقي رهيو بُت،

 

رات رکيائون هڪڙي، ڪري امانت اُت،

 

سڀئي سرهيون سڃ ٿيون، والي! انهيءَ وقت،

 

وڄيا ڊڍ ويڙهي ۾، تاج ڪري پيو تخت،

 

ڪم نه آيم ڪجهه اُتي، مال مڏي ملڪيت،

 

ڪامل هليو ڪينڪي، ڀيڙو ساڻم بخت،

 

ڏيئي تڙ ترت، کڻي رکيائون کٽ تي.

39-

کڻي رکيائون کٽ تي، سهجئون ڏيئي سينگار،

 

مشڪ مليائون مڙهه کي، عطر عود انبار،

 

تنهان پوءِ کڻي هليا، لاهي مرد ميار،

 

بينسر بولو ڪيوٽيون، ڇنئون ڪن ڪپار،

 

پيو روڄ راڻين ۾، ڇنئون هيرا هار،

 

سڀ ٽوڙيائون ”ٽالپر“ چئي، چوئا چندن هار،

 

دانهه! هن ديدار، سي مئي پڄاڻان مون ڏٺا.

40-

مئي پڄاڻان مون ڏٺا، ڄاتم ائين ڄام!

 

کڻي رکيائون کٽ تي، منهنجو مڙهه مقام،

 

ڌرتيءَ داخل تَن ڪري، ڏيئي ڏڪ تمام،

 

پلٽي وڌائون مُنهن تي، واري تت وريام،

 

ڀائي ڀيڙو ڪو نه ٿيو، گڏجي ساڻ غلام،

 

مئي پڄاڻا ”محمد خان“ چئي، ڇنئون سڱ سندام،

 

واويلا سڀ سلام، تڏهن عيسيٰ! پليم آسرو.

41-

عيسيٰ! پليم آسرو، وارث ڪن نه ور،

 

جهڙو آيس هيڪلو، واٽ وٺي ٻيهر،

 

ڪاهي آيس ڪرم ۾، هادي رات حشر،

 

ٻرندڙ شان شمع هئا، تجلا شمس و قمر،

 

واءَ هڻايم وڃڻيون، جام ڇٽاريم جو،

 

تن مان آيم ڪانڪا، نبي! هيڪ نظر،

 

ڀِتن آڻي ڀيڙ ڪئي، چوطرفي چوڌر،

 

جهڙو آيس هيڪلو، پسان سڃ سفر،

 

اچي اوچتو ٿيو، ڪڙڪو منجهه قبر،

 

هاڻ ڳهلا! ڇڏ ڳهر، اک اُپٽ، اُٿ آدمي.

42-

آٿيس منجهان تاءَ جي، نيڻين ڪيم نِهار،

 

ويٺا منهنجي ڀر ۾، سورهيه ٻه سردار،

 

پهرين پڇيائون مون کان، نام وٺي نروار،

 

مهندان تنين مون ڏنيون، ورنديون ساڻ ويچار،

 

مٽَجي ملهه بيٺا سي، وڙهڻ لاءِ وينجهار،

 

آءٌ پهرئين سين پورو ٿيس، هَنيئون هٿ هزار،

 

دانهون ۽ ڪوڪون ڪيم، سڏ وڏا سردار،

 

ڪم نه آيم ڪجهه اتي، ياري يارو يار،

 

عيسيٰ! انهيءَ وقت کان، رکي رکڻهار،

 

محڪم ڏيئي مار، ڀورا بُت ڪري ڇڏيئون‘.

43-

’جني توکي ماريو، سي ڪهڙي شان شڪل،

 

ڪو نه ويڙهايئي تن سان، افلاطون! عقل،

 

ڪهڙيءَ ڳالهه ڪاوڙيا، اچي ڪيائون خلل،

 

اٿي اڳيان انهن جي، ڪيئي وات ولهل،

 

پوءِ مٽجي بيٺا مل، مارڻ خاطر تو مٿي‘.

44-

’مارڻ خاطر مون مٿي، تاب ڪيائون تاءُ،

 

وسهين ته چپ سُڪي ويا، عيسيٰ! ان اڳياءُ،

 

ويٺو پن پناهه، تون عيسيٰ! انهي وقت کون‘.

45-

عيسيٰ! پڇي ان کان، پارس اهڙي پچار،

 

’ڪير اُهي هئا آدمي، ڪهڙي ڪيائون ڪار،

 

جي پڇئين ٿو پار، سي چِٽا چئو تون آدمي!‘

46-

چِٽا چوندس توسين، صاحب! سڀ سخن،

 

مڻيادار ”محمدخان“ چئي، صورت هئي سندن،

 

دهشت مئل ديون جي، وات وڏا واڳن،

 

تکا ننهن ترار کان، چِيٽا زور چنبن،

 

اکين اُلرون ان جون، سورهيه نه گهُور سهن،

 

واتئون واسينگن جي، باهيون ٿيون ڀڙڪن،

 

ڪَنان ڪوٽ ڪرن، پهرين پرلاءَ پَٽ مٿي.

47-

وري پڇيو ورنهه، سالڪ سخن سسي کان:

 

’جود برابر جوان هوئين، دولتوند داناء،

 

ڪهڙي ريت رعيت سين، سالڪ سک ڪياءِ،

 

ڀڃي رضائون راڄ جون، مِٺي ڪيئي مايا،

 

قياس نه آندءِ ڪنهن مٿي، تو آڏا پيش پيا،

 

ڊپ وڌوئي داءُ، ڪيئي ٿي پيٽ پُورائي پنهنجي؟‘

48-

’عيسيٰ! آدمين تي، مون وڏا سک ڪيا،

 

ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، رسم ٻڌم رعايا،

 

ڪين کپايم ڪنهن جو، زياده پاڻي پاء،

 

شرع شريعت حق جو، نبي! ڪيم نياء،

 

جيئري هر ڪنهن جاءِ، ڪين ايذايم آدمي‘.

49-

’ڪين ايذايئي آدمي، جيئري منجهه جهان،

 

ملڪ موڪليا توڏي، خبر خاطر خان،

 

تن اچي ٻڌو تو مٿي، جوش وڏو جولان،

 

ڏي سبب بات بيان، توکي ملڪن ڇو ٿي ماريو؟‘

50-

’بات پڇيائون مون کان، پهرين هيءَ پچار،

 

’من ربڪ ومانبيڪ و مادينڪ‘ اهوئي اظهار،

 

گهوٽ! ڪيئون گفتار، پهرين پڇاڻو مون کان.

51-

پهرين پڇيائون مون کان، اُت وري عيسيٰ!

 

بخت نه مون ڀيڙو ٿيو، هادي! تت همراهه،

 

نڀاڳي توڙ تائين، مونکي گند ڪيو گمراهه،

 

ويم واتئون نڪري، اول ڳالهه اها،

 

نٿو سڃاڻان نبيءَ کي، آهي ڪير الله،

 

آهيان پنهنجي ملڪ جي اءٌ بادشاهه،

 

سڻندي اها ڳالهڙي، اٿيا منجهان اُٺاءَ،

 

هنيئون گرز غضب جا، ڪهل نه ڪيائون ڪا،

 

ڌڙ وڌائون دوزخ ۾، سِسي مٿي راهه،

 

ڪاٽيندي هن قافلي کي، نَو سو ورهيه ٿيا،

 

ٿيءُ پشت پناهه، حضرت! منهنجي حال جو.

52-

حضرت منهنجي حال جي، ڪر پارس! پوئواري،

 

سورن جي مون مٿي وري وئي واري،

 

ڇڏائي مونکي ڇيهن کان، ڪر صاحب! سرداري،

 

مون مڃي ساري، ڪامل قدرت تنهنجي‘.

53-

’قدرت مڃ تون قادر جي، جو صاحب رب ستار،

 

خاوند توکي خلقيو، آهي صاحب سندي سنسار،

 

پڙهه توبهه، ڪر ويساهه، مٿي جوڙ جبار،

 

رکي آپ امن ۾، ڏک ڪنان ڏاتار،

 

آڻ ايمان مون مٿي، آهيان نيڪ نبي نروار،

 

آهيان آءٌ الله جو، خاص بندو درٻار،

 

گهران باب تنهنجي ۾، سوال ڪنان سردار،

 

توتان ڏک ڏوهار، مالڪ کڻي معاف ڪري.‘

54-

سسيءَ آندو سيگهه ۾، عيسيٰ تي ايمان،

 

قدرت مڃيائين قادر جي، رب آهي رحمان:

 

’نيڪ نبي تون آهين، خاص برابر خان،

 

’لاالٰھ الالله عيسيٰ روح الله‘، چيائين ساڻ زبان،

 

پيو ساهه سسيءَ ۾، ٿيو امر سين انسان،

 

اٿي ويٺو آدمي، سو جمجما جوان،

 

ڏني مبارڪ خير جي، جمجما سلطان:

 

’مليئي ڀاڱو خبر جو، ٿئين جيئرو منجهه جهان،

 

نه ته محشر روز مڪان، هئي جهنم جاءِ تنهنجي.

55-

روز حشر تائين هئي، جهنم تنهنجي جاءِ،

 

توڙي تقصيرن توکي، ڪيو غفلت ۾ گمراهه،

 

چاڙهي چوٽيءَ تائين، جيئن ملهه دسي داناءُ،

 

ڏٺئي سڀ اکين سين، نرت ساڻ نياءُ،

 

هن روءِ مٿي راهه، ڪئين سوين خان کپي ويا‘.

56-

ڪئين سوين خان کپي ويا، حاذق هت هزار،

 

توبهه تسبيح پيو پڙهج، ڪنبج ڀر قهار،

 

ڪي ڏهاڙا قدرت سين، بخشيا بخشڻهار،

 

دانهه پنهنجي دل ۾، ياد ڪندو هو يار،

 

نيٺ فنا ڪيائين تنهن کي، ٻول مٿي ٻيهار،

 

جنت جاءِ جمجما کي، ڏان ڏني ڏاتار،

 

جو کو ناهه جهان کي، جنهن جو محمد آهه مختار،

 

ڪلمي ساڻ قرار، عالم ڪل آجو ٿيو.

 

لا اِلٰھ الاالله محمد رسول الله.


*  هن متن جو مدار جملي منظوم روايتن تي آهي، جي هن بعد ڏنيون ويون آهن.

(1)  يعني ته هن حد تائين بيان جو مدار پهرين روايت تي آهي. اهڙيءَ طرح اڳتي پڻ متن ۾ هر روايت جي مخصوص بيان بعد ان روايت جو نمبر حوالي طور ڏنو ويو آهي.

*  هي روايت (1) مطابق آهي. مگر روايت (2) ۾ وحي واري واقعي جي بدران هيٺين حقيقت ڏنل آهي ته: ”عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان اکر.“

*  هيءُ بيان روايت (3) مطابق آهي، مگر روايت (7) ۾ جمجما جي موت کان پوءِ وارو وقت هن ريت ڏنل آهي ته: ”نو سو سال پنجاهه ٿئي اينڪون موت پڄاڻي.“

(1)  هي بيان روايت (1) مطابق آهي، مگر روايت

(2)  ”چاليهه ڏينهن ڪنون پڇي جمجما اها جيندا.“

*  هيءَ روايت ماڻڪ خان ولد غلام شاهه لغاري، ڳوٺ نبي بخش لغاري تعلقو ماتلي، عمر اٽڪل ستر ورهيه، جي زباني ٻڌي قلمبند ڪئي وئي. راوي جي چوڻ موجب شاعر محمد خان جي وفات وقت هو جوان هو. هن کي خود شاعر جو دستخط نسخو هٿ آيو جنهن تان هي ڪلام ياد ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org