سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:18 

روايت (3)*

مصر ملڪ ۾ هڪڙو عادل ۽ دٻدٻي وارو بادشاهه هو، جنهن کي ”شيرين“ نالي شهزادي هئي، جنهن جي سونهن جي هاڪ مُلڪان ملڪ هئي. اتي جي وزير کي به ”نوشابه“ نالي ڌيءَ هئي، اها به تمام سهڻي هئي. شهزادي شيرين ۽ وزيرزادي پاڻ ۾ ساهيڙيون هيون. ڪوٽ ۾ ٻنهي ڄڻين جا محلات گڏ هئا. ڪوٽ جي ٻاهران پهرو بيٺل هو، جنهنڪري ڪنهن بني بشر کي مجال نه هئي، جو شهزادي يا وزير زادي جي محلات تائين پهچي سگهي. اتفاق سان وزيرزادي بيمار ٿي پيئي. ڪئين علاج ڪيائون، پر هوءَ ڏينهن ڏينهن ويئي ڳرندي، تان جو اچي مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتي. وزير اهو حال وڃي بادشاهه سان ڪيو، جنهن پنهنجي خاص حڪيم کي وزيرزاديءَ لاءِ گهرايو.

حڪيم کي ”عبدالرحيم“ نالي هڪڙو پٽ هو، جو پڻ پيءُ کان حڪمت ۾ تعليم وٺي قابل ٿيو هو. جڏهن بادشاهه جو ماڻهو پهتو، تڏهن حڪيم يڪدم پنهنجي پٽ کي اوڏانهن روانو ڪيو. حڪيم جو پٽ به تمام سهڻو ۽ عقلمند هو. بادشاهه ۽ وزير هن جو آڌر ڀاءُ ڪري، وزيرزاديءَ وٽ آندو. حڪيم هن جو علاج شروع ڪيو. قدرت سان ٿورن ڏينهن ۾ وزيرزادي تندرست ٿي ويئي.

قصو ڪوتاهه وزيرزاديءَ جي تندرست ٿيڻ کان پوءِ، حڪيم، بادشاهه ۽ وزير کان انعام اڪرام وٺي روانو ٿيو. جڏهن شهزاديءَ جي محلات وٽان لنگهيو، تڏهن اوچتو نظر وڃي محلات جي دريءَ تي پيس. مڄاڻ ان مهل ڪا شهزادي شيرين به هار سينگار ڪيو، دريءَ کان بيٺي هئي. ڏسڻ سان ٻنهي جون اکيون اٽڪي ويون. شهزادي ته محلات ۾ هلي ويئي، پر هيءُ جو ان اتي ئي بيٺو رهيو. شهزادي شيرين، جنهن کي حڪيم جي عشق هڻي ڦٽي وڌو هو، سا به ذري ذري دريءَ کان بيهي، حڪيم کي ڏسندي رهي. آخر ڳچ دير کان پوءِ، شهزاديءَ کي سرت آئي. خيال ڪيائين ته جي هي حڪيم اتي ئي بيٺو رهيو ته خواري ٿيندي، سو هٿ سان وڃڻ جو اشارو ڪيائينس، ۽ حڪيم اشاري ملندي ئي اتان روانو ٿيو.

حڪيم پنهنجي گهر موٽي آيو ۽ پيءُ سان حال احوال ڪيائين، جنهن کيس آفرين ڏني. حڪيم کي جو شهزاديءَ جي عشق جي لوري لڳي ويئي هئي، سو نه کائي نه پيئي، فقط عشق جي آزار کان آهون ڀريندو رهيو. پيءُ ماءُ گهڻي ئي پڇيس، پر خواريءَ جي خيال کان ٻاڦ به ٻاهر نه ڪڍيائين. آخر جڏهن فراق جو سور سهڻ کان ٻاهر ٿيس، تڏهن پيءُ کان موڪل وٺي، ڪنهن ملڪ ڏانهن هليو ويو.

هوڏانهن شيرين جي دل به حڪيم جي عشق گهائي ڇڏي هئي، سا به اندر جو سور اندر ۾ سانڍي، پنهنجي منهن محبوب کي ياد ڪري پئي زار زار روئندي ۽ آهون ڪندي هئي. بادشاهه شهزاديءَ لاءِ گهڻئي حيلا وسيلا ڪيا، پر هوءَ جيئن پوءِ تيئن وڌيڪ ڳرندي نجهرندي ويئي. آخرڪار بادشاهه پنهنجي خاص حڪيم: کي گهرايو. حڪيم نبض ڏسي، بادشاهه کي ٻڌايو ته: شهزادي هاڻي گهڙيءَ پل جي مهمان آهي ۽ منهنجي علاج کان زور آهي. ائين چئي، حڪيم ويندو رهيو. پٺيان شهزاديءَ دم ڏنو. بادشاهه توڙي رعيت کي شهزاديءَ جي مرڻ جو ڏاڍو ارمان ٿيو. جنهن هنڌ شهزاديءَ کي دفن ڪيائون، اتي قدرتي طرح گل گلزار ٿي ويا. سڄي ملڪ ۾ اهڙا گل ٻئي ڪنهن به هنڌ ڪو نه هئا.

ستن سالن کان پوءِ، حڪيم گهمي ڦري، پنهنجي ملڪ موٽي آيو. ماءُ پيءُ ساڻس ملي ڏاڍا سرها ٿيا. هڪڙي ڏينهن پيءُ پٽ، ٻئي ڄڻا گهمندا ڦرندا، اتفاق سان شهزادي شيرين جي قبر وٽان اچي لنگهيا. حڪيم اتي عجب رنگ جا گل گلزاريون ڏسي حيران ٿي ويو. پيءُ کان پڇيائين، جنهن ٻڌايس ته: هتي شهزادي شيرين جي قبر آهي،  ان تي ئي هيءُ گل ڦل ٿيا آهن. اهو ٻڌي، حڪيم اندر ۾ سڙي ويو. ماٺڙي ڪري موٽي گهر آيو. رات جو جڏهن لوڪ لڪاءُ سمهي رهيو، تڏهن حڪيم اٿي شهزاديءَ جي قبر ڏانهن هليو. اُتي پهچي، قبر تي ويٺو ۽ قبر تي جيڪي گل بيٺا هئا، انهن مان هڪڙو گل پٽيائين. اتي قبر مان سوز وارو آواز آيو ته: اي محبوب! ستن سالن کان پوءِ اچي پنهنجو ديدار ڪرايو اٿئي! اهو آواز ٻڌي، هو بي اختيار ٿي قبر کي کوٽڻ لڳو. جڏهن شهزاديءَ جو لاش ٻاهر ڪڍيائين، تڏهن ائين سمجهڻ لڳو ته ڄڻ شهزادي ننڊ ۾ پئي آهي. نه ڪيائين هم نه تم، لاش ڪلهي تي رکي، رات وچ ۾ اچي گهر پهتو، ۽ ويهي شهزاديءَ جي سهڻي صورت ڏسي، روئڻ لڳو.

ايتري ۾ سندس پيءُ به اچي اتي نڪتو، جو لاش کي ڏسي حيران ٿي ويو. پٽ کان ان بابت پڇيائين. هن پيءُ کي حقيقت ٻڌائي. وڏي حڪيم جڏهن شهزاديءَ جي نبض ڏٺي، تڏهن حيران ٿي ويو. پٽ جي ڳالهه تي اعتبار ئي نه پيو اچيس ته ڪو هي ستن سالن جو لاش آهي؛ ڇاڪاڻ ته نبض مان هن کي ائين معلوم ٿي ٿيو ته شهزاديءَ کي مئي چار پهر مس ٿيا آهن. پوءِ تي پٽ جي منٿن تي طب جا پراڻا ڪتاب کولي، دوائون ٺاهي، شهزاديءَ کي پياريائين ۽ هن جي بدن تي مالش ڪيائين. ڪن ڏينهن جي محنت کان پوءِ، شهزادي جيئري ٿي، ۽ هلڻ چلڻ جهڙي ٿي. ٻئي عاشق معشوق هڪٻئي کي ڏسي پيا خوش ٿيندا هئا.

ٿوري گهڻي ڏينهن، وڏي حڪيم اها سموري حقيقت وڃي بادشاهه سان ڪئي. جنهن خدا جي قدرت کي ساراهي، پنهنجي ڌيءَ کي اچي ڏٺو ۽ پوءِ تمام گهڻي خوشيءَ سان ان جي شادي حڪيم جي پٽ سان ڪرائي. ان بعد، هو ٻئي عاشق معشوق سڄي عمر محبت ۾ رهيا.

 

قصو شهزادي شيرين جو*

چيل شاهه محمد ديدڙ**

 

1-

سدا سارهه ڪر، مالڪ تنهن منان جي،

 

جنهن جا حڪم حجرن مٿان، ڪنبن ڀَئـي قهر،

 

مَلڪن فلڪن ڦرڪڻي، تکٽ هيٺ نظر،

 

سج آ سر گردان ٿيو، سدا منجهه سفر،

 

ٻانهيون ٻانهپ جي، ٻڌي قمر پاڻ ڪمر،

 

ڪتيون تارا ڪيترا، آهن اُڀن منجهه اگر،

 

آهي سڀ تي حڪم حڪيم جو، جاري جهگل جهر،

 

سو ته گهاري غافل ڪينڪي، ويهي پنهنجي گهر،

 

ڌيان ڌڻيءَ ڏانهن ڌر، ٻولي ٻانهپ ٻول تون.

2-

ياد ڪر ”يزدان وما خلقت الجن والانس الاليعبدون“،

 

ڪڍي ڏس قرآن،

 

مڪو مرسل مير کي، آگي سان احسان،

 

فانوسو فيض جو، جنهن روشن ڪيو رحمان،

 

”لولاڪ لما خلقت الا افلاڪ“، ساراهيون سبحان،

 

شرف تنهنجي شان کي، ڪمي آهي ڪانه،

 

جبرائيل جُتي کنئي، ٿيو رڪابي رضوان،

 

اسرافيل ادب سان، ٿيو ڪنجڪ وٽ ڪيڪان،

 

ميڪائيل مناديون ٿي ڪيون وٽ ڪيڪان،

 

آزيون عزرائيل ٿي ڪيون، سڏڪا ڪَيون سلطان،

 

نجم ڪتيون نثار هزار، ٿيو فلڪ اڳيون فرمان،

 

قمر، عطارد، مشتري، مريخ ٿيا ميزان،

 

اسد، عقرب، سنبله، بيٺو سِر نايُون سرطان،

 

زحل زاريون ٿي ڪيون، قدم چمي ڪيوان،

 

ٿيو وسيلو واهرو، عاصين لاءِ امان،

 

سو ضعيفن ضمان، ڪين ڇڏيندو ڪارڻي.

3-

خليفا خاص رسول جا، ڀلا پرجهلا،

 

لنگهائيندا لطف سان، هيبت هُل هاسا،

 

اڪبر ۾ اُميد اٿم، عمر ۾ آسا،

 

عينن ۾ عثمان هو، علي المرتضيٰ،

 

اِمامن کان آءٌ نه هجان، پل پري پاسا،

 

چاچا چڱي جا چوان، حمزو، عباسا،

 

اصحابن ڏي آرزو، اٿم طلب گهڻي تاسا،

 

مڻ محبت ماسا، نه آهن دُڪا دمڙيون دل ۾.

4-

سڻو حقيقت حال جي، هيءَ پڌري ڳالهه پديد،

 

ڪا ڏي مهر مجاز جي، جا ديد اڙي سان ديد،

 

عبرت عاشق جي ڏسو، جنهن غم کاڌو غمديد،

 

شهزاديءَ جي شوق ڪيو، شائق شير شهيد،

 

”شاهه محمد“ شوق جي، شيرين ڳالهه شديد،

 

جنهن جي دل دربد، سُڌ تنهن کي سور جي.

5-

هئو مغرب ملڪ ۾، هڪ شاهه شجاعتمند،

 

مالڪ مير مصر جو، هو ارڏو کان اسفند،

 

راڄ رعت راض هو، تنهن خاوند ڏانهن خرسند،

 

دارا کان دهشتي هو، خسرو کان خوش خند،

 

يا ڪنهن فريب فساد جو، ڦوڳئي کيڏيو ڦند،

 

يا ڪنهن حسد حرم تي، ڏوهيءَ هيريون ڏند،

 

ته ڪوري تنهن جو ڪنڌ، شاهه وڌو شمشر سان.

6-

مجلس منجهه معين، هئس واهه وزير سـي،

 

عقل افلاطون جو، ڪامل تنهن سان ڪين،

 

دانائيءَ ۽ ديانت ۾، هو ناطق ڪته چين،

 

ساڻي ساڻس ڪو نه پيو، زبرڪ منجهه حسين،

 

دختر تنهن جي دادلي هئي حيرت منجهه حسين،

 

توشابه جي ناز هئي، شيرين کان شوقين،

 

پريون اڳيئون پروين، هيون مانند مهتاب جي.

7-

سا بُهري ۾ بانو، ٿي پَلي پروس پيار سان،

 

شمس ڀريو ٿي شرم کان، تنهن جادوءَ جو جانو،

 

قمر ڪن مهٽي هليو، ترت جهلي طعنو،

 

ڇڏي شمع جي شعاع کي، ٿي پلٽيو پروانو،

 

هئو شاهه وزير جو، گڏ خاني ۾ خانو،

 

قلعي ۾ قابو هو، تنهن آهوءَ جو آشيانو،

 

قلعي ۾ قابو هم، تنهن آهوءَ جو آشيانو،

 

اهڙو دُ ردانو، صدف هو سوگهو ڪيو.

8-

هڪ صورت پيو ساز، ٽيان ناز نوان ڪري،

 

حملو ڪري هٿيارن ريءَ، مانند بحري باز،

 

ڪـيري ڦيري ڪنڌ پر، آڻي جي اغماز،

 

جي ظاهر ڪري زبان سان، اربيلي آواز،

 

ڪِرن قدمن جي مٿان، پريون ڇڏي پرواز،

 

سواءِ نوڙت نياز، بات بڻجڻ ۾ نه اچي.

9-

پر ٿيو خُلم کڙو، ڪيئن ٿي سڪ سبيل،

 

مچي ٿو محبت جو، ڌمچر ڌم ڌڙو،

 

عاشق معشوق کي، ڏيندو ڏک ڏڙو،

 

اِهو ڪلف ڪڙو، قادر لاهي ڪونه ڪو.

10-

ڏس بهانا برهه جا، ٿو آتش اُٿاري،

 

مچ ٻاريو محبت جا، ٿو اُلا اُٿاري،

 

ڏس رايو رمز جو، ٿي ڪيڏا ڪه ڪاري،

 

مهميرن کي مرض جي، وڌو ڳاراڻي ڳاري،

 

حالت پسي هن حال جي، ٿو شاهه هنجهون هاري،

 

ڪير ڌڻيءَ ڌاري، درمل ڏيندو درد جو.

11-

حڪمت مند حڪيم، هو شاهه رکيو تنهن شهر ۾،

 

نالو نينگر تنهن جي جو، هئو عاشق عبدالرحيم،

 

ارسطو تنهن جي اڳيان هئو لقمان لعيم،

 

بوعلي سينا تنهن کان، ترت ورتي تعليم،

 

پسر سندس هئو ان کان، سالڪ منجهه سليم،

 

طب ۾ تنهن تعليم هئي، عالم منجهه عليم،

 

ريءَ نبض نهارڻ جي، هئي تشخيص تعليم،

 

شفا شفاعت ٿي ڪئي، تنهن کي تقسيم،

 

تنهن جي برص ڪيو ٿي بيم، دهليو مرض دوا پسي.

12-

شوق رکي تنهن شاهه، شرط روان شامل ڪيو،

 

ته وٺي آءٌ وڃي ڪري، درس اهو داناهه،

 

ڪري دوا هن درد جي، نظر ڪري ناگاهه،

 

مخفي ڪج مستور جي، انهيءَ کي آگاهه،

 

جلد تنهن جوان کي، روان ڪيو سر واهه،

 

هاتڪ سو حڪيم وٽ، رسو ڪاهون ڪاهه،

 

پوءِ انهيءَ ڪئي آگاهه، دانهن تنهن درگاهه تي.

13-

هئي هئي ڪري حڪيم، ٿو پسر پياري کي سڏي:

 

جلدي وڃ جوان تون، پڇ ڳڇ ڪنهن کان ڪيم،

 

ڪر دوا هن درد جي، طرح وڏي تقسيم،

 

مهت ڏيندءِ مصطفيٰ، ٻيو رازق رب رحيم،

 

هليو هٿ کڻي ڪري، ڏنهن قادر رب ڪريم،

 

فتح ڏيندءِ فضل سان، ٻيو عالمن عليم،

 

عيبدار اثيم، ڍڪج ڍول ڍلائيون.

14-

الله تو آهر ڪري، گوهر ويو گڏجي،

 

شرف وڏي شان سان، سُگهڙ ويو سڏجي،

 

در مٿي ديو جي، تنهن ٿاهر ڪئي ٿڏجي،

 

پر ايندو اڄ اَڏجي، داغ ڏياري دل کي.

15-

ڪيو اطلاع اُتي وڃي، قاصد ڪُل ڪلام،

 

آندم شاهه! حڪيم کي، ابر مڃي احڪام،

 

شادان خرم شاهه ٿيو، تنهين وقت تمام،

 

گهرايائين گهوٽ کي، اهو چيائين اعلام،

 

ته آءُ لنگهي اورتي، گوهر تخت گهرام،

 

طبع طبيعت کان اچي، ٿيءُ واقف وير وريام،

 

تنهين وقت تمام، هو دولهه دروازو لنگهيو.

16-

ساڻ اجازت آئيو، محل ۾ سو مرد،

 

جان نار نهاري تار جي، ته هئي گوهر ۾ سر گرد،

 

البت لاءِ اسهال جي، هئي هليلا زرد،

 

ساڻ سفوف ثناءَ جي، دفع ڪيو تنهن درد،

 

شيرين شربت جوڙيا، تنهن سائڻ لاءِ سرد،

 

ان محل ۾ سو مرد، کيڏي راند کٽي هليو.

17-

شهزاديءَ شفا، تنهن ساعت سائڻ لڌي،

 

معافي تنهن تان مَن جا، ٿيا جور جفا،

 

حڪمت مند حڪيم کي، مليا نيڪ نفعا،

 

بهاني ڀرپور ڪيو، صداقت صفا،

 

اهڙا وُڙ وفا، شل مالڪ ملڪن تي ڪري.

18-

ٿي راضي رحمت مند، پُرس هليو جان پوئتي،

 

ناگاهه آيس نظر ۾، هڪ حيرت جهڙو هنڌ،

 

هو محلو تنهن ماهه جو، مانند فلڪ بلند،

 

جاري مان جلدي لنگهيو، هو اربيلو اسفند،

 

گهمي گهوٽ انهيءَ سان، جان خان لنگهيو خوش خند،

 

جاري مان جهٽڪو ڏئي، ڪامڻ وڌس ڪمند،

 

ديدون ديدن سان لڳيون، ڏسو عينن جو انڌ،

 

بيوس بي اختيار ٿيو، دل ڏيئي دلبند،

 

ٿڙڪي ٿاپڙجي، نئي ڪوپي کوڙيو ڪنڌ،

 

ٿس منجهان ڇَت ڇَهند، جو ڇَت هڻي ڇيهون ڪيو.

19-

ڇَت لڳس ڇَت مون، دريءَ ڪيو ڌاڙو،

 

ليئو پائي لپٽيو، تنهن ساهه ڪيو ساڙو،

 

بيهي تان بدنام ٿئي، بيوس بي ماڙو،

 

جيئن تند سٽي تاڙو، تيئن پڃيو پرت پريم جي.

20-

سور سلي تان سور، جهلي تان جهلڪيو وڃي،

 

حڪمت مند حڪيم کي، ورهه ڪيو وهلور،

 

اها مام نه مامن کي، ڏسي محبت جو مذڪور،

 

کنيو سو مرد پاڻ سان، ويو ٻاريون برهه بهور،

 

لڇندو ويو لچڪندو، ماءُ پيءُ ڏي معذور،

 

پدر پسر کي ڏسي، مادر ٿي مسرور،

 

ڪيو مرتبو مغرور، تنهن عافيت امداد ڪيا.

21-

هو ڪيو چشم چريو، هو ٿا ڏين پيار پسر کي،

 

عشق اولانڀا لائيا، محبت مچ ٻريو،

 

ڌاران دلبر دوست جي، ساعت ڪين سريو،

 

لون لڪو ٿي لوڪ کان، توڙي ڏاڍي ورهه وريو،

 

هو ڌاڳي ديد ڌريو، اها دونالي دوپار ٿي.

22-

جڏهن عينان پيون اٽڪن، تڏهن رينان گذرن رنج جون،

 

عاشق عشق اُجاريا، لُنگ ٻڌي لٽڪن،

 

درسن ٻاجهون دوست جي، هرگز نه هٽڪن،

 

سمهڻ کائڻ سور جو، گهر گهارڻ گهٽڪن،

 

رانول ريجهي ڪينڪي، ڳالهين سان ڳٽڪن،

 

مري ٿا مٽ ڪن، مرادون محبوب سان.

23-

پوءِ سانڀيائين ٿي سوز، هئي ڪل ڪنهن کي ڪانه ڪا،

 

پدر مادر ٿي پڇس، توڙي روز بروز،

 

ڏسڻ سندي ڏک کان، ٿي لالڻ ڪيا لب دوز،

 

غمازي جي غوض، رنج رسايس روح کي.

24-

هڪ صبر جو سامان، ٻي باهه برهه ڀڙڪي،

 

چڻنگ چپن مان نڪتي، وڃي ڪامڻ سر ڪڙڪي،

 

جنبش آئي جان کي، ڪل ڪڙي سڀ سڙڪي،

 

سڙمون سوز فراق ۾، ڦڙڪيون ٿي ڦڙڪي،

 

ڦٿڪيون پئي ڦٽڪي، صورت صورت ٿي کسي.

25-

هئي هئي ڪيون هيئن، ٿي چور پڙهي سٽ سور جي،

 

هيس هوند حبيب وٽ، ميس ڪنديس ڪيئن،

 

جيئڻ جانب ريءَ جڏو، جهوري جهوريس جيئن،

 

نازن ماري نينهن، ٿي چوي چتائي چاهه کي.

26-

هئي هئي هردم هت، سڄڻ منهنجو سانڀرو،

 

جنهين جانب يار سان، مان ناز ڪيان ها نت،

 

ڪهي ڪانگو ڪو وڃي، آهي جانب منهنجو جت،

 

تنهن کي وڃي تِت، سُڌ سڻائي سور جي.

27-

مرضن ماري هاس، ماريس محبت مامري،

 

ريءَ خريدي رمز جي، تو دلبر ڌاري آس،

 

وڇوڙي ورهن جي ڳاراڻي ڳارياس،

 

دام نظاري ديد جي، قابو ڪارياس،

 

نازڪ نارياس، پر تنهنجي ناتي ناس ڪيو.

28-

ڦهه ڪري ڦهڪو، راڻي ڪري روڄ سان،

 

داين ٻاين ٿي رنو، چهه چهه ٿيو چهڪو،

 

ڪِني ڪاتي عشق جي، گهاءُ ڏئي گهڪو،

 

ڦڪيون ڇا فرحت ڪنديون، ڏس ڏئي ڏهڪو،

 

پچائن پَههُ ڪو، وري سڏائن وزير کي.

29-

ووءِ ووءِ ڪندو وزير، سو دانهين آيو ڊوڙندو،

 

حالت پسي هن حال جي، وڪوڙيو ٿي وير،

 

درمان لئي دختر جي، درماندو ٿيو دلگير،

 

حاذق ڪاڻ حڪيم جي، تنهن ماڻهو مڪو هو مير،

 

هُو ته حاضر ڪونه هو، ويو پاڻ ڪبير،

 

جنهن ساڙي سوزصغير، سو حڪمت مند هلي ويو.

30-

آيو جان اندار، حاذق حرمسراءِ ۾،

 

جان نار نهاري نار جي، ناريءَ ساڙي نار،

 

قبضون نا طاقت ٿيون، جان دم اُڌو هو ڌار،

 

دست داور کان هليو، زيرڪ جو غمزار،

 

انهيءَ وقت وزير کي، اکر چيائين چار:

 

يا سرديءَ مان سرسام هئا، ڪامڻ سان ٿي ڪار،

 

يا خفي ٿيو خفقان جي، وڪوڙي وينجهار،

 

يا جگري تپ جگر ۾، ڄاڻي هيئن ڄمار،

 

امر اهو اختيار، جو بيبي بچندي ڪينڪي.

31-

انهيءَ حال هلاڪ، ڪيو وجود وزير جو،

 

چاڪ انهيءَ ناچاق ڪيو، اُڏي ويس ادراڪ،

 

ڪِري پيو ڪوڪاٽ ڪري، چائن مٿان چاڪ،

 

اڃان گهڙي گذري ڪينڪي، هو غم اندر غمناڪ،

 

ته راڻي رحلت کي رسي، ويس جسم مان جيءُ پاڪ،

 

دانهون ڪيون درد جون، عرش رنو افلاڪ،

 

ساري حرمسراءِ ۾، ڌم اُٿي هيءَ ڌاڪَ،

 

خاڪي پڃرو خاڪ، جنهن جو مرغ هليو ويو ماڳ ۾.

32-

پوءِ ڪيائون قبر ڪفن، ۽ تياري غسل جي تڪڙي،

 

آيا ماهه مقام ۾، دوست ڪري دفن،

 

گل لاله گل گربيءَ جي، ڇڏيو چهرو چمن،

 

اچي ويراڳي وزير کي، لڳو ريءَ سبزي سوسن،

 

پر هو صنوبر سَمن، سرسر خضر خزان ڪيو.

33-

پر ڪانه هئي ڪا ڪن، قابل کي ڪيفيت اها،

 

هِئو غمناڪ اصل کون، تار وڌي هئس تن،

 

سَرهائي سورهه کي، مور نه مطلق من،

 

درد بنان ”ديدڙ“ چئي، ٻيون ڳالهيون وجهي ٻن،

 

جو ذوق چکايس من، ته عاشق ٿو آهون ڪري.

34-

پوءِ سڪندي ٿياست سال، هئي هئي ڪندي حڪيم کي،

 

سندايائين سبحان کي، آزيون ڪري احوال،

 

ته معلوم ٿي منهنجا ڌڻي! حقيقت هن حال،

 

ٻڌڻ وارو ٻيو ڪونه هو، آ توکي سُڌ سنڀال،

 

جدائيءَ جي جال، ماريو آ مسڪين کي.

35-

بلبل کي جي باس، آئي گل لاله گلشن جي،

 

ريءَ گلزار گذارجي، طاقت بي واس،

 

پُٽ پڇي ٿو پيءُ کي، طلب گهڻي هئي تاس،

 

پڻس چيو ٿي پڌرو، ڪامل ڪيون قياس،

 

ته: راڻي رحلت کي رسي، هئي ڌڻيءَ جو درخواس،

 

سڻندي خبر سڪي ويو، جو ويس هوش حواس،

 

درد فلڪ فراق جي، وڪوڙيو وسواس،

 

اڃا نه پوري آس، اڳڻين سڄڻ سڌائيو.

36-

رت ڪيون ريلا، عاشق عينن مان ڪڍي،

 

موليٰ تنهن محبوب سين، جلد ڪري ميلا،

 

ويجهو ڪار وصال کي، ڪڍي وٿيءَ جا ويلا،

 

عاشق ڪر اربيلا، آهن پيارا پيغمبر پاڪ جا.

37-

هئي ڪَيون هيهات، ٿو ڳالهيون ڳڻي ڳجهه جون،

 

پڇائي پيو پاڻ ۾، مرد اها مصلحات،

 

ته ڏينهن گذري ڏکن جو، روشن ٿيندي رات،

 

ته ڪڍندس مڙهه محبوب جو، پاڻ وڃي پرڀات،

 

ويهي ورونهان ڪندس، اٿم طلب تنهن جي تات،

 

هوندي جيتر جند حيات، تيتر رهندس طلب سان.

38-

پوءِ روشن ئي جارين، ٻي خلق سمهي خوش خواب ۾،

 

نينهن نهوڙي بند ڪيو، نار اها کان نين،

 

اٿيو قصد ڪمان مان، آب جهلن نه عين،

 

روئندو ويو راهه سان، سنڀاليو صقلين،

 

گوهر گورستان جي، بانڪو ويو جابين،

 

ته زيب چڱي سان زين، هو مقبرو مهتاب جو.

39-

ڏسڻ سان ٿي ڏريو، ڦاٽي دل فراق کان،

 

گوهر انهيءَ گور تي، وڃي ڪوپي ڪنڌ ڌريو،

 

ڳاڙي ڳوڙها ڳلن تان، پڻي ڳڻتيءَ منجهه ڳريو،

 

ته جانب اهڙيون جاڙون، مون سان ڪين ڪريو،

 

اڃان ناهي ٺپ ٺريو، داغ تنهنجيءَ ديد جو.

40-

درد مندي ڪري دانهن، پڌري پيس پرينءَ جي،

 

عاشق کي آزار ۾، سال ست پيا ماهه،

 

قرب ڪري ڪمذات تي، موٽي آ مون ڏانهن،

 

آءُ وري ڏيانءِ ٻانهن، دلير سان ديد کي.

41-

پوءِ روئي راز چئي، کُڻ پٽيائين پيرن سان،

 

صاف ڪيائين سيگهه ۾، پيهي پاڻ پئي،

 

لاشن تائين هئي لٽيل، قبر هيٺ وئي،

 

پوءِ ميت، پاڻ ٻئي، نازڪ آيا نڪري.

42-

پوءِ لٽيائين سو لوڙهه، جهڙيءَ طرح جڙيل هو،

 

گوهر گڏ ڪري هليو، خاڪ مٽيءَ جو کوڙ،

 

ڪڇ ۾ ڪنوار ڪري، هليو محبت ٻڌي موڙ،

 

مخفي مورت جاءِ تي، نيئي ترت رسايائين توڙ،

 

جانب جيءَ جِي جوڙ، خان سمهاري کٽ تي.

43-

پوءِ جهاتي پايون جوان، ٿو مرد ڏسي مورت ڏي،

 

ساڳي صورت سوڀيا، ڪا ٻي علت ڪانه،

 

نرم بدن نازڪ هو، ٻيا درج دهن دُ دان،

 

ڄڻ ته خواب خيال ۾، پَري هئي پروان،

 

عين پسيو عين کي، ويا اندر جا مرمان،

 

منهن چميون ٿي ماهه جان، روءِ روشن آ رخشان،

 

اهڙا ڪين گمان، ته راڻي رحلت کي رسي.

44-

نئين ڪا صورت، ڀانيائين منجهه حجاب،

 

خاص سمهاري کٽ تي، هئي نوشابه نوشاب،

 

مخفي ماڻهن کي هئي، سج ٿيو مهڻي هاب،

 

هو جي ويٺو هو اُتي، دَردان دل ڪباب،

 

ته ناگهه اچي نڪتس، باب انهيءَ کان باب،

 

تنهن سمهيو صورت کي ڏسي، اکين آندو آب،

 

پيءُ پڇي ٿو پُٽ کان، هيجان ساڻ حجاب،

 

ته هيءَ دختر ڪنهن جي دادلي، آندي ڪنهن ارباب،

 

پري زور پدم کون، مسيحائي مهتاب،

 

تاب تجلي جو پسي، ٿئي ڪرمش قمر ڪذاب،

 

يا ڪنهن ڪيف ڪلور جي، کير وڌايس خواب،

 

يا نشي آهي نادان ڪئي، يا برهه ڪئي بيتاب،

 

يا مرض ڪئي ماندي گهڻو، جوڙي ڏج جواب،

 

پٽ چيو ٿي پيءُ کي، منجهان شوق شتاب،

 

ته ابا! اڄ ڏئي ويا، هيءَ ناري سان نقاب،

 

دائودي طب اڪبري، ڪڍ ڪامڻ ڪاڻ ڪتاب،

 

ڏس تون قبض نواب! ته آهاريل اطوار اٿس.

45-

پوءِ نادر ٿي نزديڪ، نار نهاري نار ڏي،

 

اچي ويو عجب ۾، ويتر وير وڌيڪ،

 

ڪاوڙجي ڪامل چيو، تاب رکي تحقيق،

 

ته هئي نا سمجهڻ جهڙي نار، آ فتورت فريق،

 

اُهاريل اطوار اٿس، وار ته تنهين ويڪ،

 

پر اَٺ پهر پوري اٿن، اندر خاڪ خليق،

 

پوءِ ٿي راهه رفيق، آندائون علاج لاءِ.

46-

پر هاڻي ڪر همت، اول آڻ علاج ڪو،

 

اڳي ناري ته سمهي، ريءَ ڦڪي فرحت،

 

جانب! وڃ تون جاءِ تي، سگهو آءُ سُتت،

 

ثابت آڻي صندوق ۾، هڪ شيشو سان شربت،

 

ٻيا تان عرق عجيب آڻي، آڻ سگهو البت،

 

آڻيو استعمال ڏين، مريض کي فرحت،

 

آهي قادر جي قدرت، پر ٿيندي جند حيات هيءَ.

47-

ترت منجهان تعميل، تنهن عاشق آندو عرق کي،

 

مهٽيائون ٿي ماهه کي، ڪي قدر قليل،

 

جنبش آئي جان کي، پٽي عين اصيل،

 

عاشق ٿي الحمد ڪيا، جل جلال جليل،

 

پسي منهن محبوب جو، ڏور ويا ڏک ڏيل،

 

هئي زال ذليل، سا عافيت آجي ڪئي.

48-

ويا وهم وهي، شاديون شائق ٿي ڪيون،

 

ڇڏيو مرض مباحثو، رَتي ڪانه رهي،

 

صاحب ڏانهن صورت کي، هئي صحت صاف ڊهي،

 

پر حيرت آ حڪيم کي، جنهن سُتـي ڪئي نه سهي،

 

اها مام ته عامن کي هئي، جو سگهي لوڪ لهي،

 

ٻئي ڪنهن ڪل نه رهي، مالڪ ريءَ مخلوق کي.

49-

مام نه هئي ملڪن، عاشقي ۽ معشوقيءَ جي،

 

رندن بنا رمز کي، هلڪا نا حل ڪن،

 

اهي مرد ڍڪيون ڍلڪن، عاشق عيد عام کي.

50-

پوءِ خوب خوراڪ، ڪئي عاشق معشوق جي،

 

پنج پنج ڀيرا پهر ۾، ٿو ٻهرائي پوشاڪ،

 

خلاصي تنهن جان ڪئي، اربيلي اوطاق،

 

صدقه مان صدبار ٿيو، تنهن مهروءَ تان مشتاق،

 

لٿا فلڪ فراق، آهن عيدان ديدان دوست جون.

51-

بيهوشيءَ مان هوش، جان جان ڊَهِي مان کي،

 

عين کڻي عاشق ڏي، آيس جنبش جوش،

 

رني زارون زار ٿي، سا دوش ڏئي سان دوش،

 

مان ته محب ممات هيس، ميخوردن بينوش،

 

تڏهن کنيو خان خبر کي، خاتون ڪئي خاموش،

 

ٻُڌو ٻائيءَ ٻاجهه سان، گفتو ڏيئي گوش،

 

آءُ مون آغوش، تان شابس شائق کي ڪئي.

52-

قصو پاڻ ڪلان، جي چوان تان چوڻو ٿئي،

 

شهزاديءَ شائق کي، ڪئي شابس مون شان،

 

مون تي تو منهنجا پرين! الف ڪيا احسان،

 

حاصل تو حاجت ٿئي، نِيان نام منان،

 

اٿئي جس جوان، جو جان ڏني تو جان کي.

53-

ڏينهن ٻٽي- پنج- چار، گذريا گڏجڻ کي،

 

پُٽ سچي ڪئي پيءُ سان، گوشي ۾ گفتار،

 

ته هيءَ جا عافيت اڄ ڪئي، سانا سمجهي نار،

 

دختر ڌيءَ وزير جي، بانو هئي بيمار،

 

منهنجو مٿس مجاز هو، آخر اهڙيءَ ڪار،

 

لڪايم پرت پچار، پر ٿي عالم ۾ اظهار،

 

بعد مرڻ مورت جي، درد اُڌو هو ڌار،

 

گل گلستان مان کڻي، آندم پنهنجي پار،

 

هاڻي آئينده تو اختيار، بابا! سڻ پيان تون.

54-

پوءِ هئي ڪري حڪيم، دم ڪڍيو تنهن درد مان،

 

شائق توکي شاهه جو، بابا! ڪونهي پيم،

 

ٻڌنديئي ٻيڻو ڪيو، درد جثو دونيم،

 

وڏو ڪج وزير جو، خطرو خوف خصيم،

 

رکندو رب رحيم، پيش وڃي تنهن جي پوان.

55-

ويو وٽ وزير، حڪمت مند حڪيم سو،

 

سارو باب بيان ڪيو، تنهن سان عقلمند امير،

 

شهزادي شائق جي، هئي ترت ائين تقدير،

 

اصل هئاسون عشق ۾، اسين ٻئي اسير،

 

حياتيءَ جو حال ڪيو، تنهن سان ويهي وزير،

 

ڏسي سچن جو سير، هاڻي مارين يا معافي ڏين!

56-

اهي صادق عاشق سچ جا، مان ڪڏهن ماريان ڪين،

 

مرڻ پڄاڻان مون ڇڏي، حجت حق حزين،

 

اها امانت ان جي، جنهن مشقت ڪئي مسڪين،

 

ڀلي بي تسڪين کي، ترت رسي تسڪين،

 

نيئي ڏيو خبرون خان کي، شهزادي شرين،

 

شرع ساڻ شفيع جي، جو احمد آهه امين،

 

ترت هڪو ترسين نه، شادي ڪيو شهزور جي.

57-

معافي تنهن تان مير ڪيا، ڀو ڀُلڪر ڀاڄ،

 

لٿا هول حڪيم تان، اگهيا سڀ علاج،

 

اڳي عاشق جي ڪئي، حل سڀيئي حاج،

 

اهي مر ماڻن معراج، جن کي دان ڊهيا در گاهه مان.

58-

مانند بارش تيز هليو، ويو تڪڙو واد،

 

پيءُ مبارڪ پٽ کي ڏني، دل سان ٿيا دلشاد،

 

ويا غم گذار ٿي، جڏهن الله ڪئي امداد،

 

دان مليا ٿيا داد، درد دلين کان ڌار ٿيا.

59-

شوق منجهان شادي، ننهن پير پياري جي ڪئي،

 

دهل دماما ڪيترا، ٿي مُلڪين منادي،

 

اُٺا مينهن مهر جا، ٿي بيحد برساتي،

 

اڱڻ تي عاشق جي، ڪئي الله امدادي،

 

مرادان محفوظ ٿيون، ٿي عشرت آبادي،

 

شائق ۽ شهزادي، ٻنهي لاوان لڌيون.

60-

جنهن جو عشق امام، وڏا طالع تنهن جا،

 

ٻڌڻ ٻار تنهن کي، عاشق کي احرام،

 

”شاهه محمد“ شوق مان، رهيا نشان ۽ نام،

 

سدائين پڙهه سيد تي، صلواتون سلام،

 

ڪلمي چئي ڪلام، عاشق اجايت ۾ رسيو.

 

لا اِلٰھ اِلاالله محمد رسول الله

 

 

ليليٰ مجنون

 

]هن قصي بابت سنڌ ۾ مختلف روايتون رائج آهن، جي هتي شامل ڪيون وييون آهن: (1) هڪ روايت موجب قيس، عربستان جي هڪ محموداڻي قبيلي جي سردار جو پٽ هو. خواب ۾ ليليٰ جي صورت تي عاشق ٿي، مصر ڏانهن سفر ڪيائين. ليليٰ جي پيءُ قاضي قمر وٽ، مڪتب ۾ پڙهڻ جي بهاني سان ويٺو ۽ ليليٰ مٿس عاشق ٿي پيئي. خواريءَ سببان ماءُ پيءُ شاديءَ جي صلاح ڏنيس، پر ليليٰ انهيءَ ماڻهوءَ سان شادي قبولي، جيڪو سندس هٿ جو رڌل ۽ زهر پيل طعام کائيندو. ٻئي ڪنهن به اهو طعام نه کاڌو. مجنونءَ ليليٰ جو چوڻ اکين تي رکي، زهر کاڌو. ان بعد، قاضي خواريءَ کان بچڻ لاى، ڪٽنب سميت لڏي، وَس تي روانو ٿيو. ٻئي ڏينهن مجنون به پيرين پنڌ پٺيان ڪاهي پيو، ۽ واٽ تي اچي قافلي کي رسيو. ليليٰ مجني کي موٽي وڃڻ جو چيو، پر هو اتي ئي انتظار ۾ بيٺو رهيو سانوڻ جي مند ۾ مٿس وَليون وري وييون. ٽن مهينن بعد، ليليٰ مصر ۾ موٽي آئي. مجنونءَ کي اتي ته ڏسي، آهون دانهون ڪرڻ لڳي. آخرڪار هڪڙي ڪاٺير کان ڏس ملڻ تي، هوءَ بانهي ساڻ ڪري اُتي آئي. ٻئي عاشق معشوق پاڻ ۾ مليا ۽ اتي ئي ساهه ڏنائون. قصي جي هن روايت تي ٻن شاعرن فاضل شاهه ۽ عرض محمد چانڊيي جو چيل ڪلام شامل ڪيو ويو آهي. (2) ٻي روايت موجب مجبونءَ کي ڄائي ڄم کان عشق جي لنو لڳل هئي. ننڍي هوندي ئي کائڻ پيئڻ ڇڏي ڏنائين. خواب ۾ ليليٰ جي صورت ڏسي، ان لاءِ مستانو ٿيو گهمندو هو. مصر شهر جي هڪڙي اوٺي قاصد کان ليليٰ جو ڏس مليس. پوءِ ان اوٺيءَ جي پٺيان ڊوڙندو، هڪ سو ڪوهه پنڌ هڪ ڏينهن ۾ طي ڪري، وڃي مصر شهر ۾ پهتو. آخر قاضي قمر وٽ وڃي ليليٰ سان گڏ پڙهڻ لڳو. ٻنهي ڄڻن جي عشق جي خبر پکڙجڻ تي قاضيءَ هن کي مڪتب مان ڪڍي ڇڏيو، جنهنڪري هو ”ليليٰ ليليٰ“ ڪندو گهٽين ۾ گهمندو رهيو. ڪنهن عورت چيس ته: ليليٰ چيو آهي ته’کوهه کي گيڙو ڏي.‘ اهو ٻڌي، ايترو ته نار ڪاهيائين جو پاڻي شهر ۾ ڪاهي پيو. وري به ليليٰ جي چوڻ تي نار بند ڪيائين. ٻئي ڀيري ليليٰ جي چوڻ تي جسم مان رت ڪڍي، پيالي ۾ ڏنئين. شهر جا ماڻهو کيس چريو سمجهڻ لڳا. آخرڪار مجنون، ليليٰ جي هٿان زهر جو پيالو پيتو. مجنونءَ جي مرڻ ۽ خواريءَ جي ڊپ کان قاضي قمر راتو واه شهر ڇڏي، ڪٽنب سميت ڪنهن پاسي روانو ٿيو. مجنون به پٺيان ڪاهي پيو. اڌ پنڌ تي ليليٰ کيس هٿ سان اشارو ڪيو، ته هو اتي ئي بيهي رهيو. پنج مهينا بيٺو رهيو. وليون وري ويس.  آخرڪار هڪڙي ڪاٺير جي ڏس تي، ليليٰ ٻانهي ساڻ ڪري اڌ رات جو اُٺ تي چڙهي، اچي مجنونءَ سان ملي. ٻئي عاشق معشوق هڪٻئي سان ملي، اتي جو اتي بيهوش ٿي ڪِري پيا، ۽ مري ويا. هن روايت تي شيخ محمود بيتن ۾ قصو چيو.

دراصل هيءُ قصو فارسي شاعريءَ ذريعي سنڌ ۾ رائج ٿيو، ۽ ايترو مشهور ٿيو جو ڪيترن ئي آڳاٽن سنڌي شاعرن هن قصي تي مثنويون چيون، جن مان خليفي حاجي عبدالله نظاماڻيءَ (سنه تصنيف 1208هه)، ۽ مل محمود پليءَ جون چيل مثنويون مشهور آهن- مرتب.[ 

روايت (1)*

 

سڀڪا ساراهه ۽ صفت ڌڻي پاڪ کي جڳائي، جنهن هي عالم اُپايو ۽ پنهنجا مقدس نبي موڪلي، انسانذات کي سنئين واٽ ڏيکاري. راوي روايت ڪن ٿا ته ڪنهن زماني ۾ مڪي شهر ۾ ’محموداڻي‘ نالي عربن جو هڪ قبيلو رهندو هو. انهيءَ قبيلي جي سردار کي ”قيس“ نالي هڪڙو سڪيلڌو پٽ هو(1) ، جنهن جي حسن جي ڪهڙي تعريف ڪجي. سڄي عربستان ۾ سندس ثاني ڪونه هو.

هڪڙي ڏينهن ”قيس“ مڪتب ۾ قرآن شريف جو دور پئي ڪيو ته دور ڪندي ڪندي، جڏهن ”وانحن اَقرب اِليه من حبل الوريد“ آيت تي پهتو، تڏهن ان آيت جي معنيٰ سمجهي نهايت سَرهو ٿيو ته ”واحد جو وصال، ساهه ۽ رڳن کان به ويجهو آهي.“ انهيءَ وقت استاد به اچي نڪتو، جنهن کي اها آيت ٻڌائي، عرض ڪيائين ته: جڏهن ڌڻي تعاليٰ ساهه ۽ رڳن کان به ويجهڙو آهي، تڏهن اهڙو ذڪر ٻڌايو، جنهن سان محبوب جو مشاهدو مائيان. تڏهن استاد چيس ته: مراقبي ۾ ويهي ”لامقصود في الدارين“ جو ذڪر ڪر ته محبوب جو مشاهدو ماڻين.(2)

قيس پنهنجي استاد ۽ مرشد کان اِذن وٺي، ذڪر ڪرڻ شروع ڪيو. رات ڏينهن مراقبي ۾ ويٺو زارو زار روئندو هو. آخر هڪڙي ڏينهن مراقبي ۾ ڪنهن سهڻيءَ صورت جو ديدار نصيب ٿيس. هن جي سونهن قيس جا حواس گم ڪري ڇڏيا. ڪجهه وقت جي ديدار کان پوءِ، جڏهن هوءَ وڃڻ لڳي، تڏهن قيس کانئس پڇيو ته: اي محبوب، توکي وري ڪڏهن پسندس؟ هن وراڻيس ته: مونکي اڌ رات جو ننڊ ۾ پسندين. ائين چئي، هوءَ گم ٿي ويئي. قيس هن جي جدائيءَ سيبان وجد ۾ اچي، بيهوش ئي ڪِري پيو. قيس، مراقبي ۾ جنهن سهڻيءَ صورت جو ديدار ڪيو هو، سا قاضي قمر جي ڌيءَ ليلي هئي. سجاڳ ٿيڻ کان پوءِ، هو ”ليليٰ ليليٰ“ ڪري وڦلڻ لڳو، ۽ انهيءَ حالت ۾ بيحال بنجي ڀٽڪندو رهيو. نه رات جو ننڊ، نه ڏينهن جو آرام، اهائي ”ليليٰ“ جي وائي وات هيس. کائڻ پيئڻ به وِههَ ٿي آيس. عربي ٻوليءَ ۾ رات کي چون ”ليل“، تنهنڪري قيس جي واتان اهو لفظ ٻڌي، مڪي جا ماڻهو اچي مڙيا. ڪو چئي ته جن آيو اٿس؛ ڪو چئي ته چريو ئي پيو آهي. گهڻئي پڇا ڪيائونس، پر هن جي ڪو ڳالهه ئي نه سمجهي. تڏهن ماڻس کي چيائون ته: تون ماءُ آهينس، پڇا ڪرينس، مَن توسان سچي ڪري! تڏهن ماڻس پاٻوهي پڇيس ته: پُٽ! مونکي ٻڌاءِ ته تنهنجي جيءَ سان ڪهڙي جهوري لڳل آهي؟ مجني  جواب ڏنس ته: اما جيجل! مونکي ليلي جي لوري لڳل آهي، جيستائين اُها ته ڏسندس، تيستائين منهنجو جيئڻ جنجال آهي. قدرت سان انهيءَ وقت اتي ڪو مصر شهر جو مسافر (1) موجود هو، تنهن، جڏهن اها ڳالهه ٻڌي، تڏهن چيائين ته: برابر، مصر شهر ۾ قاصي قمر رهي ٿو، جنهن کي ليليٰ نالي تمام سهڻي ڌيءَ آهي؛ سندس سونهن جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! حورون پريون به هن جي اڳيان هيچ آهن. جهڙي آهي سهڻي، تهڙي وري آهي سلڇڻي. مسافر جي واتان ليليٰ جي حقيقت ٻڌي، مجنون ماءُ وٽ آيو، ۽ ان لان مصر شهر ڏانهن وڃڻ جي موڪل گهريائين. ماڻس گهڻوئي سمجهايس، پر هن ڳالهه نه مڃي. پوءِ ته ماءُ پيءُ کان موڪلائي، فقيراڻا ڪپڙا ڍڪي، ڪِستو ڪڇ ۾ کڻي، مصر وڃڻ لاءِ تيار ٿيو.(1)  اتي سنگتي ساٿي به مڙي آيا، ۽ انهن به گهڻوئي سمجهايس، پر هو سڀني کي روئندو ڇڏي، مصر شهر ڏانهن راهي ٿيو.

قيس کي هلندي هلندي، ڪيترا ڏينهن گذري ويا. رڻ جهاڳيندو، ڏونگر ڏوريندو هلندو رهيو. واٽ تي اُڃ ۽ بک جي تڪليف کان بدن ڳري ڪنڊا ٿي ويس. آخر، جڏهن ڏٺائين ته هاڻي هڪڙيءَ وک هلڻ جي به توفيق نه رهي اٿم، تڏهن نااميد ٿي، هڪڙي هنڌ ويهي رهيو. قدرت سان انهيءَ هنڌان هڪڙو واٽهڙو اچي لنگهيو، جنهن کان مصر شهر جو ڏَس پڇيائين. ان شخص جڏهن ٻڌايس ته اڳيان ٿوري پنڌ تي مصر جا وڻ پيا ڏسجن، تڏهن وري ڪجهه پيٽ ۾ ساهه پيس، ۽ ليليٰ سان ملڻ جي شوق ۾ اٿي پنڌ پيو. آخر هلندي هلندي، مصر شهر ۾ اچي پهتو.

مصر جي ماڻهن جڏهن هڪڙي ڌارئي ملڪ جو ماڻهو ڏٺو، سي هن کي کيڪاري، کانئس خبرون چارون پڇڻ لڳا. قيس ٻڌاين ته: آءٌ هتي علم پرائڻ لاءِ آيو آهيان، تنهنڪري ڏس ڏيوم ته وڃي ڪنهن اهڙي مڪتب ۾ رسان، جتي پرديسي کٿابي پڙهندا هجن. پوءِ قيس هنن جي ڏَس تي انهيءَ مڪتب ۾ آيو، جتي قاضي قمر، کٿابين کي حجري ۾ ويٺي پاڙهيو. قيس به نهايت ادب سان ٻانهون ٻڌي، قاضيءَ جي اڳيان اچي ويٺو. قاضي هن کي پرديسي سمجهي، کائنس خبرون چارون پڇيون. قيس ٻڌايو ته: آءٌ انصاري: آهيان، نالو قيس اٿم. ائين چئي، جيڪي ميوا پاڻ سان آندا هئائين، سي ڪڍي، ادب سان قاضيءَ جي اڳيان رکيائين. قاضيءَ اهي ميوا ڪجهه اتي ويٺل شاگردن ۾ ورهايا، ۽ ٻيا پنهنجي ڌيءَ ليليٰ کي ڏياري موڪليا.(1)

ليليٰ جڏهن ميوو کاڌو، تڏهن چت چريو ٿي پيس، ۽ دل ۾ چيائين ته ’ههڙا مٺا ميوا مون سڄيءَ ڄمار ۾ نه کاڌا آهن، هنن جي کائڻ سان دل جان ۾ بهاري اچي ويئي آهي. پوءِ قاضيءَ، قيس کان مصر شهر ۾ اچڻ جو سبب پڇيو. تڏهن هن ٻڌايس ته: آءٌ هتي پڙهڻ لاءِ آيو آهيان. اهو ٻڌي، قاضي هن جي گفتگوءَ ۽ ادب کان تمام خوش ٿي، کيس پنهنجي کٿابين ۾ داخل ڪري، سبق ڏيڻ شروع ڪيو. قيس جي اها عادت هوندي هئي ته سبق وٺي، مڪتب جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي، مٺي آواز سان پڙهندو هو. قاضيءَ جي حويلي ويجهي هئي. هڪڙي ڏينهن اهو مٺو آواز جڏهن ليليٰ جي ڪنين پيو، تڏهن پڇا ڪيائين ته: ڪير آهي، جو اهڙي مٺي آواز سان پيو پرهي؟ ٻڌايائونس ته قيس نالي عربستان کان هڪڙو کٿابي آيو آهي، جو اهڙي الحان ۽ سوز سان پيو پڙهي. قيس جو نالو ٻڌندي ئي ليليٰ کي هن سان لنءُ لڳي ويئي.(1) مجنون ته اڳي ئي سندس عشق ۾ گرفتار هو. پوءِ ته ٻيئي ڄڻا بِرهه جي باهه ۾ لڇڻ لڳا. آخر ڇا ڪيائون جو پڙهڻ جي بهاني سان حويليءَ جي باغ جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ لڪي، هڪٻئي سان ملاقاتون ۽ رهاڻيون ڪرڻ لڳا.

هاڻي ليليٰ جو اهو دستور هوندو هو ته مجني کي سٺا ڪپڙا پارائي، ڪئين ميوا ۽ مٺايون کارائيندي هئي، ۽ رات جو ٻيئي ڄڻا مقرر هنڌ تي هڪٻئي سان اکيون اکين ۾ اڙائي، ويهي قرب ونڊيندا هئا. ائين چار مهينا گذري وين. هڪ دفعي هي ٻئي عاشق معشوق پاڻ ۾ راز و نياز جون ڳالهيون ڪري رهيا هئا، ته اتفاق سان ڪي کٿابي اتي اچي نڪتا؛ جن ڊوڙي وڃي ساري حقيقت قاضيءَ کي ٻڌائي. اهو ٻڌي، قاضيءَ کي تمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، ۽ يڪدم لڪڻ کڻي انهيءَ هنڌ آيو، جتي مجنون ويٺو هو. پوءِ ته اچي مجني کي مارڻ لڳو، ۽ هڻي هُڏ گُڏ ڀڃي ڇڏيائينس. وري حويليءَ ۾ موٽي وڃي ليليٰ کي سمجهائڻ لڳو ته: تو هڪڙي اجنبي ماڻهوءَ سان نينهن لائي، پاڻ کي دنيا ۾ محشر ۽ ڪانيارو ڪيو آهي. تڏهن ليليٰ جواب ڏنو ته: بابا سائين! قيس سان منهنجو نينهن روز ارل کان وٺي آهي. ازل جو انگ اڳيئي منهنجي قسمت ۾ لکيل آهي، سو ضرور پاڙڻو پوندو. ايترو ٻڌندي قاضي تپي باهه ٿي ويو ۽ ليليٰ کي گهٽ وڌ ڳالهائيندي، وڃي ساڻس کي ٻڌايائين. ساڻس به ليليٰ کي گهڻو ئي سمجهايو، پر هوءَ چئي ته: مجني کان سواءِ منهنجو جيئڻ محال آهي. تڏهن ماءُ وري به سمجهايس ته: مجنون سُک ۾ برابر توسان نينهن نڀائيندو، پر ڏک ۾ ڀڄي ويندو، تنهنڪري تون پنهنجي سوٽ سان کڻي شادي ڪر، جيڪو توتان ساهه به قربان ڪري ڇڏيندو.(1) ماءُ جي اها ڳالهه ٻڌي چيائين ته: امڙ! قيس کان سواءِ مونکي ٻيو نه ڏَس، پر جي تنهنجي مرضي آهي ته پوءِ تنهنجي مائٽ ۽ قيس جو آزمودو ٿا وٺون: آءٌ هڪڙو طعام ٿي رڌيان، پوءِ جنهن اهو خوشيءَ سان کاڌو، سو ئي منهنجو سيڻ ٿيندو.

پوءِ ڇا ڪيائين جو هڪڙي ديڳ طعام جي رڌائي، ان ۾ ساڍا نَوَ سير زهر جا ملائي کڻي رکيائين، ۽ ماءُ کي چيائين ته: هاڻي ڀلي پنهنجا مِٽ مائٽ ۽ کٿابي گهرائي، کين هي طعام کاراءِ. گهڙيءَ کن کان پوءِ، سڀئي مِٽ مائٽ ۽ کٿابي اچي مڙيا ۽ کلي کاڄ کائڻ ويٺا. پر جڏهن طعام ۾ زهر جو رنگ ۽ زهر جي بُوءِ آين، تڏهن وٺي ڀڳا، چي: هر ڪنهن کي ساهه پيارو آهي، ڇو هروڀرو زهر کائي، سِر وڃايون!(2) اتي ليليٰ مجني کي سڏائي، زهر وارو طعام کائڻ لاءِ ڏنو. مجني کي جو ليليٰ چيو، سو گوڏا کوڙي ويهي رهيو. ٿالهه طعام جو کائي، چيائين ته: سڄڻ! تنهنجي هٿن جو رڌل طعام کاڌم، پر اڃا سڪ ئي ڪانه ڀڳي اٿم، تنهنڪري اڃا به هجي ته کائڻ لاءِ ڏي! مجني جي اها حالت ڏسي، قاضي ۽ سندس زال حيران ٿي ويا. پوءِ ٻنهي کي کڻي ڇڏيائون، ته ڀلي پيا پاڻ ۾ خوش گذارين.(3)

ليليٰ ۽ مجني جو قرب ڏسي، ٻيا ماڻهو ۽ کٿابي اندر ۾ سڙڻ لڳا، سي گهٽ وڌ ڳالهيون ٻڌائي، قاضيءَ کي پيا مهڻا ڏيندا هئا. هو اهي مهڻا ٻڌي، آخر هڪڙي ڏينهن ڪڪ ٿي پيو، سو پنهنجن عزيزن ۽ شهر جي ماڻهن کي گهرائي، کانئن صلاح پڇيائين. هنن صلاح ڏنيس ته: تون مجني کان جند ڇڏائڻ لاءِ، وَسَ تي هليو وڃ. هو هتي جڏهن بکن ۾ بيزار ٿيندو، تڏهن ليليٰ تان آسرو پلي، موٽي مڪي شهر هليو ويندو. انهيءَ رٿا موجب، قاضي قمر لڪ ڇپ ۾ کاڌو پيتو ۽ ثمر اُٺن تي کڻائي، تياري ڪرڻ لڳو. ليليٰ کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تياري ڪرڻ لڳا. ليليٰ کي جڏهن انهيءَ ڳالهه جي خبر پيئي، تڏهن اندر ۾ وِجهلڻ لڳي. مصر شهر ۾ ته ٻيئي ڄڻا هڪٻئي سان ملي پيا جيئندا هئا، پر هاڻي پرديس جي وڇوڙي ۾ الائي ڪهڙو حشر ٿيندو؟ اهو ويچار ڪري، ويچاري ليليٰ روئڻ لڳي. آخر وجهه وٺي مجني کي اها خبر ٻڌايائين.

قاضي قمر جڏهن مڪمل تياري ڪئي، تڏهن جمعو بعد ڪري، طنبو طولان ساڻ کڻي، قافلي سان گڏ روانو ٿيو. (2) مجني جڏهن اها خبر ٻڌي ته ليليٰ کي به پاڻ سان وٺيون ٿا وڃن، تڏهن هو به بيٺ ٻڌي، پيرين پنڌ قافلي پٺيان روانو ٿيو.(1) ڪجهه پنڌ ڪرڻ کان پوءِ، قيس قافلي کي ويندو ڏٺو، تڏهن اندر ۾ ڏاڍو سرهو ٿيو. ليليٰ ويچاري به مجني جي انتظار ۾ واٽ نهاريندي پئي ويئي، تنهن به جڏهن مجني کي ڏٺو، سا به ڏاڍي سَرهي ٿي.

اتي قاضيءَ جي نظر وڃي مجني تي پيئي، جو هن کي قافلي جي پٺيان ايندي ڏسي، اندر ۾ سڙي پڃي ويو. (2) ڪاوڙ مان مجني کي چيائين ته: اڳيان رڻ ۾ پاڻي به ڪونهي، تنهنڪري اُڃ مري ويندين، سٺو ائين اهي ته موٽي وڃ. تڏهن مجني جواب ڏنو ته: ’مران ته مانُ لهان‘ نه ته سڄڻ جي پٺيان پيو هلندس. جتي هوءَ تتي آءٌ. قاضيءَ کيس موٽائڻ لاءِ گهڻوئي مٿو هنيو، پر مجنونءَ نه مڃيو. تڏهن هن خيال ڪيو ته ليليٰ کي مجني جي مارجڻ جو ڊپ ڏجي، ته من اها اڳتي هلڻ کان منع ڪريس. سو، ليليٰ کي چيائين ته: مجني کي دلاسو ڏيئي اتان ئي پوئتي موٽاءِ، نه ته آءٌ کيس مارائي ڇڏيندس. تڏهن ليليٰ پيءُ کي چيو ته: توهين منهنجي محبوب کي مارايو نه، آءٌ کيس منع ٿي ڪريان ته موٽي وڃي. پوءِ اُٺ تان لهي اچي مجني سان ملاقات ڪيائين، ۽ کيس چيائين ته: مجنان! اسين سگهوئي موٽي اينداسين، تنهنڪري تون موٽي مصر ۾ هلي منهنجو انتظار ڪر! تڏهن مجني روئي چيس ته: تنهنجي موٽي اچڻ تائين آءٌ اِتي ئي بيٺو رهندس.

ليليٰ پوءِ مجني کي دلاسا ڏيئي قافلي ڏانهن موٽي آئي، ۽ هو اتي ئي بيهي رهيو. مجنون ويچارو ليليٰ جي انتظار ۾ ٽي مهينا اتي بيٺو رهيو،(1) نه کاڌو نه پيتو، اصل هڪڙو پير به اتان نه چُريو. سانوڻ مهيني ۾ برساتيون پيون، رڻ پٽ ۾ ساوڪ لڳي ويئي، وليون ۽ گاهه جام ٿيا. ڪي وليون ۽ وڻ ويڙهيون مجني کي به وڪوڙي وييون؛ ايتريقدر جو انهن ۾ سڄو ڍڪجي ويو. پهريائين مرون ۽ پکي کانئس ڊڄندا هئا، پر پوءِ اهڙا هري ويا، جي انهن ولين ۾ اچي ويهندا هئا. هوڏانهن وري ليليٰ رات ڏينهن پيئي مجني جي فراق ۾ رڙهندي هئي. قاضيءَ هن کي تسليءَ ڏيڻ لاءِ ڪي ماڻهو سيکاري ليليٰ وٽ موڪليا، جن کيس اهو ٻڌايو ته مجنون مصر شهر ۾ خوش ويٺو آهي، ۽ اتي مسجد ۾ کٿابين کي ويٺو پڙهائي. اهو ٻڌي، ليليٰ کي دلداري آئي؛ پر جيئن پوءِ تيئن وطن ورڻ لاءِ زور ڀرڻ لڳي.

آخر ٽن مهينن کان پوءِ، قافلو مصر شهر ڏانهن موٽيو. (2) ليليٰ کي پڪ هئي ته مجنون مصر ۾ خوش ويٺو آهي، سا اتي پهچڻ شرط مسجدن ۽ حجرن ۾ مجني کي ڳولڻ لڳي. پر مجنون هجي ته لڀي، ويچاري آهون دانهون ڪرڻ لڳي. ليليٰ کي مجني جي ڳولا ۾ لوهون ڏيندي، ٻيو مهينو به گذري ويو، گهڻئي پڇا ڳاڇا ڪيائين، پر مجنونءَ جو ڪٿان به ڏس نه مليو. قدرت سان هڪڙو ڪاٺير، گڏهه پلاڻي، ڪاٺين ڪرڻ جي سانگي، انهيءَ جوءِ ۾ وڃي پهتو، جتي مجنون ولين ۾ ويڙهيو، ليليٰ جو انتظار ۾ بيٺو هو. ڪاٺير جي ليکي ته ڪو سڪل وڻ جو ٿڙ بيٺل آهي، جنهن تي وليون وري ويون آهن. سو ٺڪاءُ ڪيائينس ڪهاڙو. ڌڪ جي ايذاءَ سبب مجني کان دانهن نڪري ويئي. تڏهن ڪاٺير ڊپ کان ڀڄي پري ٿي بيٺو، ۽ اُتان ئي پڇا ڪيائين ته: ميان! انسان آهين، يا جِن ڀوت؟ مجني وراڻيو ته: ادا! آءٌ نڪو جِن آهيان، نڪو ڀوت؛ پر انسان آهيان، جنهن کي محبوبن جي ڪانَ گهائـي، اتي بر ۾ بيهاري ڇڏيو آهي. پوءِ ڪاٺير هن کان حال احوال پڇيو، جنهن تي هن سمورو حال ڪري ٻڌايو. اتي ڪاٺير هن کي چيو ته: ميان مجنا! جنهن ليليٰ لاءِ تون هتي چار مهينا بُنڊ ٿي بيٺو رهئين، سا ته وڃي مصر شهر پهتي! اهو ٻڌي، مجني روئي ڏنو، ۽ ڪاٺير کي آزي ڪري چيائين ته: ادا ڪاٺير، آءٌ هلڻ جهڙو ڪونه آهيان. چار مهينا بنا اَن پاڻيءَ جي هتي اُڀو بيٺو رهيو آهيان، تنهنڪري بدن سُڪي پيو اٿم. هاڻي ايتري ڀلائي ڪر، جو هتان وڃي ليليٰ کي رڳو اهو نياپو پهچاءِ، ته مجنون تنهنجي انتظار ۾ اڃان تائين اتي ئي بيٺو آهي، جتي تون بيهاري وئي هئينءَ. پوءِ، ڪاٺير هن کان نشاني طور ڪِستو کڻي مصر شهر ۾ آيو. گڏهه کي گهر ۾ ٻڌي، پاڻ سڌو اچي ليليٰ جي در تي سڏ ڪيائين. ليليٰ اندر گهر ۾ جڏهن سڏ ٻڌو، تڏهن ڏاڍي سرهي ٿي، ۽ يقين ٿيس ته اِهو ماڻهو مجني موڪليو آهي. ڏاڍيءَ اُڪير مان ڊوڙي اچي در تي بيٺي، ۽ ڪاٺير کان خبر پڇيائين. ڪاٺين هن کي مجني سان ملڻ جي سموري ڳالهه ٻڌائي، ۽ مجني وارو ڪستو نشانيءَ طور کڻي ڏنس. ليليٰ هن کي ٿالهه موتين جو انعام ڏيئي روانو ڪيو، ۽ پاڻ هڪڙي ٻانهيءَ کي ساڻ ڪري، اُٺ تي چڙهي، ان طرف رواني ٿي، جتي مجني جو ڏس مليو هوس.

قصو ڪوتاهه، ليليٰ، مجني کي ڳولي اچي لڌو. هن جي ههڙي حالت ڏسي زاروزار روئڻ لڳي ۽ پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳي ته ’حيف اٿم، جو پنهنجي دوست جي خبر به نه لڌيم.‘ پوءِ وليون پٽي، مجني کي ويڙهه مان آزاد ڪيائين. ولين کان آزاد ٿيندي ئي مجنون دانهن ڪري، اتي ئي ڪِري پيو، ليليٰ کي چيائين ته: ليليٰ! تنهنجي ڇڏي وڃڻ کان پوءِ اهي .ي گل ڦل ۽ وليون هيون، جن جي ڏڍ تي آءٌ جيئرو رهيو آهيان. رڳو تنهنجي مُنهن ڏسڻ جو انتظار هئم، سو تنهنجو ديدار ڪيم، هاڻي الله تهار! ائين چئي، مجني دم ڏنو. اهو حال ڏسي ليليٰ به دانهن ڪري سندس پيرانديءَ کان ڪِري پيئي، ۽ اتي ئي دم ڏنائين. اهڙيءَ طرح، هنن ٻنهي سچن عاشقن جو پاڻ ۾ ميلو ٿيو.

 

قصو ليليٰ ۽ مجنون جو*

جوڙيل سيد فاضل شاهه جو

 

1-

ساراهجــــي ســـــو ڌڻــــــي، جــــو رب سڀني راء،(1)

 

قادر، قديم، قائم دائم، ڌڻي ڌُرياء(2)،

 

صفت تهِ صاحب جي، آئي ڪَرهو ڪاء،

 

جِيڻي جڳ اُپائيو، نبيءَ جي نُورا،

 

عــــــرش ڪرسي، لــــوح قلم، مَنڊيائين مورا،(3)

 

سج، چنڊ، ستارن سين، پائي ڪيائين مُورا،

 

ڏنائين رونق روشني، ڏسجن ٿا ڏوراء،

 

مڃئو امر الله جو، ڦِريو ڏينِ ڦرا.

2-

نڪو سک سائِرَ کي، نڪين وسامي واء،

 

مــــاڙهُــــو مــــِرُ سڀڪــــو، کڻـــي ساهه پَسُــــاهه(1)،

 

ڪِهه کي قرار ناهه ڪو، اَمر ڪِئو الله.

3-

ڏينهن منجهان رات ڪري، راتين منجهان ڏينهن،

 

مٿي موسم پاهنجي، اچئو وسن مينهن.

4-

ري پوکـي اوڀڙ اُڀرن، ڀُونيُون ڪن بهار(2)،

 

ولڙيون وڻن کي هليو ٻڌن هار(3)،

 

ڪين منجهائي ڪين ڪري، وڏي سگهه ستار،

 

اُتِ اُپايا بادشاهه، عالم گهڻا آپار(4).

5-

ايڏا ڪم ڪريم ري، ٻئو ڪير ڪري!

 

مٿي شاخين سائيـين، ڳاڙها گُل ڌري.

6-

واکاڻ ته واحد جي، ڪِه پَرتُون ڪندو(6)!

 

ٿَڪِي رهندو منجهه ٿورڙي، عقل تو سندو.

7-

عجز آندو مَلڪـين ۽ نياز نبين،

 

”ماعر فناڪ حق معرفتڪ“، پئو ڪين ڪُڇن.

8-

رحمت تِه رحمان جيءَ آهيون اُميدوار،

 

جِھ مُڪو محمد مصطفيٰ سٻاجهي ستار.

9-

اول اُپائي ڪري، پيدا پوءِ ڪِياس،

 

مولي مُلڪ پاهجو، لکي ڏات ڏناس.

 

”اَنا مولڪ اَمت محبوبي“ اِيهين پاڻ چياسِ.

10-

اِلٰهي عفو ڪري، اَسان ڪر آسان،

 

ته هِينـين ۾ هوش ٿيـي، زَينُ منجهه زبان،

 

ته منجهان نعمت نبي جي، ڪريون ڪين بيان،

 

خالق خاص خلقئو محمد مهربان.

 

جِھ تان جهان صدقو ڪئو تو قربان،

 

”اَفديت مُلڪي عليڪ يا محمد“ ڦرئو اِي فرمان.

11-

شفيع سڀ جهان جو محمد موچارو،

 

عفــــو ڪــــــري عاصين کــــي ڇــــڏڻ نهَ وارو(1)

 

جنين محمد مڃئو، ڍَرئو تِن ڍارو،

 

پار پسندا پَيڙا، سي سڀ سَوارو،

 

تِه شفيع جي شفاعت جو آهـيئُون آسارو.

12-

هوءَ رحمة رب جي، مٿي محمد مصطفيٰ،

 

حرمت تِه حبيب جِي، سائين ڏههُ صفا.

13-

۽ مٿي آل رسول جي ۽ مِڙنين صحابَن،

 

هوءِ رحمة رب جِي نازل مٿي تَنِ.

14-

هوء رحمه تِن تي، جي چوکا چارئي يارَ،

 

اعليٰ هئا افضل گهڻو خاصا خبردار.

15-

پِهرو صدق شفيع تي اَبابڪر آندو،

 

غوطا نه آيس غار ۾، ٿئو نه درماندو.

16-

پَسي اَمر الله جو، تِهه سَچي صدق ڪئو،

 

”لاَنُحا ربُواُد خلوافي الغار“ حڪم اي ٿئو(2)،

17-

وِسُوڙو ويساه ڪري، ڪانه ڪِيائين ڪَٿ،

 

هوء تمام ته تي، رباني رحمت.

18-

پُڻ اَمير عمر ٻئو، جه عدل ڪِئو اَنَم،

 

ڪڍيائين پَهجي پُٽ ڪنا، هڻي دڙين سين دَمُ (3).

19-

عثمان پٽ عفان جو، جه جمع ڪئو قرآن،

 

سُوروُن سِيپارا ٿِئا، ”فاضل“ چئي فرقان.

20-

جيئن لکئو لوح محفوظ ۾، تيئن ڪِيائين تمام،

 

هوءِ رحمت رب جي، مٿي تِه مُدام.

21-

عَلي پٽ ابوطالب جو، سندو سائين شير،

 

قاتل ڪفارن جو، دائم هئو دلير.

22-

دروازو علم جو ۽ حاصل حِلمُ ڪيائين،

 

ماري منافقن کي، ڪُفر ڪوٽ ڀڳائين.

23-

مهدان محمد مصطفيٰ، سو اُڀو منجهه ادب،

 

هوءِ مدام تِه تي، رحمت سندي رب.

24-

سائين مُهجا سڏڙا، شفيع لڳ سڻـيج،

 

حرمت حسن مير حسين جي، مومنن کي مرهيج(1)،

 

مائٽن سيـن مُهجـي، قادر ڪرم ڪريج،

 

موت وقت محشر ڏينهن، مون ڏُهلو ڏک مَ ڏيج،

 

گناهه هن غريب کي، تون گانڌيراه کميج(2).

25-

فڪر ڏئـين ”فاضل“ کي، موليٰ هن مسڪين،

 

هه جو اٻوجهه گهڻو، ڪِٿهين ڄاڻـي ڪين.

26-

اچي ڪو عشق جو تِهه کي پَههُ پئو(3).

 

پردو ڏيئي پِري کي، تِه ڏک ڳالهايو.

27-

الله عالم ڌڻي، قادر ڪرم ڪري،

 

قلب منجهه قدرت جا، آڻيو دُرَ ڌري.

28-

ڪي عارف عاشق، ڪي پڻ عابد ٿئا،

 

وروُنهَ ڪن واحد سين، منجهائين پرت پئا.

29-

ڪي مُصلي متقي، ڪي مومن مسلمان،

 

راتو ڏينهان روح ۾، ساراهه ڪن سبحان،

 

پڙهيو پڙهن پرت سيـن قاري کي قرآن.

30-

محموداڻي مجني جان ويٺي دور ڪِئو،

 

”ونحن اقرب اِليھ من حبل الوريد“ اتي جان آئيو،

 

تان معنيٰ لڳيس دل سين، فڪر منجهه پئو.

31-

سُڻيندي سَرهو ٿئو، خبر اِي خوشحال،

 

ساهه رڳن ئون اوڏڙو، واحد جو وصال.

32-

اُٿي آئيو استاد ڏانه، اڀِي عرض چياسِ،

 

آية اِيءَ اول ڪنان، پڙهي سڻاياسِ:

33-

تابع کـــــي توجه ڪري، شغـــــل ڪـــــو سڻاءِ،(1)

 

ته اَٿي طلب توحيد جي، جان آءٌ ڪريان ڪاءِ،

34-

تڏه مرشد ڪئو مريد کي، اُتي هيءُ ارشاد:

 

”لامقصود في الدارين اِلاهُو“، ٿئو شغل سين شاد.

35-

ڪثرت ڪري قلب سين، روئين راتو ڏِينهَ،

 

پهتو آهي پورَ ۾، چڙهيو مٿي چيئن(2)،

 

اکين آرتو لايو گهڻو، ڪر واسي وسن مِينهَ،

 

جو وَسان وئو پاهجـي، تِه سين ڪيو ڪيئن!

 

”اَلعشق نارالله اِذا وقع في القلوبُ العارفين يَحرق

ماسويٰ لله“،  اصل آهي ايئن.

36-

مشغول مراقبي ۾، ويٺو جان هئو،

 

مشاهدو محبوب سين، تِه کي تِت ٿئو.

37-

هيڪڙو دم حبيب اُو، وِهـي وٽ جِهين،

 

رهي ته هوش هِنـين ۾ عقل کي تِهين.

38-

محبوب وٽان مجنون جڏه سو هلئو،

 

عقل ان عاشق جو ڪري ناز نئو،

 

تڏهن قيس قريب کي، اُٿي ايئن چيو:

39-

ته ڪڏهن پسندس توکي، جِه مون تون جي تات،

 

تان چٻي: مونکي پسندين ننڊ ۾، سُتي اڌ رات.

40-

ڪنان فراق ”فاضل“ چئي، سو ٿئو بيهوش،

 

وري ٿئو وجد ۾، ڪري جوش خروش.

41-

ماخوليا کي مجني، ڪئو خوش خيال،

 

ليليٰ ڪارڻ لڇندو ڀُوڻـي سو بيحال.

42-

نڪا سار سرير ۾، نڪا رات ۽ ڏينهن،

 

پَچي سو پِرين لئي، آٽي ٿيو ايئن.

43-

ليليٰ نالو رات جو، جا منجهه عربي وائيءَ،

 

۽ ليليٰ نالو نار جو، جا قمر قاضي ڌيءَ،

 

هُن کي راتيون روح ۾، هي تان ڀائين هيءَ.

44-

ڏِيهان روئي رات کي، راتيون پَرَ کي رات،

 

رويـــــو روئـي رات کــــي، ڇڏيائين ٻي تــــات،(1) 

 

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جنين وات.(2)

45-

تڏه ماڙهُو مڪي شهر جا، مڙئو ميڙا ڪن،

 

ٿئو ڪڄاڙو قيس کي! اچيو ائين چون.

46-

ڪو چئي: پيس جن جُثي ۾، ۽ عقل ڦرئوس،

 

پڙهيا پُڇي پنڊ تا، ڪو دارون دوا ڪرهوس.(3)

47-

ماڙهوئن چيو ماڻس کي: تان تون ڪين پاڻ پُڇينس،

 

جيڪا هوئس هِنيـين ۾، سا تون ڳالهه ڳِنهـينس.

48-

تڏهه ماءُ پڇئو کي مجني: ڪهڙي لڳي ڪيڻاءِ،

 

جا تو جي من ۾، سا مون ڳال سڻاءِ.

49-

مجني چيو ماءُ کي: ليليٰ لاءِ لُڇان،

 

پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، پانڌي پهي پڇان.(4)

50-

ڪو مسافر مصر جو، ويٺو تت هئو،

 

ماءُ وٽان کي مجني، ڪوٺي تِه چيو.

51-

چئي: آهه مصر شام ۾، ههڙي ليليٰ لال ڪنوار،

 

سُنھُ سمانگر سُندري، عاقل عقلدار،

 

هرڻ اکيون، هنج کڻي، ڪَٺ ڪووَل جي ڪار(5)،

 

نڪ نِيري ڦر جهڙو، ڀِروءَ ڀَنڀائي وار،

 

جاءِ ڦلن جهڙا، ڏنس ڏند ڏاتار،

 

پاٻوهِيندي پڌرا، ڪَر کڙيا کٽڻهار،

 

ڪُنگُوءَ وَرنِي ڪَرائيون، بازو بند بهار،

 

ميناڪاري مُنڊيون آڱرين آپار.

52-

پَڪـي وَرَن پَدمڻي، سانولِي سُرنگ،

 

سَــــرب ڪنان سُونهڻي، آپَــــر مڙوئــــي انگ.(1)

53-

ڪبوتر جئن ڪَسئي، سينـي سُنهاري(2)

 

چيل چُيٽائين سونهڻي، ڍَرئي ڪرڍاري.(3).

54-

نٿ نموري، مِٺڙو حَمالَ هَرائي(4)،

 

ماڻِڪَ موتي تِن ۾، جوهر جڙائي،

 

ڳهڻا سڀئي ڳچيءَ ۾، پُويون ٿي پائـي،

 

ماڻهو پَسي منڌَ کي، سائين ساراهي.

55-

ڪَنـين سو نُهنَسَ سونَ جا، ڀونرا بهاري،

 

لُڏي لال ڦُلن سين، ڪر ڏاڙهونءَ ٽاري.

56-

ڪُونجيءَ جيئن ڪر کڻي، چوٽو جهونانگ(5)،

 

مَڙهي جا موتين سين، منه مڙوئي مانگ(6)،

 

ايئن ڏُورائين ٿي ڏسجي، ڪَر ڦلار ئي ڦانگَ.

57-

هيڪڙو نيهُ نماز سين، ٻي پڙهڻ جي پِرت،

 

روزا رکي رمضان جا، چڱا لائيو چِت،

 

ري سخاوت سَتيءَ کي، ناهه ڪا ٻي تِرتَ،

 

متيون ڏئي ماڙهوئن کي، سُنهاريءَ سُرت.

58-

ايءَ سڻيندي ڳالهڙي، سو اُٿئو تِهين وير،

 

موٽي هلئو ماءُ ڏانه، پائوَن ڀري ايءُ پير(7).

 

ڪڇ واري قلمي نسخي جي هڪ صفحي جو عڪس


 

 

59-

اچي چيائين ماءُ کي، ته رخصت ڏئينم رضا،

 

آءٌ سو مصر ڀيٽيان، جِت قمر جي قضا،

 

صلح جا شرع سين، ماڙهو ڪن مزا،

 

تِن کي طريقت سين، ساري ڏينِ سزا،

 

هِنيون حقيقت گڏئو، غازي ڪري غَزا،

 

مشاهدو معرفت سين، جانڪِبتان جزا.

60-

تان چـي: پِرين! وڃ مَ پرڏيهڙي، موٽي چيس ماءُ،

 

ويٺو آنءُ وطن ۾، جتي توکي سک سَواءُ.

61-

تان چـي: اصل آءٌ نه هتي جو، وطن هي نه مامَ،

 

سوئِــــي ساڻيهه مُهجو، ساڄــــن جــــت سندامَ.(1)

62-

تان چـي: محب مُهجا مجنا! وطن تو جو هيءُ،

 

پِرين! پراهون مَ ٿيءُ، جانڪيتان ٿو جِيءُ.(2)

63-

خوشيون ڪر کُٿاب ۾، کلئو کُٿابين ساڻَ،

 

اَٺئي پهر اُستادسين، رِيجهئو ڪر رهاڻَ.(3)

64-

حوض، حويليون، حجرا، اڇا آڏائيان،

 

ڪارڻ تو ترتيب سين، چڱا چٽائيان.

65

ملان مڙئو مجني کي، اچئو متيون ڏين،

 

احسن اخلاق تنهنجا ويٺا واکاڻين.(4)

66-

تان چي: ميان! منع مونکي، آئين ڪام ڪرهو،

 

جِه مهجي جيءَ ۾، اچي ڏوهه ٻرئو.

67-

وساري وطن کي وري نه وِهندوس،

 

”حُب الوطن من الا ايمان“ ڪُوڙو تان نه ڪندوس.(5)

68-

تڏهه جر هاري جال گهڻو، روئي ماءُ ورياس،

 

ماڙهو مڪي شهر جا، ڪاروُن ڪن ڪيڻاس.

69-

ڪه جو وارئو نه وري، ٿيو سٽاڻو شاهه،

 

کڻي حَمال هلئو، رڙهي مٿي سو راهه،

 

ڪاسو ڪَچ ڪپور جو، کنيائين کـيداه،

 

”ڪلُ نوم علي المحب حرام“ ڪيائين ڳالهاءُ،

 

ڏوري ڏونگر لڪيون، چڙهيو چوٽين تان،

 

جهوتـــــون ڏي جهريـــــن ۾، ورائـــــي وراڪـــــا،(1)

 

تکو وڃي تڪڙو، رائـي رڻ منجها،

 

وهي ويساهه نه کڻي، ڏکويو ڏجها(2)،

 

آنگهن مٿان اُتري، ٿئس انگ آڇا.(3)

70-

ڏوري ڏونگر لَڪيون، سپريان جي ساءِ،

 

آڻيو آب اکين ۾ ويچارو واجهاءِ،

 

لوچئو لوهَ پرين ري سور سٽاڻا کاءِ(4)،

 

مصر جي مارڳ جي، مونکي سائين ڏيين ساڃاءِ،

 

وينتيون واحد ڌڻي! ڪريان ٿو ڪِيڻاءِ،

 

الله! عاشقن کي، تون ميان محب ملاءِ.

71-

ريهُون ڪيو رُڃن ۾، رويو جر هاري،

 

ڏکيا ڏينهه پريز ري، گهنگهر ٿو گهاري،

 

ڇِنا پير ڇپرين، وڍجي ويچاري،

 

دانهون ڪئو درد سين، ٻَرٻَر ٻاڪري،

 

منجها من محبوب کي، وير نه وساري،

 

نڪا اُڃ نه بُک ڪا، مـيس ڇڏيائين ماري،

 

ويهو وڃي وير تهين، اَلله آساري(5)،

 

مان مڙان کي سڄڻـين، آءٌ گوندر گذاري.

72-

سُڪي چم هڏن اُتي، ڪارو ڪَڙهِي ٿئوس،

 

من ۾ محبوبن جو، ويتر وَهه پئوس،

 

جَر هاري جال گهڻو، ڏاڍو ڏک لڳوس،

 

ڏوريندي منجهه ڏونگرين، ماڙهُو ڪو مڙئوس،

 

مصر جي مارڳ جو، تِهين ڏَس ڏنوس،

 

پَسي وَڻ واڳئو، وَهي سُور وئوس.

73-

سَرهو ٿئو سرير ۾، وئس ڏک وَهِي،

 

مصر آئيو مجنون، ڪوڏان قيس ڪَهِي.

74-

ڪَهِي قيس آئيو، مصر محبتي،

 

وِهسئو واڙيءَ ڦل جيئن، ٿيس روءِ رَتِي،

 

سرهـــــو ٿيو ســـــريـــــر ۾، جـــــاتيـــــرو جَتِي،(1)

 

ڳالهاري ڳوٺـين کي هليو حالتي(2)،

75-

ڪِها قصر قاضين، اُڀو گهڙي گهاٽَ،

 

ميان! مونکي مِهت جي، ڪو ڏيکاري واٽَ،

 

اوڏو ٿي استاد کي، جان آءٌ ڪريان جاٽَ،

 

پرين جي پسڻ جي، آهيم اُڃ اُساٽ،

 

اوري اکڙين سِين، مان پرايانَ ماٽ(3).

76-

تان چي: آهه آڳانجهي گهڻي، ڪامصرين مروت(4)،

 

کلي تن کيڪارئو، هلئو ڏينس هٿ.

77-

چي: هوءِ ملان مهتيون، هوءِ قَصر قاضين،

 

هُڳا جت هُل ٿئي، اوءِ پرڏيهي پڙهن.

78-

قاضي ڏينَ ڪپڙا، ٻيا کارائِن کـڻ،

 

ويٺا پڙهن پِـــــرت سين، نـــــت نِمايو نيڻ.(1)

79-

جلد سونـيري سهڻا مصحف موچار،

 

رڱاڻئل رحل ڪمانگري، غلاف گُلذار(2).

80-

دَواتون درست ڪئو، وجهن قلمن قَطَ،

 

لايو ’لام‘ ’الف‘ سين، ٿا خوب لکن خَط،

 

فرض واجب سنتون، سکئا شريعت.

81-

طريقت جو تن ۾، اچي ورئو واءُ،

 

علم ڌاران اُنين منجهه ٻِئي ڪانه ڪاءَ(3).

82-

حقيقت هِنيـين ۾، ڪيائون معرفت مَن،

 

آهينِ نيه نماز سين، روزا سڀ رکن،

 

بيزار ڪنا بدعت جي، مَٺي مور نه ڪن،

 

مورنئون مِٺا گهڻو، سونهن سڏ سڀن(4)

 

حافظ هزارين گهڻا ٿا قاضيءَ ڀر ڪنبن،

 

هڏ گهڻئي هارئا، محبت پائي من،

 

پڙهي پوڙها سي ٿي، چڱيءَ راه رن(5).

83-

پوڙها پڙهي سي ٿئا، رسئا راه رحمت (6)،

 

ٿيءُ محرم مجنا! تون پڻ تِنين جيءَ سَت(7).

84-

هوء حويليون، هوء حجرا، هوءِ منارا مَسيت،

 

ڪُرنش ڪج قاضيءَ کي، سڃاڻي سو ڏيت(8).

85-

تڏه مرڪي پـيئو مهت ۾، سرهو شاهه ٿئو(9)،

 

گهر پڇي قاضيءَ جا، حجري هلي آئيو.

86-

منجهان حب هلي ڪري، ڏنائين سلام،

 

قاضيءَ چيو قيس کي: وعليڪم السلام.

87-

هٿ ٻنڌي حضور ۾، اُڀو ادب ڪري،

 

قاضي گهڻي قرب سين، ته کي ڳالاري،

 

غربت ساڻ غريب کي کلئو کيڪاري،

 

آءُ تون اوڏو اُسري، پرڏيهي پير ڀري.

88-

آهين شرط سنت جا، سُڄن چوکا چار،

 

قاضيءَ چيو قيس کي: اسان سـي آڇارَ.

89-

ڪير آهيـين ڪٿي رهين، ڪڄاڙو نالوء،

 

آءٌ ٿو پڇان ڳوٺيا! ڪـيسينءَ قصد ڪيوءِ؟

90-

تان چي: گهاريان مڪي شهر ۾، هـيسينءَ قصد هوم،

 

آءٌ انصاري آهيان، قيس نام سندوم.

91-

تڏهه ميوا ڪڍئا مجني، عربان جي آندائين،

 

سُنة قاضيءَ سامُهان، چڱي چِت رکيائين.

92-

قاضيءَ ڪري ڪَترا، وڍي وراهِيا،

 

ماڙهو مُلان مِهت ۾، کائي سي خوش ٿيا.(1)

93-

ڪي پرزا پاند ۾ رکيائين سـي ليليٰ لاءِ،

 

کٿابئا! کڻي وڃو، جان سـي خوشيان کاءِ.

94-

تڏه کِيندي خماري، چرئو ٿئس چِت،

 

ٻائي ٻاتاڙي ٿئي، نيڻ ٽمائي نت.(2)

95-

چي: هن مٺائيءَ ميوو، ڪڏهين نه کاڌوم،

 

ساهو ٿئو سرير ۾، جان چکڻ سو چکئوم،

 

سڪان ته ساجن کي، آڻي جھ ڏنوم،

 

سٻاجهو ٻاجهه ڪري، تِه سين ميڙيندوم.

96-

تڏهن قاضي چيو قيس کي، چي: مَنان لاهه مرم،

 

مصر آئين مجنا! تون ڪهڙو وٺي ڪم؟

 

تان چي: ڦرهِي لک فقير جي، قاضي ڪر ڪرم،

 

”اطلب العلم ولو ڪان نالصين“ آهيم اِيءُ عزم،

 

سبق ڏنائين شاهه کي، تِت ”نون وَالقلم“،

 

وڃي پڙهه پرت سين، درست جهلي تون دم،

 

محرم آهين مجنا! ڀانئج ڪو مَ ڀرم.

97-

تڏه سڻي سبق سَرهو ٿئو، ناهه ڪو نياز،

 

محبت منجهان مجني، ڪئو ٿي الحانِي آواز،

 

سڻي سُرود شاهه جو، پکي ڪن نه پرواز،

 

ڪَنين پئو ڪامڻي جـي، ته عاشق جو آواز،(1)

 

ويچاري واڍوڙئـي، جه کي مَن مجاز.

98-

ڪو کٿابي آئيو آهي سو عربي،

 

پڙهيو پڙهي پرت سين، ڪري نِڀائي نيبي،(2)

 

ته سين ڪري ٻي ڪانه، پرينءَ پَئون ڪِبي.

99-

محبت ڪري مجني، ليليٰ لوهُ لڳو،(3)

 

ٻنهين کي ٻَهون ٿئو ويچارن وِروه.

100-

ڳِجهه ڳَرهين پاڻ ۾، انت نه آڇارين،

 

هي هيڪڙا ٻئن کي سڏائين سارين(4)،

 

کڻئو هٿ خــــدا ڏانه، دائم دعـــــا ڪريــــن.(5)

101-

الله! اولا لاهيـن، تون ميان محبتين،

 

جي جِنين جا سيڪڙو، سي ميڙيـين کي تِن.(6)

102-

الله اولا لاهييــــن، جــــان ســــچاڻئــــون ســــچ،(1)

 

اورئي سين ڪي اجهامي، جو من ۾ ٻرئو مچ.(2)

103-

ليليٰ لڇي لُونء ۾، پريان لاءِ پيئي،

 

محبتي وٽ مجني، ويٺي جان هئي.

104-

گوشي پرين گڏئا، ٻئو ڪونه هئو،

 

محبتي کي مجني، تڏهن ته چو،

 

چي: مون سهڻـي ۾ سپرين! توسين سير ڪيو.

105-

تونهين رهين روح ۾، نت توڏانه ئي نيڻ،

 

سڀئي وئم وسري، جيڪين سڳا ۽ سيڻ.

106-

نيڻين ننڊ وِهُ ٿي، نڪا اُڃ نه بک،

 

ٻئا سڀئي گهوريان، ساجن تو ري سک.

107-

ڪَرَ موڙي قيس، ڏنو هي جواب:

 

من تو جي مامري، آءٌ ڪُسي ٿئو ڪباب،

 

پرين پرچي پاڻ ۾، لاٿائون هور حجاب،

 

مَندي ناهينِ من ۾، سڃاتائون ثواب.

108-

اکيون اکين سامهيون، ڏينه سڄوئي رات،

 

ويٺا ووڙين پاڻ ۾، ڇڏي ٻي تات.

109-

ڪري وڇاڻ وِهسئا، منجهه موچاري ماڳ،

 

اچي ويهه تون سپرين، ساجن سين سهاڳ،

 

ڪامل ڏهاڻي قيس کي، چڱا ڪاري چاڳ،

 

ڦوٽا، ڦُل، سوپاريون، سندي لونگن ٽاڳ،(3)

 

رَنڌي کين خوشيءَ سين، سهسين ڀَتين ساڳ.

110-

نوري نرمل ڪپڙا، اڇا اوڇائـي،

 

آگر، چندن، چُئو، ڪيوڙو، لالن لائي.

111-

گهورئو پاڻ پرينءَ تان ڪري قرباني،

 

ذات زبوني آهيان نالي نماڻي.

112-

ائين چيو عاشق کي، وِهسي وير وتار:

 

پيرن هيٺ پرينءَ جي، آءٌ وڇايان وار.

113-

ڪاڙهـي گهڻيءَ ڪارسين، کنڊُون پايو منجهه کير،

 

پياري پرينءَ کي، اچئو ساڻ اُڪير.

114-

ڪري خذمت خوشيءَ سين، پيئي پريان يار،

 

ايئن اوريائون پاڻ ۾، چوکا مهينا چار.

115-

تڏهه پاٻوهيندي پاڻ ۾، ليليٰ لاڏ ڪئو،

 

محبتي کي مجني، تنهن کلي هٿ هنيو.

116-

ڪِنين ڏٺو ڏُجهڻين، اُڀا اچي اوچتا اُت،(1)

 

اچي چيائون قاضيءَ کي، ڪري چاوت چِت.

117-

چي: دُرد ديوانو ڌاريون، پرڏيهي پڙهـي،

 

سو تو جِي ڌيءَ سين، کلئو هٿ هڻي.

118-

تڏه قاضيءَ گهڻو ڪَرپئو، اِن ڏکويو ڏنجهه،

 

جي ٻئا ويٺا ٻهر پڙهن، مجنون گهاري منجهه.

119-

مَٺي مُوراهين من ۾، ان کي ڪا هئي،

 

منجهه افواهه عام جي، پڌري ٿي پيئي.

120-

ههڙي مهنجي حرم منجهه، ڪڏهين ڪنه نه ڪئي،

 

’نامعقول نااهل‘، پَسي اٿئو ايئن چئي،

 

ماري وڌائين مجنون، ڪامُن ساڻ ڪَهي.

121-

اُٿي ديوانا! دُور ٿي، هاڻي هت مَ ويهه،

 

ادب نه ڪيئي استاد جو، تو ۾ مڪر مـيهه.

122-

تان چي: قاضي! ڪامون ڪيئن هڻين؟ ميان! پسي مريض،

 

هن منهنجي حال جي توکي ناهه تميز.

123-

هن منهنجي حال جي، تون پڇي ڪر پرک،

 

اصل عاشقن پٺئان، چغل چاري لک،

 

مَٺِي ناهه من ۾، اُو جُوٺا مارين جک.

124-

هِنيون هڪلي هنڌ ڪر، قاضيءَ ڪوهه ٿئو؟

 

هيڏو ڏمر ڏيلَ ۾، ڪڄاڙي کي ڪئو؟

 

صحيح لوڙيو لکيو، لکئان ڇٽي نه ڪو،

 

”لاتحرڪ ذرة اِلا بِاذن الله“ لکئو تان ڏٺو.

125-

تڏه قاضي ليليٰ ڪوٺَئي، اُڀو چئس ايئن:

 

ديواني! سين ڌارئين، تو هٿ هنيو ڪيئن؟

 

سُڀان ٿينديـن شرمندي، سندي محشرت ڏينهن.

126-

قاضي ليليٰ ڪوٺـي، اُڀو ڪري بيان:

 

جت حاضر ڪبو حضور ۾ سڀ جهان،

 

اَگهٽ ٿيندين عملين، جتي منڊبو ميزان،

 

ووڙيو جنين نه وَرَن سين، سي پُونديون پشيمان.

127-

تان چي: سڻ ٻاٻا! سچي ڪريان، جان تون پڇين مون،

 

من رَتو سين مجني، جڏه ”ڪُن فَيڪون.“

128-

لکئو انگ ازل ۾، پارڻ سو پئوم،

 

جو آهه خواهش خدا جي، تان نه مـيٽيندوم.

129-

تڏه لڇيو چئي ليليٰ کي: کاڻِي ڏسجين کريل،

 

ڪهڙو آه ڪم تو جو، اِن چُرٽـي سين چريل؟

130-

تان چي: ابا! ڪو انصاف ڪر، ٻاٻا ٻول مَ ايئن،

 

محبتي کي مجني، تون چريو چئين ڪيئن؟

 

جو عاقل اکرين پُورو، مِٺو جهڙو مينهن،

 

ڀرئــــا آهين بيکَ لئي، نيڻن ســـــدا نينهن،(1)

 

پيئم جي پرينءَ ري، سي ڏُجارا ڏينهن،

 

قلب منهنجو قيس ري، چڙهيو مٿي چِيئن.

131-

محبتي سين مجني، وڏي جاڙ ڪَيئي،

 

هن اسان جي حال جي، خبر تان نه پِيئي.

132-

ري گناهه غريب ڏانه، ڪئو جن گمان،

 

ويڇون ٿئو وير تَهين، سندو تنه ايمان.(2)

133-

تڏه موٽي ماڻس کي چيو، قاضيءَ ڪَپَ ڪري،

 

چي: ليليٰ لکڻ ڇڏئا، واريان تان نه وري.

134-

تون ڌتاري ڌيءَ کي، پير ڀري پَليـينس،

 

منهنجو چيو نه ڪري، هلي تون هَڪلـينس،

 

منهنجا ڀيڻج ڀائٽيا، سي تون آڇاريـينس،

 

جئن چرئـي مٿان چِت کڻي، ور تِهين واريينس.

135-

پَر پنهنجيءَ ۾ تڏه، متيون ڏئيس ايئن ماءُ،

 

چئي: ليليٰ! مَ ڇڏ لڄ تون، ڪر لياقت ڪا،

 

ڪهڙي منهن قاضيءَ سين، اُڀي ڪرين ڳالهاءَ؟(3)

 

ريساجي روح ۾، مون تي تپئو ڪري تاءَ،(4)

 

دزد ديوانو ڌاريو، چريو لاهه چِتاءَ،

 

ماڙهو ڏينداءِ ميهڻا، سڳا سيڻ سِيا،

 

پر ڪرينِ ٿا قاضيءَ جو، سڀئي روح ريا.

136-

تان چي: ”محب منهنجو مجنون، بُڇيان سو بيزار،

 

ري گناهه غريب سين، ڪئو کٿابين کار،

 

چارين جو چيو ڪري، قاضي ٿئو قهار،

 

ڪُٽيائين ڪامُن سين، آکڙين جو آڌار،

 

تِنهان پوءِ پرائيو، جيءَ منهنجي جار،

 

اندر آٽن آڱرا، ڪَڻمِ ناهه قرار.“

137-

تان چي: ڪِهان قيس آيو، کاڻو مُئو کريل،

 

ڇورو ڇنـين ڪپڙين، ليڪو ڏسندهين ڏَل،

 

ٽـيرُ ٽڪريءَ هيرئون، نڪو ليڪو نه لَل،

 

چرٻي مٿان چِت کڻي، هاري! هٺ هڪل.

138-

مسافر سين مِٽي، ڇوري ڇِني ڇڏ،

 

مڇڻ لوڪ لَک ٿئي، ڪرمَ وڏي سڏ،

 

سڳا سوٽ سندا جي، مَن تِن سين گڏ.

139-

تان چي: مادر! مون پِرين ڏي، ولهي وائي مَ وار،

 

عاقل گهڻي ادب سين، پئي م مَٺيءَ پار،

 

ويٺو پڙهي پرت سين، محبتي موچار،

 

طعنا ڏيئي تنه جا، وڌئي مون جيءَ جنجار،

 

محبتيءَ سين مجني، اتم لڳمِ آر،

 

سڳا سوٽ سڀئي، مونکي مَ آڇار،

 

جنه جو لڳم ميهڻو، آءٌ پيئي تنه جي پار،

 

ڪم نه اچن قيس ري، هندورا ۽ هار

 

سڀئي ويم وسري، ساجن ري سينگار.

140-

ڪنين منهنجي قيس ري، وجهه مَ ٻئو ويڻ،

 

رنڌيان طعام طلب جو، خوب پچايان کـيڻ،

 

کِيندو جو خوشيءَ سين، سو منهنجو سيڻ.

141-

تڏهن ساڍا نوءَ سير سُندريءَ تُراري توري،(1)

 

وڍي رکيائين وِهه جا، ڪاتيءَ سين ڪوري،

 

دارو پايو ديڳ ۾، سو اوري ۽ گهوري.

142-

ڪاڙهي گهڻيءَ ڪار سين، رنڌي راس ڪيائين،

 

’ڪوٺي آءُ قرابتي تون‘ ماڻس کي چيائين.

143-

تڏه کلي کٿابي آئيا، وِهسن لاءِ ويهان،

 

پَسي وَنَڪ وهه جي، هٽڪئن هِنيان،

 

سڱ سڀڪنهن ساهه سين، مري ڪير ميان!

144-

ڪِنين مَنيون کُڏيون، ڪي ڀڄي ٿئا بيزار،(1)

 

ڪندو ڪونه قيس ري، سندو وهه واپار.

145-

تڏه آيو مرڪي مجنون، جا سيڻـين سڏ ڪئوس،

 

تڏه سرهو ٿئو سرير ۾، وَهي سور وئوس.

146-

هٿ وڌائين وهه ۾، گوڏا کوڙي گهوٽ،

 

کائي وئو خوشيءَ سين، چنچل ڏيئي چوٽ.

147-

مٺو ماکيان ئي گهڻو، کائيو کِلئو چوءِ،

 

سو پڻ ڏئينم سپرين، جيڪِين ٻئو هوء.

148-

ٿورو هئو ٿانءَ ۾، هَڏ مَ ڀڳيم هِڪ،

 

خاطر ههڙي کيڻ جي، آءٌ سدا مران سڪ.

149-

تڏه ڪامل چيو قيس کي: ساجن تو سندوم،

 

توهي سندو ميهڻو، ور ڀلي ڪري لڌوم،

 

ڇني سياڪا سڳايُون، توسين روح رتوم،

 

انگ اڳهين لکئو، سو پارڻ پوءِ پئوم،

 

پورو ڪئو پاتساهه، قادر ڪم سندوم،

 

هنيـين حُب جنه جي، محب سو مڙئوم.

150-

تڏه پرين پرچئو پاڻ ۾، ويٺا دور پڙهن،

 

پسئو صلح سڄڻـين، سي کَرَ ٿا کامن،

 

قيس جا قاضيءَ سين، وڃيو ڪُرنِش ڪن،

 

چئي: حضرت! هيئن نه گهرجي، هٽڪئو هٿ هڻن.

151-

تڏه قاضيءَ سو ويڻ سڻي، وهم پئو وري،

 

اڄ مون سين ڳالهڙي، ڪئي کٿابين کري.

152-

تڏه قاضي قرب ڪوٺائيو، اُڀو چئي ايئن،(1)

 

محموداڻي مجني سين، هاڻي ڪريان ڪيئن؟

153-

تڏه قرب چيو قاضيءَ کي، چي: ويٺو ڪيم وماس،

 

مصر ڇڏي مجنون هل، جان وڃو واس.

154-

خبر اِن کرئل کي، هڏ نه ڪرهو ڪامَ،

 

ٿيندو بيزار بک جي، ترت ريءَ طعامَ،

 

ويندو رهندو ورچي، منجهان مصر شام،

 

ويندا سي ايمان سين ڪلمون جن ڪلامَ.(2)

155-

تڏهن سنڀوڙا ”سيد“ چوئي، ٿا پَر ۾ پلاڻين،

 

مصر ڇڏي مجنون، ٿا اهڙا گهاٽ گهڙين،

 

سٽون سڀ سنڀايو، ڪئو درست ڌرين،

 

ثمر ڀتا سَر ڪئو، پاڻي پاڪ ڀرين،

 

اُٺن مٿي آڻئو، سي پخالون پائين،

 

ڳويون، مينهون، ٻڪريون، سَرڪِيون سنڀائين.

156-

ليليٰ کي لاڏاڻي جي، جڏه سڌ پيئي،

 

وِرچي واريءَ مُٺ جيئن، ويچاري ويئي.

157-

جر هاري جال گهڻو، پسئو کٿابين کـيرَ،

 

سرها سڀئي سنرا، ڇورُون ڪن ڇُڳـير،

 

کڻئو منڌيون مَٽ، اُڀا ڏينِ اُلير،

 

ڪارُون ڪري ڪريم در، ويچاري تنه وير،

 

تنين ڦوڙائو مَ ڏي، جنين هيڪاندي هير،

 

اٿي هلي هوت ڏي، پَر ۾ ڀري پير.

158-

ڳجهه ڳِرهيائين پرينءَ سين، اچي ساڻ اُڪير،

 

نيڻئون نار ڪري، نِڪون لائيو نِير،

 

ته اسان پَرَڀُون پُوريو، اي محب مهنجا مير،

 

هلڻ جي هِنبين ۾، تون ڪا ڪر تدبير.

159-

اي سڻيندي ڳالهڙي، چَرئــــي ور وڻـــــو چِــــتُ،(1) 

 

جر هاري جال گهڻو، نين ٽمائي نِت.(2)

160-

پرين هلئا پرڏيهڙي، هاڻي ڪريان ڪيئن،

 

سانگ مَ ڇڄي سڄڻين، اُڀو چئي ايئن.

161-

سُپـيريان جي سور جو، نڪو ويڄ نه ويرُ،

 

مَن اندر مچ ٻري، نيڻين ٽمي نير،

 

جي ڦوڙايو سڄڻين، ته هنيئڙو ٿيو فقير.

162-

تڏهِ جمعي بعد ئي جُنبئا، اُٿي پار عراق،

 

طنبو طنابون تڪئا، پوش کنيائون پاڪ.

163-

هونگاري هلئا، سي ڪرها قطاري،

 

ڪاهيائون قدوس ڏانه، واڳَ ڇڏيائون واري،

 

ويچاري وير تِهين، رويو جر هاري،

 

”فاضل“ چئي، فراق ۾، گهايلَ ٿي گهاري،

 

اتر بيهو ان پار ڏي نظر نهاري،(3)

 

آسرِ ڀَري آهيان، آءٌ الله آساري،

 

مانَ مِڙان کي سڄڻين، آءٌ گوندر گذري.

164-

تــــڏه چريي کڻــــي چمڙو، ڀيڙي ٻــــڌو ٻيٽُ،(4)

 

پيرين ڪري پنڌڙو، محبت جي مـيٺُ.

165-

کڻي حمال هلئو، ڪڇ ۾ ڪري ڪاسو،

 

ڦوڙائـي فراق جو اندر جيءَ جاسو،

 

ڪنه نه ڏنو قيس کي، دوستن دلاسو،

 

رويو چوءِ رڃِ ۾، هُو کٿابي خاصو،

 

قادر ڏئين مَ ڪِن کي، پرينءَ ري پاسو.

166-

موليٰ مون مَ منجهائيين، ڪنا واٽ تِهين،(1)

 

سانگ مهنجا سپرين، وئا جُوءِ جِهين.

167-

تڏه پسي سڳر ساٿ جو، سرهو ٿئو شاهه،

 

ليليٰ ڏٺو لال کي، ايندو اندرين راهه.

168-

اونُــــــون ڏئي عقــــــاب جيئن، اچــــــي اُماڻــــــو،(2)

 

قاضي پسي قيس کي، روح ۾ ريساڻو،

 

منڊيائين مجني سين، رڻ ۾ راماڻو،

 

چئي: موٽي مصر وڃ تون، پاهون ڏئي پاڻو.

169-

پاڻي ناه، پنڌ گهڻو، اڳيان رڻ رائو ۽ رڃ،

 

مري رهندين مجنا! تون اُساٽجي اُڃ.(3)

170-

تان چي: مران ته مانُ لهان، جي موٽان ته ميهڻو،

 

جتي ويندا سپرين، صحي سو ڏيهه مون ڏسڻو.(4)

171-

جِت صحي سڄڻ ويهندا، ڏسان سو ڏيھُ،

 

مان نه موٽان مورهين، ڏسندو صحي سيھُ.(5)

172-

تان چي: موٽي وڃ تون مجنا! وَهم واري جهل،

 

هٺ هڪلي هنڌ ڪري، پاڻ پروڙي پل،

 

ڏک مَ وجهه ڏيل کي، جان پئين پار خلل.(6)

173-

تان چي: ڏک نه ساريان ڏيل جا، جي هئا سيني ساڻ،(7)

 

اکيون اکين سامهيون، راتو ڏينهن اِيءَ رهاڻ،

 

ميان! محبوبن سين، مونکي قاضي وجهه مَ ڪاڻ،

 

مر مران مارڳ ۾، آءٌ هڏ نه موٽان هاڻ.

174-

تـــڏه قاضي چيو ليلـــيٰ کـــي، ڏمرجـــي ڏَند،

 

چئي: ايندو پس اُڇل سين، روڏو مٿي رَند،

 

اچئو اُن سين آکڙي، جـــي بالا قـــد بلند،(1)

 

ڪُهي وجهندا قيس کي، ڪاتيون هڻي ڪُند،

 

سڻج هِنيين ڪنن سين، مت مهنجي مُنڌ!

 

نا ته ڇڏ موٽائي مجنون، ڪنه فڪر ساڻ فند.

175-

جيلاهه آيس مت، وڃئو ٿي واريس،

 

ته هوت مهنجو هيڪلو، مڇڻ ڪو ماريس.

176-

چئي: محب مهنجا مجنا! مصر ونءُ موٽي،

 

هوت توجـي هٿ ۾، مون چَڳن سين چوٽي،

 

ڦوڙائي فراق جي، لالن آءٌ ٿي لوٺي،

 

رجهـي تان نه رهو، پئو ٻئن سين ٻوٽي؟(4)

 

آءٌ توجِي آهيان، کري جي کوٽي.

177-

ٿي موٽائيين مجنا، جيلاهه لڳيم ڪان،

 

تکا ٿو تير هڻي، قاضي ساڻ ڪمان.

178-

تان چي: موٽان ته لڳي مهڻو، جي پاهُون پير ڏيان،

 

اُڀو آهيان اِنهين، جانسينءَ ٿو جيان.

179-

تان چي: اُڀين مجنا! اتهين، محب ڪارڻ مون،

 

اسين ’قُدوسان‘ ڪاهي ڪري سگها اينداسون.

180-

تان چي: جان ايندا، تان اُسهو، الٰهي تُهار،

 

ڦري هن فقير جي، سگهي لهجا سار.

181-

سگها موٽو سپرين، وڃو تان ورجاه،

 

وٺئو وڃو پاڻ سين، هنيون، حُب ۽ ساهه،

 

حال مهنجو ههڙو، آئين پسو ٿا پِرياه!

182-

پيرين پئي پرين کي، جڏه نِڱي نار،

 

ويچاريءَ جـــو وِپَـــري، پئو جـــيءُ جنجـــار.(1)

183-

اُتر بيهو اُن پار ڏونه، سا نظر نهاري،(2)

 

جو ڦوڙائو سڄڻين، تِنه رويو جَر هاري.

184-

اُرندي اَنـــرُو ٿئو، جيئن سو ڪوئي واءُ،(3)

 

ڦوڙائيندي سڄڻين، تَن پُڻ تهڙو ساءُ.

185-

رويو پَرني رب کي، ڪِئو ڪنڌ ڦـيرُون،

 

هُيون جي هوتن سين، هئي ڀڳيون هـيرُون.(4)

186-

تڏه پسئو پُٺيرا سپرين، قيس ڪَرَ موڙي،

 

پاتائين اُن پار منجهه، اکيون اُکوڙي،

 

نيڻين سندا نار وئا، ڇڏيائين ڇوڙي،

 

اُڀو روءِ رنجاڻيو، وڍئو وڇوڙي.(5)

187-

عاشق اُڀـي اتهين، پيئي پهرين رات،

 

اُڀو ڪَنـبي ڪانڊارجي، وائي نه ڪري وات،

 

هاڃي هنيون هڻي ڪري، سيڻن نئو ساٿ،

 

سي قادر ايندا ڪڏهين؟ تَن ۾ جنه جي تات.

188-

ٻِيجيءَ ماهه ٻَهون پَرين، سُورين ڏنس سَلَ،

 

لڙئو پون لطيف جا، ڳوڙها مٿي ڳَلَ،

 

هِنيين حُب حبيب جي، اندر ٿئي اُڇَل.

189-

اکيون اوهيرا ڪري، ٽيجيءَ ماهه ٽِمن،

 

اچي اوهيرا ڪئو، هاگامون هَنجُن،

 

ڦاٽئو ڦٽ فراق جا، لائيو جهُڙ جهِڄن،

 

راه جـــنِـــي جـــي راتـــيـــون، الله! اوءِ اچـــن،(6)

 

سانگهـيڙا سُور ڪئو، چوٿينءَ ماهه چُرن،

 

هنيين ۾ هوتــــن جـــــا، ورهــــه وَڍَ وجهــــن،(1)

 

مَن انــــدر مــــچ ٻري، لائــــو دُونهــــن دکــــن،(2)

 

سي پرين وئا پرڏيهڙي، جي تَن ۾ طَبو ڪن.

190-

پنجينءَ ماهه پلٽئا، نِڪُون لائي نيڻ،

 

وئا ويچاري وسري، کِل، خوشيون ۽ کـڻِ،

 

چارئي پهر چِت ۾، اُڀو ساري سيڻَ.

191-

اچي سور سرير ۾، ڇهينءَ ڇلڪئا،

 

دوست دائم دل ۾، ڏيئي ڏک ويا،

 

ورهنئون وڏا ڀائيان، پَلَڪ جي پئا،

 

مجهان ئي مَن محبوب مون، وير نه وسرئا،

 

ڏينه مهنجا ڏک کي، جهجها جار ٿئا.

192-

ستينءَ ماهه سڪي وئو، منجهان رت رڳن،

 

وئا اُساٽي انگڙا، لُڙڪ تان نه لڙن،

 

اَٺينءَ عاشق سديون اکيون اُڃ مرن،

 

نوئين نرمل نه پِئـي، پاڻي ري پرين،

 

ڦاٽئو لڱ فقير جا، ڏهينءَ ماهه ڏرن،

 

ڪارهين ڪِئا قيس تي مانڊاڻا مينهن،

 

ٻارهينءَ ماهه ٻَهون پَرين، اچئو وِڏُرَ وسن،

 

تيرهينءَ ماهه تين سين، گوڙيون ڪئو گجن،

 

چوڏهينءَ ماهه چمڪئو، وڄڙيون ور وجهن،

 

پَنرهين ماهه پلٽئو، پاڻي منجهه پٽن

 

لڳي واءُ واڪا ڪئو، سورهينءَ ماهه سانگن،(3)

 

سترهينءَ ماهه سَره، سوئر، شينهن، ريهون ڪئورڙن(1)،

 

جُهڙن جهوري ڇڏئا، ڪانهي طاقت تِن،(2)

 

ارڙهينءَ ماهه اوڀڙ اڀرئا، سبز ڪئو سونهن،

 

اوڻهينءَ ماهه عاشق جو، پئو نظر مٿي تِن،

 

گَڊَ، گينڊا، گورخر، گَلا ڪئو ئي گهمن،

 

وڌي گاهه وڏو ٿئو، ٿا چڱيءَ ڀَت چرن،

 

پاڻي پاڪ پٽن ۾، ڪئو تماشو تَرن.

 

مينه وَسي واسي ڪئا، سڄڻ تان نه اچن،(3)

 

گهڻا لايائون ڏينهڙا، پسو پرڏيهيڙن،

 

اَوَسَرَ جي وڇوڙڻا، سـي اُٺي مانَ ملن،

 

موليٰ! محب ميڙئين، ميان محبتين،(4)

193-

آسر لڳي اُن جي، ڏُکيءَ ڏينهن ويا(5)،

 

ٿي وَس وڏاندري، مولـي مينه ڪِئا،

 

ساڻهه ۾ سک ٿئو، موٽو پرڏيهيا!

194-

موٽــــي اچــــو مـــــون پريــــن! سُهايــــو ساڻيهه،(6)

 

جتي لائِيان ڏينهڙا، گهورئو سو پرڏيهه.(7)

195-

واٽون ولڙين ڇانئيون، ڀونر ڀِرڪا ڪن(8)،

 

مندون موٽي آئيون، سڄڻ مانَ اچن،

 

وساريان نه وسرن، سدائين چِت چُرن،

 

اچڻ آڏُون ٻڌيون، سي وچان پَئي کَرن،(9)

 

لاٿو ڏرت ڏيهه تان، وسي وڄڙين،

 

اُپو واٽ نهاريان سندي سپرين،

 

ڪر نه لڌي ڪڏهين مهنجي محبوبن،

 

پرين جي پرڏيهه منجهه، سي ڪوهه ڄاڻان ڪيئن ڪن!

 

جُڪس وئس وسري، آءٌ منان محبوبن.

196-

تڏه ٿئو نماڻو نِڪــڻي، ڪانهي اميد ڪا،

 

ڇـــــڏي مراد مقصود جـــــي، تعلق تِنه جهـــــا(1)،

 

مجني تي مهر جو، واحد وارئو ئي واءُ،

 

وئس درد دماغ جو، موٽي ماخوليا.

197-

من ۾ محبوبن سين، ٿيس ويهينءَ ماهه وصال،

 

سوا الله صفت جو، ناهس خواب خيال،

 

ڪنان رياضت روح ۾، اچي پئو احوال،

 

سيني کي صاف ڪري، حاصل ڪيائين حال(2)،

 

”وَفي اَنفسڪم اَفلانبصرون“ اتي قيل نه قال.

198-

ايڪهينءَ ماهه عاشق کي، وئو وسري پاڻ،

 

مخفي ٿئو محبوب سين، ٻايَهين ماهه ٻهڄاڻ،

 

تَزڪيه جو تَن ۾، تِريهين ماهه ڪري ٽاڻ،

 

اُڀي رهئو اُتهين، فرتو ٿي نيشاڻ.(3)

199-

اُڀو رهي اوراهون، چارئي چويهينءَ ماهه،(4)

 

پنجيهين ٿئو پاڻهين پنجهون پاتشاهه،(5)

 

ڇيهين ماه چئين ڏسين جي، رَسي ڇڏيائين راهه، (6)

 

ستايهين اَتم ڪئو، سو عالم منجهه الله.

 

وڃي وحدت ۾ پئو، اُوڻٽيهين ماه اُهاءُ،

 

ڪنا عشق عارف ٿئو، پُنو پهرو ماه.

200-

تڏه ابتدا آراڙ جيءَ، وراڪئو وِلين،

 

آنٽا ڏِهو عاشق کي، ڪيو جوپ جهلن.

201-

عشق پيچ اُٺايون، ڦانگين مٿي ئـــــــي ڦــــــل،(1)

 

کيلوڙين کِچيون، ڪئا مٿس گولاڙن گُل.(2)

202-

سڱرين سندا سهرا، هَس کر جا هار، (3)

 

چڱا ڪئا چادرين، سي ڀَليءَ ڀَت بهار.(4)

203-

ولهڙين وراڪئو، کيلو جئين اُت کنيو،

 

ائين اُڀي عاشق کي، ٻِئو ماه ڀُتو.

204-

مٿي شاه سِرَ اُن منجهه، پار نه پَکيڙن،

 

ٻوليون ڪئو ٻاجهاريون، چڱي لات لون،

 

اچي اوطاقون ڪيون، تنهين ماڳ مِروئن،

 

محبتي ڏانه مجني، ترسي تان نه ترسن.(5)

205-

چِيچا، چٻؤن، چمڙا، چَنون گهڻا چڪور،

 

ڪبوتر ۽ قُمريون، ٻاٻيڙَن ٻَرٻور،(6)

 

ڪارايل ڪر کڻيو، ڪن مِيائو مور،

 

واسينگ وتن ويڙههَ ۾، نانگ نماڻا نور.

206-

ليلها، تِتر، لاورا، ۽ سُرخ سي سُر کليون،

 

ڪانگ ڪٻرون قيس تي، بُچڪ بربليون.(7)

 

هرڻ چيٽا هيڪ ٿِئو، هيڪاندا هلن،

 

ڪئي بگهڙن ڀائپي، ڦري سي ڦڙهن،

207-

اُونِي نيه اُت گهڻـي، سَها ۽ سِيار،

 

ڪن ڪُرڍون پاڻ ۾، مِڙئو مجني دار.

209-

سَرهه، سانورَ، سينهن گهڻا، رڇ، راڱا ۽ روجهه،

 

اولياءَ جي اوصاف ۾، ساڱاهه ٿين سوجهه.

210-

ڪونه ماري ڪِنه کي، نَڪين آزارين،

 

محبت سندي مجني، گڏ ٿِئو گذارين.

211-

اکين ٿي اُلِي لڳي، جُثو ٿيو جهُنو،

 

ايئن اُڀـي عاشق کي، ٽيو ماهه پُنو.

212-

سچي سڪ سيڻن جي، اندر ڪئو اُها،(1)

 

ويندا سي ايمان سين، جي ڪلمون چون مها.(2)

203-

تڏه ليلي ڀُوڻي لڇندي، پوتِي اندر پُور،

 

پرين ري پرڏيهه ۾، ٿِئي منڌ ملُور،

 

سگهي ساعت نه هيڪڙي، چارئي پهر چُتور،

 

ڀُوڻـي ويچاري واڳئي، سدائين سين سور،

 

سـيڻ ڇَڏيائين سُڃ ۾، ماري تنه مامور.

204-

اَٺو پهر اَڻ نِمري، گهڻو روئي سين رنج،

 

هيڪلو واريائين هوت کي، ان ڏکوئِي ڏنج.

205-

جر هاري جال گهڻو، نت ٽِمائي نيڻ،

 

اَن کاڌي اُٿئو وڃي، کامئو مٺا کيڻ،

 

رويو چوءِ ريهُون ڪِيو ويچاري هي ويڻ:

 

قادر! ڪڍ ڪِيائين تون، سائين! منهنجا سـڻ.

216-

محب مهنجو مجنون، تون واحد واري آڻ،

 

جان آءٌ قيس قريب سين، ڪريان روح رهاڻ.

207-

تڏه قاضي چئي: کٿابيا! ليليٰ ڪئي اُڪير،

 

وڃي ڏُرندي ڏيل ۾، جيئن ڦوڙائو فقير،

 

سُڪي ڀوڻـي سندري، دوستن ري دلگير،

 

ڪري ڳالهيون قيس جون، اَئين ڌنـي ڏِهو ڌير.

218-

تڏه ليليٰ کي لِوَ ڏهو، اچئو ڌُتارين،(1)

 

وٽس ويهو ڳالهيون، سنديون قيس ڪرين.

209-

چئي: اڄ پڻ اوٺي آئيو، منجهان مصر شامَ،

 

قيس جا قاضيءَ کي، ٿي ڏنائين سلامَ،

 

ته سکي سلامت سو گهڻو، تاهـيس ڪا ملامَ.(2)

220-

خوش خبرون کٿاب جُون، ٻيون ڏنائين هي،

 

چئي: مصر ويٺو مجنون پاڙهي کٿابي.

221-

تڏه سرهي ٿي سرير ۾، وِهسئي وير وتار،

 

کڻي هٿ خدا ڏانه، ويچاري تِنه وار،

 

چئي: قادر! قاضي وارئين، تون سٻاجها ستار،

 

جان مِڙان آءٌ محبوب سين، پسان پِرين پار.

222-

تڏه بَڊي بحرين جَر ناه، جهر اَيٿ اُڀرئو،(3)

 

موٽڻ سندو من ۾، قاضيءَ قصد ڪئو،

 

ڦوڙائو فراق جو، وچان وهي وئو.

223-

مٿي مصر موٽيا، پُرئا پير ڀري،

 

صحي سلامت آئيا، ڌَڻ ڄَڻ مال ڪري،

 

جي جِنين جا سيڪڙو، سي لڳا تِن ڳَري.

224-

موٽي مصر آئيو، قاضي قرب ساڻ،

 

مصر جي ماڙهوئن تي، وڏي ٿِي وَراڻ،

 

سڀئي سرها سندا، ريجهئو ڪن رهاڻ،

 

اَچئو پڇي قيس لئي، ڪَرَ ليليٰ منجهه لاڏاڻ،

 

هينئڙو هوت حبيب سين، ٻڌس ڪنه ٻَڌاڻ،

 

هلئو نهاري حجرا، سَٽون ڏهو سڄاڻ،

 

’محب منهنجو مجنون، هت نه ڏسجي هاڻ‘،

 

پئي ويچاري وِيري، پرين لئي پاڻ،

 

آهون ڪئو آٽـي گهڻو، ڪاجا آهِس ڪاڻ:(1)

 

ساڄن ڇڏئو سڃ ۾، محبتي مهراڻ،

 

ڪوه ڄاڻان ڪيڏانه وئو، جانيئڙو جواڻ،(2)

 

ايئن چيو عاشق لئي، پئي پَڇاڙي پاڻ.

225-

پاڻ پڇاڙي پِرينءَ لئي، کڻيو مٿان کَٽ:

 

ساڄـــــــن ڇڏئم سُـــــڃ ۾، وڏيءَ ڪِنه وَرَٽَ،(3)

 

جُڪس عاشق مون اُڃَ مَري، ڪ لڳي پَٽ.(4)

226-

تڏه وهم ويچاري وکري، ويٺي ڪارڻ وير،

 

مسافر مصر مَنجهه، ڦرئو پڇي سا فقير.

227-

ڪِنه ڪو ڏٺو مجنون، اِهڙين اُهڃاڻـي،

 

حليم گهڻي حيا وارو نيڻين نماڻي،(5)

 

فهيم گهڻي فڪر سين، ويٺي سٿ سڃاڻي.(6)

228-

فهيم گهڻي فڪر سين، ويهي سڃاڻي سَٿ،

 

آڌورا پورا ڪري، عاقل گهڻا اَرٿ.

229-

ماڙهُو وِئي وٽ تنه، کلي ٿين خوشحال،

 

نئڙائِي نَمَت جو آه قيس ڪمال،

 

ڪونه ٿيندو ڪڏهين، ڪنان محب ملال،

 

روئي تنه جي رهاڻ کي، هي وڃايم حال،

 

مونکي موليٰ  ميڙئين، تون ڀلا ڪريين ڀال.

230-

کڻي اُو ڇني ڇڏئو، مون ساڄن منجهه سُڃَ،(7)

 

محب مهنجو مجنون، جُڪسُ مارئو اُڃَ.

231-

خبر سندي سڄڻين، جي ڪا مونکي پوءِ،

 

ته پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ وڃان لالن لوءِ.

232-

تڏه ’بڊو‘ پُڄي آئيو، ’آسو‘ آس ڪري،

 

اُٿي گڏهه پلاڻئو، اِي ڀاڳئي بٺاري،

 

ڪيو ڪهاڙو ڪنڌ تي، ڪوڏان ڪاٺياري،

 

سَٽي وئو سڃ ۾، الله آساري،

 

اڄُ مونکي فُوت ڪين، مان ڏاتر ڏهاري،

 

تان حطب ڏٺائين هيڪڙو، سُڪو سو ساري،

 

رڙهي رسئو رنــــک کــــي، وليـــــون ويڇاري،(1)

 

ڏٺوڪِئو ٺُڪائيو، نَمِئو نِهاري،

 

ديواني جي درد جي، وِڌ نه ويچاري.

233-

کڻي ڪهاڙو ٺوڪئو، جان هلي هنيائين،(2)

 

منجهه محبتي مجني کي، سوڌو سٽيائين.

234-

ڪپي ڪهاڙي ڏنو، عاشق کي عذاب،

 

منجهان دل درد جي، جوان ڪئو جواب:

 

چئي: ميان! مونلي ماري، ڪُهي ڪيئي ڪباب.

235-

تڏه بَٺاري ڀو ٿئو، سُڪِي سو وئو،

 

آئيو آواز اوچتو، اي ڪوڪٽ ڏسجي ڪو.

236-

ڏَهڪجي ڏُور ٿئو، سار ڇڏيائين سُڌ،

 

اُڀو پُڇـي اُتهين، ويچارو سائيءَ وِڌُ.

237-

ڪر تون عارف آهيين، ڪر آدمي اَبَدُوت،

 

ڪر تون جن شاهه پري، ڪر تون آهين ڀُوت؟

238-

تان چئي: جن نه ڀوت شاهه پري، آهيان آءٌ انسان،

 

هٿان حبيبن جي، ڪارو لڳم ڪان،(3)

 

اُڀِي رهيس اِتهين، نِرتو ٿي نيشان،

 

وجهي وئم وپري سو هي هي ڪري حيران،

 

آسر لڳو آهيان، چان موٽي اچن مانَ.

239-

تان چئي: جِنين ڪارڻ توڪئو، حال پنهنجو هيئن،

 

لڪُون لڳيون ڪوسيون، ۽ ٻئا ڏک گذاري ڏينهن،

 

۽ چوماسي جا چار مهينا، مٿي وسائي مِينهن،

 

اُو پرين پاڻ نه آئيا، طلب ڪري تو سيئن،

 

ڪو نه مُڪائون ڪڏهين، توڏانه نياپو نينهن،

 

ڪارڻ تنين ڪڄاڙي کي، چڙهئو آهين چِيئن.

240-

تان چئي: ڏهه مهينا ڏيل ۾، ڪانه هُئي ڪاڻ،

 

پلپل پِرين پاس مون، هت پڻ اچن هاڻ،(1)

 

ڪَن سُهڻـي ۾ سُپرين، مون سين روح رهاڻ،

 

اچئو اُڪير سين، پِرين پڇن ئي پاڻ.

241-

تان چئي: ڪر تون گهُريءَ گهرايو، ڪر مئـن پَسِي مال،

 

ڪڄاڙي کي تو ڪئو، هي پنهنجو حال؟

242-

تان چئي: مال مٿانِ گهوريان، پر گهريءَ گهرايوس،

 

حب حقيقت تِنه جي، گوندر آءٌ گڏيوسِ،(2)

 

هِنياريءَ ميٺُ ڏيئي، گوندر جن هنيوسِ،

 

جي جيارينِ ته جيان، تِنين وس ٿئوس.

243-

تان چئي: ڪير هئا، ڪيڏانه ويا، ڪهڙي هئا ذات؟

 

جِنين ڪارڻ تو پئي اچي رڻ ۾ رات.

244-

تان چئي: ويا جي وِهاء منجهه، وانڍين مٿي واسَ،(3)

 

آهين تڏوڻا تن ۾، روح جن سين راس.(4)

245-

تِن ري تَتُوريا تن ۾، ٿيم سُور سَهس،

 

گهڻو سٻاجها سپرين، مونکي ڇڏيائون مَس،

 

آسر لڳو اُن جـي، آءٌ گهاريان مٿي گس.

246-

تان چئي: مون نه سڃاتوءِ مجنا! وئين اُساٽـي انگ،(1)

 

ڪوه وِڌئِي جار جثي کي، ڀورا هيڏو ڀنگُ،(2)

 

مُوراهين کي مِهريـين، آهه ساهه سين سنگ،

 

آوءَ نار ٻينِ نَرن سين رچئو ڪري رنگ.

247-

تان چئي: ميان! مون پرينءَ ڏي، مَ ڪر اِي گمان،

 

سَتيءَ جو سڀني پرئين، سائين رکيو شان،

 

آهس آرُ الله ڏُونه ۽ اسان ڏانه ايمان.(3)

248-

هَڏِ نه ڪو هِنيين ۾، ٻئو پهه پُوندوس،(4)

 

داغ منهنجو دل اُتي، هميشاه هوندوسِ.(5)

249-

اسان نِئو وَه وترو، سـي سُپريان سـيڻ،(6)

 

آسر لڳي ان جـي، نِت اُڪير ئي نـيڻ.(7)

250-

جِبهين چڪور چنڊسين، تِيهين ساهه سيڻانَ،(8)

 

ويها جان ماٺ ڪئو، وساريو ويڻان،

 

تان واريءَ جيئن ورچي، هِنيون ڪَر ڪيڻان.

251-

تان چئي: جنين ڪارڻ جهنگ ۾، جهيڻو ٿئين جهُري،

 

اُوءَ موٽي مصر آئيا، چوماسو چَري،

 

دوسان سندي دائري، وهلو هَل وري،

 

ليليٰ تو ري مجنا! مَڇَڻ رهـي مَري.

252-

تان چئي: تاريءَ تڳان جن جي، مَرن سي مَ ميان!

 

مندو ڪنين مَ سُڻيان، جانسينءَ ٿو جيان.

253-

تاري تڳان جن جي، ميان سي مَ مَرم،(1)

 

الله! اُنين پِرين جا، سڀئي ڪاڄ سَرن،

 

جڪس هلي هوت حضور ۾، آءٌ گهاريان گهرن،(2)

 

پر سُڪي لِڱَ ساڻا ٿئا، واريان تان نه وَرنِ.

254-

ميان! موٽي وڃ تون، گڏهه ڀري اي گاههَ،

 

ڪاسو جهل ڪِرايو، تون اي بٺارا ڀاءَ!

 

منهنجو ڪِج محبوب سين، تون عرض لڳ الله.

255-

نيئي ڏج نيشاني، تون هي ڪامو کي قريب،

 

ڇوڪَرَ نه لڌي ڪڏهين، هن گولي جي غريب،

 

آسر لڳو آهيان، تون هلي اچ حبيب!

 

هن منهنجي حال جو، تون طبو ڪر طبيب.

256-

تڏه ڪاسو وٺي قيس کان، پُري پنڌ ڪِيائين،

 

موٽي مصر آئيو، گڏهه اچي گهر ٻنڌائين،

 

جيڏانه: قصر قاضبـين، سوئي ماڳ مڻيائين،

 

دست هڻي در تي، اچي ليليٰ سڏ ڪيائين.

257-

تڏه سڻي سڏ سَرهي ٿي، چِت ۾ ايهين چوءِ:

 

ته ماڙهو وٽان مجني، هي ڪو الله آئيو هوءِ.

258-

اُٿي گهڻي اُڪير سين، اُڀي ادب ڪري،

 

ميان آڇار مون، جا توءِ ڳال ڳَري.(3)

259-

چئي: محموداڻي مجني مونکي هلائيو،

 

پيرين ڪري پنڌڙو، آءٌ توڏانه ٿي آئيو.

260-

ڪاسو ڪنان قيس، مون آندو اُهڦاڻِي،

 

توڏانه هوت هَلائيو، سو جهل تون سڃاڻِي.

261-

تان چئي: پرين پاڻ نه آئيو، ڪاسي ڪريان ڪوهه،

 

پاڻان ڏک ڏئي ڏيل ۾، ڪوه وِهايان وروهه.

262-

منجهان سڪ سيد چئي، ڪاسو کنيائين،

 

پسي پيالو پرينءَ جو، رتو رنائين،

 

درد ڪري دَستن اُتي، سو ڀـيري ڀڳائين،

 

چئي: پرين پاڻ نه آئيو، جي ڪاسو مڪائين،

 

ٿار ڀري موتين جو، سو ڀاڳيـي ڏنائين،

 

جهل پنهنجو پورهئو، ۽ ڪاروُن ڪيائين،

 

ڪوٺي آءُ قيس کي، تون ڦِري هتائين.

263-

تان چئي: محموداڻي مجنون، اچڻ تان نه جِهو،

 

سڙي تو جِي سڪ ۾، ڪارو ڪَڙهِي ٿئو.

264-

پر ڪانه پسجي قيس ڏانه، توکي سچِي سِڪ،

 

محبتي مجني جي، توسين لڳي نِيه نائڪَ،

 

نا ته سنجهي مِڙين سپرين، هوند لوڪان ڪري لِڪَ،

 

پر مائٽن جا مصر منجهه، تو سيباڻا سُک،

 

تيلانه ئي ڪرين قيس تي، تون ڏوراپا ۽ ڏکَ.

265-

تان چئي: درد آءٌ دوستن ري، ٻئو ڪريان مٿي ڪَن،

 

آر منهنجي اڳهين، اوءِ کانڌيرا سي کمن،

 

کامي پئو خَمار منجهه، هِنيون کي هوتن،

 

هي هي وڃايو حال مون، لُڇي لئي پِرين،

 

منجهان مَن محبوب مون، وير م ڪا وسرن،

 

ته ڪاري منه قيام ڏينه، آءٌ اُٿيان منجهه عاصين.

266-

اُڀو اوڀالا ڏئين، تون ڪاٺيارا ڪئيـن؟

 

خبر سندي سڄڻين، جيڪا مونکي ڏئـين،

 

ته اکڙيون پير ڪري، ساڄن سئـين.(1)

267-

تان چئي: سگهي رس ساجن کي، ڪامل تون ڪاهي،

 

سُڪو آهي سڃ ۾، لاڳاپا ئي لاهي،

 

جتي تو ڇڏئو، اُڀو اُتهين سو آهي.

268-

تڏه ٻائِي چئـي بانهيءَ کي: اٿي اُٺ پلاڻ،

 

دائي منهنجي دوست ڏانه، هلجا وڃــــو هاڻ،(1)

 

محبتي کي مجني، وڃي پهچون پاڻ.

269-

تڏه اٿي اُٺ پلاڻئو، بغدي بختاور،

 

ڪاهي نِڱيُون ڪرهو، ڪِنه پنهنجيءَ پَر.

270-

اَڙيون هئي اُٺ کي، ڪاهيائون سين ڪام،

 

سڄي رات سڃ ۾، گگو ويو ٿي گام.

271-

رات وهاڻِي رڻ ۾، اچي ماڳ تهِين،

 

ويئي اڦباري عاشق کي، مٿي جُوءِ جِهبن.

272-

ماڳ سڃاتو مُنڌ سو، سَتيءَ ساڻ سرتِ،

 

تان پـير پاساهُون ناهي ٿئو، اُڀو آهه اُت.

273-

اوڏو اکڙين سين، جڏهِ ڏٺائين،

 

تڏه پفسي حال حبيب جو، رتو رنائين،(2)

 

دانهون ڪري درد سين، هنجون هاريائين،

 

هي هي ڪئو هٿڙا، کامئو کنيائين،

 

اوراڻيون عاشق تان اچي ڪيائين،

 

’آءٌ مٿـــان ئــــي گهوري‘، ايهيـــن چيائيـــن.(3)

274-

حيف منهنجي حال کي، جا بُڇي آءٌ بيڪار،

 

جي مون ڪر نه لڌي ڪڏهين، ساڄن توجِي سار.

275-

اِي چئي اوڏي ٿي، نيڻ ٽِمائي نارَ،

 

وجهي هٿ وَلين کي، کوسِئو منجهان کارَ،

 

ٽــــاريون ڇـنِي ٿُڙئون ٿــــــي، ڏور وجهــــي ڏار (4)

276-

تان مهندا مرڪي مجني، عاشق چيو اَتورِ،

 

ولين وڏي ڪئي، مون سين وندر وورَ،

 

ڏينهان ڇانوَ ڇٽ جيئن، ۽ راتيان ڦُلن ڦور.

277-

اِيءَ سُڻيندي ڳالهڙي، ليليٰ لَڄاڻِي،

 

ٿِي نماڻي نڪڻي ڪامل ڪوماڻي،

 

مجني ڏٺي سنڌ جا، عاشق آماڻي.

278-

صورت سندي سڄڻين، ويس وهم وڻي،

 

ساهه پِريان تان صدقو، ڪئو خاص کڻي،

 

ڪري آهه اُٽِلِئو، پئو سو ڇُهلَ ڇَڻِي.

279-

ڪِري پيو پٽ ۾، عاشق ڪري آهه،

 

وئو ويچاري نڪري، اکين نِئو ارواح،

 

رحمت تنهن تي رحيم ڪري، آپر گهڻي الله. (1)

280-

”انالله واِنا اِليھ راجعون“ خبر اِيءَ کَري،

 

پيراندِي پرين جـي، رهي مُنڌَ مَري.

281-

سچا عاشق سچ سـين، لڏي وئا لوءِ،

 

پِرين ٿئو پاڻ ۾، ميڙو مُوا پوءِ،

 

اهڙا عاشق هونِ جي، ڪر تِنين سين توههَ،

 

ته صورت سندي سڄڻـين ڏٺـي ڪونهي ڏوهه.

282-

هون سَمانا، سيد چئي، جي پڙهي ياد ڪَرينِ،(2)

 

موليٰ مرهـي تِن کي، جي ڏيئي ڪن سُڻينِ.

283-

فاتحه پڙهئو پاڻ ۾، صلح سُهد ڪِجا،

 

ڪَچائي کي ڪرم جو، پردو پوش ڏِجاه.

284-

ماهه مبارڪ رمضان جي، سَتاويهين ساري.

 

قَدر رات قصو پُنو، ڏينھ اڱاري.

285-

ڪارهنِ سو ڇَٽيه وره هو هجرة سن،

 

عِرفانَ جي عشق جو، ”فاضل“ جوڙئو فن،

 

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جـي ڪَهنِ.

 

لا اِلٰھ اِلاالله محمد رسول الله


 

*  هن قصي جو مدار شاهه محمد ديدڙ جي چيل منظوم روايت ”قصو شهزادي شيرين جو“، تي آهي.

*  هيءَ روايت اتر (تعلقي لاڙڪاڻي) مان غلام نبيءَ کان ملي.

**  شاهه محمد ديدڙ، ميرن جي آخري دور ۾، ڳوٺ ديدڙ، تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. ديدڙ خاندان جو مشهور شاعر ”حسين فقير ديدڙ“ سندس نانو هو. ان جي صحبت ۽ تربيت ئي شاهه محمد ديدڙ کي پخته ڪلام شاعرن جي صف ۾ بيهاريو. سندس ڪلام تي گهڻو ڪري حسين فقير ديدڙ جو رنگ چڙهيل نظر ايندو. هُن وقت جي ضرورت موجب علم پرايو. سمورو عرصو درس تدريس ۾ مصروف رهيو. هن جو ڪلام بي انداز آهي، جنهن ۾ مولود، مداحون، خطبا، معجزا، حڪايتون ۽ جنگ نامو مشهور آهن. ”سينگار“ تي سندس ڪيترو ئي ڪلام قلمي نسخي جي صورت ۾ هو، جو سندس پوين کان گم ٿي ويو. شاهه محمد ديدڙ جي مسجد جي ڀت تي ”محمد حسن“ نالي، سندس هڪ ساگرد جو ڪتبو لکيل آهي، جنهن مان سندس وفات جي تاريخ 16- رمضان، 1309هه/ 1891ع ملي ٿي.

*  هن روايت جو مدار ٽن منظوم روايتن تي آهي، جي هن بعد ڏنيون ويون آهن: (1) ”قصو ليليٰ مجنون جو“ چيل سيد فاضل شاهه جو، ڪڇ جي قلمي نسخي تان ورتل (روايت ف). (2) ”ليليٰ مجنون“ چيل عرض محمد چانڊيي جه (روايت ع). (3) مثنوي ”ليليٰ مجنون“ چيل مل محمود پلي جو (روايت پ).

(1)  پ جي روايت موجب قيس جي پيءُ جو نالو ”غزنوي“ هو، جيڪو سندس ڄمڻ کان اڳي وفات ڪري ويو:

ته پٽ ”غزنويءَ“ جو اسم ”قيس“ تنهن،

نسب ۾ ”انصاري“، ”مڪو“ ديس تنهن.

(2)  ع روايت موجب استاد چيس ته محبوب جو مشاهدو ماڻيندين، ۽ خواب ۾ ڪا نازڪ عورت ڏسندين.

(1)  ع روايت موجب مصر جا وزير ڪچهريءَ ۾ ويٺل هئا؛ پ روايت موجب مڪي ۾ هڪڙو فقير آيو، جنهن قيس کي ليليٰ جو ڏس ڏنو. (2) پ روايت موجب پاڻ سان تمام گهڻا ميوا سوکڙيءَ طور کڻي ويو.

(1)  پ جي روايت موجب کٿابين قيس کي وڏو عالم سمجهيو، سو سندس هٿ پير جي، چُمي کيس عزت سان ويهاريائون. آخر جڏهن قاضي آيو ۽ ساڻس خبر چار ڪيائين، تڏهن اهو ٻڌي، قاضي ڏاڍو خوش ته قيس علم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو آهي. پوءِ کيس وڏي خوشيءَ سان پنهنجي شاگرديءَ ۾ قبول ڪيائين، ۽ قيس جا مڪي مان آندل ميوا ڳترا ڪرائي، پڙهو ڏياري، سڄي شهر ۾ ورهايائين.

(1)  ع روايت موجب ليليٰ به قيس کي خواب ۾ ڏٺو هو، جنهنڪري مٿس عاشق ٿي پيئي هئي.

(1)  ع روايت موجب انهيءَ کان پوءِ ليليٰ وري وڃي مجنونءَ سان ملي ٿي، ۽ سندس علاج ٿي ڪري. اهو حال ڏسي، سندس ماءُ ليليٰ جي ٻين مائٽياڻين، جيڏين ۽ سرتين کي وڃي ٿي چئي ته توهان مان ڪا ليليٰ کي هلي سمجهائي، من توهان جي ڳالهه مڃي. پوءِ انهن کيس حرم ۾ سڏائي سمجهايو، پر ليليٰ مڙني کي اهڙا کتا جواب ڏنا، جو هرڪا ماٺڙي ڪري ويندي رهي. سڀني مائٽياڻين جي وڃڻ کان پوءِ ليليٰ وري به قيس وٽ موٽي آئي. سندس مائٽياڻيون وري قاضيءَ وٽ وييون ۽ وڃي کيس ٻڌايائون ته ليليٰ اسان جي سمجهائڻ جي ناهي، تنهنڪري ڪنهن ٻئي حيلي سان مجنونءَ مان جند ڇڏائجي. اهو ٻڌي، قاضي هڪڙي طبيب کان زهر وٺي آيو، ۽ واٽ الله جي خيرات ڪري، ليليٰ جي هٿان مجنونءَ کي کارايائون.

(2)  ع روايت موجب ٻين ماڻهن به اهو زهر وارو طعام کاڌو، جنهنڪري ڪي اُتي ئي ڪِري پيا ۽ ڪي وري رڙيون ڪري وٺي ڀڳا؛ پر مجنون آخر تائين کائيندو رهيو. نيٺ جڏهن کائي ڍو ڪيائين ۽ باقي پوئتي ڪجهه نه بچيو، تڏهن ليليٰ سان گڏجي مسجد ۾ آيو، جتي ٻنهي ڄڻن سڄي رات رهاڻيون ڪيون.

(3)  ع روايت موجب قاضيءَ جا ماڻهو مجنونءَ جي پٺيان ويا، ۽ وڃي ڏٺائون ته ٻيئي عاشق ۽ معشوق رهاڻ ۾ مشغول آهن، تڏهن سڙي ويا، ۽ قاضيءَ کي ٻڌايائون ته: مجني تي زهر به اثر نه ڪيو، تنهنڪري ڪنهن ٻئي حيلي سان کانئس جند ڇڏاءِ. تڏهن قاضيءَ لڪچوريءَ مصر ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي ليليٰ کي ڪا خبر ڪانه هئي. (2) ع روايت موجب قاضي قمر اَڌيءَ رات جو قافلو تيار ڪيو، ۽ ليليٰ کي سُتي ٻَڌي کنيو.

(1)  ع روايت موجب ڪنهن شخص مجنونءَ سان اها حقيقت اچي ڪئي ته ڪلهه رات قاضي ليليٰ کي وٺي، عراق پاسي، قدوس شهر ڏانهن هليو ويو آهي. اها خبر ٻڌي، مجنون روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. خبر ڏيندڙ جا احسان مڃيندو، ڪستو ٻڌي پيرين پيادو پرينءَ جي قافلي پٺيان روانو ٿيو. (2) ع روايت موجب قاضيءَ مجني کي ايندو ڏسي، ليليٰ تي تلوار ڪڍي بيهي رهيو، ۽ چيائينس ته جيڪڏهن تون مجنونءَ کي واپس نه ڪندينءَ ته آءٌ کيس اتي ئي ماري ڇڏيندس. جنهن تي ويچاري ليليٰ روئندي پٽيندي مجنونءَ وٽ ويئي ۽ کيس مصر موٽي وڃڻ لاءِ ٻاڏائڻ لڳي؛ پر مجنونءَ مصر موٽڻ جي هام ته ڀري ۽ اتي ئي بيهي انتظار جو انجام ڪيائين. جنهن کان پوءِ، ليليٰ قافلي سان گڏ اڳتي رواني ٿي ويئي.

(1)  ع روايت موجب مجنون انهيءَ بر ۾ سانده ايڪٽيهه مهينا بيٺو هو. (2) ع روايت موجب ليليٰ اڍائي سالن کان پوءِ مصر موٽي آئي.

*  هن روايت جو مدار ڪڇ جي لکيل هڪ قلمي نسخي تي آهي، جو محترم ميرعلي احمد خان ٽالپور وٽان مليو. اهو نسخو سنه 1275هه ۾ لکيو ويو. نسخو نهايت صحيح ۽ سهڻي صورتخطيءَ ۾ لکيل آهي، جنهن جي هڪ صفحي جو عڪس پڻ شامل ڪيو ويو آهي. گذريل صديءَ ۾ ڊاڪٽر ٽُرمپ، سن 1858ع ۾، لنڊن مان "Sindhi Selections in the Musalman Character" (سنڌي انتخاب) جي نالي سان ڪتاب ڇاپايو هو. ان ۾ سنڌي نثر جي ڪن ٽڪرن ۽ سينگهي ڀڳت جي بيتن سان گڏ، هيءُ ساڳيو قصو به ڇپيل آهي. ان بعد، هيءُ قصو ماستر هريسنگ، سنه 1889ع ۾، مصطفائي پريس لاهور، مان ڇاپارايو. انهيءَ ڇاپي جي سرورق تي قصي، مصنف ۽ مترجم (؟) جو نالو هن طرح ڄاڻايل آهي: ”قصو ليليٰ ۽ مجنون جو، اصل جوڙيل جناب سيد فاضل محمد صاحب، مترجم ميان قادربخش ولد محمد سليمان، رهندڙ شڪارپور جي ترجمون ڪري موڪليو.“ هن روايت جون پڙهڻيون ق روايت جي نشانيءَ سان حاشيءَ ۾ ڏنيون ويون. ڪڇ جي قلمي نسخي مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر فاضل شاهه ڪڇ جي طرف جو هو ۽ ٻارهين صدي هجريءَ جي اوائل ۾ ٿي گذريو. جيئن ته قصي جي آخر ۾ قصي پوري ٿيڻ جي تاريخ 27- رمضان، 1136هه، بروز اڱارو، ڄاڻايل آهي.

(1)  اصل: راءِ. (2) ق: قادر قائم قدير سو دائم ڌڻي ڌُريا.

(3)  ق: عرش ڪرسيون آسمان....

(1)  ق: ماڻهو مرون پکڻان، کڻن ساهه پساهه. (2) ق: ري ٻج اوڀر اُڀرجي ڀويون ڪن بهار. (3) اصل: ولڙيون ورن.... (4) ق روايت مان. ) بنه 6 کان 23 ق روايت ۾ نه آهن.

(1)  اصل نَوارو. (2) اصل ٿي. (3) اصل: پتر.

(1)  ق: .... مومن سڀ مرهج. (2) ق: تون قادر ڪم ڪريج (3) اصل: پوءَ.

(1)  ق: طالب کي توجه سين... (2) ق: پوتو اُهي پور ۾، اٿئي پهر ايئن.

(1)  ق روايت ۾ هن مصراع بعد هي سٽون آيل آهن:

ڪڇي پڇي ڪينڪي ۽ نڪي ڪري بات،

راتيان ڏيهان روح ۾، اٿس لالن لات،

پرهه ڦٽي پرڀات، شل ملندس محبوبن کي.

(2)  هيءَ مصرع ق روايت ۾ ناهي. (3) ق: پڇي پڙهيا پير ڪي..... (4) اصل: پانڌي پي پڇان. (5) اصل: هرن اکي هنج کَني ڪٽ ڪووَل جي ڪارَ.

(1)  اصل: سَربَ ڪنائي سهڻي..... (2) اصل: ڪبوتر جِي ڪَسئي سيني سُنهاري. (3) اصل: ڊرئي ڪر ڊاري. (4) ق: نٿ نموريون مٺڙا مينڍا ڳُتائي. (5) ق: ڪُونَجن جيئن. (6) ق: مڙوئي جا مون نفيس، تنهن مون من موهيو مانگهه. (7) ق:..... ڀري پايوهيو پير.

(1)  ق: روايت ۾ هن بعد هيٺيون مصراعون آيل آهن:

پاسي تنهن پرينءَ کان، جيڻ جَلُ ٿيام.

مجني چيو ماءُ کي: آءٌ آيل اُڪنڊيوس،

محبت آهيم مَن ۾، وطن آءٌ ويندوس.

(2)  ق: پرين پراهون مَ ٿئي، جانڪيتان پئو جي. (3) اصل: آنُو پَهر..... (4) اصل: احسن اخلاق تو جا.... (5) اصل: .... ڪرو تان ڪندوس.

(1)  اصل: جَرين ۾.... (2) اصل:.... ڏوکويون ڏجان. (3) اصل: آنگن مٿا اُتَري ٿئس انگ اَڇاه. (4) ق: لوچئو لاءِ پرين جي.... (5) ق: وهه پيو وڃي ويرين ۾ الله آساري.

(1)  ق: سرهو ٿيو سرير ۾، جاڳيو جنتي. (2) اصل: کالاري کُوٽِينَ کي هلئو حالتي. (3) ق: اوري اکڙين سين، من پريان مون ماٽ. (4) ق روايت ۾ هي ٻه مصراعون هن طرح آيل آهن:

آهي آڳانجي گهڻو، ڪا مروت مصرين،

کِلي تني کيڪاريو، مڙني محبتين.

(1)  اصل:... نِت نرمايو نين. (2) اصل: رُوکانِئَل رحل ڪماکر غلاف کذار. (3) هي مصرع ق روايت ۾ ناهي. (4) ق مُورئون مِٺا گهڻو، سونهن سڏ سندن. (5) اصل: پَري پُورا سي ٿي جَنکي راه رسن. هيءَ مصرع ق روايت ۾ ناهي. (6) ق پڙهي سي پورا ٿيا، رسيا کي رحمت. (7) ق: ٿي مهرئون مجنان... (8) اصل: سڃاني سو ڏِيٽَ. (9) ق: تڏهن سُرڪِي بيٺو محنون....

(1)  ق: ماڻهو مڙئي مهت ۾، کائي خوش ٿيا. (2) اصل: نِين فِرمائي نِت.

(1)  هيءَ مصرع ق ۾ ناهي. (2) ق: پڙهبو پريت سين، ٻي ڪانه ڪبي. (3) ق: محبتي سين مجني، ليليٰ لڳي لئون. (4) ق ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهن:

پاڻئون آڻي پريتڙي، منجهيئي ٿا مارين.

(5)  ق روايت ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهي:

کنيو هٿ خداء ڏي مدامي مڱن.

(6)  ق روايت ۾ هن بعد هيٺين مصرع آيل آهي:

اوريو اورين پاڻ ۾، ور ٿا کر کامن.

(1)  ق موجب: ... جنين سچاڻي سچ. (2) ق: اوري اکڙين سين مر، جا اُجهايون مچ. (3) ق: ...سندي لونگن لاڳ.

(1)  ق: ڏٺو ڪنين ڏڄڻين، جي اوچتا آيا اُت.

(1)  ق: ڀرئا آهين نيڪ لاءِ، نئن سدائين نينهن؛ اصل: ڀرئا آهين ڀيکَ لئي.... (2) ق راويت موجب:

قادر ڪندو تن سين، آکو ڪيئن احسان.

(3)  ق: ... تپيو ڪرين تاءَ. (4) هيءَ مصرع ق ۾ ناهي.

(1)  ق: تڏهن سانڍيائون سير سنڌ جا، ترازو توري.

(1)  اصل: ڪِن مَني کَڏيءَ، ڪر ڀڃي ٿنا بيزار؛ ق: کسي ڇڏيائون کڏيون.....

(1)  ق: تڏهن قاضي ڪڙم ڪوٺايو...... (2) ق روايت ۾ هن بعد هيٺيون مصرعون آيل آهن:

مڙي مومن مجمع ۾، پنو در علامَ،

ته حرمت حضرت حبيب جي، خاصي خير انام،

وري ورجو ماهه ٻئي، موٽي مصر شام،

نه ته بدي رهي مدام، هن سڃي جي سڱ سين.

(1)  ق: ائين سڻندي ڳالهڙي، چڙي ويڙو چت. 02) اصل: ..... نِينَ نِرمائي نت. (3) اصل: اُتر ڀِئو....

(4)  اصل: ...ڀيني ٻڌو بيٽُ.

(1)  اصل: موليٰ مون سُنجائِي.

(2)  اصل: اوتو ڏي اوقاب جي اچي اومانون. (3) ق: ..... اُساٽجي سين اڃ؛ اصل: تون اُساٽي اڃ. (4) ؟: صحيح ڏسان سو ڏيهه. (5) هي ٻه مصراعون ق روايت ۾ ناهن.

(6)  ق: ڏکئيءَ وجهه مَ ڏيل کي، پئي پار خلل. (7) ق: تان جي: ڏک نه ساريان ڏيل جا، جي هون پرين ساٿ، اکئين اورڻ پرينءَ سين، ڏينهن سڄو ۽ رات.

(1) ق: اچئو انهن سين اکڙئين، جي بالا قد بلند؛ اصل:.... جي بالا ڪند بلند. (2) اصل: رجي تانرو پئو ٻئن سبن ٻوتي. ق: رجهي تان نه تو ريءَ مون ٻئن سين ٻوٽي.

(1)  ق: ويچاريءَ جو وير تنهين.....(2) هي ٻه مصراعون ق روايت ۾ ناهن. (3) اصل: ائين؛ ق: الرندو اندو ٿئي، جيئن سو ڪونجراءُ.

(4)  ق: هوئي هِنيون هوت سين.... (5) هيءَ مصراع اصل نسخي ۾ ناهي، ق روايت مان آندل آهي.

(6)  ق: روح جنين جي رتيون....

(1)  اصل:..... وره وڍئي وجهن. (2) اصل:.... لائيو ڏوه ڏکن.

(3)  اصل: لکي وُه واڪا ڪڻو، سورهمِ ماهَ سان کَن

(1)  ق: سترهين شنهين مڃن جا.... (2) اصل: جُري جوري ڇڏئا.... (3) ق: مينهن وَسي وسڻ ڪئي.... (4) هيءَ مصراع فقط ق روايت ۾ آيل آهي ۽ اصل نسخي ۾ ناهي. (5) اصل: ڏکي ڏيه وئا. (6) اصل:... سُوا هئو سانيه. (7) هن کان پوءِ ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: لَئن کنياتا ڪا بگڙا، سڄڻ مانَ اچن. (8) ق:...ٿا ڀونر ڀَڙڪا ڏين. (9) ق: اچڻ اڏون ٻڌيون.....

(1)  ق:.... تعلق تني جا. (2) ق روايت ۾ هن بعد هيءَ مصراع آيل آهي: پرين ڏٺائين پاڻ ۾، ٿيو قيس ڪمال. (3) هيءَ مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي، پر ق روايت ۾ ناهي. (4) اصل: اَپر رهي اوراهُم چار ئي چويهم ماء؛  :اُڀي رهيا اورهان، چارئي چوويهينءَ ماه.. (5) ق: پنجويهين ٿيو پاڻ ۾، پنجون پاتشاه. (6) ق: ڇويهين ڇهين ڏسجي....

(1)  ق: اَٺاويهين اَتم ڪيائين، عالم ۾ الله، ان بعد هيءَ اَيت بطور مصراع اَيل آهي: اذانتم الفقراء فهو الله تعاليٰ.(2) اصل؛ تڏه اِبدا آرار جي.... (3) ق: عشق پيچ اڙائيو، ڦانگيءَ مٿي ڦُل؛ اصل: عشق پيچ اَٽاي ڦاک مٿي ئي ڦُل. (4) اصل: کِيلوري کِچي ڪئا مٿس گولار گل؛ ق: کيروليون ۽ کجيون، ڪئا گولاڙن گُل  (5) ق: تَرسيو ٿا تَرسن. اصل: ترسي تان تَرسن (6) اصل:.... ٻاٻيرن ٻرٻور. (7) اصل: ڀُچَڪَ بُريليون. ق: پُچَڪ بريليون.

(1) ق: روايت ۾ هن بعد هيٺيون مصراعون آيل آهن:

ماڻهن ليکي دکڙا، پر اندر سک ٿيا،

رتو وتي رنگ ۾، ڄاڻن ڪين ٻيا،

شڪر تنهن صاحب سندو، چوي پيو مُها.

 (2) هيءَ مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي، ۽ ق: روايت ۾ ناهي.

(1)  ق: تڏهن لُر ليليٰ کي اچڻو ڌتارين. (2) هيءَ مصراع فقط روايت ۾ آهي.

(3)  ق: جڏهن پهرئين ماه ۾، اَيٿُ اُڀرئو. اصل: تڏه بَدري سِحرين.

(1)  ق: ڪو جو لڳس ڪاڻُ. (2) اصل: جانِيرو جواڻ.

(3)  ق:..... وڏيءَ ساڻ ورت. (4)ق: عاشق موا اُڃ مري، جيڪس لڳس لُکَ. ان بعد ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: گهوريو گهوريان جندڙو، سڀ سيڻن تا سک. (5) ق: حليم گهڻي حلم سين... (6) هيءَ مصراع فقط اصل نسخي ۾ آهي. (7) ق: گهڻي اوسيڙي ڇڏيو.

(1)  ق: رڙهي رسئو درخت کي ولڙيون وياري. (2) ق: کڻي ڪهاڙو قهر جو..... (3) ق: ... قهري لڳم ڪان.

(1)  اصل: پليل پِريان سين مون هِت پُڻ اچن هانَ. (2) هيءَ مصرع فقط ق روايت ۾ آيل آهي. (3) ق: وييون جي وهامي وانڍيون مٿي واس. (4) اصل: آهين تڏپرا تن ۾......

(1)  ق: ... وائين اسان جي انگ. (2) هن بعد ق روايت ۾ هيٺيون مصراعون آيل آهن:

محبت ۾ جن جي تو ذرا ڪئي ڄاڻ،

تن وساريو توکي، ڪري ٻين سين رهاڻ.

(3)  ق روايت ۾:

آهيس ڪلمون قلب ۾، ٻيو اسان ڏانهن ايمان،

۽ آر گهڻي الله سين ۽ اسان ڏانهن ايمان.

(4)  اصل: ... ٻئو پوه پُندوس. (5) هن بعد ق روايت ۾ هيءَ مصراع آيل آهي: اسان ته هو وهم وترو، ٻيو ڪونه پوندوس. (6) اصل ائين. ق: اسانهين وترو نينهن، پڻ سنڀريا سيڻ. (7) ق: نِت اکوڙي نيڻ. (8) هن بعد ق روايت ۾ آيل مصراع: رچي رهيا روح ۾ نماڻا نيڻان.

(1)  ق: ميان سي مون مانَ مان. (2) ق: جيڪر هلي حضور ۾، آءٌ حاضر ٿيان وٽن. (3) اصل: ميان آڇار من جا توه کال کري.

(1)  ق: آءٌ وڃان لالن لوءِ. هن بعد ق روايت ۾ هيٺيون مصراعون آيل آهن:

خبر سندي سڄڻين، ڏئين اڄوڪي ڏينهن،

ته راتيان ڪري پنڌڙو، رسان ساجن سِيئن.

(1)  اصل ائين. (2) ق روايت ۾ هن بعد هيءَ مصراع آيل آهي: اُڀو آهي آسَ ۾، مڪو سدائين.

(3)  ق: آءٌ مٿان تو گهوريان، ائين چيائين. (4) ق: تاڻيو ڇني ٽاريون، ڏور وجهي ٿي ڏار. اصل: ٽاريء ڇِني تُهري ٿي ڏور وڃي ڏار.

(1)  هيءَ مصراع فقط ق روايت ۾ آهي، اصل نسخي ۾ ناهي. (2) ق روايت ۾ هن کان اڳ هيءَ مصراع آيل آهي: جي هئي حبيب ڏي، پاڪ گناه هون؛ ۽ ان بعد هيءَ مصراع آيل آهي: سنجهي صبح ساه سين تنهن جي حب رکن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org