سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:8 

روايت-1

قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانوءَ جو*

ڪنهن زماني ۾ فارس ملڪ(1) تي بهرام نالي هڪ عادل بادشاهه حڪومت ڪندو هو. جنهن کي ’گور‘ جانور جي شڪار جو شوق تمام گهڻو هوندو هو، انهيءَ ڪري کيس ’بهرام گور‘ چوندا هئا.(2) بهرام تمام سهڻو، عاقل ۽ بهادر بادشاهه هو. وٽس لشڪر ۽ خزانو اڻ ڳڻيو موجود هوندو هو. وقت جا سڀئي بادشاهه هن کي ڏَن ڀريندا هئا ۽ کيس شهنشاهه جو لقب ڏنو هئائون.

انهن ڏينهن ۾ ڪوهه قاف جبل تي ديون جو هڪڙو بادشاهه رهندو هو، جنهن کي ’سفيد ديو‘ سڏيندا هئا. هيءُ ديو وڏو سرڪش ۽ ظالم هوندو هو ۽ لکين ديو سندس تابع هئا. هڪڙي ڏينهن سفيد ديو آدمين جي ملڪ ۾ سير ڪرڻ جي نيت سان پنهنجي ملڪ مان نڪتو ۽ گهمندي گهمندي اچي فارس ۾ پهتو. هن کي هيءُ ملڪ ڏاڍو پسند آيو ۽ هڪڙي رات اتي رهي پيو. شهر ۾ گهمندي ڏسندي وائسندي جڏهن شاهه بهرام تي نظر پيس تڏهن مٿس عاشق ٿي پيو ۽ سندس حسن جو اُهاءُ ۽ صورت جو شعاع نه: جهلي بيتاب ٿي ڪري پيو. هوش ۾ اچڻ بعد دل ۾ چيائين ته ههڙو صورتمند ۽ سدا سهڻو جو ان مون پنهنجي عمر ۾ نڪي ڏٺو نڪي ٻڌو. هاڻي سفيد ديو کان پنهنجو وطن ۽ بادشاهي به وسري وئي، سندس دل بهرام جي عشق ۾ اهڙي قيد ٿي وئي جو عقل ۽ هوش وڃائي هن جي حسن جي باغ ۾ ڀونر بڻجي ڦيريون پائڻ ۽ طواف ڪرڻ لڳو. کائڻ، پيڻ، سک ۽ سمهڻ سڀ وسري ويس. هر روز طرحين طرحين شڪلين ۾ شاهه بهرام جي کٻي سڄي بيٺو هوندو هو ۽ اهڙيءَ طرح هن جي حسن جو ديدار پيو ڪندو هو. پر جيئن جيئن ڏانهس پيو نهاريندو هو، تيئن تيئن محبت جي سڪ سندس دل ۾ پئي وڌندي هئي. هر وقت ائين پيو چوندو هو ته: شل سڄڻ جي نگاهه سدائين منهنجي طرف هجي ۽ جيڪڏهن رب سائين ڪو وجهه ڏياري ته هن کي کڻي پنهنجي وطن هليو وڃان ۽ اتي تخت تي ويهاري هميشه لاءِ سندس صورت جو تماشو ويٺو ڏسان. انهيءَ لاءِ ڪئين حيلا به ڪيائين پر ڪامياب ٿي نه سگهيو. تان جو ائين ڪندي ٻارهن ورهيه برابر گذري ويس. نيٺ خدا صاحب ڪريم آهي جنهن چور جو به پورهيو نه وڃايو آهي، تنهن مهربان مالڪ جي درٻار ۾ هن عاشق جي دانهن به وڃي قبول پئي ۽ بهرام جي قسمت وطن منجهان کڄڻ لڳي.(1)

هڪڙي ڏينهن شاهه بهرام شڪار لاءِ اميرن ۽ وزيرن سميت شهر مان ڪوچ ڪري جهنگ ڏانهن اٿي هليو. هنن جي سواريءَ جي رونق ۽ تجمل ڏسڻ وٽان هو. اڳ ۾ گهوڙي سوار فوج جا دستا، وچ ۾ بادشاهه ۽ اميرن وزيرن جون پالڪيون ۽ پٺ ۾ پيادل فوج، جنهن بر ۾ بهاري ڪري ڇڏي. واٽ ويندي طرحين طرحين جا تماشا ۽ شڪار ڪندا گهمندا ڦرندا اچي هڪ ٻيلي ۾ نڪتا. هاڻي سفيد ديو به موقعي جي نزاڪت کي تاڙي ورتو ۽ گورخر(2) جي شڪل ۾ ٿي ڏاڍي سهڻيءَ چال سان اتان اچي لنگهيو. شاهه بهرام هن عجيب گورخر کي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو ۽ حڪم ڏنائين ته: ڪنهن به طرح هن کي جيئرو ڦاسايو. شاهي حڪم ملڻ شرط سوارن ۽ پيادل فوج انهيءَ گورخر کي گهيرو ڪري روڪي ورتو. پوءِ هڪڙي سپهه سالار هن کي واڳ ڏئي آڻي بادشاهه جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته: اي بادشاهه! هي سهڻو جانور خدا تعاليٰ توهان ڏانهن موڪليو آهي، ان لاءِ ته هن تي سواري ڪرڻ سان دنيا ۾ توهان جي شان جو ڌاڪو ڄمي. شاهه بهرام هي ڳالهه ٻڌي انهيءَ وقت ئي گهوڙي تي سونهري سنج رکايا ۽ مٿس سوار ٿي اڳتي هلڻ لڳو. بادشاهه جي سوار ٿيڻ بعد گورخر خوشيءَ مان هڻڪڻ ۽ عجيب عجيب ناچ ڪرڻ لڳو. اهڙيءَ طرح نچندو ٽپندو لشڪر کان گهڻو پري نڪري ويو. جڏهن ڏٺائين ته هاڻي بادشاهه لشڪر کان پري آهي تڏهن ڇال ڏئي وٺي آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو ۽ ڏسندي ڏسندي غائب ٿي ويو. هيءُ حال ڏسي سڄي لشڪر ۾ اچي هُل پيو ۽ سڀئي حيران ٿي چوڻ لڳا ته: اي يارو! هيءَ ته ڪا آفت هئي جا گورخر بڻجي آئي ۽ بادشاهه کي اُڏاري کڻي وئي! سڄي لشڪر تي ڏک ۽ ارمان جو ڄڻ ڪڪر ڪري پيو ۽ سڀئي امير، وزير ۽ سپاهي روئندا پٽيندا اچي شهر ۾ پهتا. هيءَ خبر ٻڌي بادشاهه جي محلات خواهه شهر ۾ نسورو ماتم مچي ويو. ننڍو وڏو، جوان ۽ پيرسن شاهه بهرام جي مهربانين ۽ خلوص کي ياد ڪري روئڻ لڳو. آهستي آهستي هيءَ خبر سڄي بادشاهت ۾ پکڙجي وئي ۽ هر هنڌ بادشاهه جي هن طرح اوچتو گم ٿيڻ تي عجب ۽ افسوس جا اظهار ٿيڻ لڳا.

جڏهن گورخر ڇال ڏئي آسمان تي چڙهڻ لڳو، تڏهن بادشاهه کي ڏاڍو عجب لڳو ۽ هراس کان سندس گردن ۾ هٿ وجهي قابو ٿي ويهي رهيو. گورخر هڪ پل ۾ ڪئين هزار ڪوهه پنڌ ڪري وڃي آسمان جي چوٽيءَ سان لڳو، ۽ سڄو ڏينهن اڏامندو اڏامندو سج لٿي مهل اچي ڪوهه قاف جبل تي لٿو. اتي بادشاهه کي پنهنجي ڪنڌ تان لاٿائين ۽ پاڻ ساڳيءَ طرح ٽپڪا ڏيندو هڪ طرف غائب ٿي ويو. هاڻي بادشاهه حيرت ۾ پئجي وائڙن وانگر هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو. ڇا ڏسي ته هو هڪڙي عاليشان باغ ۾ بيٺو آهي، جنهن ۾ ريشم جا فرش پٿريا پيا آهن، مٺي پاڻيءَ جون نهرون پيون وهن، عجيب عجيب قسم جا وڻ ۽ ٻوٽا قطارن ۾ بيٺا آهن، تن تي قسمين قسمين پکي مٺيون لاتيون پيا لَون. باغ جي بهار، گلن جي هٻڪار ۽ وڻن جي وڻڪار ڏسي خدا وند ڪريم جي صفت ۽ ساراهه ڪرڻ لڳو. ههڙو وڻندڙ باغ هن پنهنجي عمر ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو هو. بادشاهه هي باغ ۽ ان ۾ هڪ عاليشان رنگ محل ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ قدرت جا هي اسرار ڏسڻ لاءِ اڳتي وڌيو. جيئن جيئن پئي اڳڀرو ويو تيئن تيئن نيون ڳالهيون ڏسيو پئي عجب ۾ پيو. محلات جو هر ڪمرو الڳ الڳ رنگ ڍنگ سان سينگاريل نظر آيس. طرحين طرحين جا نقش ۽ تصويرون، عقيق، زمرد، ياقوت ۽ بلور جي گلڪاريءَ سان، وري زمين تي مخمل، اطلس، ڪيمخاب ۽ زربفت جا غاليچا؛ الماڙين ۾ انگوري شراب سان ڀريل صراحيون، تن جي ڀر ۾ سونا پيالا ۽ بلوري گلاس ڏسي شاهه بهرام اچرج ۾ پئجي ويو. هو اڃان انهيءَ عجب ۽ حيرت واري حالت ۾ اتي ئي بيٺو هو ته ساڳيو سفيد ديو اچي اتي حاضر ٿيو، جنهن جو قد وڏي جبل جيڏو هو ۽ پنج سو مڻن جو گرز هٿ ۾ هئس. شاهه بهرام، ديو جي هيبتناڪ شڪل ڏسي دهلجي ويو. اتي ديو هٿ ٻڌي نرميءَ سان چوڻ لڳس ته: اي منهنجا سپرين! تون مون کان نه ڊڄ. هاڻي تون منهنجو سائين آهين ۽ آءٌ تنهنجو گولو ٿي رهندس. مونکي تنهنجي تار گهڻي وقت کان لڳل هئي ۽ هروقت تنهنجي طلب ۾ پڇندو پئي رهيس؛ هاڻي آءٌ توکي پنهنجي حقيقت ٻڌايان ٿو ته ڪيئن تنهنجي برهه جي باهه مون کي وڪوڙيو آهي. اي بادشاهه! هڪڙي ڀيري آءٌ سير ڪرڻ جي خيال سان تنهنجي شهر ۾ اچي نڪتس، اوچتو تنهنجي سهڻي صورت تي منهنجي نظر پئجي وئي ۽ توکي ڏسنديئي منهنجي دل وس کان نڪري وئي. تنهنجي طلب جي تير اڳين پائين سرت به وڃائي ڇڏي. ايتري به سمجهه نه رهي ته ڪير آهيان ۽ ڪٿي آهيان. تنهنجي ديدار کان سواءِ مونکي ڪا به ڳالهه نه پئي وڻي، جيستائين توکي نه ڏسان تيستائين آرام نه پيو اچي، تنهنجي محبت جو مچ اندر ۾ مچندو رهيو، تان جو ٻارهن ورهيه برابر مون هن آزمائش ۾ گذاريا(1)، پر  تنهنجي ديدار کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هٿ ڪري نه سگهيس ۽ نڪي ڍائس. ايترا ڏينهن توکي پري کان پسي دل کي پئي پرچايم، پر جڏهن موقعو ڏٺم تڏهن توکي ڪنڌ تي چاڙهي هتي کڻي آيس، ان لاءِ ته هتي تنهنجي حسن جو ديدار ويٺو ڪريان. هي سڀ باغ دستان تنهنجي لاءِ ٺهرايا اٿم. پوءِ پنهنجو گرز هڪ طرف رکي هٿ ٻڌي چيائين ته: اي من مهڻا محبوب! هاڻي توکي کڻي اچڻ جي جيڪا بي ادبي ڪئي اٿم، سا مونکي معاف ڪر. تڏهن شاهه بهرام وراڻيس ته: اي يار! هي جيڪي به ٿيو سو منهنجي باب ۾ روز ازل کان ئي ائين لکيل هو، ان ۾ تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي توکي سڀڪجهه معاف آهي.(2)

انهن ڳالهين کان پوءِ ٻئي گڏجي شراب پيئڻ لڳا ۽ ساڳئي وقت راڳ سرود شروع ٿي ويا. چئني طرفن کان ربابن، طنبورن ۽ ڍولڪن جا اهڙا مزيدار آواز پئي آيا، جن جي ٻڌندي جيڪر ورهين جا غم وسري وڃن. اتي شاهه بهرام، سفيد ديو کان پڇيو ته: هي آواز ڪٿان ٿا اچن؟ مونکي ته ڪجهه به نظر نٿو اچي. اها ڳالهه ٻڌي ديو کلي ڏنو. پوءِ هڪ سُرمون ڪڍي هن کي ڏنائين ۽ چيائينس ته: هي سليماني سرمون هميشه پاڻ وٽ رکج. هن منجهان ٿورو اکين ۾ پائڻ سان توکي سڀ تماشو ڏسجڻ ۾ ايندو. شاهه بهرام اهو سرمون وٺي اڃان اکين ۾ پاتو مس ته اهي سڀ اسرار، جيڪي هن کان مخفي هئا، سي سڀئي ڏسجڻ ۾ آيس. ڇا ڏسي ته هڪڙي پاسي هزارين ديو هٿ ٻڌيو حاضر بيٺا آهن ۽ ٻئي پاسي ڪئين پريون سونهن ڀريون وڏي ادب سان بيٺيون آهن. هنن ديون ۽ پرين جي وچ ۾ ڪي پريون ناچ پيون ڪن. جڏهن ناچ ختم ٿيو تڏهن سفيد ديو چوڻ لڳو ته: اڄ منهنجو محبوب مون وٽ موجود آهي، انهيءَ خوشيءَ ۾ اهڙو ته راڳ ۽ ناچ ڪريو جو دل جا سڀ غم ۽ گذريل وقت جون مڙئي تڪليفون وسري وڃن. هن حڪم ملڻ شرط سڀني پرين زريفت جون پوشاڪون ۽ هيرن جواهرن جا زيور کڻي پاتا. اهڙيءَ طرح هار سينگار ڪري گڏجي وٺي راڳ ۽ ناچ جي ڌم مچايائون. ناچ ۽ نخرن ڪندي ڇال ڏئي جيئن جيئن زمين تي پئي ڪريون ۽ وري پئي اٿيون ته ڏسندڙن جي دلين کي ڇڪي پئي ورتائون. شاهه بهرام، جنهن ههڙو حسن ۽ تماشو اڳي ڪڏهن ڪين ڏٺو هو، سو اهڙو ته مست ٿي ويو جو پنهنجي بادشاهن وطن ۽ محلات سڀ وسري ويس. هن تماشي ختم ٿيڻ تي سفيد ديو طعام حاضر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. هڪدم رنگارنگي ۽ قسمين قسمين کاڄ اچي حاضر ٿيا. شاهه بهرام هي طعام کائي ڏاڍو سرهو ٿيو. اهڙيءَ طرح هن سارو ڏينهن انهيءَ مجلس ۾ گذاريو. رات پوڻ شرط سارو محلات ۽ باغ بستان روشنائيءَ کان ٻهڪي ويا. پوءِ سفيد ديو ساڳئي ادب سان عرض ڪيو ته: هنن پرين منجهان جيڪا پري منظور هجي تنهن کي ساري رات پنهنجي خدمت ۾ رکجو. ائين چئي وري پرين کي چيائين ته: هار سينگار ڪري منهنجي يار جي خدمت ۾ حاضر رهجو ۽ جيڪي گهري سو سندس اڳيان آڻي موجود ڪجو. هي سڀ حڪم احڪام ڏيڻ کان پوءِ سفيد ديو پاڻ غائب ٿي ويو ۽ شاهه بهرام پرين سان محفل مچائڻ ۾ لڳي ويو. بادشاهه ۽ پرين جو شغل سڄي رات هليو. صبح ٿيڻ شرط سفيد ديو وري اچي حاضر ٿيو ۽ هي نئون ڏينهن نون نظارن سان شروع ٿي ويو. اهڙيءَ طرح شاهه بهرام خوشيءَ ۽ راحت ۾ گهڻئي ڏينهن گذاريا.

هڪڙي ڏينهن سفيد ديو، شاهه بهرام جي اڳيان ادب سان ويهي عرض ڪيو ته: ڪوهه قاف جي پرئين پاسي منهنجو ڀاءُ سرخاب ديو رهندو آهي، جنهن جي گهر ۾ شادي آهي ۽ مون لاءِ اوڏانهن وڃڻ تمام ضروري آهي، پر پنڌ تمام پري آهي تنهنڪري مونکي ڏهن ڏينهن جي رخصت عنايت ڪر، ته اتان گهمي ڦري اچان. تون هتي هنن پرين سان بنا ڪنهن خوف جي خوش گذارج ۽ ڪو به وهم دل تي نه آڻج؛ پر جيڪڏهن ڪنهن ڏينهن اُداس ٿي پوين ته هن کان وڌيڪ وڻندڙ ٻيو هڪڙو باغ اٿئي، جنهن جي ڪنجي توکي ڏئي ٿو وڃان. اوڏانهن سير ڪرڻ لاءِ وڃج. اهو باغ خاص منهنجي رهڻ جو آهي، جنهن ۾ هنن ديون ۽ پرين کي به اندر وڃڻ جو حڪم ناهي. ائين چئي سفيد ديو ته روانو ٿي ويو، پر شاهه بهرام انهيءَ مهل کان ئي هن نئين باغ جي ڏسڻ لاءِ بيتاب ٿيڻ لڳو.

خير اهو ڏينهن ۽ رات جيئن تيئن ڪري گذاريائين. ٻئي ڏينهن ڪنجي کڻي انهيءَ باغ جي ڏسڻ لاءِ نڪتو. ڇا ڏسي ته باغ نه پر بهشت جو ڪو ٽڪرو آهي. چوطرف سونيون روپيون جايون، عجيب قسمن جا وڻ، ٻوٽا ۽ گل ڏسي وائڙو ٿي ويو. باغ جي وچ ۾ هڪ عاليشان تلاءُ(1) هو، جنهن جي ڦوهاري مان رنگارنگي پاڻي بوندون ڪري پئي نڪتو. شاهه بهرام هي چهچٽو ڏسي اتي ئي بيهي رهيو. اڃان ٿورو وقت مس گذريو ته اوچتو ئي اوچتو چار سونهري ڪبوتر اڏامندا اچي محلات جي ڪنگرن تي ويٺا. شاهه بهرام انهن ڪبوترن کي ڏسي حيران ٿي ويو. ٿوريءَ دير کان پوءِ ڪبوتر اتان بازيون ڏيندا ڦيريون پائيندا اچي حوض جي ڪناري تي ويٺا ۽ راند ڪندي ليٽي پيٽي ڪبوترن مان پريون بڻجي پيون. پرين اڃان تائين شاههه بهرام کي نه ڏٺو هو، سي اڪيلائي ڏسي وهنجڻ جي خيال سان حوض جي ڪنڌيءَ تي ڪپڙا لاهي تلاءَ ۾ گهڙي پيون. شاهه بهرام اڳ اهڙو حسن ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو، سو هنن کي ڏسڻ شرط بيتاب ٿي ڪري پيو. انهن پرين مان ’حسن بانو‘ نالي هڪڙي پري، جا عمر ۾ سڀني کان ننڍي ۽ تمام سهڻي هئي، تنهن جي حسن ته شاهه بهرام کي هيڪاري حيران ڪري ڇڏيو. سندس حسن ۽ نخرن هن کي اهڙو ته موهي وڌو جو سرت وڃائي مستن وانگر باغ جي هڪڙيءَ ڪنڊ ۾ ويهي وڦلڻ لڳو. آخر جڏهن هوش آيس تڏهن دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو ته هي پريون وهنجي هليون وينديون، تنهنڪري اهڙي ڪا تجويز ڪريان جو اها ننڍي پري مون سان هڪ دفعو ڳالهائو ٿئي؛ ٻيءَ صورت ۾ انهيءَ من مهڻيءَ کان سواءِ آءٌ هتي بيڪفنو ٿي مري ويندس. اها ڳالهه ڳڻي لڪندو ڇپندو انهيءَ تلاءَ وٽ آيو ۽ حسن بانوءَ جي پوشاڪ کڻي ڪنهن ٻُوٽي جي اوٽ ۾ لڪي ويهي رهيو. ڳچ وقت تائين اهي پريون تلاءَ ۾ رونشا لايو بيٺيون هيون ۽ کين انهيءَ ڳالهه جي ڪا به خبر ڪانه هئي. اوچتو منجهانئن هڪڙيءَ چيو: ٻڌو اٿئون ته سفيد ديو ڪو آدمزاد بادشاهه کڻي آيو آهي، جو ڏاڍو صورتمند ۽ سهڻو آهي، ايتريقدر جو ڪوبه ڏسندڙ سندس حسن جي شعاع اڳيان بيهي نٿو سگهي، ڇو نه هتان هلي ڪنهن طرح ان کي ڏسون! تڏهن حسن بانوءَ وراڻيو ته: اديون! اوپري ماڻهوءَ کي ڇا ڏسي ڪنديونسين؟ ائين نه ٿئي جو اٽلوڪا مصيبت ڳچيءَ ۾ پئجي وڃي. مون رات هڪڙو خواب ڏٺو آهي ته اسين چارئي سير جي خيال سان نڪتيون آهيون ۽ واٽ تي اهڙو ڪو اتفاق ٿيو آهي جو چارئي هڪٻئي کان وڇڙي ويون آهيون. توهان کان جدا ٿيڻ کان پوءِ مونکي ڏاڍيون مشڪلاتون پيش آيون آهن. هاڻي خبر نه آهي ته هن خواب جو تعبير ڪيئن ٿئي! پر ڄائي واڻي ته ڪنهن به آفت جي آڏو نه وڃجي. بهتر آهي ته هتان سڌيون پنهنجي منزل طرف هليون هلون. اها ڳالهه ٻڌي سڀني پرين بادشاهه کي ڏسڻ جو خيال لاهي حسن بانوءَ کي دلداري ڏني ۽ پوءِ جلدئي حوض مان ٻاهر نڪتيون.

هرڪا پري پنهنجي پوشاڪ پهري ڪبوتر بڻجي ويهي رهي، پر حسن بانو جنهن جي پوشاڪ گم هئي سا اڃان تلاءَ ۾ ئي رهي. ٽنهي پرين حسن بانوءَ جي پوشاڪ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن گهڻيون ئي جهوتون ڏنيون پر پوشاڪ نه لڀڻي هئي سا نه لڌي. نيٺ نا اميد ٿي موٽي آيون ۽ ڏاڍي ڏک ۽ افسوس سان حسن بانوءَ کي چوڻ لڳيون ته: هاڻي واپس ورڻ جي مهل به ٿي آهي، پر توکي هن پرائي باغ ۾ اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃون؟ اهڙي بدبختي جي خبر هجي ها ته هوند هن باغ ۾ پير ئي نه وجهون ها. تڏهن حسن بانوءَ چين ته: اديون! مون جيڪو خواب توهان کي بيان ڪري ٻڌايو سو سايد ظاهر پيو ٿئي. هاڻي ڏسجي ته تقدير اڳتي ڇا ٿي ڪري. خبر نه آهي ته اهو ڪهڙو ظالم هن باغ ۾ آيل آهي، جو منهنجي پوشاڪ کڻي گم ٿي ويو آهي. هاڻي توهين وطن ورڻ لاءِ تيار بيٺيون آهيو ۽ آءٌ هتي پنهنجي پوشاڪ ڦرائي رهجي ويس. اتي سهيلين چيس ته: جيڪڏهن اسين توسان هتي رهي پونديونسين ته به ڪو فائدو ڪو نه ٿيندو ۽نڪي پوشاڪ لڀي پوندي. تڏهن حسن بانوءَ اکين ۾ پاڻي آڻي چيو ته: توهين ڀلي وطن وڃو، منهنجي باب ۾ خبر ناهي ته ڇا لکيل آهي، جو هتي پرائي ديس ۾ اڪيلي رهجي ويس. آءٌ ڪهڙي اُڪير مان توهان سان گڏجي سير لاءِ هت آيس، پر مونکي ڪهري خبر ته منهنجي قسمت ۾ هي عذاب لکيل آهي. نيٺ قسمت جي مرضي قائم بيٺي ۽ اسان ۾ وڇوڙو اچي ويو. تنهن کان پوءِ سهيليون حسن بانوءَ کان موڪلائي اڏامي هليون ويون.

سهيلين جي وڃڻ کان پوءِ حسن بانو اچي روئڻ ۾ ڇٽڪي ۽ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چوڻ لڳي ته: اي مالڪ! توکان سواءِ منهنجو هتي ٻيو ڪوبه مددگار ڪونهي. آءٌ ٺهي جڙي سهيلين سان گڏجي سير لاءِ آيس، پر تقدير ۾ ائين هو جو ننگي نماڻي رهجي ويس. هاڻي هن اوجهڙ ۾ تون ئي منهنجي واهر ڪج. اهڙيءَ طرح ويچاريءَ خدا جي درگاهه ۾ پئي ٻاڏايو ته شاهه بهرام به آهستي آهستي باغ جي هڪ ڪنڊ مان نڪري نروار ٿيو. حسن بانوءَ هن کي ڏسي دل ۾ چيو ته هن کان سواءِ هتي ٻيو ڪوبه ماڻهو نه آيو آهي ۽ پوشاڪ منهنجي انهيءَ ئي کنئي آهي. پوءِ ته زاروزار روئي شاهه بهرام کي چيائين ته: اي آدمزادا! آءٌ پرديسڻ راهه مسافر ڏاڍي لاچار آهيان، مونکي سهيليون هتي اڪيلو ڇڏي اڏامي هليون ويون آهن. هتي منهنجو الله کان سواءِ ڪو ساٿي ڪونهي، منهنجي پوشاڪ ڌڻيءَ جي نانءُ تي مونکي واپس ڏي، ڇو ته جيڪي نيڪ بخت ماڻهو هوندا آهن، سي مسڪينن تي رحم ڪندا آهن. تڏهن شهزادي چيس ته: اي سڄڻ! آءٌ پاڻ به پرديسي آهيان، خبر نه آهي ته وڇڙين کي موليٰ ڪڏهن ميليندو. هتان هزارين ڪوهه پري آدمزادن جو جيڪو ملڪ آهي، سو منهنجو وطن آهي، فارس ملڪ منهنجي حڪومت آهي. جنهن رب سائينءَ ديس مان ڪڍي پرديسي ڪيو آهي تنهن جي رضا تي ٰآءٌ اوس راضي آهيان. جڏهن منهنجي قسمت ۾ ئي ائين لکيل هو تڏهن سفيد ديو مونکي اتان کڻي هتي ديون جي ملڪ ۾ آندو آهي. ڪٿي راڄ رهيو ته ڪٿي رعيت، ڪٿي لشڪر ته ڪٿي خزانا. هن بيگاني ملڪ ۾ ڪو سونهون ڪونه اٿم، رات ڏينهن اداس پيو گذاريان. چوڌاري ديو چاري اٿم، ويتر هن باغ ۾ اچڻ سان تنهنجي نينهن نهوڙي نيم. هڪ اڳئي بيوطن مسافر، ٻيو وري تنهنجي عشق جو قهري تير لڳو، تنهن ته باقي رهيل حال به وڃائي ڇڏيو. هاڻي هن پرديس ۾ منهنجو به توکان سواءِ جيئڻ ڪونهي. پر جيڏهن تنهنجي به وڃڻ واري مرضي آهي ته ڀلائي ڪري هن تلوار سان اڳوپوءِ ماري وڃ.

شاهه بهرام کان درد جون ڳالهيون ٻڌي حسن بانوءَ پنهنجون اکيون مٿي کنيون ۽ هن کي ڏسنديئي مٿس عاشق ٿي پئي، ۽ دل ئي دل ۾ هن جي سونهن جي تعريف ڪرڻ لڳي؛ پر ظاهري بيپرواهي ڏيکارڻ لاءِ هن کي چيائين ته: اي بادشاهه! تنهنجي ۽ منهنجي دوستي ڪيئن ٺهندي؟ ڇو ته آءٌ آهيان ناري ۽ تون خاڪي. ناري ۽ خاڪي جسمن جو ميلاپ ڪيئن ٺهندو؟ تنهن کان سواءِ مون ٻڌو آهي ته آدمين ۾ وفا ڪانهي ۽ دوستي توڙ تائين نه نباهيندا آهن. پر اسان ۾ قاعدو آهي ته محبت لڳڻ کان پوءِ جيستائين ساهه بت ۾ هوندو آهي تيستائين هرحال ۾ نينهن نباهيون. تڏهن شاهه بهرام چيس ته: اي دلبر! مونکي ڇو بيوفا ٿي ڪوٺين؟ ڪهڙيءَ ڳالهه ۾ مونکي آزمايو اٿئي، هن کان اڳي اسان ٻنهي جي وچ ۾ ڪا دوستي هئي ڇا جو بيوفا ٿي ڪوٺين؟ تڏهن حسن بانوءَ چيس ته: بادشاهه! توتان صدقو وڃان، آءٌ به تنهنجي صورت تي ڇڪن ٿي پئي آهيان. عشق جهڙي لوري توکي لاتي آهي تهڙي ئي لنءُ مونکي به لڳائي اٿس. هاڻي تون منهنجو ۽ آءُ تنهنجي، ڌڻيءَ کڻي اسان کي پاڻ ۾ ملايو آهي. توکي بيوفا ٿي سڏيان جو متان ڪڏهن هي ڳالهيون وساري مون کان بيوفا ٿي سڏيان جو متان ڪڏهن هي ڳالهيون وساري مون کان منهن نه موڙي وڃين. هاڻي تون پنهنجي زبان سان اقرار ڪر ته هر حال ۾ دوستي توڙ تائين نباهيندين. تڏهن شاهه بهرام وراڻيس ته: من مهڻي! آءٌ تو سان اقرار ٿو ڪريان ته جيسين جيئرو هوندس تيسين تنهنجي مٿان پاڻ قربان ڪندس. مري وڃڻ کان پوءِ مون تي ميار ناهي. ان بعد شاهه بهرام کيس سندس پوشاڪ ڏني جا هوءَ پائي تلاءَ مان نڪتي. پوءِ ٻئي عاشق معشوق انهيءَ تلاءَ هي ڀر ۾ ويهي هڪٻئي سان گفتگو ڪرڻ لڳا. ڪجهه وقت کان پوءِ حسن بانوءَ نهايت ڏک ۾ بادشاهه کي چيو ته: خدا سائين شل خير ڪري، پر هڪڙيءَ ڳالهه جو دل تي ڏاڍو خوف ٿي بيٺو اٿم، جنهن مان ڇٽڻ ڏاڍو مشڪل ٿو ڀانئجي. اهو جي ته سفيد ديو جڏهن اسان جي صحبت جي ڳالهه ٻڌندو تڏهن ڪاوڙجي تنهنجي ۽ منهنجي کل لاهي ڇڏيندو. ڇو ته هو ورهين کان مون تي عاشق آهي ۽ رات ڏينهن آرام ڪونهيس. اڳي هن جاءِ تي برپٽ هوندو هو، هاڻي هتي هي جيڪي محلات، چشما، حوض ۽ باغ باغيچا ڏسين ٿو سي سڀ خاص منهنجي لاءِ تيار ڪرايا اٿس. انهيءَ کان سواءِ منهنجي پڪڙڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي دام وڇائي ڇڏيا اٿس، پر اڃان تائين سندس ڪو به حيلو هلي نه سگهيو آهي. البت ڪڏهن ڪڏهن لڪي ڇپي منهنجو ديدار ڪري وٺندو آهي، پر جڏهن مونکي پڪڙڻ جو ارادو ڪندو آهي تڏهن آءٌ اڏامي هڪ گهڙيءَ ۾ سوين ڪوهه پنڌ ڪري ويندي آهيان؛ هينئر آءٌ توسان گڏ هتي ويٺي آهيان ۽ هو ايندو ته مونکي پڪڙي وٺندو، پوءِ سندس دل جيئن گهرندي تيئن ڪندو. خبر ناهي ته مونکي الاجي ڪيئن قيد ۾ رکندو ۽ توکي ڪهڙي سزا ڏيندو. تڏهن شاهه بهرام دلداري ڏيندي چيس ته: تون اهو خطرو اصل نه ڪر، هڪ ته هو هتي موجود ئي ڪونهي، ٻيو ته هن جو مون سان ايتريقدر عشق آهي جو آءٌ جيڪڏهن هڪڙي گهڙي هن سان منهن ڏئي نه ڳالهايان ته جيڪر مري وڃي. اها ڳالهه ٻڌي حسن بانو ڪجهه سامت ۾ آئي ۽ شاهه بهرام کي هي فريب سيکاريائين ته: جڏهن سفيد ديو انهيءَ سفر تان موٽي اچي ته تون ڊگهو ٿي پئجي رهج ۽ ماٺ ڪري هر ڳالهه تي ٿڌا شوڪارا  پيو ڀرج، ۽ کائڻ پيڻ به ڇڏي ڏج، توڻي هو تو کان بار بار هن حال جو سبب پڇي ته به تون ڪو جواب نه ڏج؛ پوءِ جڏهن حضرت سليمان عليھ السلام جو قسم کڻي تڏهن حقيقت ٻڌائج. انهيءَ صلاح کان پوءِ حسن بانو، شاهه بهرام کان موڪلائي هلي وئي.

ٿورن ڏينهن بعد سفيد ديو به سفر تان موٽيو ۽ شاهه بهرام لاءِ طرحين طرحين سوکڙيون پاکڙيون کڻي ڏاڍي چاهه مان هن سان ملڻ لاءِ آيو. پر ڇا ڏسي ته شاهه بهرام بيحال ٿيو پيو آهي، نه کائي ٿو نه پيئي ٿو ۽ زار زار پيوروئي. سفيد ديو اهو حال ڏسي ڏاڍي عجب مان ماجرا پڇڻ لڳس، پر شاهه بهرام ورندي اصل ڪا نه ڏنيس. هن جي اها حالت ڏسي ديو ڪاوڙجي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ ديون پرين کي سڏائي پڇيائين ته: هن کي ڪنهن رنجايو آهي، مونکي سڀ حقيقت کولي ٻڌايو ته آءٌ ان جي پاڙ پٽي شاهه بهرام جو بدلو وٺان. تڏهن سڀني ديون پرين سُنهُن قسم کاڌو ته: اسان کي ڇا مجال جو بادشاهن جي بي ادبي ڪريون، ۽ نه وري ڪنهن رنجايو اٿس، مگر ايتري خبر اٿئون ته هڪڙي ڏينهن تنهنجي خاص باغ ۾ هيڪلو هليو ويو هو ۽ اتان موٽي آيو ته اهو حال ڏٺوسينس. ديون ۽ پرين جي واتان اها خبر ٻڌي هيڪاري آرام ڇڏائي ويس ۽ پرين جي واتان اها خبر ٻڌي هيڪاري آرام ڇڏائي ويس ۽ عاجزيون ڪري شاهه بهرام کان پڇڻ لڳو ته: اي بادشاهه! آءٌ تنهنجو هي حال اکين سان ڏسي نٿو سگهان، تنهنڪري حقيقت حال جي ٻڌاءِ ته ان جو علاج ڪريان. سچ ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙو درد لڳو آهي؟ جيڪڏهن ڪنهن سان دل اڙي اٿئي ته هڪ پل ۾ آڻي اهو شخص حاضر ڪريان. جيڪڏهن ڪو درد اٿئي ته دوا درمل جو بندوبست ڪريان. مطلب ته تنهنجي هر طلب کي پڙ تي پوري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. جڏهن شاهه بهرام ڏٺو ته ديو تمام مهربان ٿيو بيٺو آهي، تڏهن چيائينس ته: توکي پنهنجو حال حقيقت سڀ ٻڌايان، پر اول سليماني قسم کڻڻو پوندءِ. جيڪڏهن تو حضرت سليمان جو قسم کنيو ته پوءِ ٻڌائيندس. تڏهن سفيد ديو چيس ته: اي بادشاهه! هي سڀ ملڪ، تخت، مال اسباب توتان قربان آهي، جيڪي به گهرين سو حاضر آهي. آءٌ حضرت سليمان جو قسم ٿو کڻان ته جيڪڏهن سر گهرندين ته اهو به تو مٿان صدقو آهي. اها ڳالهه ٻڌي شاهه بهرام خوشيءَ سان دل جي حقيقت کولي ٻڌايس ته: هڪ ڏينهن مونکي نئين باغ ڏسڻ جو شوق ٿيو، مون سير ڪندي باغ ۾ هڪڙي پري ڏٺي جنهن جو نالو حسن بانو هو. سندس حسن ڏسڻ شرط دل هٿان وڃائي ويهي رهيس. ان وقت کان وٺي اهو حال اٿم. هاڻي جيڪڏهن اها پري مونکي ملائيندين ته سچ پچ جي پوندس، ٻيءَ حالت ۾ اڄ يا سڀاڻي تنهنجي در تي انهيءَ درد ۾ ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندس.

سفيد ديو هيءَ حقيقت ٻڌي بيهوش ٿي ڌرتيءَ تي ڪري پيو. هوش ۾ اچڻ بعد شاهه بهرام کي چيائين ته: مون توکي چيو هو ته نئين باغ ۾ وڃج، پر هڪ ٻه گهڙي گهمي، دل وندرائي وري جلدي واپس اچج، پر تو ائين نه ڪيو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو جو جنهن محبوب جو آءٌ ورهين کان مشتاق هوس تنهن جي ور چڙهي وئين. جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص حسن بانوءَ جو رڳو نالو منهنجي اڳيان وٺي ته خبر ڏئي ڇڏيانس ها، پر هاڻي حضرت سليمان جو قسم کڻي ويٺو آهيان تنهنڪري حسن بانو توکي بخش ٿو ڪريان؛ پر هيءَ ڳالهه ياد رک ته هوءَ توتي راضي ڪين ٿيندي، ڇو ته هن کي پنهنجي حسن تي ناز آهي. تڏهن شاهه بهرام وراڻيس ته: هوءَ مون تي هر طرح راضي آهي. اسان ٻنهي هڪٻئي سان اهڙا انجام اقرار پڻ ڪيا آهن. سفيد ديو اها ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ چيائينس ته: جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ منهنجي طرفان توکي هر طرح اجازت آهي. پوءِ ته شاهه بهرام کي دلداريون ڏئي خوش ڪيائين.

ٿورن ڏينهن بعد جڏهن حسن بانو وعدي موجب شاهه بهرام سان ملڻ آئي، تڏهن سفيد ديو رضا خوشيءَ اسان اهو ٺهرايل سونهري باغ تحفي طور ۽ ڪئين پريون خدمت لاءِ کين ڏنيون. تنهن کان پوءِ هٿ ٻڌي شاهه بهرام کي چوڻ لڳو ته: اي بادشاهه! تون خوش ته آءٌ اڳيئي خوش. هاڻي ٻيو به جيڪو حڪم ڪرين ته آءٌ حاضر آهيان. تنهن تي شاهه بهرام وراڻيس ته: اي ديون جا سردار! منهنجي لونءَ لونءَ توکي دعائون ٿي ڪري، تنهنجو هي احسان آءٌ ساري عمر نه وساريندس. تنهن کان پوءِ ديو موٽي پنهنجي مڪان تي آيو ۽ هي ٻئي عاشق معشوق ڏاڍي محبت ۽ قرب سان انهيءَ باغ جي محلات ۾ رهڻ لڳا. سوين ديو ۽ پريون سندن خدمت ۾ حاضر هئا، جي سفيد ديو جي حڪم سان ڏهاڙي نيون نيون پوشاڪون ۽ قسمين قسمين کاڄ پيا موجود ڪندا هئا. هروقت  راڳ ۽ ناچ جي محفل لڳي پئي هوندي هئي. اهي پريون جي شاهه بهرام ۽ حسن بانوءَ جي خاص خدمت ۽ راڳ ناچ لاءِ مقرر ڪيل هيون. سي به تمام سهڻيون هيون، انهن سان گڏ شاهه بهرام ۽ حسن بانوءَ ڏاڍيءَ خوشيءَ سان پئي وقت کي گذاريو. پر جڏهن به شاهه بهرام، حسن بانوءَ کي شادي ڪرڻ لاءِ چوندو هو، تڏهن هوءَ هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪري ٽاري ڇڏيندي هئي. نيٺ هڪڙي ڀيري شاهه بهرام جي تمام گهڻي زور ڀرڻ تي چيائين ته: اي بادشاهه! توسان شادي ڪرڻ کان مونکي ڪو به انڪار ڪونهي، پر اسان ۾ رواج آهي ته ماءُ پيءُ جي موڪل ڌاران شادي نه ڪنديون آهيون، تنهنڪري تون ڪي ڏينهن صبر ڪر، جيستائين آءٌ پنهنجي پيءُ ماءُ کان اجازت وٺان.(1)

هوڏانهن جنهن ڏينهن کان بادشاهه غائب ٿيو هو، تنهن ڏينهن کان ساري بادشاهي، بنان بادشاهه جي ائين خالي پئي هوندي هئي. نيٺ ڪجهه وقت جي انتظار کان پوءِ سڀني اميرن وزيرن گڏ جي پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته مالڪ کان سواءِ ملڪ هڪ ڏينهن ويران ٿي ويندو، تنهنڪري بهتر آهي ته ڪنهن وزير کي ئي کڻي تخت تي ويهارجي. اهو ارادو ڪري هڪڙي نمڪ حرام وزير کي کڻي تخت تي ويهاريائون، جنهن ٿوري ئي وقت ۾ سڄو ملڪ اجاڙ ڪري ڇڏيو ۽ هرطرف ظلم مچائي ڏنو. ايتريقدر جو شاهه  بهرام جي چاليهن راڻين(1) مان اوڻيتاليهن سان شادي ڪيائين، باقي چاليهين راڻي ڏيڍي عقل واري هئي، تنهن اٽڪل سان وزير کي پئي ٽاريو، ۽ پنهنجي پٽ کي جو کيس شاهه بهرام جي گم ٿيڻ واري ڏينهن ڄائو هو. پئي پاليائين. سهي سهي آخر هڪڙي ڏينهن وزير، چاليهين راڻيءَ کي چوائي موڪليو ته: گهڻا ڏينهن تنهنجي چوڻ تي صبر ڪيم، هاڻي اڄ جو اڄ جواب ڏي ته مون سان شادي ڪرين ٿي يا نه؟ تنهن تي راڻيءَ به ڪاوڙ مان جواب ڏياري موڪليس ته: اي نمڪ حرام وزير! منهنجي مڙس شاهه بهرام کي اها خبر ڪانه هئي ته تون هن طرح بي ايماني ڪندين. هاڻي جيڪڏهن زور ظلم ڪري منهنجي حويليءَ ۾ پيهي ايندين ته توکي به مارينديس ۽ پاڻ کي به قتل ڪنديس. اها ڳالهه ٻڌي وزير ڪاوڙ ۾ تپي ڳاڙهو ٿي ويو ۽ حڪم ڪيائين ته: جيڪڏهن راڻي مون سان شادي ڪرڻ کان انڪار ٿي ڪري ته پوءِ سندس پٽ کي هڪدم کڻي اچو ۽ منهنجي اڳيان قتل ڪري ڇڏيو. تنهن تي اميرن وزيرن چيس ته: هيءَ ڳالهه مناسب ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو ٻار بيڏوهي آهي، هن کي مارائڻ مان دنيا ۾ تنهنجي  بد ناموسي ٿيندي، تنهنڪري بهتر آهي ته انهيءَ ڳالهه تان لهي وڃ. اها صلاح ٻڌي وزير خون جو ارادو لاهي ڇڏيو ۽ حڪم ڏنو ته راڻيءَ کي محلات مان ڪڍي بنديخاني ۾ پوريو ۽ مٿس سخت پهرو رکو. اٺين پهر فقط مانيءَ جو ٽڪر ۽ ڪوسو پاڻي ڏيوس.(2)

شاهي حڪم ملڻ تي نوڪرن راڻيءَ کي شهزادي سميت وڃي قيدخاني جي هڪ اونداهي ڪوٺيءَ ۾ بند ڪيو، جتي ويچاري ڏاڍي درد واري حالت ۾ ڌڻي پاڪ کي ياد پئي ڪندي هئي ۽ زار زار روئي عرض پئي ڪندي هئي ته: اي خالق! تنهنجي حڪمت عجيب آهي، جو هاڻي بادشاهن تي سندن گولا حڪم ٿا هلائين. يا رب! تون ڏاڍو بيپرواهه بادشاهه آهين، جو تخت تان لاهي پٽ ۾ ٿو ويهارين. جيڪڏهن شاهه بهرام جيئرو آهي ته هيڪر اسان سان وري آڻي ملاءِ ۽ هي درد ۽ غم گهٽاءِ. وري شاهه بهرام جي صورت کي اکين اڳيان آڻي، روئي روئي پنهنجو حال پئي سڻائي ته: اي خاوند! ڏس آءٌ تنهنجي حق ۾ ثابت رهيس ته هي بنديخانو مليو اٿم. تون ته الاجي ڪهڙي ملڪ ۾ مزا پيو ماڻين، ۽ هتي وزيرن اميرن ۽ نمڪ حرام نوڪرن پاڻ ۾ گڏجي اسان سان هيڏو ظلم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح روئندي پٽيندي لڳاتار پنج ورهيه هن بنديخاني ۾ گذاريا.(1)

هڪڙي ڏينهن دستور مطابق شاهه بهرام ۽ حسن بانو راڳ ناچ جي محفل برخاست ڪري الڳ الڳ وڃي پنهنجي بستري تي ستا، تڏهن شاهه بهرام کي ننڊ ۾ خدا جي قدرت سان سندس وطن ۽ گهر ٻار جو سمورو حال خواب جي صورت ۾ ڏسجڻ ۾ آيو. شاهه بهرام هڪدم ڇرڪ ڀري اٿيو ۽ غمگين ٿي ويهي رهيو. صبح ٿيڻ تي حسن بانو هن وٽ آئي ۽ کيس دلگير ڏسي ان جو سبب پڇيو. تنهن تي شاهه بهرام چيس ته: مون رات خواب ۾ پنهنجي گهر ٻار جو تمام خراب حال ڏٺو آهي، تنهنڪري آرام حرام ٿي ويو اٿم ۽ ارادو اٿم ته ڪنهن به ريت وطن وڃان ۽ گهر ٻار ۽ دوست دشمن جي وڃي سڌ لهان. تڏهن حسن بانوءَ وراڻيس ته: اي بادشاهه! جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ ڀلي تياري ڪر. انهيءَ سفر ۾ آءٌ به توسان شامل آهيان. حسن بانوءَ جي انهيءَ جواب کان شاهه بهرام ڏاڍو خوش ٿيو ۽ پوءِ هڪدم سفيد ديو وٽ وڃي کيس حال کان واقف ڪيائين ۽ منٿ ڪيائينس ته ڀلائي ڪري مونکي جيترو جلد ٿي سگهي، وطن پهچاءِ ته آءٌ تنهنجا هزارين احسان ڄاڻندس. تڏهن سفيد ديو چيس ته: پيارا بادشاهه! تون ڪنهن به صورت ۾ دلگير نه ٿي، آءٌ توکي هينئر جو هينئر اک ڇنڀ ۾ حسن بانوءَ سميت فارس ملڪ ۾ ٿو پهچايان، ۽ مرندي تائين توسان نينهن پيو نباهيندس. پوءِ چئن ديون کي حڪم ڏنائين ته: اوهين شاهه بهرام ۽ حسن بانوءَ کي جڙادار تخت تي ويهاري فارس ملڪ ۾ پهچائي اچو.(2) پوءِ شاهه بهرام کي هڪڙو وار ڏنائين ۽ چيائينس ته: جنهن وقت توکي ڪو مشڪل پيش اچي ته هن کي باهه جو تو ڏج ته آءٌ تو وٽ هڪدم اچي حاضر ٿيندس. اهڙيءَ طرح سفيد ديو هن کي ٻيون به ڪئين سوغاتون ڏئي پنهنجي وطن روانو ڪيو.

ديو، شاهه بهرام ۽ حسن بانوءَ کي کني، هڪ ئي لاماري سان مٿي آسمان تي چڙهي ويا ۽ هزارين ڪوهه پنڌ جا ڪري وڃي فارس ملڪ ۾ لٿا. ساهه بهرام جڏهن پنهنجي وطن جا وڻ ڏٺا تڏهن خدا تعاليٰ جا شڪرانا بجاءِ آندائين. پوءِ شاهه بهرام ديون کي رخصت ڪيو ۽ پاڻ سوداگر بنجي هڪ سراءِ ۾ حسن بانوءَ سميت رهي پيو. آهستي آهستي انهيءَ سراءِ جي مالڪ کان ملڪ جو حال احوال ورتائين. جنهن کيس ٻڌايو ته: اي نوجوان! تنهنجي صورت ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو آهيان. ڇو ته اڳي هتي شاهه بهرام هڪ ست پيڙهيو بادشاهه هوندو هو جو ڏاڍو سهڻو جوان هو. هڪڙي ڏينهن اهو بادشاهه شڪار ڪرڻ لاءِ جهنگل ۾ ويو ته اوچتو ڪا بلا هن کي اتان کڻي آسمان ڏانهن اڏامي وئي. تنهن  کان پوءِ اميرن وزيرن هڪڙي ظالم وزير کي کڻي تخت تي ويهاريو، جنهن نامراد تخت تي ويهڻ شرط ڏاڍا ظلم ڪيا. شاهه بهرام جي حرمن سان به بي ادبي واري هلت ڪيائين، ٻيون راڻيون ته سندس نڪاح ۾ اچي ويون، باقي ننڍي راڻيءَ انڪار ڪري ڇڏيو. تنهن تي ڪاوڙجي هن کي سندس صغير شهزادي سميت کڻي قيدخاني ۾ بند رکيو اٿس، هاڻي انهيءَ راڻيءَ کي سڄي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ماني ۽ ڪوسي پاڻيءَ جو وٽو ملندو آهي. اها ڳالهه ٻڌي شاهه بهرام کي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي، پر ماٺ ۾ رهيو ۽ سراءِ واري جون ڳالهيون ٻڌندو رهيو.

سراءِ جي مالڪ سان ڪچهري ڪرڻ کان پوءِ شاهه بهرام تيرڪمان کڻي حسن بانوءَ لاءِ جهنگ مان ڪجهه شڪار ڪرڻ ويو، ڇو ته هوءَ شڪار جي گوشت کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه کائيندي هئي. شاهه بهرام جي رهڻ واري ڪوٺيءَ جي پاسي کان شاهي رستو هو، جتان سندس نمڪ حرام وزير، روزانو اميرن وزيرن سان گڏجي درٻار ۾ ويندو هو. انهيءَ ڏينهن به دستور مطابق ڏاڍي تجمل سان ڪچهريءَ ڏانهن پئي ويو، باجن جي آوازن تي حسن بانو جيئن دريءَ مان منهن ڪڍي هي لقاءُ پئي ڏٺو ته اوچتوئي اوچتو انهي نامراد وزير جي اک مٿس پئجي وئي ۽ ڏسڻ شرط مٿس موهجي پيو. ڪچهريءَ ۾ اچڻ سان نوڪرن کي چيائين ته: هڪدم خبر لهي اچو ته انهي گهر ۾ ڪير رهندو آهي؟ نوڪرن هڪدم سراءِ جي مالڪ کان پڇي اچي عرض ڪيو ته بادشاهه سلامت! انهيءَ سراءِ ۾ ڪالهه کان هڪڙو سوداگر اچي رهيو آهي، هو پاڻ هن وقت ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو آهي ۽ سندس زال اڪيلي گهر ۾ ويٺي آهي. اها ڳالهه ٻڌي وزير حڪم ڏنو ته: هڪدم انهي سوداگر جي زال کي پڪڙي آڻي حاضر ڪريو. سپاهي هي شاهي  حڪم ٻڌي سڌا سراءِ ۾ آيا ۽ بي ڌڙڪ انهي گهر ۾ گهڙي ويا ۽ حسن بانوءَ کي ڏسي ڏاڍي دهشت مان کيس چيائون ته: هن ملڪ جو بادشاهه توتي عاشق ٿيو آهي، اسان کي تنهنجي حاضر ڪرڻ لاءِ موڪليو اٿس. هاڻي جيڪڏهن تون پاڻيهي چپ چاپ سان هلي حاضر ٿيندينءَ ته وڏا مرتبا لهندينءَ، پر جيڪڏهن انڪار ڪندينءَ ته خرابي خواريءَ سان توکي ٻڌي وٺي وينداسين. تڏهن حسن بانوءَ وراڻين ته: جيڪڏهن بادشاهه مون مسڪين کي ياد ڪيو آهي ته آءٌ به هلڻ لاءِ تيار آهيان، پر هن وقت ته آءٌ ميريءَ پوشاڪ ۾ آهيان، مون لاءِ ڪا خاص پوشاڪ آڻيو ته اها ڍڪي درٻار ۾ هلان. ڇو ته منهنجو مڙس هن مهل شڪار تي ويو آهي ۽ منهنجو سڀ سامان ۽ پوشاڪون هن صندوق ۾ بند ڪري ڪنجي پاڻ سان کڻي ويو آهي. تڏهن سپاهين ترار جي هڪ ئي ڌڪ سان ڪلف ڀڃي پيتي کولي حسن بانوءَ کي پوشاڪ ڪڍي پهرڻ لاءِ چيو ۽ پاڻ هڪ طرف گوشائتا ٿي ويٺا. حسن بانو هاڻي سٺو وجهه ڏسي پنهنجي ساڳي اصلوڪي پوشاڪ ڪڍي پاتي ۽ ڪبوتر بڻجي، اُڏامي سپاهين کان اڳ درٻار۾ وڃي پهتي ۽ وزير کي چوڻ لڳي ته: اي نمڪ حرام غلام! آءٌ شاهه بهرام جي هڪ ٻانهي آهيان. هو مونکي گهر ۾ ويهاري پاڻ ڪنهن ڪم سان باهر نڪتو آهي. توکي جيڪي مزا ماڻنا هئا سي ماڻيئي، هاڻي توتي شاهه بهرام اچي جهنڊا جهلايا آهن، اڄ جو اڄ توکي ماري مات ڪندو. پوءِ اڏامندي سڌي سراءِ ۾ آئي ۽ سراءِ جي مالڪ کي چيائين ته: منهنجي مڙس کي چئج ته مونکي ماءُ پيءَ جي سڪ لڳي آهي، تنهنڪري آءٌ پنهنجي وطن ڏانهن وڃان ٿي. جيڪڏهن دوستيءَ جو سچو آهين ته مونکي ڳولي اچي لهج. ائين چئي پاڻ اڏامي وئي.

هڪڙي ڪبوتر جي واتان هي ڳالهيون ٻڌي ماڻهن کي ڏاڍي عبرت لڳي. ويتر شاهه بهرام جي اچڻ جو ٻڌي خوش به ٿيا، پر وزير جون متيون ئي منجهي ويون. آخر حڪم ڏنائين ته هڪدم شاهه بهرام کي ڳوليو ۽ جتي لڀي اتي ماري ڇڏيوس. جيڪو به شخص اهو ڪم ڪندو، تنهن کي اڌ ملڪ جو انعام ڏيندس. هي حڪم ٻڌي سپاهي ساهه بهرام کي ڳولڻ لاءِ ٻيلي ۾ پکڙجي ويا. هوڏانهن سراءِ جي مالڪ به دل ۾ چيو ته هي وقت آهي جو شاهه بهرام کي ڪنهن طرح ڳولي هن راز کان واقف ڪجي. اهو خيال ڪري جهنگ ڏانهن اٿي هليو ۽ لڪندو ڇپندو وڃي شاهه بهرام سان مليو. اتي حقيقت ٻڌائيندي چيائينس ته: وزير تنهنجي پڪڙڻ لاءِ ساري شهر جي پسگردائي ۾ سوين سپاهي پکيڙي ڇڏيا آهن، ۽ حسن بانو ڪبوتر بڻجي اُڏامي وئي، ۽ تنهنجي لاءِ سبز شهر جو ڏس ڏئي وئي آهي. شاهه بهرام، حسن بانوءَ جي ملڪ وڃڻ جي خبر ٻڌي ڏاڍو غمگين ٿيو، ۽ کيس ياد ڪري زار زار روئڻ لڳو. نيٺ سراءِ جي مالڪ دلداريون ڏئي ماٺ ڪرايس ۽ چيائينس ته: اي بادشاهه! جيڪڏهن توهان جو عشق سچو آهي ته ڌڻي پاڪ توهان کي پنهنجي امانت ڪڏهن نه ڪڏهن ضرور ملائيندو. اهي ڳالهيون ٻڌي شاهه بهرام پاڻ سنڀاليو ۽ دل ۾ چوڻ لڳو ته ڪهڙيءَ ريت هنن نمڪحرام ظالمن سان جنگ جوٽيان. ايتري ۾ سفيد ديو جو ڏنل وار ياد آيس، سو ڪڍي کڻي باهه تي رکيائين ته اهو پنهنجي لشڪر سميت اچي حاضر ٿيو ۽ هٿ ٻڌي شاهه بهرام کي چيائين ته: اي بادشاهه! هاڻي جلد ٻڌاءِ ته توکي ڪهڙي تڪليف آهي، ته آءٌ هڪدم اها ختم ڪريان، يا جيڪڏهن ڪو تنهنجو دشمن ٿيو هجي ته به ٻڌاءِ ته کيس ماري ناس ڪريان. تنهن تي بادشاهه وراڻيس ته: منهنجا دوست! هن وقت ڏاڍي مشڪل ۾ اچي ويو آهيان. منهنجي نمڪ حرام وزير منهنجي غيرحاضريءَ ۾ ملڪ تي قبضو ڪري ورتو آهي ۽ رعيت خواهه منهنجن راڻين تي ڏاڍا ظلم ڪيا اٿس، تنهنڪري منهنجو خيال آهي ته انهي بدنيت وزير کان سندس بڇڙائيءَ جو بدلو وٺجي. سفيد ديو اها خبر ٻڌي پنهنجي لشڪر کي شهر تي ڪاهڻ جو حڪم ڏنو. هن جي حڪم ملڻ شرط سڀ ديو شهر ۾ گهڙي پيا، سارو شهر ٿرٿلي ۾ اچي ويو. چوطرف هاءِ گهوڙا مچي وئي. ديون کي جيڪو ماڻهو ٿي منهن سامهون مليو، تنهن کي ويا ٿي بکئي شينهن وانگر کائيندا. تان جو سڄي شهر جا نمڪحرام موذي چونڊي ناس ڪري ڇڏيائون، ۽ وزير کي چوکنڀو ٻڌي اچي شاهه بهرام ۽ سفيي ديو اڳيان حاضر ڪيائون. سفيد ديو، وزير کي ڏسڻ شرط جهٽ ڏئي لقمون ڪري ڇڏيو.

هن هنگامي ختم ٿيڻ بعد سفيد ديو، شهزادي کان موڪلائي لشڪر سميت هليو ويو ۽ پوءِ جڏهن موذين جو سڀ لشڪر نابود ٿي ويو تڏهن شاهه بهرام وڏي شان ۽ دٻدٻي سان شهر ۾ داخل ٿيو. شاهه بهرام جي خير سلامت واپس ورڻ جي خوشيءَ ۾ گهر گهر خوشيون ٿي ويون ۽ خيرخواهه هڪٻئي کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. شاهه بهرام شاهي محلات ۾  پهچڻ شرط پنهنجي ستين راڻيءَ کي با عزت آڻن جو حڪم ڏنو. شاهي نوڪر شاهه بهرام جي حڪم مطابق راڻي ۽ شهزادي کي وڏي عزت سان قيدخاني مان وٺي محلات ۾ آيا. شاهه بهرام ٻنهي سان ملي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خدا تعاليٰ جا شڪرانا بجا آندا، جنهن وڇوڙي جا ڏينهن ختم ڪري کيس وري ساڳيو وطن ۽ شانن نصيب ڪيو هو.

ٻئي ڏينهن کان ساري سلطنت ۾ شاهه بهرام جي واپسي جي خوشي ۾ شاهي جشن ملهايو ويو. بادشاهه دل کولي سخائون ڪيون. غريبن ۽ محتاجن لاءِ خزاني جا دروازا کلي ويا، وفادار نوڪرن کي وڏا رتبا ۽ خلعتون مليون ۽ مخالفن ۽ دشمنن کي سخت سزائون ڏئي قتل ڪرايو ويو. ان بعد ساهه بهرام ساڳيءَ طرح عدل ۽ انصاف سان ويهي حڪومت هلائڻ لڳو. ساهه بهرام جيتوڻيڪ حڪومت جي ڪاروبار ۾ مشغول هو، پر اندر مان حسن بانوءِ جي جدائي جو غم نه وسريو هوس. نيٺ هڪ ڏينهن عام درٻار سڏائي پنهنجو ڇٽ صغير شهزادي جي مٿي تي رکي تاڪيد ڪيائين ته منهنجي واپس اچڻ تائين هي توهان جو بادشاهه آهي. ٻئي ڏينهن سفر جي تياري ڪري، سڀني دوستن کان موڪلائي الله تهار ڪري اٿي پنڌ پيو.

جڏهن گهر کان گهڻو مفاصلو ڪري ويو، تڏهن ديو جو ڏنل وار ڪڍي ان کي تو ڏنائين ته کن پل ۾ سارو ميدان ديون سان ڀرجي ويو. سفيد ديو هٿ ٻڌي عرض ڪيو ته: اي بادشاهه! وري ڪهڙي پريشاني در پيش آئي آهي؟ تنهن تي بادشاهه وراڻيس ته: اي دوست! الله جي فضل سان ٻيو سڀ خير آهي. حسن بانوءَ جي جدائي هڻي هيڻو ڪري وڌو آهي. سندس صورت ۽ سيرت مون کان هيڏي ساري بادشاهي هوندي به نه ٿي وسري. هاڻي هيءَ آخرين مهرباني ڪر جو مونکي سبز شهر ۾ پهچاءِ. سفيد ديو حاضر چئي، کيس پنهنجي ڪلهي تي سوار ڪري لشڪر سميت وٺي اڏاڻو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اچي انهيءَ ساڳئي باغ ۾ لاٿائينس، جتي حسن بانوءَ سان ملاقاتي ٿيو هو. ساڳيو باغ ۽ ساڳيا ماڳ مڪان ڏسي شاهه بهرام جي دل ويتر حسن بانوءَ کي سارڻ لڳي، رات ڏينهن کيس ياد ڪندو رهيو، سندس هجر ۾ ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو. سفيد ديو کيس خوش رکڻ لاءِ ڪيترا ئي حيلا هلايا پر هن عشق جي ڦٽيل کي آرام اصل نه آيو.

هوڏانهن حسن بانو، شاهه بهرام لاءِ سلام ۽ سينها ڏئي، ايران ملڪ منجهان اڏامندي اڏامندي ڪن ڏينهن پڄاڻان اچي سبز شهر ۾ پهتي ماءُ پيءُ ۽ گهر جي ڀاتين سان ملي خوشيون ڪيائين. ساري شهر ۾ جشن ۽ شادمانا ٿي ويا، سهيليون مبارڪون ڏيڻ پئي آيون ۽ هن سڀني سان کليو پئي ڳالهايو ۽ پنهنجو حال پئي ڏنو، پر اندر ۾ جا شاهه بهرام جي برهه جي باهه دکيل هيس تنهنجو پرو هن ڪنهن کي به نه ڏنو ۽ اندر جو اندر ۾ ڪڙهندي رهي. هڪڙي ڏينهن حسن بانو جي ماءُ ۽ پيءُ گوشائتو ويهي سندس پرڻائڻ جي تجويز پئي ڪئي جا ڳالهه ڪنهن طرح حسن بانو جي ڪن تي پئجي وئي. تنهن ويهي ڌڻي پاڪ کي سوال ڪيو ته: اي صاحب سچا! منهنجي حال جي توکي سڀ خبر آهي، مونکي بيگاني مرد کان پناهه ۾ رکج، آءٌ جنهن جي ناتي ۾ ٻڌل آهيان تنهن سان ئي ملائج. ائين آزيون ڪري ڏينهن گذاريائين. رات جو وجهه ڏسي ماءُ جي ڀر سان وڃي ويٺي ۽ کيس چوڻ لڳي ته: مونکي شادي ڪرڻ جي خواهش نه آهي تنهنڪري منهنجي مائٽي ڪٿي به نه ڪجو، ڇو ته مون پنهنجو ور پاڻ چونڊيو آهي، جو ايران ملڪ تي حڪومت ڪري ٿو، سندس نالو شاهه بهرام آهي؛ جيڪڏهن منهنجي شادي ڪرڻي اٿو ته انهيءَ سان ڪجو. ماڻس هي ڳالهه ٻڌي ڪاوڙ ۾ تپي باهه ٿي وئي ۽ چوڻ لڳي ته: اهو ڪٿي به ڪو نه ٻڌوسون جو ڪنواريون ڌيون پنهنجي ڏٺي تي پنهنجا گهوٽ چونڊين. حسن بانوءَ وراڻيس ته: اما! شاهه بهرام منهنجو مڙس ٿي چڪو آهي تنهنڪري ان کان سواءِ ٻيون مڙئي ڳالهيون اڻ ٿيڻون آهن. هي جواب ٻڌي ماڻس ٻه ٽي چنبا هڻي ڪڍيس ۽ چيائينس ته: اڙي مُٺي! ڪجهه شرم ڌار ۽ انهيءَ ڳالهه تان مڙي وڃ. تڏهن حسن بانو چيس ته: آءٌ مجبور آهيان ڇو ته مون شاهه بهرام سان اقرار ڪيو آهي، تنهنڪري دعا ڪر شال ان سان قولن ۾ ڪوڙي نه ٿيان. هڪ دفعو اقرار ڪري پوءِ منهن موڙڻ ته ٻنهي جهانن جي منهن ڪارائي آهي. جڏهن ماءُ کيس سمجهائي ٿڪي، تڏهن ڪاوڙجي اتان اٿي وڃي مڙس سان سموري حقيقت ڪيائين. جنهن اها خبر ٻڌي پنهنجي خاص وزير سان صلاح ڪري، حسن بانوءَ کي زنجيرن ۾ جڪڙائي کڻي قيدخاني ۾ بند ڪيو.

هڪڙي ڏينهن شاهه بهرام، حسن بانو کي ياد ڪندي آرامي ٿيو، ته اها ساڳي صورت خواب ۾ ڏٺائين. ايتري ۾ شاهه بهرام جي اک کلي وئي، پوءِ ته ويهي زار زار روئڻ ۽ دانهون ڪرڻ لڳو. سندس آهن دانهون تي سفيد ديو کانئس هن حالت جو سبب پڇيو، ۽ کيس دم دلاسا ڏئي في الحال ماٺ ڪرايائين. صبح ٿيڻ سان سڀني ديون کي گهرائي کانئن سبز شهر جو پتو پڇائين، پر هنن حضرت سليمان جو قسم کڻي چيو ته اسان اڄ ڏينهن تائين انهيءَ شهر جو نالو به نه ٻڌو آهي. تڏهن لاچار ٻيو ڪو رستو نه ڏسي پنهنجي ڀاءُ سرخاب ديو ڏانهن هڪ خط لکيائين ته: اي ادا! آءٌ پنهنجي خاص دوست شاهه بهرام کي اوهان ڏانهن موڪليان ٿو. کيس چڱي عزت ڏئي سبز شهر ڏي صحيح سلامت پهچائجو. اهو خط لکي هڪ تيز رفتار ديو هٿان اڳواٽ ڀاڻس ڏانهن موڪليائين. پوءِ شاهه بهرام کي تخت تي ويهاري ديون کي حڪم ڏنائين ته: منهنجي دوست کي جلدي ڪوهه قاف ۾ پهچائي، سندس پهچ جي خبر آڻي ڏيو. ديو حڪم ملڻ شرط تخت کي کڻي وٺي اُڏاڻا ۽ گهڙيءَ پل ۾ آڻي ڪوهه قاف ۾ لاٿائونس. هتي ته شاهه بهرام جي اچڻ جي خبر اڳيئي پهچي چڪي هئي، سو سرخاب ديو وڏي شان مان سان وٺي آڻي خاص محلات ۾ رهايس. ٻئي ڏينهن سرخاب ديو پنهنجي تابعدار ديون کي سڏائي کانئن سبز شهر جي پڇا ڪئي، تن به قسم کڻي چيو ته: اسان ته پنهنجي عمر ۾ انهيءَ شهر جو نالو به نه ٻڌو آهي. ديون جو هي جواب ٻڌي شاهه بهرام ڏاڍو غمگين ٿيو. تڏهن سرخاب ديو دلاسو ڏئي چيس ته: تون ڪو به فڪر نه ڪر، اسان جو ٽيون ڀاءُ گندڪ ديو نالي ڪوهه قاف جي پريان رهندو آهي. هاڻي تو کي ان ڏانهن روانو ٿو ڪريان، اتان توکي سبز شهر جي ضرور خبر پوندي. پوءِ خط لکي ديون کي ڏئي، شاهه بهرام کي وري پنهنجي ڀاءُ گندڪ ديو ڏانهن روانو ڪيائين. موڪلائڻ وقت شاهه بهرام کي ٻه شيون هڪ سليماني ٽوپي ۽ ٻيو وار سوکڙيءَ طور ڏنائين ۽ چيائينس ته: هيءَ ٽوپي پائيندين ته ديون، پرين، جنن ۽ انسانن کان غائب ٿي ويندين، تون سڀني کي ڏسندين پر ٻيا توکي ڏسي نه سگهندا؛ ۽ هيءُ وار ڪنهن به وقت باهه تي رکندين ته آءٌ تنهنجي مدد لاءِ اچي حاضر ٿيندس. اهڙيءَ طرح شاهه بهرام اتان به روانو ٿيو ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ اچي گندڪ ديو وٽ پهتو. گندڪ ديو به هن کي ساڳيءَ طرح تعظيم ڏئي پاڻ وٽ رهايو ۽ حال احوال وٺندي سندس مدعا کان واقف ٿيو. پوءِ پنهنجن ديون کان سبز شهر بابت پڇا ڪيائين، پر هتي به ساڳيو بيخبريءَ جو جواب مليو. هاڻي ته شاهه بهرام هيڪاري نااميد ٿي زار زار روئڻ لڳو. گندڪ ديو شاهه بهرام کي روئندو ڏسي ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ چيائينس ته: اي يار! تون دلجاءِ ڪر، تنهنجو مطلب جلدي پورو ٿيندو. اسان جو وڏو ڀاءُ گندال ديو آهي، جو ڪوهه قاف جي چئني قلعن تي حڪم هلائيندو آهي. چار لک ديو سندس تابع آهن، جن جي مدد سان هو ساري جهان جي خبر رکندو آهي، اهو توکي سبز شهر جي خبر لهي ڏيندو. تنهن کان پوءِ هڪ خط ديون کي ڏئي، شاهه بهرام کي تخت تي ويهاري پنهنجي ڀاءُ گندال ڏي روانو ڪيائين. موڪلائڻ وقت ٻه شيون هڪ لٺ، ٻيو وار شاهه بهرام کي سوغات طور ڏنائين ۽ سمجهائي ڇڏيائينس ته: سختيءَ وقت هن وار کي تو ڏج ته آءٌ اچي حاضر ٿيندس، ۽ هيءَ لٺ بک لڳڻ وقت جنهن وڻ کي هڻندين ته ان مان طرحين طرحين جا ميوا ڪري پوندا جي کائي وقت گذارج؛ ٽيو ته جيڪڏهن ڪنهن بند دروازي تي هن لٺ کي هڻندين ته اهو دروازو هڪدم کلي پوندو. شاهه بهرام هي سوکڙيون سوگهيون ڪري تخت تي چڙهي ويٺو ۽ ديون جي مدد سان اڏامندو اڏامندو اچي گندال ديو(1) وٽ پهتو.

گندال ديو شاهه بهرام جي اچڻ جي خبر ٻڌي سندس استقبال ڪيو. شاهه بهرام گندال ديو کي ڏسي في الحال ته ڏڪي ويو، ڇو ته اهڙي هيبتناڪ شڪل اڳي ڪڏهن ڪين ڏٺي هئائين، پر پوءِ دل جهلي وڃي گندال ديو سان مليو، جنهن هن کان سمورو احوال ورتو، ۽ ان وقت ئي ديون کي سڏائي کانئن سبز شهر جو ڏس پڇيائين. پر هتي به هرهڪ قسم کڻندو ائين ئي چوندو ويو ته اسان اهڙو شهر نڪي ڏٺو آهي نڪي ٻڌو آهي. سڀني کان آخر ۾ هڪڙو تمام ڪراڙو ديو ٻئي جوان ديو جي ڪلهي تي چڙهي آيو. تنهن چيو ته مونکي سبز شهر جي خبر آهي. گندال ديو پڇيس ته: گهڻا ورهيه عمر جا سنڀرين؟ ديو جواب ڏنو ته: هزار سال عمر اٿم.(2) پوءِ گندال ديو چيس ته هن ڪم جي پورائي به تون ڪر ۽ هن مهمان شاهه بهرام کي سبز شهر ۾ پهچائي اچ. پوڙهو ديو حڪم ملڻ شرط تيار ٿي ويو. گندال ديو موڪلائڻ وقت شاهه بهرام کي سليماني جُتي ۽ وار، تحفي طور ڏئي چيو ته: سليماني جُتيءَ ۾ اهڙي حڪمت اٿئي جو ڪيترو به پنڌ ڪندين ته نه ٿڪبين، ۽ وار کي ڪنهن به وقت تو ڏيندين ته آءٌ هڪدم اچي تو وٽ حاضر ٿيندس. تنهن کان پوءِ شاهه بهرام کي ٻن ديون جي ڪلهن تي چاڙهي روانو ڪيائين. اڳيان پوڙهو ديو ۽ پويان شاهه بهرام وارا ديو اڏامندا آسمان تي چڙهي ويا. ست ڏينهن ست راتيون اُڏامندا رهيا.(3) نيٺ اٺين ڏينهن هڪڙي وڏي جبل جي چوٽيءَ تي لٿا. جبل جي هيٺان هڪڙو عاليشان شهر ڏسڻ ۾ پئي آيو، جو سڄو سائي رنگ جو هو. پوڙهي ديو، شاهه بهرام کي چيو ته: اسان ديون کي اڳتي هلڻ جي منع آهي، هاڻي تون ڄاڻ تنهنجو ڪم ڄاڻي. قصو ڪوتاهه ديو شاهه بهرام کي اتي ڇڏي موٽي ويا. جبل جي چوٽيءَ تان هيٺ لهڻ سولو ڪم نه هو، پر شاهه بهرام خدا کي ياد ڪري، سليماني جُتي پيرن ۾ پائي گهڙي کن ۾ جبل تان لهي اچي شهر ۾ پهتو.(1) شهر ۾ هر طرف هزارين ديو ۽ پريون پئي هليا. شاهه بهرام انهن کان لڪڻ لاءِ سرخاب ديو واري ڏنل سليماني ٽوپي کڻي پاتي، ته غائب ٿي ويو، پوءِ شهر ۾ گهڙي پيو. ساري شهر کي چوڌاري هڪڙو مضبوط ڪوٽ هو، زمين تي سائي زمرد جو فرش وڇايل هو، رستن جي ڪنارن تي قسمين قسمين زمرد، نيلم ۽ پکراج جڙيل هئا. سارو شهر چنڊ وانگر جهلڪا ڏئي رهيو هو. چوطرف پريون پکين جي صورت ۾ چڪر لڳائي رهيون هيون. سندن سهڻين صورتن ۽ مٺين ٻولين شاهه بهرام جي دل کي هيڪاري گهائي وڌو. شاهه بهرام سارو ڏينهن شهر ۾ گهميو. پر نه شهر کُٽو ۽ نه وري حسن بانوءَ جو محلات ئي هٿ آيس. پيرن ۾ جُتي، مٿي ۾ ٽوپي، هٿ ۾ لٺ ۽ اکين ۾ سرمو انهن چئني شين جي مدد سان کيس ڪو به نه ڏسي سگهيو، پاڻ سڀڪجهه ڏسندو، حسن بانو کي ڳوليندو رهيو. شهر جون چارئي ڏسيون ڦري آيو، پر حسن بانو جو ڪٿي به نشان نه مليس. آخر ڪي پريون ڏٺائين، جي حسن بانو جي ڳالهه ڪنديون پئي ويون. شاهه بهرام به انهن جي پٺيان لڳي پيو ۽ وڃي بادشاهي قلعي ۾ پهتو. قلعي کي سونا دروازا چڙهيل هئا. هرهڪ دروازي تي هڪ هزار ديو چونڪي ڏئي رهيا هئا. شاهه بهرام به پرين جي پٺيان هلندو وڃي قلعي جي اندرئين حصي ۾ پهتو.(2) شاهه بهرام اندر وڃڻ سان ڇا ڏسي ته سبحان الله! سڄي عمارت سائي زمرد جي جڙيل آهي. اهڙي عمارت هن پنهنجي حياتي ۾ ڪڏهن ڪا نه ڏٺي هئي. شاهه بهرام هي ڏسندو عجب کائيندو وري ديوان خاني ۾ ويو. اتي ڇا ڏسي ته پرين جو بادشاهه سوني جڙادار تخت تي ويٺو آهي ۽ هزارين پريون سندس خدمت ۾ صفون ٻڌيو بيٺيون آهن. شاهه بهرام به پاسو وٺي ويهي رهيو. اڌ ڏينهن بادشاهه پرين سان ڪچهريءَ ۾ رهيو ۽ ٻن پهرن جو آرام ڪرڻ لاءِ محلات ڏي موٽيو. شاهه بهرام به وجهه وٺي سندس پٺيان هلڻ لڳو. بادشاهه پنهنجي محلات مان گهمندو ڦرندو اچي باغ ۾ پهتو ۽ تلاءَ وٽ پيل هڪ عاج جي جڙادار تخت تي چڙهي ويٺو؛ ٿوري وقت کان پوءِ راڻي به اچي سندس ڀر ۾ ويٺي. بادشاهه حال احوال ڏيڻ وٺڻ بعد کيس چيو ته: هاڻي تون پاڻ وڃي حسن بانو کي هڪ دفعو نصيحت ڪر ته انهيءَ آدمزاد جو خيال دل تان لاهي ڇڏي، ۽ پنهنجي ۽ اسان جي ننگ ناموس جو خيال رکي؛ ڇو ته ديون ۽ پرين ۾ اسان جي گهڻي بدنامي ٿي چڪي آهي. راڻي وري پنهنجي خاص ٻانهيءَ کي سڏي، کيس حسن بانوءَ ڏانهن نصيحت ڪرڻ لاءِ موڪليو. شاهه بهرام سٺو وجهه ڏسي ٻانهيءَ پٺيان ڪاهي پيو، تان جو هلندو وڃي انهيءَ هنڌ پهتو جتي حسن بانو قيد هئي. ڪمري ۾ پهچڻ شرط ٻانهي ويهي حسن بانوءَ کي سمجهائڻ ۽ نصيحت ڪرڻ لڳي ۽ شاهه بهرام پنهنجي محبوب کي قيد ۾ ڏسي ويهي ڳوڙها ڳاڙڻ لڳو. نيٺ جڏهن حسن بانوءَ، ٻانهيءَ جي هڪ به ڳالهه نه مڃي تڏهن ٻانهي دڙڪا ڏيڻ لڳي. تڏهن حسن بانو کيس جواب ڏنو ته: ٻانهي! منهنجي عمر ڀل قيد ۾ ڳري وڃي، پر منهنجو مڙس اهوئي آدمزاد آهي، جنهن سان قول قرار ڪيا اٿم. خدا گهريو آهي ته هو جلد ئي اچي مونکي هن قيد مان آزاد ڪندو. اي بانهي! اهو پيغام وڃي منهنجي پيءُ ماءُ کي ٻڌاءِ، پوءِ سندن مرضيءَ تي ڇڏيل آهي ته مارين توڙين معاف ڪن. بانهي هي جواب وٺي ڪاوڙ ۾ باهه ٿي سڀني دروازن کي بند ڪندي هلي وئي.

جڏهن هيءَ سڄي گفتگو شاهه بهرام ٻڌي تڏهن حسن بانو جي سچائيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ محبت جي انهيءَ ڪاميابيءَ کان سندس دل مان بي اختيار آهه نڪري وئي. حسن بانو آهه جو آواز ٻڌي دل ۾ چيو ته هي آواز ته منهنجي سڄڻ شاهه بهرام جو آهي. پوءِ عجب ۾ پئجي، جنهن طرف کان آواز ٻڌو هئائين اوڏانهين منهن ڪري روئي چيائين ته: اي محبوب! جيڪڏهن سچ پچ تون ڪمري ۾ موجود آهين ته جلدي پاڻ پساءِ! ڇو ته مونکي تنهنجي ڏسڻ جي ڏاڍي سڪ آهي. هي حال ڏسي ساهه بهرام سليماني ٽوپي مٿي تان لاهي سامهون ٿي بيهي رهيو. حسن بانو، شاهه بهرام جي صورت ڏسي حيرت ۾ پئجي چوڻ لڳي ته: آءٌ خواب پئي ڏسان يا سچ پچ تون شاهه بهرام آهين؟ جڏهن پڪ ٿيس ته شاهه بهرام سچ پچ سندس اڳيان موجود آهي تڏهن امالڪ اٿي کيس ڀاڪر پاتائين، ۽ زار زار روئي کيس پنهنجو حال ٻڌايائين. پوءِ ته هڪٻئي سان ملي گهڻو سرها ٿيا. آخر حسن بانو چوڻ لڳيس ته: اي محبوب! تو منهنجي واسطي ڏاڍا ڪشالا ڪاٽيا آهن. توکي آفرين هجي، تون بيشڪ وفادار عاشق آهين. تنهن تي ساهه بهرام وراڻيس ته: اي حسن بانو! تنهنجي ڏسڻ سان مونکي سڀ تڪليفون وسري ويون آهن، مون ته ائين پئي سمجهيو ته تون پنهنجي وطن ۾ ڏاڍي خوش هوندينءَ، پر هينئر تنهنجي گفتگو ٻڌي يقين ٿيم ته تون به قول جي سچي آهين، جو هي قيد خاني جون تڪليفون تو منهنجي ڪارڻ قبوليون آهن. توکي تنهنجن بيرحم مائٽن ڪيتري قدر نه رنجايو آهي! ائين چئي هٿن ۽ پيرن جي زنجيرن کي سليماني لٺ جو ٿورو اشارو ڏنائين ته سڀ نيئر ٽڪر ٽڪر ٿي ويا. پوءِ ساڳيءَ طرح دروازا کولي پاڻ غائب ٿي ويو.

ٻانهين جڏهن دروازو کليل ۽ حسن بانوءَ کي زنجيرن مان آزاد ڏٺو، تڏهن سڀئي گڏجي بادشاهه وٽ ويون ۽ کيس اهو احوال وڃي ٻڌايائون. بادشاهه عجب ۾ پئجي ويو ته هن ملڪ ۾ ڪنهن به ڌارئي جن يا ديو کي اچڻ جي طاقت ڪانهي، پوءِ هيءُ ڇا ٿيو! ايتري ۾ حسن بانوءَ پنهنجي ٻانهيءَ کي چيو ته: منهنجي پيءُ ماءُ کي وڃي چئو ته ٻئي گڏجي دائيءَ سميت مون وٽ اچن ۽ کين اهو به ٻڌاءِ ته منهنجو دل گهريو مون وٽ صحيح سلامت آيو آهي.


*  هن متن جو مدار هيٺين ٽن روايتن تي آهي: اول (روايت ش) ”قصو شاهه بهرام گور ۽ حسن بانو“ بيتن ۾، چيل شيخ ابراهيم لسٻيلي واري جو. ٻي (روايت م) ”قصو بهرام گور جو نثر ۾“ جو منشي اوترام ولد نيڻومل، ”ڀرين“ جي رهندڙ، اردو مان ترجمو ڪيو ۽ ماستر هريسنگ مصطفائي پريس لاهور مان (ٻيو ڇاپو) سنه 1903ع ۾ ڇپايو. ٽي (روايت خ) ”وڏو قصو بهرام بادشاهه جو“ تاليف ڪيل حاجي امام بخش خادم جو، جيڪو منشي پوڪرداس مفيد عام پريس لاهور مان (ٽيون ڇاپو) ڇپايو.

(1)  روايت خ ۾ ايران ولايت ڄاڻايل آهي.

(2)  روايت م ۾ بادشاهه جو نالو ”بهرام گور“ آيل آهي ۽ ان لاءِ ڪو به سبب ڄاڻايل نه آهي.

(1)  هي بيان خ مطابق آهي. (2) خ: سامونڊي گهوڙو.

(1)  م ۽ ش روايتن ۾ بارهن ورهين جو ذڪر ناهي. (2) روايت خ مطابق.

(1)  م روايت مطابق باغ ۾ نهر هئي.

(1)  روايت خ مطابق.

(1)  روايت خ مطابق شاهه بهرام کي ست راڻيون هيون. (2) روايت م: مطابق راڻيءَ کي شهزادو قيد ۾ ڄائو ۽ نالو مامطلعت رکيائينس.

(1)  روايت خ مطابق. (2) روايت خ مطابق ٻه ديو گهوڙا بنجي، شاهه بهرام ۽ حسن بانو کي کڻي اُڏامڻ ٿا.

(1)  ش: روايت موجب چوٿين ديو جو نالو گندوار يا گندوال ديو هو.

(2)  خ: روايت موجب پوڙهي ديو جي عمر نو سو سالن مان پنج سال گهٽ هئي.

(3)  م روايت موجب ٽي ڏينهن ٽي راتيون پنڌ ڪيائون.

(1)  ش روايت موجب انهيءَ جبل کان سبز شهر تائين ٽن ڏينهن جو پنڌ هو، ۽ هڪڙي اونداهي غار مان پنڌ ڪري، شاهه بهرام وڃي شهر ۾ پهتو.

(2)  خ روايت موجب شاهه بهرام، ڪوٽ جا دروازا سليماني لٺ سان کولي حسن بانو تائين پهتو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org