سيڪشن: لوڪ ادب

ڪتاب: مشهور سنڌي قصا

باب:

صفحو:4 

روايت (2)*

چيل جمعو ٻارچ

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سرور،

 

چڙهيو شاهه شڪار تي، راهه وٺي رهبر،

 

ڪاهيو آيو ڪٽڪ سان، هنيو نعرو نر،

 

هن بانور هو بادشاهيءَ تي، ڪا نه ڪيائين ڪا

نيڪ نظر،

 

ڪٿي شان سڪندر جو، ڪٿي دارا سندودر،

 

ڪٿي اقبال اڪبر جو، ڪٿي نوشيروان نر،

 

قسمت ساڻ ڪٽڪ ۾، ڦاٿو اچي هو ڦر،

 

سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، جال وهائي جر،

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڏمريو اچي ڏاتر،

 

وهايو آگي انگ اکر، سورن جو سلطان تي.

2-

سورن جي سلطان ڪئي، طبيبن کي تار،

 

هزارين حڪيم آئيا، ويٺا ويڄ به ڪن ويچار،

 

ڪنهن جي ڦڪي فرق نه ڪري، لکن لک هزار،

 

سورن ان کي سانگهيئڙا ڪيا، بيماريءَ ڏناهئس بار،

 

روئي ۽ ريهون ڪري نيڻين وهائي نار،

 

قضا سان ڪٽڪ ۾، لڙي پيو هو لار،

 

سو ويو پيرن ۾ پرزا ٿي، مٿان ڏٺو پئي ڏاتار،

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڀلي جي ٿي ڀُلڪار،

 

قلم لکيو قهار، هاديءَ پنهنجي حق جو.

3.-

هادي پنهنجي حق تي ظاهر ظهورا،

 

مغز سور مٿي جا، کُتس اچي کورا،

 

ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين سانگ سمورا،

 

جمجما جا ”جمعو“ چئي، ڪيئن پساهه پورا،

 

ڇڏي تخت طهورا، دانهه هليو دنيا مان.

4-

دانهه هليو دنيا مان، ڇڏيئين خزاني جون کاڻيون،

 

ڪيئين لاڏاڻو لوڪ مان، ڇڏيئين رس به رهاڻيون،

 

هزار حرم حاڪم جا، سي ور بنا ويڳاڻيون،

 

ڏاهيون ان ڏکن ۾، ٿيون آهن سورن ۾ ساڻيون،

 

جمجما لاءِ ”جمعو“ چئي، روڄ به ڪن راڻيون،

 

ڏئي پَٽ سنديون پهراڻيون، کنيئون ميت مقام ڏي.

5-

کنيئون ميت مقام ڏي، ڪانڌي هليا ڪاهي،

 

کٽولو تنهن خان جو، هليا عاشق اُڏائي،

 

آڻي ڪاڪ ڪنڌين تي، رکيئون لاهوتي لاهي،

 

وجهندا منهن مومل جي، جنهن ڪيئن ڇڏيا آهن

 خونياڻيءَ کپائي،

 

هٿ کڻي هلندو هيڪلو، سڀڪو وارو وڄائي،

 

جمجما کان ”جمعو“ چئي، قهاري پڇندا ڪاهي،

 

لاڳاپا لاهي، پوءِ آئيا ڪانڌي ڪاڪ تي.

6-

آيا هئا ڪانڌي ڪاڪ تي، ڍولُ رکن ٿا ڍاري،

 

اڳي ته سينگاري کنيئون سيج تي، وير به وهنجاري،

 

لڳي ويس مهر زبان تي، هاڻ سڄڻ پيو ساري،

 

آندائون مير مقام تي، رکيئون قبر ڪناري،

 

خان رکيئون کرڪ ۾، سهڻو سمهاري،

 

جمجما کان ”جمعو“ چئي، ملائڪ پڇن ٿا ماري،

 

ڌوڙ مٿان ڍاري، وريا ڪانڌي ڪاڪ تان.

7-

وريا ڪانڌي ڪاڪ تان، واري ڏئي ونگ،

 

هاڻ سسِيءَ کي سال ٿيا، رڙيو وٺي رند،

 

نڪي ڄاڙيون ڄام کي، نڪي ڏاٺون ۽ ڏند،

 

نڪي نارا هئس نڪ جا، نڪي ڪن ڪهنگ،

 

نڪي هٿ پير حبيب کي، نڪي ٻانهون ٻنگ،

 

ڪلر ڪيرائي ڇڏيا، سڀئي عضوا انگ،

 

سوين ته سلطان جا، راڄن ڏٺا هئا رنگ،

 

ڇڏيو پٽَ پلنگ، پيو آهي مير مٽيءَ ۾.

8-

پيو آهي مير مٽيءَ ۾، گهوٽ ڇڏيا آهن گهر،

 

ڌڙ ڍڪيئونس ڌوڙ ۾، ڪري قابو منجهه قبر،

 

پهريا مال پٽن تي، وڏا وڳ ولر،

 

سسِيءَ تي مير جي، وهٽن ڏنا آهن ور،

 

کنيو اچنس کُرن ۾، ٿُڏيو منجهان ٿر،

 

سو پيو هو ڀر سمونڊ جي، ڪنڌيءَ پاس ڪپر،

 

ٻئي آيو گوهر گس وٺيو، پيس نيڪ نظر،

 

عيسيٰ اتي علم جا، پڙهيا انجيل مان اکر:

 

’وجهه ساهه سسِيءَ: ۾، پاڪ ڌڻي پرور!

 

ته پڇانس حقيقت حال جي، من ڪري خوب خبر.‘

 

جمجما کان ”جمعو“ چئي، سڌي پڇيو سرور:

 

’سائين! وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي.‘

9-

’هئين تالابين تخت تي، ته کڻي خبر ٻڌائينم خان!‘

 

چيائين ’نَولک نانوائين جا، هئا پچائيندا پڪوان،

 

ڪئين هاٿي هنبارين ۾، هئا جالورا جام،

 

ڪئين قناتون ڪيتريون، هئا طنبو موٽ وٽ طولان،

 

نوَ لک نغارچن جا، هئا وڄائيندا نوبتون نيشان،

 

ڪارهن لک قيصر جا، صوبا مون وٽ سلطان،

 

چڙهيو هوس شوق شڪار تي، طبل ساڻ طوفان،

 

ڪئين فوجون مون سان فالم هيون، جُنگ ڀليراجوان،

 

اچي لڳيم لهر لڱن تي، هينئين ڇڏيم هام،

 

وڻن ڪين وجود کي، ۽ تن اندر کي طعام،

 

ڪئين ڪم هئم دنيا جا، تن جي ڪل پيم ڪا ڪان،

 

راڻين روڄ ڪيا هئا، ماڻهن ۾ ماتام،

 

جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا

ملڪ ماڳ مقام،

 

انهيءَ گس گمان، مونکي عيسيٰ گڏيو آهين امرسين.

10-

عيسيٰ گڏيو هوس امر سان، ٿو پارس ٻڌائيس پار:

 

’سوين مون وٽ سونارا هئا، لکين مون وٽ لُهار،

 

ڪئين قلعيگر ڪيترا، مون وٽ کَٽي خبردار،

 

ڪئين وير واڍا هئا، مون وٽ نر چاڙهيندا نار،

 

ڪئين موچي مينگهواڙ هئا، ڌوٻي مون وٽ ڌار،

 

ڪئين واپاري واڻيا، هئا هندو لک هزار،

 

ڪئين بانڪا برهمڻ هئا، پڙهيل پوٿيدار،

 

ڪئين غريب رهندا هئا گسن تي، ڪاهي مهري اُٺ متار،

 

لکين تن ۾ لاڏُو هئا، ٻيا باري کڻندا هئا بار،

 

ڪئين جت جوان هئا، ڪوپا سڀ قنڌار،

 

گوهر گس وٺيو آيو، ڪنهن ڏينهن ساڻ ڪٺار،

 

مير! ڏٺا هئا ماڪوڙين جا، هڏي منجهه هزار،

 

ڪيڙين کائي ڪيترا، ڪيا هئا نيش نهار،

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي، پوءِ ڪئي ڪاهه قهار،

 

ايڏي ساڻ اختيار، مونکي عيسيٰ گڏيو آهين امرسان.‘

11-

عيسيٰ گڏيو هئس امر سين، ٿو پڇيس پار،

 

ڪيو هئائين عرض الله کي، تو وڌو آهي سسيءَ ۾ ساهه سنار،

 

پڇانس ٿو حقيقت حال جي، گويا ڪري ٿو گفتار:

 

هزارين مون وٽ هاٿي هئا، جوڙ وڏي جنسار،

 

ڏهه لک ڏڦيرن جا هئا، شڪاري ڪندا شڪار،

 

پنڌرهن لک پهلوانن جا هئا ڪُشتي ڪندا قنڌار،

 

ڪئين ملان مسيتن ۾، هئا ٻانگا پاڙهيندا ٻار،

 

ڪئين حافظ هئم قرآن جا، قاضي قضادار،

 

ڪئين ڦيريدار فقير هئا، مون وٽ منگتا مڱڻهار،

 

ڪئين اڪابر عقل جا، هئام وير وڏا وينجهار،

 

ڪئين بنگلا وڏي بنياد تي، هئا درين تي ديدار

 

ڪئين پخالي پاڻي ڀري، ڪندا هئا ڇوهه منجهان ڇٽڪار،

 

هڪڙي ڏينهن آءٌ گوهر گس وٺيو، آيس ڪاهي ساڻ ڪٺار،

 

مون دانَه! دليل ڪيو، ته مون جهڙو ملڪ ۾ ڪونهي خلقيو خلقڻهار،

 

تڏهن جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪئي ڪاهه قهار،

 

قدم کنيم ٻٽي چار، اچي ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾.

12-

ڪڙڪيم سور ڪاپار ۾، هئا ساٿ به مون ساڻ،

 

آءٌ مالڪ هوس ملڪ جو، مونکي ڪنهن جي ڪانه هئي

ڪا ڪاڻ،

 

راتو ڏينهن راڻين سان، ڪندو هوس راجا روح رهاڻ،

 

جڏهن ايندو ڪوٺائو ڪريم جو، تڏهن سوڍيون نه هلنديون ساڻ،

 

اڳيان دوزخ پيو ڌڌڪا ڏئي، جيئن ٻرن ڀاڳين سنداڀاڻ،

 

ايندا قاضي ڪريم جا، سٽي پڇندا سرواڻ،

 

جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، هتان هزارين هليا ويا هاڻ،

 

ڪن پيا ڄاڻ ويڄاڻ، ملائڪ انهيءَ ماڳ جا.

13-

ملائڪ انهيءَ ماڳ تي، ايڏو ڪن اختيار،

 

هڪڙا سيارا سختيون، ٻيون بلائون بيشمار،

 

ٽي ونگي واٽ وندر جي، جا پرور اُڪاريندو پار،

 

آءٌ به مالڪ هوس ملڪ جو، پئي سڏايم سردار،

 

ايمان آندم انهيءَ ڏينهن جڏهن، ڪيئين نوح نبي نروار،

 

ٻيڙو ٺهرايائين ”ٻارچ“ چئي، جنهن جا تختا ڪيئين تيار،

 

عالم چڙهيو انهيءَ ۾، پر هڪڙي رهجي وئي ريڍار،

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي ڪئي ڪاهه قهار،

 

صاحب رب ستار، هو ٻيڙو اُڪاريو ٻاجهه سين.

14-

ٻيڙو اُڪريو هو ٻاجهه سان، آيو لطف ساڻ لهي،

 

مائي موٽي آئي، کڻي مکڻ ۽ مهي،

 

نوح نبيءَ پڇيو نرمل کان، ٻڌاءِ سچي ڳالهه صحي،

 

ري مٽيءَ ماڙي اڏيئي، اها قدرت رب ڪئي،

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي، ويو رنج رهي،

 

سورن ڪيو سهي، مير کي محلات ۾.

15-

مير سان محلات ۾، راڻين ڪيو هو راڳ،

 

مڃ بيعت بُتن جي، پنهنجو ڀلو ورائيندو ڀاڳ،

 

لڳن عشق اندر ۾، درد اندر ۾ داڳ،

 

ڏاهي اسان کي ڏس ڏنو، آهي جوڳيءَ اهو جواب،

 

ته پرور اوهان کي پٽ ڏيندو، پوءِ وٺندس لاهو تي لاڳ،

 

پر مون حاڪم! هڪڙي ڏينهن حيلو آڻي، خاوند! لڌو هو خواب،

 

جڳ ڌڻيءَ وٽ ”جمعو“ چئي، ڪهڙو هلي ڪندين جواب،

 

توڏي هوت حساب، اهو حاڪم آهي حق جو.

16-

حاڪم کي حق جا، نيئر لڳا هئا نال،

 

تيرهن لک تُرڪ هئا، جوڳي جُنگ جمال،

 

ڏينهڪِ ڪندا هئا ڏيهه جي، صوبا سي سنڀال،

 

گهوٽ چڙهندا هئا گهوڙن تي، ٻڌي لونگيون لال،

 

ڪئين کيس کٽن تي، هنڌ هندورا جمال،

 

مير جا ملڪ ۾، هئا وڄندا گهنڊ گهڙيال،

 

دس چڙهندا هئا ديڳين جا، ٻيا نانوائي نهال،

 

ڪئين شاهه سخاوتون ڪندا هئا، مڏيون لٽائيندا مال،

 

لک حوالي لوڌَ جي، ڪندا هئا مِرُن جي مقال،

 

جمجما جي ”جمعو“ چئي، ڪئين ٿي ويا سِسيءَ کي سال،

 

ڇڏي مير مقال، هتان هليو ويندين هيڪلو.‘

17-

’هرڪو هلندو هيڪلو، مهندان اٿئي اوجهڙ اُونڌاري،

 

يا هندو هٽ جو هئين، يا واڻيو واپاري؟

 

يا ملون مسيت جو هئين، يا بدمعاش باري؟

 

يا رئيس راڄن جو هئين، يا وڏيرو ويچاري،

 

بادشاهه سخاوتون ڪندو هئين، يا ڪَٽيل هئين قهاري؟

 

جمجما تي ”جمعو“ چئي، ڪيئن قلن وهيو ڪاري؟

 

وير وسائي واري، مسافر هليو هئين ملڪ مان.‘

18-

’مسافر! هليو هئين ملڪ مان، تو ڪا نه ڪئي آڳاهي.‘

 

’ٻارهن لک ٻلهاڙو ڪندا هئا، مون وٽ صوبا صفائي،

 

چوڏهن لک چوڌاري هئا، مون وٽ سوين سپاهي،

 

هزارين حجام هئا، ڪندا راشن رسائي،

 

ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، مون ٺُڪَ کڻي ٺاهي،

 

مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڪندا هئا راڄ رسائي،

 

جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين خاڪ ڇڏيا آهن کائي،

 

جڏهن وير! مٽيم وائي، تڏهن ويم هاج هٿن مان.

19-

ويم هاج هٿن مان، جڏهن غافل لڳم غم،

 

آيم عزرائيل اوچتو، دير نه ڪيائين دم،

 

اهي راڻيون تنهنجون رتول ۾، ڪهڙو ڌاريون ڪنديون ڌرم،

 

ٻانهيون تنهنجون ”ٻارچ“ چئي، پيون ڪٽين ڪرم،

 

ايندءِ ڪوٺارا ڪريم جا، غازي! ٿي گرم،

 

ڏئين ها ورندي وريامن کي، نيڪ ٿي نرم،

 

پوءِ جمجما! تنهنجو ”جمعو“ چئي، شاهه رکي ها شرم،

 

ڀلو ڪندءِ ڀرم، دانهه! تنهنجي در جو.

20-

دانهه پنهنجي در جي، ٿو خان ٻڌائي خبر،

 

اَٺ لک سڪولن جا، مون وٽ پڙهندا هئا نينگر،

 

ڪئين مير ماستر هئا مون وٽ سهڻا جوان سڌر،

 

ڪئين ملان مسيتن ۾، ٻيا قاضي کڻن ڪر،

 

وڙهيو پون ونڊن تي، لولن تي لشڪر،

 

ڪئين دربان هئم در تي، نَو ويهون نوڪر،

 

جمجما جي ”جمعو“ چئي، آهي خاوند کي به خبر،

 

سِسو بنا سِرَ، آهي ڪن ايامن جو.

21-

آهي ڪن ايامن جو، محبت لڳيم من،

 

چڙهيس شاهه! شڪار تي، راجا! پٺيان روجهن،

 

هرڻ هڻي ويا، ڀڳا ڦاڙها ساڻ ڦرن،

 

مرون ملڪ ڇڏي ويا، پيو شڪ شينهن،

 

بارود خانا بيشمار هئا، ٻيون ڪلون ڪاغذن،

 

ڪئين توبچي تکا هئا، ويهندا منجهه وڻن،

 

هڪڙا بحر بندوقن جا، ٻيا توبون تو رکن،

 

هئا تجلا ترارين جا، ٻيا ڀالا ڀونڀٽ ڪن،

 

جمجما کي ”جمعو“ چئي، ڏنو ڏاج ڏکن،

 

دسيو آهي دُکن، سِسيءَ کي سال ٿيا.

22-

سسيءَ کي سال ٿيا، جُڳ لنگهيا هئا جام،

 

آءٌ داناءُ هوس دهليءَ جو، منهنجا مڪي منجهه مڪان،

 

راجا هئس روءِ زمين جو، منهنجا سنڌ ۾ سامان،

 

مشرق مغرب وچ ۾، هئم نيئر کتل نيشان،

 

قلعا هئم ڪشمير تي، وڏا ڪوٽ ڪمام،

 

ڪورٽون ٿينديون هيون ڪابول تي، جتي رهندا هئا جج جو ان،

 

ڪئين ڊونڊا ڊپٽي هئا، دفتر پڙهندا ديوان،

 

ڪئين مون وٽ بٺيون بيشمار هيون جت پچندا هئا پڪوان،

 

دس چڙهندا هئا ديڳين جا، کائيندا هئا آدمي انسان،

 

تيرهن لک تاريخ آءٌ، خيرات ڪندو هوس خان!

 

مُهر مڃيندا هئا منهنجي، ڏيهه ڀريندا هئا ڏان،

 

ساڻ نه هليا سڪندر سان، طنبو ۽ طولان،

 

جمجما جهڙا ”جمعو“ چئي، ڪئين ڇڏي ويا ماڳ مڪان،

 

هُت ته خرار پئي لٽايم خان! هِت منهنجو دُڪوئي داخل نه ٿيو.

23-

دُ ڪوئي داخل نه ٿيو، دانا! ڪهڙا ڏنئي دان،

 

هزارين هيرا موتي ياقوت، ٻيا سون رُپا سامان،

 

آءٌ رهندو هوس روم ۾، شرعون ڪندو شان،

 

ميڙا هوم سر تي، يمن پاسي جوان،

 

تخت منهنجا تنبول تي، هئا شم ٻرندا شمعدان،

 

ڪئين بيٺا هوندا هئا سوداگر سمونڊ تي، غورابن گدام،

 

تيرهن لک تپيدار هئا، منهنجون ديهون سنڀاليندا ديوان،

 

پنڌرهن لکن جي پلٽڻ هئي، جنگي سڀ جوان،

 

صورت هئي سلطان جي، جيئن چنڊ ڦري چوغان،

 

سوا لک سچو ڪيئين، جيڪي نبي ڪري ويا نيشان،

 

آءٌ امتي هئس حضرت الياس جو، جنهن جا آهن برن منجهه بيان،

 

انهيءَ جوڙ ”جمعو“ چئي، آهيان عيسيٰ! منجهه ارمان،

 

ڇڏي ملڪ مڪان، ڪئين هٿ ٺوڪي هليا ويا.

24-

هٿ ٺوڪي هليا ويا، جن کي ڪلمون پيو هو ڪن،

 

ڪارهن لک ڪَويِسَر، هئا مير ملائڪن،

 

ڪئين ٽهليا ٽاڪرو هئا، ڪامي منجهه ڪمن،

 

لڳندا هئا ملاکڙا ميدان تي، جتي مالهي ملهه وڙهن،

 

ڪڏهن پوي ڪينڪي، ڏڌو کير ٿڻن،

 

ڏيندا هئا انعام انهن کي، محبت رکي من،

 

ڪئين باغ باغيچا هئا، مٿي کوهه کُلن،

 

ايندا هئا پکي پاڻيءَ تي، چمن تي چڳن،

 

جمجما جو ”جمعو“ چئي، سور لڳو سڄڻن،

 

ڪلمون پاڪ پڙهن، ساري ڄمار سردار تي.

25-

ساري ڄمار سردار جي، ٻيلي! پيا ڪن پرور جي پچار،

 

پيو ساهه سسِيءَ کي، جيڪا هئي ڌڙ کان ڌار،

 

عيسيٰ نبيءَ ان تي امن ڪيا، لٿا غم غبار،

 

جُڙي ستر ورهيه حياتي هن کي، لاٿس ڏوهه ڏاتار،

 

ٿيو تالابين تخت جو، پيو دُرس ڪري ديدار،

 

ڪري پيو عبادت اتي، پڙهي پيو توبهه جي تار،

 

جمجما تان ”جمعو“ چئي، لٿا حرف هزار،

 

ڪلمي جي آڌار، وري جيئرو ڪيائينس جهان ۾.

 

لااِلٰھ اِلاالله محمّد رسول الله

 

-              ™ -


 

 

روايت (3)*

 

1-

ساراهه ڪر تون صاحب جي، جنهن جي جوڙ جڳاءِ،

 

صاحب تنهنجي سگهه جو، انت توئي کي آهه،

 

هڪ پاڻ ولايت اڳرو، ٻئي وڏي ولايت آهه،

 

آدم خلقي آدمي، پيدا قوم ڪياءِ،

 

واري ويهارياءِ جوڙي جاءِ بجاءِ،

 

موليٰ مِهر سندياءِ، هي ٻانهو ٻاجهه مڱي ٿو.

2-

آيو عيسيٰ نبي امر سان، ٿي رند وٺيو سو راهه،

 

تان سسِو ڀر سمونڊ جي، چڙهيو نيڪ نگاهه،

 

سِر بنا هو ساهه، آهي ڪنهن ايام جو.

3-

آهي ڪنهن ايام جو، ڀنجهوءَ ڪنَ ڀرياس،

 

منجهس ماڪوڙين جا، ڪوڙين هزار هياس،

 

ڪِيڙن کائي ڪيترا نيڻن نيش ڪياس،

 

عيسيٰ انهيءَ پاس، اچي پاڻ اُڀي رهيو.

4-

اچي پاڻ ابيهندي، ڪيا هاتڪ هٿ سنوان:

 

’واحد! در تو وينتيون، پنهنجي چِت چوان،

 

آگا! تون احسان سين، هن ۾ وجهه واري روح روان،

 

پُڇي پنڌ پوان، حقيقت هن هڏي جي‘.

5-

حقيقت هڏي جي، وَحي آندي واهه:

 

’توتي رب راضي ٿيو، نالو جنهن الله.‘

 

پيو سسِي ۾ ساهه، حڪمت ساڻ حڪيم جي.

6-

سسِي کي سيگهه مان پڇيو، نبي نور منجهان نروار:

 

’ڪر تون بادشاهه هئين، ڪر تون عاقل عقلدار،

 

ڪر تون گماشتو آهين، ڪر تون شاهوڪار،

 

ڪر تون غريب آدمي، ڪر تون زميندار،

 

ڪر تون ملون مهت جو، ڪر تون چور چڪار،

 

ساري سا شمار، ڏي هڏا! حقيقت حال جي.‘

7-

آيو آب اکين مان، سسِي کي سِمي،

 

ڳوڙها سِر ڳلن جي، ويڙس رَت رَمي:

 

’دنيا ۽ دولت جي هُيم ڪا نه ڪمي،

 

ساهو سر زمين، آهيان جمجما سلطان مان.‘

8-

نالي ڀلي نُور، پڇيو جمجمي ڪناءِ:

 

’هئين تالابين تخت تي ۽ ڪهڙا ڪم ڪياءِ،

 

ڪهڙا عمل دنيا ۾، ڪهڙا عدل ڪياءِ،

 

ساڻ غريبن گهوٽيا! ڪهڙي ونڊ ونڊياءِ،

 

رهه ڪهڙي ريت سندياءِ، ڪا وڃي دانهه پئي در تي.‘

9-

’سڻ پهريون مذڪور منهنجو، نبي نوراني!

 

تيرهن لک هاٿي هئا، مون در مستاني،

 

ست سو محلات هئا، خوبئون خوباني،

 

ڪونه جڙيو هو تن جهڙو، صورت ۾ ثاني،

 

ايڏي سين اخواني، هوس تالابين تخت تي.

10-

سڻ ٻيو مذڪور منهنجو، ڪامل ڏيئي ڪن،

 

پنڌرهن لک پهلوان هئا، مالهي ملهه وڙهن،

 

تيرهن لک طبيب هئا، جي دوا دارون ڪن،

 

پنج لک پاريهر هئا، جي بانڪا باز کڻن،

 

ڏهه لک ڏڦيرن جا، هئي لوڌ حوالي تن،

 

ايڏي ساڻ حڪمن، هوس تالابين تخت تي.

11-

سڻ ٽيون مذڪور منهنجو، ٿئي تنهن جو هيءُ بيان،

 

تيرهن لک بَٺي هئي، جتي پڪا ٿي پڪوان،

 

بيحد گهڻا هئا بورچي، ساڻ گهڻي سامان،

 

ڳڻيو ڳڻيان ڪيترا، تو سين ساهه بيان،

 

ايڏي ساڻ اخوان، هوس تالابين تخت تي.

12-

چوٿون بيان سڻ تون، عيسيٰ عقلدار!

 

نوَ سو نيزي اڳ ۾، منهنجا هئا چاڪر چوڪيدار،

 

ست هزار سڀنئان اڳرا، منهنجا خاصا خدمتگار،

 

ڳڻ ڳاڻيٽو ناهه ڪي، منهنجا بهت هئا بهلدار،

 

جيئن ڪارا ڪڪر اُڀ ۾، تيئن منهنجا هئا ڪٽڪ ڪارونڀار،

 

ايڏي سين اخبار، هوس تالابين تخت تي.

13-

پنجون بيان سڻ تون، منهنجو عيسيٰ جنگ جوان،

 

باغ اڏايا بنگلا، مون چلي منجهه چوغان،

 

مٿي تن بيهاريا، مون درس وڏا دربان،

 

ايڏي سين اخوان، هوس تالابين تخت تي.

14-

’ڏهون ڀاڱو ڏيهه تي، رائُر رکايام،

 

نڪا تَڪ انهن تي، نڪا ڪش ڪيام،

 

ظاهر ضعيفن تي، نهاريو ننگ ڪيام،

 

تن تي ڪشت ڪيام، جن ٿي مُهر نه مڃي منهنجي.‘

15-

’هئين تالابين تخت تي، توکي ڏني پرور پاتشاهي،

 

توسان ڪئي عزرائيل، ڏسِ ڪيڏي ڏاڍائي،

 

سڻايم سا ئي، ميان! پنهنجي موت جي.‘

16-

هوس  تالابين تخت تي، پيم ڪونه پَڙاءُ،

 

ٿيم شوق شڪار جو، کنيم ٽي لک ساڻ سپاهه،

 

تن منجهه شهر شريف هو، عاقل جيئن امراء،

 

پنج منزلون پنڌ جون، ڪاهيم قصد منجهاء،

 

انگ چڙهي ويم تاءُ، اچي مٿي مغز سور ڪيو.

17-

مٿي مغز سور ڪيو، ڌوڌو ٿي دونڪار،

 

سو پڻ ويڙم وسري، هوم جو شوق شڪار،

 

ڪيڏي دور دراز، اچي تخت تيار ٿيو.

18-

مٿي تخت طبيبن کي، مون سڏايو صحي،

 

حڪيم اچي حاضر ٿيا، وڏيءَ ويل وهي،

 

مانَ لحظي منجهه لهي، وڃي مغز سور مٿي جو.

19-

تن مغز سور مٿي جي، دوستن ڪيو دارون،

 

عيسيٰ! امرائن اچي، صحي لڌيون سارون،

 

پر منهنجي پارون، ويڄن وڏا وس ڪيا.

20-

ويڄن وڏا وَس ڪيا، حيلا حڪيمن،

 

ڏُک منهنجي ڏيل کي، ڦِريو فيل ڏين،

 

ورچيو ويڄ وڃن، تان فرق ڦڪيائي نه ڪري.

21-

فرق ڦڪيائي نه ڪري، توڻي ڏين سُڄاڻ،

 

هوڏانهن کُٽا ڏينهڙا، هيڏانهن پُڳا ماڻ،

 

سُڀي صورت عزرائيل جي، اچي پسايو پاڻ،

 

عيسيٰ! امر ساڻ، لڳي مُهر زبان تي.

22-

لڳي مهر زبان تي، آيو جُنبي جوراڻو،

 

ايئن سٽيائين ساهه کي، جيئن مِٽيءَ مانڌاڻو،

 

عيسيٰ! انهيءَ وير تي، مونکي ڪم نه آيو ناڻو،

 

جي هئم ڳالهائڻو، ته ويئي دانهن عرش تي.

23-

پيو اُلڪو اُمرائن کي، ٻيو پڻ پيو وزيرا،

 

راڻيون روئن رَت ڦُڙا، ويل تنهن ويرا،

 

بَٺ بَٺيون بيهي ويا، ڪو جو لڳن واءُ،

 

جمجمون، عيسيٰ! منجهان لوڪ لڏي ويو.

24-

پوءِ اَڄ اڄوڪي راتڙي، مَيت ڪيائون مزمان،

 

ڌوٻي واسي ڌري، کڻي کٿوريءَ ساڻ،

 

جيئن هن ڀانيو ٿي: پاڻ، جفا رائي ٿي جيءَ کي.

25-

کڻي کٽولو هليا، دانهه دُنيا منجهان،

 

ميت لوڏو ئي نه سهي، هو پيا ڪاهين قصد مان،

 

لٽي لوڙهه مٿان، جيڪس ڌري هليا ڌوڙ ۾.

26-

تانسين هئو آسرو، جانسين هئا هوء،

 

هو اُٿي هليا، ٿيو پڇاڻو پوءِ،

 

خير نه اگهيو ڪوء، جمجمي سلطان جو.

27-

آيا مَلڪ ٻه ڄَڻا، جُنبي جوراڻا،

 

”من ربڪ ومن نبيڪ ومادينڪ“ ڪر ڪو جوابا،

 

اٿئي هي گرز لوهه جا، ڪندءِ عذابا،

 

پَسي صورت اُنهن جي، دلِ دوڙي درد دُکا،

 

ذرو زبان نه ڪُڇي، اُتي انهن اڳيا،

 

تُنبي تُني، شاهه! سي عيسيٰ اُٿي هليا.

28-

دوزخ دريون پٽيون، ٿي اوندهه انڌوڪار،

 

ڪوڙين ڪيئان قبر ۾، هئا خلقيا خلقڻهار،

 

پنج ورهيه دوزخ ۾، هوس منجهه آزار،

 

تڏهن ٿيڙم ٺار، جڏ گڏيم عيسيٰ امر سان.

29-

گڏيم عيسيٰ نبي امر سان، سائين ساراهي،

 

پهرين ڏيو بادشاهيون، پوءِ ٿو ٽولائي،

 

لحظو ته لاهي، آگو هن ادب جو.

30-

سچ سچائي سچ چوان، نبي نور خدا،

 

توتي پڙهيم ڪلمون، آندم ايمانا،

 

سو جمجمو سلطان هليو بهشت ڏانه،

 

ڪلمون پڙهه مُها، موچاري محمد تي.

 

لا اِلٰھ الا الله محمد رسول الله

 

-              ™ -


 

 

روايت (4)*

چيل محمود شيخ**

 

1-

ساراهيم سچو ڌڻي، صاحب رب ستار،

 

جمجما سلطان هو، بيحد ڏاڍو قهار،

 

هليو ڏاڍي حب مان، ڪرڻ شوق شڪار،

 

جنهن سان ڪوڙين ڪٽڪ ڪيترا، ديمين جي ڌڌڪار،

 

امر ساڻ الله جي، ڪو لڙي پيو هو لار،

 

ويو پرزا ٿي پيرن سان، جنهن جو وري نه گڏيو وار،

 

تنهن سبب ”شيخ“ چئي، تنهن تي ڪاوڙيو قهار،

 

مغز سور مٿي جو، هن لاءِ آيو هو آزار،

 

ڪنڌ مٿو ڪاپار، ڌڙ کان ڀانيان ڌار ٿيو.

2-

تنهن مهل طبيب کي، حڪم ڪيو حاڪم،

 

دوا دارون درد جا، اچي دوست ڪريو هن دم،

 

هينئڙو هيڻو ٿيو، ويڙهي ويا گوندر غم،

 

وسري ويا وجود کان، ڪامل دنيائي ڪم،

 

مُنجهائي معالم، خاتم سڀ خطا ڪيا.

3-

خاتم سڀ خطا ڪيا، ورچي ويڄ ويا،

 

دوا دارون درد جا، هئا ڪاتبن ڪيا،

 

ڦڪي فرق نه ڪري، جنهن کي ٻٽي پهر پيا،

 

جمجما جيها، خاڪ گهڻا کائي ڇڏيا.

4-

سينگاري رکيئون سيج تي، ڪو جمجما جوڙي،

 

لنگهي پبس سور لڱن مان، ڇڏيئينس عضوا الوڙي،

 

مغز سور مٿي جو، ٿو ورنهه ولوڙي،

 

خاڪ اندر کوڙي، ڪيائونس ڌڙ حوالي ڌوڙ جي.

5-

ڌڙ حوالي ڌوڙ جي، جنهن جي مٿي جهلي ٿي مار،

 

جنهن جي مغز ۾ ماڪوڙن جا، هئا بيحد بيشمار،

 

پهرائي هليا پٽن تي، ڪاهي ڌڻ ڌنار،

 

لڳس کُر لوڻن ۾، ٻيا ڪي سو هزار،

 

ڌڙ کان ڇنـي ڌار، هئا سسي کي سال ٿيا.

6-

سسي کي سال ٿيا، آيو عيسيٰ نبي اتانهين،

 

مٿو ماڙهوءَ جو، ڪو ڏوران ڏٺائين،

 

ڪري عدالت اندر ۾، پنهنجي دل سان دوڙايائين،

 

کڻي هٿ حضور ڏي، اهو عرض ڪيائين:

 

’سسي ۾ ساهه پئي، سڻ سٻاجها سائين!

 

جيڪي ڪم ٿي ڪيائين، پڇڻ لاءِ حقيقت حال جي.‘

7-

سسي ۾ ساهه پيو، ٿو کلي ڳالهائي،

 

هلڻ لاءِ حيران ٿيو، وريو واجهائي،

 

هاٿي هنبارين سان، منهنجا ڪيڏانهن ويا ڪاهي؟

 

نَو سو نغارچين جا، ويا واڄا وڄائي،

 

سامهون مون سلطان سان، ڪو نه لڙائي لائي،

 

جوڙي ڪونه جواب ڏي، اڳيان نه ڳالهائي،

 

دنيا دولت دورنگي، وئي لاڳاپا لاهي،

 

جيڪا ٿو واحد وهائي، تنهن کي اڳيان اچي ٻيو ڪونه ڪو.

8-

صاحب! هن سسي جي، توکي واحد آهي ووڙ،

 

تازي ايندا هئا تڪڙا، ٻيا ڊڊا ويندا هئا ڊوڙ،

 

هاٿي هنبارين تي، مٿي ٻڌندا هئا موڙ،

 

ڪئين هوندا هئا ڪيترا، ٻيا رڌيندا ٻوڙ،

 

مالڪ کي ”محمود“ چئي، سگهه جڳائي جوڙ،

 

سور رکي ويم سوڙهه، ڪا پهرين منزل پنڌ ۾.

9-

ڪهڙو نالو تنهنجو، آهي ڪهڙي ذات سندياءِ؟

 

يا هئين زميندار زمين جو، تو ڪهڙي ونڊ ونڊياءِ،

 

يا هئين ملو قاضي مسيت جو، تو اُبتا انگ لکياءِ،

 

يا هئين چور چڪار، ڪي ڌاڙيچن منجهاءِ،

 

يا هئين حلوائي هٽ جو، وريئي مچ مٿاءِ،

 

ڪهڙي مرض مارئين، تو ڪٿي جوڙي جاءِ،

 

يا پئي رهيو هئين پٽ ۾، توتي مِرن ميڙا ڪياءِ،

 

سامهون ئي ڳالهه سڻاءِ، ڪا سِسا پنهنجي سور جي.

10-

نالو سڏائين جمجما، ظاهر ذات نواب،

 

ساعت پسان ٿو سک جي، جيئن خيال پسجي خواب،

 

عزرائيل آيو اوچتو، جيئن ڪاسائي ڪري ڪباب،

 

ملائڪ مهل پڇاڻي جي، ڪو تکو رکائينِ تاب،

 

مون تي حرف حساب، تنهن فائق رکيو هو ڦَر جو.

11-

دانهن فريادي ڦَرَ جي، صاحب رب سُئي،

 

دنيا دولت دورنگي، هوند ته مون وٽ هئي،

 

خزاني جا کوهه گهڻا، مايا شيء مُهي،

 

ويا ٿم ڪنڌ ڪُهي، ڌڙ کان سسو ڌار ٿيو.

12-

جڏهن چڙهي ٿي عرش، نوح نبيءَ جي ٻيڙي،

 

انهي ملڪ مان مون مايا ٿي ميڙي،

 

سا سهيڙيم ”شيخ“ چئي، مون ناحق ڪئي نيڙي،

 

ڌڙ کان سسي ڌار ٿي، لکن ڪئي ليڙي،

 

ڪامل تو ڪهڙي، آءٌ سڌ سڻايان سور جي.

-              ™ -


 

 

روايت (5)*

چيل بچايو رند

 

1-

ساراهيان سچو ڌڻي، جو صاحب رب سڌر،

 

ٿو صفت صاحب جي ڪريان، جو ڪلنئي جو قادر،

 

هڪڙي ڏينهن عيسيٰ نبي الله جو، آيو راهه وٺيو رهبر،

 

هڏو ڏٺائين هڪڙو، بنان ڪنڌ ڪپر،

 

آهي ڪن آيامن جو، ساهه بنا هي سر،

 

سوال ڪيائين سائين کي، تون آهين پاڪ ڌڻي پرور!

 

پوي ساهه سسيءَ ۾، ته پڇانس سڀ خبر،

 

وڌو ساهه سسيءَ ۾، قدرت سان قادر،

 

پڇي حقيقت هڏي کان، اُتي خان خبر:

 

’ڪير آهين، ڪاڏي وڃين، ڪهڙو تنهنجو نالو نر!

 

تون هئين مالڪ ملڪ جو، ڪي سائين سوداگر،

 

تون هئين چور چڪار، ڪي هئين شاهه سڪندر،

 

تون هئين ملو مسيتن جو، ڪي غازي گداگر.‘

 

اتي هن جا لڙڪ لڙي پيا، جان مٿان جر:

 

’ڪهڙي حقيقت ڪريان، توسان خوب خبر،

 

جيڪا جڙي منهنجي وجود سان، ساٿي خاوند کي خبر،

 

اڄ لٿا اٿم بار ”بچايو“ چئي، جڏهن ساڻي ٿيو آهين سرور،

 

وڏي ساڻ وڳر، هوس تالابين تخت تي.

2-

هوس تالابين تخت جو، تڏهن ساڻي ٿيم سردار،

 

سڻ حقيقت منهنجي، تون عيسيٰ عقلدار!

 

ڪئين ڪروڙيون ڪيتريون، مون وٽ هئا ڪٽڪ ڪارونڀار،

 

لکين مون وٽ لشڪر هئا، هزارين هٿيار،

 

ماڙيون آڏايم محلاتون، ڪي بنگلا بيشمار،

 

منهنجي ڪئين مُهر مڃيندا هئا، چوڏسيون چوڌار،

 

ڪري ڪريان ڪيترو، توسان شاهه! شمار،

 

سڀيئي خاڪ کائي ڇڏيا، وڏا ڪي وينجهار،

 

اُتي حڪم هلي ٿو ڪو نه ڪو، آهي قادر رب قهار،

 

ٻي بات نه هلي ”بچايو“ چئي، توڻي سڏائي سردار،

 

ڪر عيسيٰ اعتبار، هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

3-

هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو، جمجما سلطان،

 

خير خيراتون ڪيتريون، ڪيم ظاهر ساڻ زبان،

 

ارڙهن ويهون اُمرائن جون، هيون منهنجي در مٿي دربان،

 

ٻيون منهنجون بٺيون هيون ”بچايو“ چئي جن تي

پڪا ٿي پڪوان،

 

منهنجي ڪيئن مهر مڃيندا هئا، هئا ڏيهه ڀريندا ڏان،

 

هڪ ڏينهن چڙهيس شوق شڪار تي، وٺي سڀ سامان،

 

مون سان هاٿي هنباري ڪيترا، طنبو هئا طولان،

 

ٻيا واڄا وڄائيندا ڪيترا، ڀٽ فقير ۽ ڀان،

 

هڪڙو ڦر ”فقير“ چئي، هو مٿي پيل ميدان،

 

سوکُرن ساڻ کڄي ويو، هتي هو حيوان،

 

رکيم ڪين ”رند“ چئي، اهڙو د-يد ڌيان،

 

وڏائي جڳائي واحد کي، ٻئي کي جڳائي ڪان،

 

اڄ آئين عيسيٰ! امر ساڻ، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.

4-

منهنجو ساهه سڌير ٿيو، جڏهن عيسيٰ آيو،

 

مون کي سور مغز ۾، تَهين ويل پيو،

 

ويئي لذت لڱن کان، هينئين هلڻ ڇڏيو،

 

طبيبن طمع لاءِ، وڏو وَس ڪيو،

 

مون وٽ هزارين حڪيم هئا، جن پئي خزانو کپايو،

 

تن جي ڦَڪِي فرق نه ڪري، جو نه هو رب جو رايو،

 

لڳي مهر زبان تي، جو اولاڻو آيو،

 

راڻين جي روئڻ جو، پرلاءَ مونکي پيو،

 

وائي وري ڪانه ڪا، سڀيئي وَس ويو،

 

ويو بادشاهون بس ٿي، وڃي لاشو ٿي رهيو،

 

ڌوئي واسي ڌوپ سان، کنيائون کٽولو،

 

وجهي مٽي منهن ۾، کاڄ ڏنو خاصو،

 

جهليئون مهماني ميت جي، اهڙو ڏاج ڏنو،

 

بخش گناهه ”بچايو“ چئي، هن سيد جو صدقو،

 

اڄ عيسيٰ! آهين آيو، منهنجو ساهه سڌير ٿيو.

5-

پهرين حقيقت منهنجي، ٻڌ ڪامل! ڪَن ڪري،

 

کڻي کٽولو هليا، ڪاهيائون ڪست ڪري،

 

ميت لوڏو نه سهي، هو هلن ڪين هري،

 

ڪانڌي موٽيا پوئتي، مٿان ڌوڙ ڌري،

 

آيا مَلڪ الله جا، مٿان ڪست ڪري،

 

وڌو پساهه پڃري ۾، قادر ڪرم ڪري،

 

ڪهڙو تنهنجو رب، ڪهڙو تنهنجو رسول، آئين

ڪهڙو ڪلمون پاڪ ڀري؟

 

ڪهڙي هاج هُتي ڪري آئين، ڪهڙيون ڪمايون ڪري،

 

عيسيٰ! قبر جي ڪهڪاءُ کان، منهنجي وائي ڪانه وري،

 

هتي ته مون وٽ هزار هئا، اتي وانگي ڪو نه وري،

 

هيءُ ڀي ڏينهن تنهن جو، جيڪو ڏاتار ڀر ڏري،

 

جن بانور ڪيو ”بچايو“ چئي، آهي پرور تنهن کان پري،

 

هاڻي ويهان ڪهڙي ڳالهه ڪري، عيسيٰ! انهيءَ ڏينهن جي.

6-

ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سلطان!

 

قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪانه،

 

جيڪي راڻيون هيون رتولن ۾، سي سنگ نه هليم ساڻ،

 

انهن کي اولاد جي، ڪا هئي طلب تمام،

 

جوڳي آيو جُوءِ ۾، ڪو سامي سرت سجان،

 

ويهي ڍارو ڍاري، ڪيائين بات بيان،

 

مڃيو بيعت بُتن جي، آن تي راضي ٿيندو رام،

 

آءٌ به آيس رات جو راڻين وٽ، ڪيائون اهو بيان،

 

هئم روح هڪڙي راڻيءَ سان، دل جو ڦاٿل دام،

 

ويس رکي رايو تنهن جو، ڌريم ڪين ڌيان،

 

اهو به آيم اولانبو اتي، جتي وڃي ٿيس مالڪ جو مهمان،

 

اٿئي قلم وس ڪريم جي، ٻيو ڇا آدم ڪري انسان،

 

رب ڌاران ”رند“ چئي، ٻي ڪنڌي آهي ڪا نه،

 

پناهه ڏيندو پاڻ، تڏهن لهندا يار ”بچايو“ چئي.

7-

ٻي به حقيقت منهنجي، سڻج تون سردار!

 

مون جيڏا مون سرتا، مون باقي ڪيا يار،

 

تن کي پَٽ پوشاڪون ڪيتريون، ڏنم هزارين هٿيار،

 

ماڙيون محلاتون ڪيتريون، ڏنم بنگلا بيشمار،

 

تن کي پرڻايم پدمڻيون، ڏيئي هزارين هار،

 

مون ڀانيو مون سان هوندا، باقي منهنجا يار،

 

آيم موت مٿي تي، جڏهن ڪاوڙيو قهار،

 

تڏهن ڪو نه مليو ڪنهن کي، وري نه ملي وار،

 

لڳي لهر لڱن کي، وڙلا ٿيم وار،

 

ڪئين ڏهاڙا ڪيترا، هئس پيو منجهه پاتار،

 

پوءِ ڪيائون مٿو حوالي مال جي، ڌڙ کان ڇني ڌار،

 

بخشين ڏوهه ”بچايو“ چئي، صاحب رب ستار،

 

عيسيٰ! ڪرين اعتبار، ته آءٌ هئس مالڪ پنهنجي ملڪ جو.

8-

ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ عيسيٰ! عقل ساڻ،

 

ڪئين ڪروڙين ڪيترا، مون وٽ صوبا هئا سلطان،

 

عقل اڪابر ڪيترا، مون وٽ لکين هئا لقمان،

 

جوڙايم جنگين لاءِ، توفون ۽ طولان،

 

ماري مسڪينن کي، سوڙها ڪيم سامان،

 

عيسيٰ! جنهن مايا من مغرور ڪيو، سا به نه هليم ساڻ،

 

اهڙي سُڌ نه پيم سُور جي، نه ته هي طمع ڇڏيان ها تمام،

 

ڦران ها فقير ٿي، جوڳي منجهه جهان،

 

وجهي قنديل ڪنڌ ۾، در در وٺان ها دان،

 

ته وساريم ڪين واحد کي، سارو ڏينهن سبحان،

 

بخش گناهه ”بچايو“ چئي، راضي ٿي رحمان،

 

ڪل پيئي هئي ڪانه، مونکي قادر جي قدرت جي.

9-

ٻي به حقيقت منهنجي، ٻڌ دانَهه دل لائي،

 

مون ڪيا دور دنيا ۾، ڇڏيم ڪرها ڪڏائي،

 

ڪٽڪ مون سان ڪيترا، جن سان ڇڏيم ملڪ مڃائي،

 

ڏنم نام ڌڻيءَ جي، ڪئين لک به لٽائي،

 

کنيم بار بکين جا، ڇڏيم آڙيا اوڍائي،

 

عيسيٰ! انهيءَ ڳالهه جو، عجب مونکي آهي،

 

جيڪي ڏنم نام الله جي، سو اُت اگهيوئي ناهي،

 

ڪئين سڪندر، ڪئين دارا، ڪئين سپڙ، ڪئين سالار،

سي به ويا وارو وڄائي،

 

مونکي به پوءِ پروڙ پئي، نه ته ڇڏيان ها خوديءَ کي کائي،

 

ويهي پنهنجي وجود کي، ڇڏيان ها جيئري جلائي،

 

”ڪل نفس ذائقةالموت“ اهو مٿي تي آهي،

 

هاڻي بار مون بندي جا، من لطف سين لاهي،

 

عيسيٰ! تو آئي، منهنجا لٿا بار ”بچايو“ چئي.

10-

لٿا اٿم بار ”بچايو“ چئي، جڏهن آيو آهين نبي نوراني،

 

دنيا ۽ دولت جي، مون وٽ ڪانهي ڪمي،

 

گهوڙا ٻيڙا ڪيترا، مون وٽ ڪوڙين هئا ڪامي،

 

لکين لشڪر ڪيترا، مون وٽ هئا صوبا سلامي،

 

عاقل هئا عقل جا، مون وٽ جيءَ ڀريا جاني،

 

ٻيا مالهي اچيو ملهه وڙهن، مون وٽ ارڏا اخواني،

 

عالم هئا علم جا، مون وٽ سچا سجاني،

 

ڦيريدار فقير هئا، جن جي هئي ڪرامت ڪاني،

 

”وحده لاشريڪ له“ جڏهن آيت آندائين،

 

حجت تڏهن هر ڪنهن جي، ڇني ڇڏيائين،

 

بخش گناهه ”بچايو“ چئي، سوال سڻج سائين!

 

لطف سان لاهين، مون تان عيسيٰ! ڏوهه الله جا.


 

*  هي روايت وچولي (تعلقي هالا) مان قاضي نورمحمد کان ملي.

*  هيءُ قصو اسان کي منشي محمد عظيم لس ٻيلي واري جي بياضن مان مليو. شاعر جو نالو فقير محمد نو تاڻي ڄاڻايل آهي، جو شايد لس ٻيلي جو هو. هنن بيتن جون ٻيون روايتون ڪراچيءَ مان خليفي غلام محمد، ٿرپارڪر (تعلقي کپري) مان عبدالحڪيم پلي ۽ وچولي (تعلقي سنجهوري) مان جاڙي خان مري کان پڻ مليون، جن جي بيتن ۾ ڪجهه اختلاف آهي ۽ ڪن بيتن ۾ ”مير“ ۽ ”ٻگهيي“ جا نالا به آيل آهن. (ن.ب)

*  هيءَ روايت سگهڙ ماڻڪ خان چانڊئي جي زباني قلمبند ڪئي وئي.

**  محمود پٽ جان محمد شيخ ڳوٺ ٻاراچڙي تعلقي شهدادپور ۾ سنه 1866ع ڌاري ڄائو. جوانيءَ ۾ هو پنهنجي اصلي ڳوٺ مان لڏي وڃي شهدادپور جي ڀرسان ٽوپڻ  ڏاهريءَ جي ڳوٺ ۾ ويٺو ۽ اتي ئي بيت چوڻ شروع ڪيائين. هميشه محفلن، ميڙن ۽ مجلسن ۾ بيت ڏيندو هو. محمود شيخ پڙهيل ڪو نه هو. جوانيءَ کان وٺي پنجئي وقت نماز پڙهندو هو. هن ڪيترائي بيت ۽ سربستا قصا بيتن ۾ جوڙيا. (اندازً سنه 1932ع ۾ وفات ڪيائين.

*  بچايو فقير عرف الهبچايو پٽ بنگل خان رند؛ سندس وڏا اصل جهونجهاڻ ضلعي خيرپور جا ويٺل هئا. جتان پوءِ لڏي اچي کپري جي ڀر ۾ دليل رند (کاڻي ۽ سنڌڙي جي وچ ۾) ويٺا، جتي بچايو سنه 1872ع ڌاري ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ گذاري ويس جنهنڪري مال چاري پيٽ گذر ڪندو هو. يتيم ۽ غريب هجڻ ڪري اڻ پڙهيل ئي رهيو. ٻارهن چوڏهن ورهين جي عمر ۾ پنهنجن عزيرن سان گڏ لڏي وڃي ڳوٺ ٽالهو رند (چنبڙن لڳ/ تعلقي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو. سندس استاد منٺار فقير راڄڙ هو. ڪچهرين ۽ محفلن ۾ ويهڻ ۽ بيتن چوڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هوس. سندس ڪلام جو مشهور گفتو ”بخش گناهه بچايو چئي“ آهي. 27 رمضان 1374هه ۾ جهول لڳ پنهنجي ڳوٺ ”بچايي رند“ ۾ وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org