سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :17



 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

اُتر ۾ ڪارِين ڪـَـڪرِين هو لا-
(اتر ۾ ڪارا ڪڪر اُڀريا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

تڙ تڙ ٻولي تاڙيو لا-
(تڙ تڙ تي تاڙو پيو ٻولي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

واڍلـِـيا پيا واڪـِـين هو لا-
(ڪڪر پيا آسمان ۾ ڊوڙن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

تـِـتر کـَـرِڙي آڀي ۾ لا-
(تتر کرڙِي آسمان ۾ ظاهر ٿي آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آيو سانوڻ نيڙو هو لا-
(سانوڻ جي مند ويجهي آئي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀرجي آسي برسارو لا-
(ڀرجي ايندو وسڪارو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جهرِمـِـر بـَـرسي مينهڙلو، ڙي لا-
(جهرمر ڪري مينهن پيو وسي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

رَڙڪـِـي ڀريو رَڙِيارو، ڙي لا(1)-
(مينهن وسي رڙيارو به ڀـَـري ڇڏيو آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

وَڙيو ڏکڻ روڪو بائيرو، ڙي لا-
(ڏکڻ جو ڪو واءُ وريو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

سيلهي سٽڪا ڏئي ٿي هولا(2) -
(کـِـنوڻ به چمڪاٽَ پئي ڪري)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ٻـَـر ٻـَـر ڪري ٿي ٻـَـڪرارِي لا(3) -
(کنوڻ چمڪاٽ پيئي ڪري)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڌُڪي ڀريا ڌورا هو لا-
(مينهن وسي ڍورا ڀري ڇڏيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ٽـُـڙ ڦـُـڙ ڀريا ٽوڀـَـڙلا، لا-
(ڍنڍون تلاءَ مينهن ڀري ڇڏيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پـَـلـُـر پاڻي پـَـٽان تي لا-
(مينهن جو پاڻي پٽن تي پکڙيو آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

تـَـل تـَـرائين تار ٿيا لا-
(تليون ترايون سڀ تار ٿيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

بـَـڙي تان آيو بـَـڙسارو لا-
(وري تان وسڪارو آيو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گاسِ اُگـِـي ڪـَـريا گهيرا هو لا-
(هر هنڌ گاهه اُڀريا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کـِـير کـَـٽا ٿيا کاهـُـڙ ۾ لا-
(کاهڙ ۾ کير کٽا جام ٿيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀـُـرٽ ڀـِـٽان ۾ ڀـِـيچي جو لا-
(ڀٽن ۾ ڀـُـرٽ بيهي ڏس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

(4)

کيتـَـر جوئي ڇڏَ کاهـُـڙَ را لا-
(کاهڙ جون ٻنيون ڏسي ڇڏ)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ليڏاڻا تي لاسان هو لا-
(گـُـڏنِ تي ڇيڙون شروع ٿيون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کيتـَـر آيا هـَـڪلان ۾ لا-
(ٻنين ۾ جهار هڪلڻ جا ڏينهن آيا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کانڀانڻيان را سـَـٽڪا هو لا-
(کانڀاڻين جا سٽڪا پيا ٿين)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

اُڏين ٿا پکيڙا پوکان تي لا-
(پکيئڙا پوکن تي اُڏامن ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جهـِـڙڪيـِـن هولا هيڙيا لا-
(جهرڪيون ڳيرا هيڙها پکي آيا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پائر پـَـچيا آنڀوُڙا لا-
(پائر ۾ آڀـُـون پڪا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مـُـسڙي کائـِـين ٿا مانٽـِـيڙا لا-
(جـُـوانڙا آڀون مهٽي کائين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

اُپڙين ٿين ڇوريـِـن آپـَـت ۾ لا-
(ڇوڪريون پاڻ ۾ رانديون ڪن ٿيون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

هـَـنسـِـين ڪـُـڏين ٿـِـين هيڪ جيڏين لا-
(کلن ڪُڏن ٿيون هڪ جيڏيون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مال مـَـڙهان ۾ ٿو موزان ڪري لا-
(مال مڙهن ۾ موجون ٿو ڪري)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڇـُـوٽ چـَـريـِـن پيا ڇيلڙا لا-
(اُتي ڇيلا ڇيڪ پيا چرن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گيهه را ڀـَـريا گاڏا هو لا-
(گيهه جا گاڏا ڀريا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ٻـَـهل ٻـَـڙهـِـي را ٻاريا پـِـين لا-
(پائر ۾ پـِـسُ پين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

جهـَـڻ را جـَـنگا جوئي ڇڏ لا-
(لسيءَ جا وڏا وٽا ڏسي ڇڏ)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀيچي جو تون بـَـٿاڻان ۾ لا-
(تون بيهي وٿاڻن ۾ ڏس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کـِـير بـِـڙاهـِـين ٿا کاهڙيا لا-
(کاهڙ وارا کير ورهائين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مارو لائـِـين موگر ڙِي لا-
(ماروئڙا لـُـلر ۽ مـَـريڙو آڻين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ساڳ رڌين ٿا سانگي هو لا-
(سانگيڙا ساڳ رڌين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کوڙ کـُـنڀيان را کاهڙ ۾ لا-
(کاهڙ ۾ کنڀين جا کوڙ ٿيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پاساڙان ۾ پـِـپان ڙي لا-
(پاساڙن ۾ پپـُـون ٿيون آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گولاران ۾ گولان ڙي لا-
(گولاڙي ول ۾ گولـُـون ٿيون آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کاٽـُـونبا رِين کوڙِين هو لا-
(کاٽـُـونبن جون کوڙيون ٿيون آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڏوٿي لاڻين ڏُٿڙو لا-
(ڏوٿي ڏٿ آڻين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀـُـرٽ ڀلا ٻيجين ٽـُـوسالين لا(1)-
(هڪڙا ڀرٽ ڀلا ۽ ٻيون ٽـُـوهه وليون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گورا گـَـسان تي ڳاڱيا لا-
(گس تي گوار ۽ ڳاڱا ٿيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڦوڳان ۾ جـَـو، ڦـُـل ٿيا لا-
(ڦوڳن ۾ ڏس ته گل ٿيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

روهـِـيڙان رِي رونڻـَـڪ جو لا-
(روهيڙن جي رونق ڏس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گـَـس لـِـڪي گـِـيا گاسان سين لا-
(گاهن سان گس لـِـڪي ويا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

چوکين اُگـِـين چـِـڀڙالـِـن لا-
(چوکيون چڀڙاليون اُڀريون آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گدريـِـن پـَـڪين گسان تي لا-
(گدريون پڪيون گسن تي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

تنهيا ڏيک جائي ڏهران ۾ لا-
(ڏهرن ۾ ميها وڃي ڏس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڪاڙينگا ٿيا ٽـِـس لٿي لا-
(ڇانهان ٿيا ۽ اڃ لٿي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آتا جاتا کائين پيا لا-
(ايندا ويندا کائين پيا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پيٽ ڀـَـرين ٿا پائـُـر ۾ لا-
(پائر ۾ پيٽ ڀرين ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڏيس تان گـِـيو اڄ ڏُکـَـڙو لا-
(اڄ ڏيهه تان ڏک ويو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

کـُـس ٿا ڏيکارجين کاهـُـڙيا لا-
(کاهڙ وارا خوش ڏسجن ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

(5)

وَنڪا وَر ڏي واڪين ٿا لا-
(جوان ور ڏيو ڪوڏاريون هڻن ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مارڳ جائين ماروڙا لا-
(ماروئڙا گس ڏيو وڃن ٿا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پاڻي جائـِـين ٿـِـين پاڻـِـهيارين لا-
(پاڻهياريون پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

سانگي سنڀريا سـُـوڙهان تي لا-
(سانگيڙا جهنگ وڍڻ لاءِ سنڀريا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

لـُـڙڪـِـين سارين ساريٽـِـي رين لا-
( ”ساريٽي“  ۾ ساريون پڪيون آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

لـُـوهان ڏي آيا لايـَـهارا لا-
(لاهيارا لوهون ڏيندا آيا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

لايـَـهاران رين لوڏان جو لا-
(لاهيارن جون لوڏون ڏس)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

بـَـهتا آئين ٿا ڀيڙا هو لا-
(سڀئي گڏ هلندا پيا اچن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڍنگ ڍاٽيا رو ٻـِـيجو ڪـُـوڻ ڪري لا-
(ڍاٽين جهڙو ڍنگ ٻيو ڪير ڪري)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڍاٽـِـي ڍٽ سين ڍَڙيا هولا-
(ڍاٽي ڍٽ کان هليا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

مـُـهراڻي رِي مـِـجمانـِـي لا-
(مهراڻي جي مهماني آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

آئي چوکان نان آ پـَـڙيا لا-
(اچي چانورن کي رسيا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

چوکا  ”چيلاڙي“ (1) را چوکا هولا-
(چانور ’چيلاڙي‘ جا عمدا آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ماڙهـُـوتان ڦـُـٽرا مهراڻي را لا-
(ماڻهو ته سهڻا  ”مهراڻي“  جا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

پاڻي تان پڌرو پـَـٻـُـوسر(2) رو لا-
( ”پٻوسر“  جو پاڻي سٺو آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

عـُـمراڻي را تان آنٻا مـِـٺا لا-
(عمرڪوٽ جا ته انب مٺا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

چوکين لـُـگڻـِـين چوٽل(3) رين لا-
(سهڻيون زالون  ”چوٽل“  جون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

نارِين نماڻـِـين ننگر رِين لا-
(عورتون نماڻيون ننگرپارڪر جون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ٻولي تان مـِـٺي ٻٻڙان ري لا-
( ”ٻٻرن“  جي ٻولي مٺي آهي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڀـُـونڊا تان ماڻس  ”ڀـَـڏيلـِـي“  را لا-
(ڪوجها ماڻهو  ”ڀڏيلي“  جا)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

گالـِـهين ٿين گائجين گمورِي(1) رين لا-
(ڳالهيون ٿيون ڳائجن ڳموريءَ جون)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

هاڪ گهڻي آهي هاڙهان(2) ري لا-
(هاڪ گهڻي آهي هاڙهن جي)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ڳيجـِـي ماڻس کـِـيرل را لا-
(کيرل ڳوٺ جا ماڻهو لالچي آهن)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

ووءِ ووءِ! حال ولهيٽان(3) رو لا-
(هاءِ هاءِ! حال ولهيٽن جو)

 

الا هــمــرچو هوڙي لا...

(6)

همرچي رو ويليو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ٻيٽان مٿي بـُـگـَـلا ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

اُنڏو گجي گاجـَـڙلو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڏُلـِـيو ڇورو ڏاگان ۾ ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

هـُـڻ تان ڏُليا ڏوڏڪـِـي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

جهـُـوني گـَـڍَ رو ڪو جوگـِـيڙو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڍيٻي ڍَڙڪـِـين ڍيلڙڪين ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڪـِـريو ڙي ڇوريان اَرڙاٽو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڪـَـنٺي جا تان ڪـُـونڀـِـٽـِـيا ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

اڄ تان مـُـنڃـَـرَ سين موريا ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڀـَـرِيو تان اوٺاڙي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

وَڳڙ لو تان هـُـونگاري ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

سارين پـَـڪـِـين ساريٽـِـي ۾ ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

(7)

اُتر ڪيو اوسارو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڍورو ڀـَـريو هيلون ڏي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڍوري جي تان ڪپ تي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڍنڍ تان پـَـڪي سيد جي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

لاهيارا تان لاڙ جا ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

پوکون پچي تيار ٿيون ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

لـُـڻن ٿيون لاهياريون ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

لـُـڻن ٿيون ٻانهياريون ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

لـُـڻن ٿيون ڪنواريون ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

چـُـني واري لاهياري ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

تائـِـٿن واري طائفو ڪيو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

مـُـهراڻو هـِـن مـِـيرل جو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

سائـِـي تان سـِـنڌ سيد جي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

مڙدن جي تان جوڙي ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

ڪاڇي چـَـروُڙو ڪڇ ۾ ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

سوني تان مـُـنڊيِ هٿ ۾ ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

هنجهه پکي حيراني ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

سوني بـُـولي نڪ ۾ ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

جوڳي آيو جوانڙو ڙي-

 

هــمــرچو ڙي لا...

(8)

وراڻي:  هـَـمـَـرچي جو ويلو ڙي الله.
        ڍورو ڙي ڀريو هيلانِ ڏي الله-

 

هـَـمـَـرچي جو ويلو ڙي الله...

اُتر ۾ گاج گڙوڪي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

سائي ڙي پک جو اڄ مورِيڙو الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

اڇي تان پک رو اڄ ٻاٻيهو الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ٽـِـڪسيو کـُـليو اڄ اُمراڻي جو الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

سيڙهو آيو نيڙو ڙي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ڪـُـونڀـِـٽا موريا هـِـن مـُـهراڻي جا الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ساريون پڪيون  ”سونپر“  جون الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ڪاري پل جو اڄ ڪانگيو الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ڪاري تان گاڏي راجا جي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

شابي شابي مڙدن جي ٽولي کي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

چونئرا ۽ چوڪيون چوٽل جون ڙي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

مينهن وٺو ماري جي ملڪ تي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

ڪڻڪون پڪيون ڪنڊياري جون الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

اڄ لاهيارا لڻن ٿا ڙي الله-

 

هــمــرچي جو ويلو ڙي الله...

(9)

وراڻي:  همرچو راڻا، همرچو ڙي الله.
        ڪوئل ڪا ٻولي ڙي ٻاغن ۾ الله -

 

همرچو ڙي الله...

اُونچـِـي ڪا ماڙِي مومل جي الله-

 

همرچو ڙي الله...

اڇا ڪي پکي ڍنڍ جا الله-

 

همرچو ڙي الله...

اڇا ڙي ڪپڙا راڻل منهنجي جا الله-

 

همرچو ڙي الله...

پانڌيئڙو ڪو رهيو ڙي، پنڌ ۾ الله-

 

همرچو ڙي الله...

چـَـتونڙو ڪو پکي ڙي چينگهاري الله-

 

همرچو ڙي الله...

ملڪ ڪو وُٺو ڙي مـُـهراڻي جو الله-

 

همرچو ڙي الله...

مـَـهارون ڙي سارِين مـَـيـَـن جون الله-

 

همرچو ڙي الله...

سائي ڪا ساڙهي مومل جي الله-

 

همرچو ڙي الله...

(10)

وراڻي:  هـَـملي ڙي همرچو، ڙي الله.
        مـِـٺي ٻاروچـِـي ٻولـِـي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

جهـَـليو غريبان جهولي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

ڪلهي ڦاٽي آهي چولـِـي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

سـُـڻو پـُـنهل جي ٻولي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

سيري ڀتر جي لولي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

کٻي هٿ تي لڳي گولي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

مٺي وڄي ٿي مـُـرلي ڙي الله-

 

هملي ڙي همرچو، ڙي الله...

(ج) واقعاتي همرچو

(11)

همرچو راڻا، همرچو ڙي الله.
لاکو ماراڻو نـُـوري ٿيٻيءَ تان الله-

 

همرچو ڙي الله...

ڌؤنرو اُٺ ڙي  ”لاکي ڀيل“  جو الله-

 

همرچو ڙي الله...

اڇو اوٽو ڙي  ”نوري ٿيٻي“  جو الله-

 

همرچو ڙي الله...

ڍڳو ڪو ماراڻو  ”نوري ٿيٻي“  جو الله-

 

همرچو ڙي الله...

 ”نوران“  ڏي ٿي گهـُـوران ڙي الله-

 

همرچو ڙي الله...

 ”لاکو“  ماراڻو نوران تي ڙي الله-

همرچو ڙي الله...


(1) رڙيارو تعلقي ڇاڇري ۾ گڊڙي جي آسپاس آهي.

(2) سيلهي = رات واري کنوڻ.

(3) ٻڪراري = ڏينهن واري کنوڻ.

(4) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمد عمر  ”معمور“  يوسفاڻيءَ کان ملي.

(1) ڀرٽ = ٿري ماڻهو ڀـُـرٽن جو اَن ۽ ٽوهه ولين جون ڪـُـريون ڪڍي، ڌوئي، سڪائي، اَن سان گڏ ڪم آڻيندا آهن.

(5) هيءَ روايت ٿرپارڪر (تعلقي عمرڪوٽ) مان محمدعمر  ”معمور“  يوسفاڻي کان ملي.

(1) هڪ ديهه جو نالو.

(2) عمرڪوٽ لڳ، هڪ تلاءُ.

(3) تعلقي ننگر پارڪر ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو.

(1) تعلقي عمرڪوٽ ۾ هڪ ڳوٺ جو نالو.

(2) انهيءَ نالي ڪن ڳوٺڻ جو نالو.

(3) هن نالي سان ٻه ٽي ڳوٺ آهن.

(6) ۽ (7) روايت ٿرپارڪر (تعلقي ڇاڇري) مان رائچند کان مليون.

(8) کان (11) تائين روايتون ٿرپارڪر (تعلقي مٺي) مان سوڍي هريسنگهه کان مليون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org