سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: لوڪ گيت

صفحو :7

 

(55)

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو.

موري جي آهيان گولي - مٺي تنهنجي ٻولي،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

پوک جو تان ڪانو - سڄڻ ٻڌو ڳانو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

ٻنيءَ جو تان ٻارو - دلبر وڃڻ جو وارو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

ٻاري جو تان ٻنو - سڄڻ مون تو لاءِ رُنو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

ٻنيءَ جو تان گاهه - منهنجو توسان ساهه،

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

 

(56)

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو.

اُٺ جو تان پير - توکي ڏسندو ڪير،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ تنهنجي جو نـُـڪتو - ڇورا ٿجانءِ تون پختو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ تنهنجي کي ڇير - دلبر لائي ڏاڍي دير،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ جي ڇير جا ڪڻا - ڪيئن مان دلڙي کڻان،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ ته تنهنجو ڳاڙهو - هنيئي دل جو ڌاڙو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ ته تنهنجو بگو - ساريءَ سنڌ ۾ سگهو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

اُٺ تنهنجي جو گاشو - يار ته منهنجو خاشو،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

گاشي تي آهي رَلي - سڄڻ! اچج هلي،

 

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

ڳاني جون چون ٻـَـچـُـون - ڳالهيون تنهنجون سچون،

من! مورو مون تنهنجي لاءِ ڏنو...

 

(57)

جاني! مورو چوان.

مورو ڏنم اهو - منهنجو قسمت ڪم ڪيو،

 

جاني! مورو چوان...

اڀريو جڏهن چنڊ - جانيءَ جوٽيو جنڊ،

 

جاني! مورو چوان...

اڀريو جڏهن تارو - جانيءَ وڌو ڳارو،

 

جاني! مورو چوان...

اڀريون جڏهن ڀٽون - جانيءَ ڏنيون سٽون،

 

جاني! مورو چوان...

ڳئون ته تنهنجون ڳاڙهيون - وڻن تنهنجون ماڙيون،

 

جاني! مورو چوان...

ڍاٽي اچي جهـُـلندو - سڄڻ آڌيءَ اَسر ملندو،

 

جاني! مورو چوان...

پيارو منهنجو هاري - پوک پوکي ٿو ساري،

 

جاني! مورو چوان...

مورو ڏيان ٿي آءٌ - لوڏي ٻانهياري ٻانهون،

 

جاني! مورو چوان...

مـِـٺي تنهنجي ڀـُـڻ ڀـُـڻ - اٿم تنهنجي اُڻ تـُـڻ،

 

جاني! مورو چوان...

پنهل! مان ٿي مران - سوا تو کان ڪيئن ڪريان،

 

جاني! مورو چوان...

ادا ڙي عمر! ڇڏ – مون کي مارن سان گڏ،

 

جاني! مورو چوان...

رسڻ گهوريو راڻا - محب ڦٽا ڪر ماڻا،

 

جاني! مورو چوان...

توبهه الله الصمد – مون کي ملي محمد،

جاني! مورو چوان...

 

(58)

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي.

موٽ منهنجا جاني - تنهنجي آهيان ٻانهي،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

چتر اَڏائي ماڙي - دلبر ڪوڙائي ڏاڙهي،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

چـَـتر پچايو ڦلڪو - محبت لائي ويس اُلڪو،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

چـَـتر ٿي چوي - طوطي جان لنوي،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

چتر هئي چري - وڃ ماڏي ۾ سڙي،

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

 

(59)

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي.

آءٌ به وينديس حـَـب - توکي سارين سڀ،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

منهنجي بند ۾ ڳاني - جيئي منهنجو جاني،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

وڃان ٿي محبت ڪور - پون تنهنجا پوُر،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

ماڏي جي ڏٺم ماڙي - سهڻـِـي تنهنجي ڏاڙهي،

 

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

نالو تنهنجو شانو - سونهين توکي ڳانو،

موٽ راڻل! مورو ويهي ڏي...

 

(60)

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

جبل مٿي جـُـتي - ڇوري پئي آ ستي،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

جبل مٿي اَڏ - سڄڻ ڪيا سڏ،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

جبل مٿي ول - اَڙي مان جي دل،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

جبل مٿي جـُـهڳي - توسان دلڙي لڳي،

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو..

.

(61)

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

شهر ته چون ڇـَـني - ساري رات رُني،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

شهر ته اسان جو سـَـري - وينديس تو ريءَ مري،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

(62)

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

وَٺيون مينهن موڪون - لٿيون سڀ سوڪون،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

کٻڙن لامون لاڙيون - ڪيل قول پاڙيون،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

ٻيرن ڪيو ٻوُر - لالڻ! سنجڪو سوُر،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

اتر جي ته هير - لالڻ! سنڀاليان پير،

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

 

(63)

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو.

نالو تنهنجو بچائي - دل ۾ توکي سچائي،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

نالو تنهنجو حوا - درد جي تون دوا،

 

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

نالو تنهنجو مريم - توريءَ ڪانه سـَـريم،

سهڻا سائين! سمجهو مانجهل جو مورو...

 

(64)

توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،
پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون.

 

گهـُـو گهاٽ جون گهاريون - زبان جون زاريون،
ملڪ ته مان جو ڌاريون - ڳالهڙيون پاڻ ته پاريون،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

ملڪ ته پنهنجو پري - نٿي ساعت سري،
دلڙي ڪيئن ڪري - ماندي تو لئي مري،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

قسمت هتڙي آندو - من تو لئي ماندو،
وار ناهي واندو - هجان شل هيڪاندو،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

ملڪ ته مان جو ماکـِـي - ٿيندو رب راکـِـي،
سانگي مان جا ساکـِـي - لوئي مان جي لاکـِـي،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

تنهنجي محبت ماري - صحبت تنهنجي ساڙي،
ڳڻتين جندڙي ڳاري - توجي تات تاري،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

موٽي مينهن آيو، کـِـنوڻ کـُـهنبو پايو،
جاني ڇو نه آيو - دردن ديرو لايو،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

سگهو موٽ مران ٿي - سورن ماري سڙان ٿي،
ڏکن ماري ڏران ٿي - ڳڻيتن منجهه ڳران ٿي،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

ملڪ ته مان جو  ”مائو“  - ڦـُـٽوگاهه سائو،
ڀريو ڇـَـڇ ڇائو - اَڇو جهڙو ڪائو،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

سگهو وَرُ ساٿي - قرب جي ڪٺيس ڪاتي،
سورن ڇنم ڇاتي - توسان لئون مون لاتي،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

توکي ساهه ساري - گهڙي وڃ گهاري،
پنهنجا قول پاري - لڳس تنهنجي لاري،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

ڪڏهن ايندين جاني - توجي ڪيان ماني،
ڀريان تنهنجو پاڻي - تنهنجو ناهي ثاني،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

سدا توکي ساريان - گوندر منجهه گهاريان،
هنجون روز هاريان - توتان پاڻ واريان،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

 

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

ڏاڍا سور سٺم - ڏکيا ڏينهن ڏٺم،
توجي قـُـرب ڪٺم - مهڻن تنهنجي مٺم،
توجي آهيان ٻانهي، تون ته مان جو جاني،

پلپل پور پون، خانا! پلپل پور پون...

 

(ب) متفرقا مورا

محبت جا مورا:

(65)

مورو ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽـِـلين تون؟

بمبئي ۾ ڳولين مون - ڪلڪتي ۾ گهمين تون،
سهڻا سوڍل! ڪهڙي واءُ آندوئين تون،

 

مورو ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽـِـلين تون؟

دهلي ۾ ڳولين مون - ڪراچي ۾ گهمين تون،
سهڻا گل گلابي! ڪهڙي جاءِ گهمين تون،

 

مورو ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽـِـلين تون؟

ريل ۾ ڳولين مون - موٽر ۾ هلين تون،
سهڻا گل گلابي! ڪهڙي جاءِ ٽلين تون،

 

مورو ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽـِـلين تون؟

هـِـن جاءِ ڳولين مون - اتي به ڪين ملئين تون،
سهڻا گل گلابي! ڪهڙي پار ٽلين تون،

مورو ڍولڻ يار! ڪهڙي پار ٽـِـلين تون؟

 

(66)

مٺو! ميارون مارين ٿيون.

درياءَ جي دِڪي - رات پئو تون ٽـِـڪي،
ماس توسان وڪي - ساهه به توسان سـِـڪي،

 

مٺو! ميارون مارين ٿيون...

محب اچي ملندم ٿي ماندي مران،
ساهه جا سوداگر گهوري گهمان،
...      ...      ...      ...      ...       ...

محب اچي ملندم ٿي ماندي مران.

لوليءَ طور ٻڌل مورا

 

(67)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

جبل مٿي لاڻـِـي - ڪريو وڃين ڄاڻي،
پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

جبل مٿي جهـِـل، متان موڙيئن دل،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

جبل مٿي بـَـڙ - ماڻهن وڃايو وڙ،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(68)

پرديسي مٺوءَ کي لولي چوان.

اُٺ تنهنجي کيس - ڪيئون توتي ڪيس،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجي بـُـجَ - ڪانه ٿي هلي حـُـج،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجي گاديون - ماڻهن ڪيون شاديون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجي پير - متان رکين وير،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجي مـُـڇي - وڃج مان کان پـُـڇي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجو بگو - سـِـبان تنهنجو وڳو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجو ڳاڙهو - هڻيو وڃين ڌاڙو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ تنهنجو گوربند - سڄڻ پوندءِ پنڌ،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ چري ڪيٽ ۾ - سور سانڍيم پيٽ ۾،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ ته تنهنجي جهـُـل - ٿي ته نالي ڀـُـل،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ ته تنهنجي ناڪـِـي - ساهه به رهيو باقي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

اُٺ ته چري لاڻو - ڪونه آيو ماڻهو،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(69)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

ڍڳو ته تنهنجو تيلهو - روح به ڏنو ريلو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڍڳو ته تنهنجو تيلهو - ٿيندو محبتي ميلو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڍڳي جي ته پـُـٺي - قـُـربن تنهنجي ڪـُـٺي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڍڳي جي ته ڳاني - آهيان تنهنجي ٻانهي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڍڳي جو ته چنگ - متان رکين زنگ،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڍڳي جي ته ٽـَـلي - ويڙو جگر جلي،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(70)

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان.

ٻنيءَ تنهنجي موتيو - مومل بيٺي اوتيو،

 

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان...

ٻنيءَ تنهنجي ساريون - کڻيو نيڻ نهاريون،

 

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان...

ٻنيءَ تنهنجيءَ ٻـَـنو - پڙهي ڏسج پـَـنو،

 

ولائتي جانيءَ کي لولي چوان...

ٻنيءَ تنهنجي مـِـٽي - قربن تنهنجي ڪـُـٺي،

 

پرديسي پکيءَ تي لولي چوان...

ٻنيءَ تنهنجيءَ ڪانو - ماڻهن هنيو طعنو،

 

پرديسي پکيءَ کي لولي چوان...

ٻنيءَ تنهنجيءَ ٻـُـهي - سهڻي وڃائي سـُـئي،

پرديسي پکيءَ کي لولي چوان...

 

(71)

پرديسي پکيءَ کي لولي چوان.

ٻٻر ڀانيان ٽاري - چغل توتي چاري،

 

پرديسي پکيءَ کي لولي چوان...

ٻٻر ڀانيان ٻـُـوري - ويهڻ آهي سوري،

 

پرديسي سڄڻ کي لولي چوان...

ٻٻر ڀانيان ڇوڏو - دل کاڌو لوڏو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ٻٻر ڀانيان طاقي - ساهه به رهيو باقي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ٻٻر تنهنجي ڦلي - دل توسان کـُـلي،

 

رديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ٻٻر ڀانيان ڇـَـهيـُـون - ڳالهيون روح ۾ رهيون،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(72)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

درياء جون ڪنڌيون - رُنيون اکيون انڌيون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

درياء ۾ ته ڪانهين - سنهڙي لوڏي ٻانهين،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

درياء جون ڇوليون - مٺيون تنهنجون ٻوليون،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(73)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

گهر جي مهندان ڳيرو - متان ڀڃين ڀيرو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گهر جي مهندان ڪٻر - جلد پڄاڻي خبر،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گهر جي مهندان ڪانگ - متان سڻائين سانگ،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گهر جي مهندان لـَـيون - اَپر مٿي دليون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گهر جي مهندان سـَـر - متان ڀڃين وَرَ،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(74)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

نالو ته منهنجو ساران - دليون ته تنهنجيون ٻارهن،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو بـَـچـِـي - متان ڪرين سـَـچي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو چاڳان - ساريون راتيون جاڳان،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو جـُـلـِـي - ساريون راتيون رُلـِـي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو حـَـوِي - مرشد پنهنجو نوي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو ڦاپي - قيد ته توتان معافي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو صالحان - سارو جبل جاليان،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

نالو ته منهنجو حـَـوا - ڪانهي درد جي دوا،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(75)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

وار ته تنهنجا واڌُو - مائٽ تنهنجا ساڌُو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

وار ته تنهنجا ونـِـگا - مائٽ ته تنهنجا ڏِنگا،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

وار ته تنهنجا ڦـَـڻي - تون ته مان جو ڌڻي،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(76)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

گاڏيءَ ڀانيان بابو - ڪريو وڃين قابو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گاڏيءَ گاڏا چوڏهن - منهنجي دل توڏانهن،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

گاڏيءَ گاڏا ست - موڪليان توڏانهن خط،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(77)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

رومال تنهنجي اوٽي - متان وڃين موٽي،

 

پرديسي جانب کي لولي چوان...

رومال تنهنجي چـِـٽ - تون آن منهنجو مـِـٽ،

 

پرديسي جانيءَ کي لولي چوان...

رومال تنهنجي مڻيون - ڪهڙيون ڳالهيون ڳڻيون،

پرديسي مٺل کي لولي چوان...

 

(78)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

قميص تنهنجيءَ ٻانهون - دل نه ڪري دانهون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

قميص لڌيئي لانئون - اينديس پاڻ آئون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

قميص تنهنجيءَ ڳچي - وقت به ويو وچين،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

قميص تنهنجيءَ بخيو - هڪ جيڏين لکيو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

قميص تنهنجيءَ اوٽـِـي - متان ٿئين کوٽي،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(79)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

حقي تنهنجي کـَـڙي - ٿيس هاڻ ڪڙي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

حقي تنهنجي ناري - ٿيس هاڻ کاري،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

حقي تنهنجي گوءِ - هيس ڌاري جوءِ،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

حقي تنهنجي چـِـٽ - ڪونهي مـُـئيءَ جو مـِـٽ،

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

 

(80)

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان.

اُڀ مٿي گوڙيون - وڇايان تو لئي سوڙيون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

دنبوريءَ جي ته تند - وڇايان تولئي هنڌ

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

هٿ ۾ تنهنجي ڇلا - اُٺ ته تنهنجا ڀلا،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

ڪاٺ جي ڀانيان مڪڙي - ٻيلي ٿيس تڪڙي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

دانگيءَ ۾ سـَـيون، ڳالهيون جڳ ۾ ٿيون،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

جـُـتي تنهنجي چاندي - مفت مـُـيس ماندي،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

جتي تنهنجي کـُـڙيو - هوندين جيءَ ۾ جـُـڙيو،

 

پرديسي پرينءَ کي لولي چوان...

(ج) مشهور ماڻهن بابت چيل مورا:

اَلڪي شودي بابت ٻڌل مورا

(81)

(هيءُ مورو  ”الڪي شودي“  تي ٻڌل آهي. الڪو شودو مشهور ماڻهو هو، هڪ ڀيري پنهنجي همراهه صديق جاکري سان گڏجي (تقريباً 1920ع ۾) گهوڙا ٻاري تعلقي مان مينهون ڪاهيئين.  ”گـُـليل جي تڙ“  وٽان درياءَ اڪرندي واڳون مٿس حملو ڪيو. نهايت پهلوانيءَ سان واڳون جو مقابلو ڪندي، الڪو شودو زخمي ٿي پيو. آخرڪار صديق جاکري، واڳون کي ماريو. پوءِ الڪي شودي کي گهوڙا ٻاري جي اسپتال ۾ پهچايائون پر وفات ڪيائين. سندس زال ساران، انهيءَ حادثي تي مورو چيو، جو هتي ڏجي ٿو. مائي ساران اڃان حيات آهي ۽ هن وقت ڳوٺ ابڙال تعلقي ميرپور بٺوري ضلعي ٺٽي ۾ رهي ٿي.)

اَلڪا مور مان جا، لکي مور مان جا.

گلـُـيل جي تـَـڙ تان، لاکيڻا به لـُـڙهيا،
ويري ٿو به وڙهي، چور ته هاڻ ڪونهي،

 

اَلڪا مور مان جا...

ويريءَ وات وڌو، ٻيلي ويريءَ وات وڌو،
سيڻاهه واءُ ڇڏيو، ڇاتيءَ ساهه ڇڏيو،

 

اَلڪا مور مان جا...

ڌاڙي جو ته مال، ٻيلي بلائتو به ڪجان،
يارهن ته مينهون، ٻيلي ٻارهين پاڻ ساران،
بلاتيون ته ڪجان، ٻيلي بلاتيون ته ڪجان،

 

اَلڪا مور مان جا...

بولا خان ٿاڻو، ٻيلي موڪل ڪوبه ماڻهو،
توري پيسا ڏجان، ٻيلي اَلڪو هاڻ بچي،
ساري سلام چئجان، ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي،
ڪنهن جو ڏوهه ڪونهي، لکيو ويٺي لوڙيان،

اَلڪا مور مان جا...

 

(82)

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو.

مينهن ته تنهنجي ڪاري - ڌيءَ به آهيان ڌاري،

 

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

مينهن ته تنهنجي ڪاري - ملڪ ته تنهنجو چاري،

 

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

مينهن ته تنهنجي ڀولي - لهرن ڏني لولي،

 

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

مينهن ته تنهنجي ڀولي - ڏيان توکي لولي،

 

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

مينهن ته تنهنجي چال - ڏٺي ٿيم سال،

 

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

مينهن ته تنهنجي بـَـگـِـي - ساريان توکي سگهي،

ڪارين جي ڪوڏيي لاءِ جيءُ جڏو...

 

 

ميراڻ جمالي جي نالي سان ٻڌل مورا

(83)

(هيءُ مورو  ”ميراڻ جمالي“  تي ٻڌل آهي. ميراڻ ڌاڙا هنيا، وڏن سيٺين شاهوڪارن جا مال ڦري غريبن ۾ ورهايائين. ڪنهن سان به اڍنگي هلت ڪونه هليو. مٿس مقدمو هليو، ان وقت سندس لاءِ هيٺان مورا چيا ويا. ميراڻ جمالي کي 27 سال جيل جي سزا آئي، پاڪستان قائم ٿيڻ تي ڇٽو. هينئر پير مرد آهي ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ رهي ٿو.)

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ڏاگهڙيءَ جو رڙيو - ڪونج ويٺي پڙهيو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ڏاگهڙيءَ جو ڏاڻ - جانب ايندم پاڻ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ڏاگهڙي تنهنجي ڳاني - کايو وڃج ماني،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

مال ته تنهنجو ڳئون - ڪهڙي هنڌ رهون،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

گهوڙي ته ڀانيان سـُـرخي - مومل نڪتي مـُـرڪي،

 

چيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

قائميءَ جا پيرون - سهڻي ٻڌيون ڇيرون،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

قائميءَ سندا پن - تون ته مان جو سن،

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

 

(84)

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ٻڪريءَ جو ته سـِـڱ - ڇوڪر موڙيو لـِـڱ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ٻڪريءَ جي ته سيلـِـي - تون ته مان جو ٻيلـِـي،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ٻڪريءَ جو ته پـُـڇ - تون ته ڪجهه ڪـُـڇ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ٻڪريءَ جا ته ٿڻ - پوکيم تولاءِ وڻ،

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

 

(85)

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

پکي ته ڀانيان ڊيل - وري اٿئي هيل،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

پکي ته ڀانيان طوطو - هاڻ ته پنو پهتو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

پکي ته ڀانيان ڪانگ - متان سـَـلين سانگ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

پکي ته ڀانيان ڪٻر - ڪانه آئي خبر،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

پکي ته ڀانيان وَهيو - ڪهڙي راڄ ۾ رهيو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

پکي ته ڀانيان ليلهو - ملڪ ته تنهنجو ٻيلو،

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

 

(86)

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

وڻ ته ڀانيان لاڻو - مٺا! ڇڏ تون ماڻو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان ڄمون - سنهڙي بيٺي سـَـمـُـهون،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان لـَـئـِـي - ويئي ماڪ لهي،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان ڄار - تون ته ننڍڙو ٻار،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان ڪنڊي - آهيان پاڻ اُڪنڊي،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان ٻير - ڌوئان تنهنجا پير،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

وڻ ته ڀانيان ٽالـِـي، وهي به ٿي نالـِـي،

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

 

(87)

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي.

ملڪ تنهنجو ٻيلو - ٿيندو محبتي ميلو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ملڪ تنهنجو ويڙهه - موڪل ڪوبه ميڙ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

لڪ تنهنجو  ڪـَـلو - تريان ويٺي پلو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ملڪ تنهنجو حب - ساريان ويٺي سڀ،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ملڪ تنهنجو نيهي - وڃي رهين ويهي،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ملڪ تنهنجو انڌو - رکي صحبتي سنڌو،

 

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

ملڪ تنهنجو هيءُ - پاڻيءَ لـَـپ پيءُ،

بچيم جمالي، ڪورٺ هاڻ هلي...

---------


(55) ۽ (56) روايتون اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان مليون.

(57) هيءَ روايت (ڪوهستان) مان باغ محمد جوکيي کان ملي.

(58) هيءَ روايت اتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

(60) کان (62) تائين روايتون ڪراچي مان صالح محمد سمي کان مليون.

(63) هيءَ روايت لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.

(64) هيءَ روايت وچولي (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپيي کان ملي.

(66) چيل ملهه پالاريءَ جو.

(67) کان (80) تائين روايتون سه ماهي  ”مهراڻ“  1958ع تان ورتل آهن.

(81)  ۽ 82 روايتون سـِه ـماهي  ”مهراڻ“  1958ع تان ورتل آهن.

(83) کان (87) تائين روايتون سـِه ـماهي  ”مهراڻ“  1958ع تان ورتل آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org