باب ارڙهون
يورپ جي تاريخ
ورڊون
(Verdun)
جي عهدنامي کان صليبي لڙائين
(843ع - 1270ع) جي ختم ٿيڻ تائين
اُترادي ماڻهو
(North men):
ڊينمارڪ ۽ اسڪئنڊينيويا ۾ جي قديم جرمن قوم جا
ماڻهو رهن ٿا، اُهي "اُترادي ماڻهو"
(Northmen)،
يا نارس مين
(Norsemen)،
يا اسڪئنڊينيوين
(Scandinavians)
جي نالن سان مشهور آهن. پنهنجن پرانهن اُترادي
گهرن ۾، هي وحشي ماڻهو، گهڻيءَ مدت تائين روم ۽
مسيحي مذهب جي مهذب اثر کان پري رهيا. نائين صدي
عيسويءَ ۾ هي اترادي ماڻهو پنهنجي ننڍي ملڪ لاءِ
تمام گهڻا ٿي پيا. شروع ۾ سندن ويڙهاڪ ماڻهن هر
سال جرمني، انگلينڊ ۽ فرانس جي ساحلي علائقن تي
حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ۽ پيرس تائين وڃي شهرن ۾ ڦـُـر
ڪئي ۽ ڦـُـرلـُـٽ جو مالِ کڻي پنهنجن اُتر وارن
ٻيٽن ڏانهن موٽيا. ڪجهه وقت کان پوءِ هي اترادي
ماڻهو ڪيترن ملڪن جي ساحلي علائقن تي آباد ٿي ويا.
ڊينس
(Danes)
انگلينڊ جي اوڀر وارو حصو فتح ڪيو، ۽ 1016ع ۾
ڪئنيوٽ
(Canute)،
ڊينمارڪ جو بادشاهه، پڻ انگلينڊ جو بادشاهه ٿيو.
چوويهن سالن جي ڊين حڪومت کان پوءِ قديم انگريزي
بادشاهي خاندان وري تخت هٿ ڪيو، پر ڊين آباڪارَ
انگلينڊ جي ماڻهن جو هميشـہ لاءِ هڪ قيمتي حصو ٿي
ويا.
نائين صدي عيسويءَ جي
ابتدا ۾ سئيڊن
(Swedaus) بالزڪ سمنڊ جي روس واري ڪناري تي پير کوڙيا. روس وارا
اُترادي جنگي جوڌن کان ڪؤ کائيندا هئا، ۽ سندن عزت
ڪندا هئا. 862ع ۾ اُترادي مهندار ريورڪ
(Rurik)
کي روس جي حصي جو بادشاهه مڃيو ويو. هن جي جانشينن
روس جي عظيم بادشاهت جو پايو وڌو.
فرانس ۾ چارلس اعظم جي جانشينن کي اها طاقت نه
هئي جو اتر کان ايندڙ بحري ڦورن کان پنهنجي ملڪ کي
بچائي سگهن. صلح خاطر، اسڪئينڊينيويا جي هڪ مهندار
"رولو"
(Rollo)
کي اتر اولهه گال جو گهڻو حصو ڏنو ويو. فرانس ۾
جيڪي اترادي آباد ٿيا، اُهي جلدي "نارمن"
(Normans)
جي نالي سان مشهور ٿي ويا. هنن پنهنجي فرينچ
پاڙيسرين جي مذهب، ٻوليءَ ۽ رسمن کي اختيار ڪيو.
جاگيرداري سرشتو
(Feudalism):
يورپ جي وچئين دور جا اجتماعي سرشتا روم وارن
۽ جديد رسمن کان بلڪل مختلف هئا. انهن رسمن جو
بنياد هڪ عجيب زمينداري ۽ حڪومتي سرشتي تي ٻڌل هو،
جنهن کي جاگيرداري
(feudalism)
ڪري ڪوٺجي ٿو.
هن جي اهميت تڏهن معلوم ٿئي ٿي، جڏهن اسان کي
خبر پوي ٿي ته ٽي صديون ساندهه يعني يارهين،
ٻارهين ۽ تيرهين صدي عيسويءَ ۾ يورپ جي قومن جي
سڄي زندگي جاگيرداري نظام تي ٻڌل هئي. انهن مان
ڪيتريون رسمون ۽ خيالَ اڄ ڏينهن تائين هلندا اچن.
هن جاگيرداري سرشتي جون رسمون مغربي يورپ جي
مختلف ملڪن ۾ هڪجهڙيون نه هيون، بلڪه مختلف هيون.
هيٺئين بيان مان رڳو سندن مـُـک وصفون ظاهر
ٿينديون.
(1) زمين جو قبضو:
يورپ ۾ ان وقت جي جاگيرداري نظريي رکندڙن چيو
ته خدا، ملڪ بادشاهه کي ڏنو، جو انهيءَ جو مالڪ يا
حڪمران آهي ۽ بادشاهه وري زمين جا ننڍا يا وڏا
ٽـُـڪرا اميرن کي ڏيئي ٿـَـي سگهيو، جي سندس
تابعدار ٿي رهيا ٿـَـي. هي تابعدار وري پنهنجيءَ
زمين جا مطلق مالڪ هئا ۽ سندن زمين کي شرطي جاگير
(Fief)
ڪري ڪوٺيو هو. هو وري پاڻ کان ننڍن جاگيردارن کي
پنهنجين شرطي جاگيرن جا ڪجهه حصا ڏيئي، کين پنهنجو
خاصخيلي (مطيع) بنائي ٿـَـي سگهيا.
(2) حڪومت:
شرطي جاگير جو مالڪ پنهنجي زمين جو مطلق
حڪمران هو، پوءِ کڻي سندس جاگير هڪ صوبو هجي يا هڪ
وڏي ديهه هجي. اُتان جا رهاڪو سندس رعيت هئا. اهو
انهن تي ٽيڪس وجهي ٿي سگهيو، انهن کي سزا ڏيئي ٿي
سگهيو ۽ انهن تي رحمدل يا ظالم ٿي سگهيو ٿي. پر
جيڪڏهن هن پنهنجي زمين جو ڪجهه حصو پاڻ کان ننڍي
تابعدار کي ڏنو ته ان زمين سان گڏ سندس تسلط ۽
حڪمراني پڻ ويندي رهي ۽ وري اُهو ننڍو تابعدار
انهيءَ ديهه جو ننڍو بادشاهه ٿي پوندو. هيءُ هڪ
مثال ڏيکاريندو ته سرڪاري حڪومت جو ورهاڱو ڪيئن
ٿيندو هو؟ يارهين صدي عيسويءَ ۾ فرانس ٻه سؤ وڏين
جاگيرن ۾ ورهايو ويو، انهن جا مالڪ سڌيءَ طرح
بادشاهه جا تابعدار هئا، انهن مان وري هر هڪ کي
پنهنجا ننڍا زميندار يا خاصخيلي هئا، جن جي هٿ هيٺ
وري پنهنجا ننڍا ديهه وارا زميندار هئا. اهڙيءَ
طرح فرانس ۾ ان وقت ستر هزار ننڍيون جاگيرون هيون.
(3) مالڪن ۽ تابعدارن جا حقَ ۽ فرضَ:
مالڪ جو فرض هو ته پنهنجي تابعدار جو بچاءُ
ڪري. جيڪڏهن تابعدار تي ڪنهن طاقت واري دشمن هلان
ٿي ڪئي، ته مالڪ ان کي مدد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿي ٿيو.
تابعدار وري پنهنجي پاسي کان قسم ٿي کنيو ته هو
کيس زميني روزي رسائيندڙ جو وفادار ۽ مددگار ٿي
رهندو. هـُـو هڪ بيوفا تابعدار ثابت ٿيڻ تي پنهنجي
شرطي جاگير ضبطيءَ ۾ وڃائي ٿـَـي ويٺو.
(4) جاگيرداري لشڪر:
هيءُ لشڪر تمام شاندار هو، پر هڪ قسم جو ٻوجهه
۽ پڻ بيڪار هو، ڇو ته هن ۾ ڪيترائي جاگيردار اچي
ٿي ويا، ۽ انهن سان سندن گهوڙي سوار پوئلڳ
(knights)،
جن کي "شهسوار" ڪري ڪوٺيو ويندو هو، اهي سڀ ڀالي ۽
تلوار سان گهوڙي تي چڙهي وڙهندا هئا ۽ چوٽيءَ کان
ننهن تائين تمام ڳريءَ زرهه سان ڍڪيل هوندا هئا.
شخصي بهادريءَ ۽ جنگي هنرمنديءَ کي مهنداريءَ کان
مٿي سمجهيو ويندو هو ۽ هرهڪ شخص اهائي ڪوشش ڪندو
هو ته ٻين کان بهادريءَ ۾ گوءِ کڻي وڃي. روم جي
لشڪر جي مقابلي ۾ يا اڄڪلهه جي لشڪر جي ڀيٽ ۾،
منجهن ڪو مستقل يا معياري نظام ڪونه هو. جاگيرداري
سرشتي جي ڪري هميشـہ وارو فوجي لشڪر نه ٿي ٺاهي
سگهيا. لشڪر گڏ ڪرڻ لاءِ بادشاهه کي وڏا جاگيردار
ڪوٺڻا پوندا هئا، جي وري پنهنجن تابعدارن کي
ڪوٺائيندا هئا ۽ اهي وري پنهنجن تابعدارن کي،
انهيءَ عمل ۾ مهينن جا مهينا به لڳي ويندا هئا،
تڏهن مس وڃي ڪو اهڙو جنگي لشڪر ميدان واسطي تيار
ٿي سگهندو هو.
(5) جاگيرداري سماج جا طبقا:
هن نظام ۾ وڏا جاگيردار
(Lords) آباديءَ جو تمام ٿورڙو حصو هوندا هئا. هو پاڻ کي باقي عوام کان مٿانهين
درجي جو انسان سمجهندا هئا. ڪيترين قسمن جون ڍلون
وصول ڪرڻ، ماڻهن کان زوريءَ پئسي ڪڍڻ ۽ ڦــُـرَ جي
ذريعي، عيش عشرت جي زندگي گذاريندا هئا، ۽ مالي
حالت ۾ هيٺانهين درجي جي پورهيت ۽ ڪڙمي ماڻهن کان
زوري ڪم وٺندا هئا. عام ماڻهن مان ڪيترائي سندن
غلام
(Serf)
هئا، جن کي سندن مالڪ جي زمين کيڙڻ لاءِ مجبور ڪيو
ويندو هو، ۽ هنن کي هر فصل جي پيدائش جو گهڻو حصو
پنهنجي مالڪ کي ڏيڻو پوندو هو.
هن قسم جا غلام زمين سان ٻـَـڌل هئا، ۽ ٻين غلامن
وانگر، خريد ٿي يا وڪجي نه ٿي سگهيا. زمين جي پوک
سان لاڳاپيل اها غلامي تيرهين صدي عيسويءَ تائين
هلندي آئي ۽ ڇهين صدي عيسويءَ کان وٺي زمين سان
ٻڌل اهي غلام آهستي آهستي ڪيترن ملڪن ۾
(Serf)
ٿي پيا. ان دور ۾ ماڻهن جو وڌيڪ ترقي پسند حصو
آزاد عوام هو، جي اڪثر ڪري ڪاريگر ۽ واپاري هئا،
جي شهرن ۾ رهندا هئا. يورپ جي ڪن حصن ۾، خاص ڪري
انگلينڊ ۾، آزاد هارين جو به هڪ وڏو طبقو پيدا ٿي
چڪو هو، جن کي ”يومنري“
(Yeomanry) ڪري سڏبو هو.
اميرن جي زندگي:
هڪ نوجوان ماڻهو امير، يا مذهبي ماڻهو ئي ٿي
سگهيو ٿي يا شهسوار. آرچ بـِـشـَـپ ۽ ٻيا رومن
ڪئٿولڪ مذهب جا وڏا عهديدار امير گهراڻن مان هئا ۽
جاگيردار هئا. شهسوار لاءِ مناسب شغل رڳو جنگ،
شڪار، يا فوجي رانديون هيون. انهن راندين کي
’ٽورنامينٽ‘
(Tournament)
ڪري ڪوٺبو هو ۽ اهي زَرهه پائي، گهوڙي تي چڙهي،
مذاق ۾ وڙهندا هئا. انهيءَ رونشي بازي اڪثر ڪري
انهن مان هڪڙو وڙهندڙ ”قتل“ ٿي ويندو هو.
جاگيرداري اميرن جا گهر مضبوط قلعن ۾ هوندا هئا،
جي ٽڪرن تي يا ٻين مٿانهن هنڌن تي ٺاهيل هئا.
پنهنجن انهن قلعن جي مضبوط ديوارن جي پٺيان، امير
پنهنجي دشمن جو مقابلو ڪري سگهندا هئا. جڏهن حڪومت
جي ورهاڱي بادشاهي طاقت کي ماڳهين هيٺانهين درجي
تي وڃي پهچايو، جهڙيءَ طرح جرمنيءَ ۾ ٿيو، تڏهن
شهسوار شاهراهي رهزن بنجي پيا، ۽ سندن قلعا
اميراڻن چورن جون پاٿاريون بنجي پيا. جيڪي واپاري
سفر تي نڪرندا هئا، تن کي زرهه پوش رهزن امير رستن
تي روڪيندا قيد ڪندا هئا، ۽ اُهي واپاري آزاد ٿيڻ
لاءِ پنهنجي مال جو اڌ ڏيڻ ۾ به خوش هوندا هئا.
جاگيرداري سرشتي جي ڪـَـٿَ:
اهو جاگيرداري سرشتو، ان زماني ۾ جڏهن بهتر
نظام جي بدران وڳوڙ ۾ پئجي ويو هو تڏهن، ان هڪ قسم
جي نامڪمل ۽ اڌوري حڪومت قائم ڪئي. هيءَ
حڪومت ان وقت
جي فسادي ماڻهن جي طبعيت مطابق هئي، جي ماڻهو
شارلمان جي يورپ ۾ هڪ عظيم مرڪزي شهنشاهت قائم ڪرڻ
جي حق ۾ نه هئا. قومن جي لڏپلاڻ يورپ کي ٿرٿلي ۾
وجهي ڇڏيو. ان کان اڳ جو هن برباديءَ سبب هڪ نئون
تمدن پيدا ٿئي، سوسائٽيءَ لاءِ ضروري هو ته آهستي
آهستي قاعدي قانون واري زندگيءَ کي حاصل ڪري ان
لاءِ جاگيرداري سرشتو انهيءَ مٿي ويندڙ ترقيءَ جو
پهريون ڏاڪو هو.
جاگيرداري سرشتي جو بدترين عهد، امير ۽ سرف ۾
ويڇو هو، يورپ جي ڪيترن ملڪن خاص ڪري فرانس ۾،
جديد زماني تائين سوسائٽي ٻن طبقن ۾ ورهائي ويئي.
يعني هڪڙا امير، جي پنهنجي طبقي کان ٻاهر وارن
ماڻهن کي حقارت سان ڏسندا هئا، ۽ ٻيا عام ماڻهو،
آزاد ۽ "سرف"
(Serf)،
جيڪي اميرن کي زهر کان به وڌيڪ ڌڪاريندا هئا. هن
ورهاست جي ناانصافيءَ ڪري ارڙهين صدي عيسويءَ جي
پڇاڙيءَ ۾ فرانس ۾ خطرناڪ انقلاب آيو.
جاگيرداري سرشتي جون خاصيتون هي هيون: مالڪ ۽
تابعدار جي وچ ۾ جيڪو رشتو هو، انهيءَ ڪري سچ ۽
واعدي لاءِ ماڻهن ۾ گهڻي عزت پيدا ٿي. قديم جرمن
لوڪَ فطري طور سچ کي چاهيندڙ هئا ۽ هيءَ سٺي
خصوصيت جاگيرداري سرشتي جي عزت واري قانون جي ڪري
منجهن پختي ٿي ويئي. اڄ ڏينهن تائين مغربي عزت
واري ماڻهوءَ جي ان کان وڌيڪ بيعزتي ٻي ڪانه ٿي
سگهندي، جو کيس چئجي ته تون ڪوڙو آهين. ٻيو ته
شهسواريءَ جي مختلف رواجن جي ڪري انهن ۾ عورت لاءِ
عزت پيدا ٿي، جا
عزت عورت ذات
ان کان اڳ ۾ ٻيءَ ڪنهن سوسائٽيءَ ۾ ڪانه ماڻي هئي.
هن وقت جي مغربي خاندان ۾ عورت جو وڏو مرتبو آهي ۽
انهن کي اها تعليم ڏني وڃي ٿي ته مڙسن جون مددگار
ٿي رهن ۽ پٽن جون صلاحڪار، اهو سڀ جاگيرداري سرشتي
ڪري آهي.
هنگري قوم جو قائم ٿيڻ:
"مگيار"
(Magyar)
يا "هنگرين"
(Hungarian)
لوڪ ٻيون نمبر توراني قوم هئا، جن تاريخي زماني ۾
يورپ تي حملو ڪيو. مغربي سائبيريا، جو سندن قديم
گهر هو، اتان آهستي آهستي نڪري مغرب طرف وڌيا ۽
اٽڪل 895ع ۾ ڊئنيوب نديءَ جي وچ وارن ميدانن کي،
جن کي اڄڪلهه "هنگاري" چئجي ٿو، اچي والاريائون.
اڌ صديءَ تائين اُتر سمند، ڏکڻ فرانس ۽ اٽليءَ ۾
ڦـُـر جون مهمون هلائيندا رهيا. شهنشاهه اوٽو
پهرئين
(King Otto I)، سن 955ع ۾، ليچفيلڊ
(Lechfeld)
۾، مٿن فتح حاصل ڪري، سندن تباهڪارين کي ختم ڪيو.
ايندڙ صديءَ ۾ مگيارين مسيحت اختيار ڪئي ۽ اهڙيءَ
طرح آهستي آهستي يورپي قومن جا رسم رواج اختيار
ڪيائون. پندرهين ۽ سورهين صدي عيسويءَ ۾ هنگريءَ
جا جنگي جوڌا مغربي مسيحت لاءِ، مسلمان ترڪن جي
حملن جي شڪل ۾، مقابلو ڪرڻ وارا ۽ وڏو بچاءُ هئا.
رومي شهنشاهيت کي وري تازو ڪرڻ (962ع):
جرمنيءَ جو بادشاهه اوٽو |
جرمنيءَ جو بادشاهه اوٽو اعظم پهريون (936ع -
973ع) هڪ سياڻو ۽ همٿ ڀريو بادشاهه هو. هن سرڪش
اميرن کي دٻايو ۽ بادشاهه جي حڪم لاءِ عزت پيدا
ڪئي، ۽ فتحون ڪري پنهنجي بادشاهت جي سرحد وڌائي.
سن 962ع ۾ اوٽو اٽليءَ تي ڪاهي ويو ۽ روم ۾ وڃي
شهنشاهت جي عهدي کي وري تازو ڪيائين، جنهن جو پايو
پهرين شارلمان وڌو هو. اوٽو جي شهنشاهت جي حدن ۾
جرمني ۽ اٽلي اچي ٿي ويا ۽ اُن کان پوءِ ان جو
نالو "جرمن قوم جي مقدس رومن شهنشاهت" پئجي ويو.
جرمنيءَ واسطي ايئن بهتر ٿئي ها، جي اوٽو اعظم ۽
سندس جانشين پنهنجيءَ ڏکڻ واريءَ سرحد کي آلپس
جبلن جي قدرتي آڏَ تائين رکڻ ۾ راضي ٿين ها.
اٽليءَ وارا هميشـہ جرمن حڪومت جي خلاف بغاوت ڪندا
ٿي رهيا ۽ شهنشاهن ڪيترين لڙاين ۾ پنهنجي طاقت پئي
وڃائي، ۽ ان طرح پنهنجي ڏکڻ واري رعيت کي مجبور ٿي
ڪيو ته ناراضپي سان ئي پر سندن آڻ مڃين. شهنشاهه
جي جرمنيءَ مان طويل غير حاضريءَ ڪري، جاگيردار
اميرَ خودمختيار ۽ مغرور ٿي ويا. آخرڪار، تيرهين
صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري، جرمني 276 ننڍين حڪومتن ۾
حقيقي طور ورهائجي ويئي. شهنشاهن کان سندن جرمن
بادشاهت عملي طرح ويندي رهي، جيتوڻيڪ هو اڃا تائين
رومي شهنشاهت جي تخيل ۾ هئا.
شهنشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ڪشمڪش:
اسان ڏٺو آهي ته شروعات ۾ روم جي پوپن کي مغرب ۾
روحاني رهنما ڪري مڃيو ويندو هو. شهنشاهه وري پاڻ
کي دنيوي ڳالهين ۾ وڏو سمجهندا هئا. شهنشاهن ۽
پوپن جي وچ ۾ اختلاف ٿي پيو ته ٻنهيءَ مان وڏو ڪير
ٿيڻ گهرجي؟ پوپ جي پوئلڳن دعويٰ ڪئي ته پوپَ،
شهنشاهه کان مٿي ٿيڻ کپن، ڇو ته هو دنـيـا ۾ خـدا
جا عيوضي هئا. هنن چيو ته خدا دنيا ۾ ٻه وڏيون
طاقتون رکيون آهن، جهڙيءَ طرح آسمان ۾ ٻه وڏا
نـُـور رکيا آهن، ۽ جهڙيءَ طرح چنڊ سج کان ننڍو
آهي، اهڙيءَ طرح شهنشاهه کي پوپ جو حڪم مڃڻ گهرجي.
اهي ۽ ٻيا اهڙا ڪيترا دليل، جي اڪثر بائيبل مان
نڪتل هئا، تن جي جواب ۾ وري مقدس ڪتابن مان
شهنشاهن جي دعوائن جي مدد لاءِ دليل ڪڍيا ويا.
شهنشاهن چيو ته پوپ سندن تابعدار هئا، ڇو ته پيپان
(Pipon)
۽ شارلمان ئي پهرين روم جي بشپن کي زمين عطا ڪئي
هئي.
انهيءَ بحث ڪري آهستي آهستي يورپ جو وڏو حصو
ٻن پارٽين ۾ ورهائجي ويو: هڪڙا هئا شهنشاهن جا
حامي، ۽ ٻيا پوپن جا حامي. پوپن جي هٿن ۾ ماڻهن جو
مذهبي ايمان هڪ وڏو هٿيو هو، ٻئي طرف وري
جاگيردارن جي بغاوتن ڪري شهنشاهن جي طاقت گهٽجي
پئي ويئي. پوپ گريگري
(Gregory)
جي سـُـڌارن ڪري روم جي طاقت گهڻي وڌي ويئي.
پنجن پوپن جي هڪٻئي پٺيان دنيوي انتظام ڪرڻ کان
پوءِ هن کي پوپ جي ڪرسي نصيب ٿي (1073ع کان 1085ع) .
ڪرستاني پيشوائن جو هميشـہ هي عقيدو رهيو هو ته
برهمچاري ٿي رهڻ (يعني زال نه رکڻ)، خدا جي راضپي
جو باعث هو، پر انهن مان ڪن ٿورن انهيءَ تي عمل
ڪيو.
گريگري
(Gregory)
ستين، اها ڳالهه مڃي ته جيڪڏهن مذهبي پيشوائن کي
گهرو ڳڻتيون نه هونديون، جي هنن جي روحاني فرضن
کان خيال ڦيرين ٿيون، ته مسيحت وڌيڪ سگهاري ٿي
ويندي. انهيءَ ڪري هن سڀني مذهبي پيشوائن لاءِ
برهمچاري ٿيڻ جو حڪمنامو ڪڍيو. انهيءَ کان وڌيڪ هن
هڪ ٻيو به حڪمنامو ڪڍيو ته ديول جي عهديدارن
(Ecclesiastics)
جا عهدا پوپ مقرر ڪري، ۽ نه دنيوي پيشوا. جيئن ته
مٿانهين درجي وارا ديول جا عهديدار پڻ مغربي يورپ
جي زمينن جي تقريباً اڌ جا پڻ مالڪ هئا، ان ڪري هن
حڪمنامي ڪري پوپ ٻئي ڪنهن به حڪمران کان سگهارو ٿي
وڃي ها.
هينري چوٿون |
جرمن شهنشاهه هينري چوٿين، گريگري جي حڪمنامي
مڃڻ کان انڪار ڪيو، ۽ هڪ ڪائونسل ڪوٺائي جنهن ۾
رسمي طرح پوپ کي سندس عهدي تان لاٿو. گريگريءَ وري
شهنشاهه کي مذهب مان ڪڍي ڇڏيو. وچئين دور واري
انسان لاءِ مذهب مان ڪڍي ڇڏڻ کان وڌيڪ ٻي ڪا سزا
ڪانه هئي. هن جو مطلب هو ته انهيءَ ماڻهوءَ کي
مذهب مان هڪاليو ويو آهي ۽ جيڪو انهيءَ ماڻهوءَ
سان دوستي رکندو، اهو به ساڻس گڏ انهيءَ خطرناڪ
ڏوهه جو ڏوهاري آهي ۽ ان ڪري سندس روح پڻ دوزخ ۾
ويندو. جلد ئي هينري چوٿين پنهنجا سڀ حامي وڃائي
ڇڏيا. هن جي دشمنن کـُـلم کـُـلا بغاوت ڪئي ۽ سندس
دوستن کي همت نه ٿي جو سندس مدد ڪن. پوپ جي پـِـٽ
ڪري هن جي طاقت ناس ٿي ويئي. نااُميديءَ ۾ هي
مغلوب شهنشاهه،
پوپ
کان معافي وٺڻ
لاءِ اڪيلو ياترا تي ويو. ان وقت گريگري اُتر
اٽليءَ ۾ ڪـَـنوسا جي قلعي ۾ رهيل هو. ٽن ڏينهن ۽
ٽن راتين تائين پيرين اُگهاڙو ۽ ڳوڻين جي پوشاڪ ۾
ويڙهيل شهنشاهه قلعي جي ايوان ۾ ترسيل هو، جنهن
کان پوءِ پوپ ساڻس ملاقات ڪئي. ان کان پوءِ گريگري
هينريءَ کي مذهب مان هڪالڻ جو پنهنجو حڪمنامو رد
ڪيو.
پوپ جي طاقت جو تسلط:
هوهن اِسٽافن
(Hohenstaufen)
جي مشهور خاندان (1138ع - 1254ع) جي تاريخ جو گهڻو
حصو شهنشاهه ۽ پوپن جي وچ ۾ ڪشمڪش تي ٻڌل آهي.
آخرڪار هي خاندان نابود ٿي ويو، ۽ سڄي مسيحي دنيا
۾ پوپن جي طاقت ڦهلجي وئي. تيرهين صدي عيسويءَ ۾
ڪيترن يورپي حڪمرانن پوپ کي پنهنجو بزرگ ڪري مڃيو.
بادشاهه روم جي پاميٽڪ جا تابعدار هئا، ۽ روم وري
مغربي دنيا جي گاديءَ جو هنڌ ٿيو.
پوپ جي طاقت جو گهٽجڻ:
ڪئٿولڪ مذهب وارن جي مٿان پوپ جي طاقت جو سڄو
مدار، سندن روحاني حڪومت ۾ ايمان هئڻ تي هو. 1378ع
۾ هن عوامي عقيدي ۾ هڪ وڏي مذهبي اختلاف
(Schism)،
پوڻ ڪري وڏو صدمو پهتو. ُشـِـزم
(Schism)،
مذهبي تاريخ ۾ ڦوٽ پوڻ يا اختلاف کي چئجي ٿو.
[پوپَ 1309ع کان وٺي فرينچن جي اثر هيٺ رهيا ۽
پنهنجي رهڻ جو هنڌ ڦيرائي ڏکڻ فرانس ۾ "آئوينان"
(Avignan)
۾ ڪيو هو. اٽليءَ وارن اعتراض اٿاريو پر اهو اجايو
ويو. نتيجو اهو نڪتو جو هنن پنهنجو پوپ چونڊيو،
جنهن جي رهڻ جو هنڌ روم ۾ هو.
هينئر ٻنهي پوپن خدا جي اڪيلي عيوضيءَ ۽ ديولن يا
مذهب جي بااختيار سربراهه جي دعويٰ ڪئي. جيئن ته
انهن ٻنهي مان ڪوبه هڪڙو ڪوڙو عيوضي هوندو، انهيءَ
ڪري ڪيترا ماڻهو شڪ ڪرڻ لڳا ته انهن مان ڪوبه خدا
جي ويجهو نه هوندو. هن اختلاف جي ڪري پوپن جي
دنيوي طاقت گهڻي ضعيف ٿي وئي. مختلف بادشاهن ۽
شهزادن پنهنجي حڪومت کي پوپ جي دست اندازيءَ کان
آزاد ڪيو، پر صفا مذهبي ڳالهين ۾، ٻيهر سڌاري
(Reformation)
آڻڻ جي وقت تائين، جا سورهين صديءَ جي ابتدا ۾ ٿي،
ان کان پوءِ پوپ جو روحاني ڳالهين ۾ تسلط قائم
رهندو آيو.
سلجوقي ترڪ:
ترڪَ هڪ اها قوم هئا، جنهن سڄي ايشيا ۾
پنهنجون مختلف شاخون ڦهلائي ڇڏيون هيون ۽ انهن جي
ذريعي چيني مشرق کي يورپي مغرب سان ملائي ڇڏيو
هئائون. ترڪن جي تاريخ جيتوڻيڪ گهڻي وقعت رکي ٿي،
پر ان کي گهٽ سمجهيو ويو آهي ۽ هن ننڍي ڪتاب ۾ ان
جي مونجهاري واري تاريخ سادن لفظن ۾ بيان ڪرڻ مشڪل
آهي.
سلطان صلاح الدين ايوبي |
اٺين صدي عيسويءَ ۾ ترڪن
۾ اسلام ڦهليو. ويڙهاڪ قوم هئڻ ڪري انهن خوشيءَ
سان اسلام جي انهيءَ حڪم کي عمل ۾ آندو، ته تلوار
سان مذهب کي ڦهلايو وڃي.
سلجوقي خاندان جي هٿ هيٺ ترڪ لشڪر يارهين صدي
عيسويءَ ۾ مغربي ايشيا جي گهڻي حصي تي فتح حاصل
ڪئي، عباسي خليفن کان بغـداد هـٿ ڪـيـائـون، ۽
خليفـن جـي هـٿ ۾ رڳـو نـالـي جـو مذهبي حڪم رهيو.
هنن يوناني شهنشاهن کان پڻ ايشيا ڪوچڪ
(Asia minor) هٿ ڪيو، ۽ مصري خليفن کي شام مان تڙي ڪڍيائون. هنن جي يروشلم (بيت المقدس)
والارڻ ۽ بازنطيني شهنشاهت تي حملن ڪري، صليبي
لڙائيون شروع ٿيون، ڇو ته يروشلم عيسائين جو پاڪ
شهر هو.
ايڇ. جي. ويلس
(H.G. Wells)
جي ڪتاب ”تاريخ جو خاڪو“
(The Outline of History)
۾ ڄاڻايو ويو آهي، ته هوهن اسٽافن
(Hohen Stoufen) خاندان (1138ع - 1254ع) جي اختتام تائين پوپ
۽ ڪليسا جي باري ۾ تمام گهڻا شڪ ۽ شبها اُٿي
کڙا ٿيا هئا ۽ ٻنهي جي طاقت ۽ اثر ۾ گهٽائي
آئي. هوهن اسٽافن جي آخري شهنشاهه فريڊرڪ ٻئي
(Emperor Frederick-II)
جو قصو پڙهجي ٿو، ته ايڇ. جي. ويلس جي ڳالهه
ثابت ٿئي ٿي. پڙهندڙن لاءِ شهنشاهه فريڊرڪ جو
قصو هتي بيان ڪجي ٿو:
13 صدي عيسويءَ ۾ ڪليسا جي ڪارڪردگيءَ تي شڪ
ڪندڙ ماڻهن جو تعداد گهڻو وڌي ويو هو ۽
شهنشاهه فريڊرڪ ٻيو انهن ماڻهن جو بهترين مثال
آهي. هو جرمن شهنشاهه هينري ڇهين
(Henry-VI)
جو پٽ ۽ فريڊرڪ باربروسا جو پوٽو هو. سندس
ماءُ سسليءَ جي نارمن بادشاهه راجر پهرئين
(Roger-I)
جي ڌيءُ هئي. سسليءَ جي حڪومت کيس تڏهن ورثي ۾
ملي، جڏهن هو اڃا چئن سالن جو ٻارڙو هو، هن جي
ماءُ رڳو ساڻس ڇهه مهينا گڏ گذاريو تنهن کان
پوءِ گذاري وئي، ته فريڊرڪ ٻيو پوپ انوسينٽ
ٽئين
(Pope Innocent-III)
(1198ع - 1216ع) جي سار سنڀال هيٺ آيو.
لڳي
ٿو، ته هن کي تمام سٺي تعليم حاصل ٿي، جنهن ۾
هن عربن جا ڪليسا متعلق ۽ عيسائين جا اسلام
بابت خيال ٻڌا. جنهن جي ڪري هن ۾ هڪ فراخدلي
پيدا ٿي. 1212ع ۾ هن پوپ انوسينٽ تي زور ڀري
پاڻ کي شهنشاهه جو تاج پهرايو. تاج پوشيءَ
لاءِ هن ٽي شرطون قبول ڪيون. هڪ ته سسلي پوپ
کي ڏيندو، ٻيو جرمنيءَ ۾ ملحدن جي خلاف
ڪارروائي ڪندو ۽ ٽيون، ته صليبي جنگ وڙهي
يروشلم واپس عيسائين کي ڏيندو. پر شهنشاهه ٿيڻ
کان پوءِ هو ٽنهي ڪيل واعدن تان ڦري ويو ۽
انوسينٽ ٽيون ۽ ان کان پوءِ پوپ هونوريس ٽيون
(Honorius-III)
ٻئي دانهون ڪندا لاڏاڻو ڪري ويا، پر فريڊرڪ
سندن ڳالهه نه مڃي.
1227ع ۾ گريگري نائون
(Gregory-IX)
پوپ ٿيو، ته هن اٿندي ئي فريڊرڪ ٻئي کي صليبي
جنگ شروع نه ڪرڻ تي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو ۽
هڪ کليل خط ذريعي فريڊرڪ ٻئي جا ڏوهه، هن جا
گناهه ۽ هن جي مذهب جي خلاف ڳالهايل لفظن کي
عوام جي آڏو پيش ڪيو.
ان کليل خط جي جواب ۾ فريڊرڪ ٻئي، پوپ ڏانهن
هڪ خط ڏياري موڪليو، جنهن جون ڪاپيون هن يورپ
جي سڀني بادشاهن ۽ شهزادن ڏانهن پڻ موڪليون.
هيءُ خط يورپ جي اهم دستاويزن مان هڪ آهي،
جنهن ۾ پهريون ڀيرو پوپ ۽ بادشاهن جي وچ ۾
اختيار جو مسئلو اٿاريو ويو.
ان خط ذريعي سڄي يورپ جي سڀني بادشاهتن ۾ وقت
جو اهم ترين مسئلو اُٿاري، شهنشاهه فريڊرڪ ٻئي
پنهنجي ڪيل واعدي کان 12 سال دير سان، ڇهين
صليبي جنگ تي روانو ٿيو. هي صليبي جنگ تاريخ ۾
سڀ کان کل جهڙي لڙائي هئي. فريڊرڪ ٻيو مصر جي
سلطان سان وڙهڻ بجاءِ هن سان گڏ دعوتون کائي
ڪچهريون ڪري موٽي آيو. اچڻ سان گريگري نائين
جي فوجن کي سسليءَ ۽ پنهنجن ٻين علائقن مان
ڀڄائي پوپ کان زوريءَ مذهب کان خارج ڪرائڻ جو
حڪم واپس ڪرايو.
1230ع جو پوپ گريگري نائين ٻيهر فريڊرڪ ٻئي کي
1239ع تي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو. ان تي
شهنشاهه فريڊرڪ ٻئي هڪ ٻيو خط پوپ انوسينٽ
چوٿين کي ڏياري موڪليو (گريگري نائون گذاري
چڪو هو) ان خط ۾ فريڊرڪ ڪليسائي لادينيت ۽
ڪرپشن جا وڏا سنگين الزام لڳايا ۽ صلاح پيش
ڪئي، ته ڪليسا جي سڄي ملڪيت ضبط ڪرڻ سان مذهب
۾ گهڻي بهتري اچي سگهندي.
|