29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :18

مذهبي سڌاري جي تحريڪ کي بند ڪرڻ جون اوائلي ڪوششون:

چارلس پنجون ڪئٿولڪ مذهب کي پنهنجي ملڪ ۾ قائم رکڻ لاءِ خواهشمند هو. جيڪڏهن هو پنهنجو گڏيل لشڪر لوٿر جي پيروڪارن خلاف استعمال ڪري سگهي ها ته جيڪر هي بغاوت شروع ۾ ئي ختم ٿي وڃي ها، پر فرانس جي حڪمران فرانسس پهرئين سان لڙاين ۽ سليمان پهرئين جي هٿ هيٺ ترڪن جي حملن کيس جرمنيءَ جي انهيءَ مذهبي معاملن کان دور رکيو. آخر ۾ جڏهن مذهبي لڙائي لڳي، تڏهن شهنشاهه پروٽيسٽنٽ اميرن کي شڪست ڏني ۽ ڪن کي قيد ڪيو. ايئن ڏسڻ ۾ آيو ته اِهو نئون مذهب ختم ٿي ويندو.

پر چارلس جي وڌيل طاقت کان پوپ کي خود ڊپ هو ۽ هن بادشاهه جي خلاف پنهنجي حڪم کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي، هـُـن جنهن وقت ڪئٿولڪ مذهب جي وڏن عهدنامن ڪرڻ ۾ وقت پئي وڃايو، تنهن وقت پروٽسيٽنٽ وري اچي نئين سر اٿيا ۽ ذري گهٽ بادشاهه کي قيد ٿي ڪيائون. هن هينئر ڪشمڪش ڇڏي ڏني ۽ 1555ع ۾ آئوٽسبرگ جو صلحنامو ڪيو. هن عهد نامي موجب هر هڪ امير ۽ جرمنيءَ جو هرڪو آزاد شهري، ٻنهيءَ مان ڪوبه مذهب قائم رکي ٿي سگهيو. رعيت رڳو انهيءَ مذهب جي پيروي ڪرڻ لاءِ هئي، جيڪو هنن جي حڪمرانن مقرر ٿي ڪيو. ٻين لفظن ۾ آئوٽسبرگ جي صلحنامي ننڍين حڪومتن کي مذهبي آزادي ته ضرور ڏني، پر انفرادي اڻ برابريءَ جو اصول بحال رکيو.

چارلس پنجون (1519ع - 1556ع):

چارلس پنجون

سورهين صدي عيسويءَ ۾ هڪ مشهور لاطيني ٻوليءَ جو مشهور بيت ماڻهن جي زبان تي هو، جنهن جي معنيٰ هئي: ”ٻين کي ڇڏ ته ڀلي لڙائي ڪن، پر تون خوش بخت آسٽريا شاديون ڪر.“ در حقيقت آسٽريا جي هئپسبرگ خاندان خوش بختيءَ وارن شادين جي ذريعي ايتري گهڻي طاقت حاصل ڪئي، جيتري ٻين خاندانن لڙائيءَ سان به نه ڪئي. هنن جي سياسي شادين مان سڀني کان وڌيڪ مشهور آرچ ڊيوڪ فلپ جي شادي، اسپين جي فرڊنينڊ ۽ ايزابيلا جي ڌيءَ سان هئي. انهيءَ جوڙي کي هڪ پٽ ڄائو، جنهن جو نالو چارلس هو، جيڪو ساڳئي وقت اسپين جو بادشاهه، آسٽريا جو سردار، هالينڊ ۽ ڪيترن ننڍن علائقن جو حڪمران هو. آمريڪا جي مالدار بيٺڪن جي مالڪن جي حيثيت ۾ هيءُ فخر سان دعويٰ ڪري ٿي سگهيو ته هن جي ملڪ تان سج لهي ئي نه ٿو. سن 1519ع ۾ هن کي روم جي مقدس رومن شهنشاهت جو حڪمران چونڊيو ويو. اهڙيءَ طرح هن کي مغربي يورپ ۾ تمام گهڻي ۽ وسيع طاقت حاصل ٿي وئي.

فرانسس پهرئين ۽ چارلس پنجين جي وچ ۾ رقابت:

فرانسس پهريون

اڳي بيان ڪيو ويو آهي، ته بادشاهه سولائيءَ سان پروٽيسٽنٽ تحريڪ کي ڪچلي ٿي سگهيو، جيڪڏهن هن جي طاقت ٻن خطرناڪ دشمنن يعني فرانسس پهرئين ۽ ترڪ سلطان سليمان ڏانهن ورهايل نه هجي ها. فرانسس پهريون هڪ لالچي، جنگجو حڪمران ۽ هو مقابلو ڪندڙ ۽ سخت جهيڙاڪ هو، جنهن چارلس پنجين جي طاقت کي پائمال ڪرڻ لاءِ سڀئي وسيلا استعمال ڪيا. فرانسس جي بادشاهي تخت وڃائڻ کان پوءِ (هن چارلس جي انهيءَ شان هٿ ڪرڻ جي مقابلي ۾ پنهنجو ويهن آڱرين جو زور لڳايو.) هن پنهنجي حڪومت جي زماني جو گهڻو ڀاڱو بادشاهه يعني چارلس جي خلاف جنگ ڪرڻ ۽ سندس خلاف سازشون ڪرڻ ۾ گذاريو. انهن ٻن حڪمرانن جي وچ ۾ جهڳڙي يورپ کي پنجويهه سالن تائين (1521ع - 1544ع) ولوڙي ۾ وجهي ڇڏيو. ڪنهن به فرقي کي ڪو به بنيادي فائدو ڪونه پهتو. ان وچ ۾ ترڪن هنگريءَ ۾ چڱو فصل لڻيو، يعني فتح حاصل ڪئي.

جيتوڻيڪ چارلس پنجين کي گهڻا ئي وسيلا هٿ ۾ هئا، تڏهن به هن ڏٺو ته هن جون محبوب تجويزون سڀ بيڪار ثابت ٿيون. هو فرانسس کي پائمال نه ڪري سگهيو ۽ نه وري پروٽيسٽنٽ مذهب جو خاتمو ڪري سگهيو. آئوٽسبرگ جي صلحنامي کان پوءِ هـُـو پنهنجي لاحاصل ڪشمڪش مان کٽو ٿي پيو ۽ هڪڙي خانقاهه وڃي وسائي دنيا ترڪ ڪري ويٺو ۽ اسپين جو تاج، بيٺڪون ۽ هالينڊ سميت سڄو ملڪ سندس پٽ کي مليو.

يورپ جي ٻين ملڪن ۾ مذهبي سڌارو:

زوئنگلي ۽ ڪال ون

سوئيٽزرلينڊ ۾ مذهبي سڌاري جي تحريڪ کي زوئنگلي زور شور سان اڳتي وڌايو، جنهن جا عقيدا لوٿر جي عقيدن کان ڪجهه مختلف هئا. هن جو اثر سوئيٽزرلينڊ جي حدن کان ٻاهر نه وڃي سگهيو. جان ڪال ون نالي هڪ فرينچ، جنهن جنيوا جي شهر ۾ وڃي ديرو ڄمايو هو، تنهن بين الاقوامي شهرت ۽ اثر حاصل ڪيو. هن جي عقيدن کي فرانس انگلينڊ ۽ جرمني جا ڪيترا ماڻهو محـُّڻ لڳا. اهي ٽي وڏا مذهبي سڌارڪ يعني لوٿر، زوئنگلي (Zwingli) ۽ ڪال ون (Calvin) پنهنجي مذهبي سڌاري واري سرشتن جي ڪن ڳالهين ۾ ڪڏهن به پاڻ ۾ متفق ٿي نه سگهيا. لوٿر جي عقيدن جو اتر وارن ملڪن ۾ گهڻو پرچار ٿيو ۽ پروٽيسٽنٽ مذهب ڊينمارڪ ۽ سوئيڊن جو جلدئي قومي مذهب ٿي ويو. اٽلي، اسپين ۽ آسٽريا جا ملڪ ۽ ڏکڻ جرمنيءَ جو گهڻو حصو ڪئٿولڪ مذهب تي قائم رهيو. هڪ فرقي جي ٻئي فرقي سان برداشت نه ڪرڻ جوڳي حقارت ٻنهيءَ جي پوءِ لڳن جي وچ ۾ بي انتها دشمني قائم ڪئي، جيڪا ڪنهن به معمولي چرچ تي خونريزيءَ جي شڪل اختيار ڪري ٿي وئي.

انگلينڊ ۾ مذهبي سڌارو:

انگريزي مذهبي سڌاري جي اها تحريڪ هڪ بي لغام ۽ خود غرض بادشاهه جي ريچڪ تي مدار ٿي رکيو. جڏهن هينري اٺون (1509ع کان 1548ع) تخت تي ويٺو، تڏهن هو همعصر حاڪمن فرانس پهرئين ۽ چارلس پنجين وانگر تمام ننڍي عمر جو هو. هن کي پنهنجي مذهبي قابليت تي فخر هو ۽ لوٿر جي خلاف هڪ رسالو ڇپائي پنهنجي علميت ڏيکاريائين. پوپ هن شاهي مددگار کان ايترو راضي ٿيو جو کيس ”مذهب جو بچاءَ ڪندڙ“ لقب ڏنائين، جو لقب اڄ ڏينهن تائين انگلينڊ جا بادشاهه پنهنجي لاءِ قائم رکندا اچن، پر جلدئي هينري اٺئين جو ايمان رومن ڪئٿولڪ مذهب جي رهنما کي پسند نه آيو.

هينري جي زال، جنهن کي ايراگان جي ڪئٿرين (Catherine of Aragon) ڪوٺيو ويندو هو، سا هن جي فوت ٿيل ڀاءُ جي بيواهه هئي. جيتوڻيڪ ڀاءُ جي بيواهه سان شادي ڪرڻ ڪرستاني مذهبي قاعدي جي خلاف هو، تڏهن به پوپ هڪ حڪمنامو ڪڍي هن کي اجازت ڏني ۽ هنن ٻنهي جي شادي جي قاعدي مطابق هجڻ جو اعلان ڪيو.  ڪئٿران جي عمر سندس مڙس کان وڏي هئي ۽ کيس ڪو پٽ ڄڻي ڪونه ڏنائين، تنهن ڪري هي منجهانئس کٽو ٿي پيو ۽ دربار جي هڪ نوجوان حسين ڇوڪري ائن بولن سان شادي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين، پر طلاق جي اجازت رڳو پوپ ئي ڏئي ٿي سگهيو. هينريءَ طلاق ڏيڻ لاءِ اهو عذر پيش ڪيو ته ڪئٿران سان هن جي شادي خود غير قانوني هئي. شايد پوپ (ڪليمنٽ ستون) انگريز بادشاهه جي مرضي رکڻ ۾ خوش ٿئي ها، پر هن کي اهو خيال ٿيو ته ايئن ڪرڻ سان هو چارلس پنجين جي دل آزاري ڪندو جو ڪئٿران جو ڀاڻيجو هو.(1)(2)

ڪليمنٽ (Clement) ستين ٻنهي مان ڪنهن به حاڪم سان ڦٽائڻ کي روڪڻ لاءِ طلاق جو سوال ڪيترن سالن تائين التوا ۾ رکيو، تان جو هينري صبر وڃائي ويٺو ۽ انهيءَ مسئلي کي پنهنجو پاڻ منهن ڏيڻ لڳو. انهيءَ جي لاءِ هن ڪيترائي قدم کنيا. انگلينڊ روم جي قبضي مان هميشـہ لاءِ نڪري ويو.”برتري واري قانون“ (1534ع) مطابق بادشاهه انگلينڊ جي مذهبي جماعت جو اعليٰ پيشوا بڻيو. بيشڪ هينري جو پهريون قدم اين بولن سان شادي ڪرڻ هو. انگريز بادشاهه پنهنجي رعيت لاءِ جيڪو مذهب مقرر ڪيو، سو رومن ڪئٿولڪ مذهب کان مختلف ڪونه هو، فرق صرف هيءُ هو، ته اڳ واري پوپ جي طاقت هينئر بادشاهه جي هٿ ۾ هئي. هينري اٺين جي حڪمرانيءَ ۾ مذهبي اڻ برابري رکڻ وارا اُصول تمام متضاد ۽ عجيب نتيجا ڏنا، جو ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ مذهب وارن، ٻنهيءَ کي قتل ڪيو ٿي ويو. ڪئٿولڪ کي انهيءَ لاءِ ته هنن پوپ کي وڏو ڪري ٿي سمجهيو ۽ پروٽيسٽنٽ مذهب وارن کي ان لاءِ جو، انهن ڪئٿولڪ مذهب جي خلاف بغاوت ٿي ڪئي.

هينري اٺين کان پوءِ جن بادشاهن ۽ راڻين راڄ ڪيو، انهن جي ڏينهن ۾ انگلينڊ جي مذهبي پاليسي انهن حڪمرانن ۽ سندن صلاحڪارن جي خيالن ۽ صلاحن مطابق ٿي ڦري گهري، جن ماڻهن جا مذهبي عقيدا حڪمرانن کان مختلف هئا، انهن کي سخت سزائون ٿي ڏنيون ويون يا قتل ٿي ڪيو ويو، جيستائين هو بادشاهه جي مقرر ڪيل مذهب مطابق نه ٿي هليا. مٿاڇري طرح هينريءَ اٺين کان پوءِ انگلينڊ جو سرڪاري مذهب وڌيڪ پروٽيسٽنٽ ٿي ويو، جيتوڻيڪ سڌارن جي ڏس ۾ هن پاران ڪا گهڻي اڳڀرائي ۽ عملي اُپاءَ نه کنيا ويا جي ڪال ون جي پوئلڳن کي راضي ڪري سگهن. عوام جو اڪثر حصو حاڪم جي مذهب مطابق ٿي هليو، پر تڏهن به اختلاف رکندڙن جا ٻه گروهه انهيءَ دائري کان ٻاهر رهيا، هڪڙا ڪئٿولڪ مذهب وارا ۽ ٻيا بنيادي ڦير ڦار آڻڻ وارا پروٽيسٽنٽ، جن کي عام طرح (Puritans) يعني خالص يا نج چيو ويندو هو.

يورپ ۾ مذهبي سڌارن جو روڪجڻ:

لوٿر جي زندگيءَ ۾ مذهبي سڌارو ايترو ته جلدي پکڙجي ويو جو اٽليءَ تائين وڃي پهتو، جنهن ڪري پوپ کي پنهنجي طاقت ختم ٿيڻ جو خطرو ٿيو. پوپ واري مذهبي جماعت ڏاڍي جدوجهد ڪئي ۽ ماڻهن کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ لاءِ باقاعدي ڪوششون ڪيون ۽ ڪيترين ئي گمراهه ”رڍن“ (يعني، ڪئٿولڪ مذهب وارن کي) واڙي ۾ ورائي آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي.

رومن ڪئٿولڪ مذهب کي مدد ڪرڻ ۾ چار سبب نمايان ترين هئا:

1. پروٽيسٽنٽ جا پاڻ ۾ جهڳڙا، جن ڪري ماڻهن ۾ شڪ پيدا ٿيو ته هنن جا عقيدا سچا آهن يا نه؟ ڇو ته لوٿر، زوئنگليءَ کي ملحد ڪوٺيو ۽ ڪال ون غير ڪال وني مذهب وارن کي حقارت سان ڏٺو. ان ڪري ماڻهن خيال ڪيو ته ڇا سلامتي انهيءَ ۾ نه آهي ته متحد ڪئٿولڪ مذهب ۾ رهجي، جنهن جي عقيدن ۾ شڪ شبهي لاءِ ڪا جڳهه ئي ڪانه هئي.

2. پنهنجي مخالفن جي تنقيد جو جواب ڏيڻ لاءِ ڪئٿولڪ مذهب جي رهنما پنهنجي مذهب جو چڱيءَ طرح سڌارو ڪيو ۽ ڪيترن ئي جائز ۽ خرابين ٿيل بدعنوانين ڳالهين تي عمل ڪيو کي ڪڍي ازالو ڪري ڇڏيو. انهيءَ قدم کي ڪئٿولڪ مذهب جو سڌاري جو جواب ڪوٺجي ٿو.

3. پوپن هڪ خاص ڪورٽ، جنهن کي مقدس دفتر يا مـِـحنـہ (Inquisition) ڪوٺيو وڃي ٿو، انهيءَ کي زور وٺرايو ۽ ان جو دائرو وسيع ڪيو. محنـہ جو فرض اهو هو ته محلدن کي سزا ڏي. جن ماڻهن ۾ شڪ هو ته اهي پڪن مذهبي عقيدن سان اختلاف ٿا رکن، تن جي جاچ پڙتال ٿي ڪئي وئي. جيڪڏهن هو ڏوهاري ثابت ٿي ٿيا ته انهن کي اڪثر جيئري ساڙيو ٿي ويو، جيتوڻيڪ مخالفن کي قتل ڪرڻ جا ان کان وڌيڪ ظالماڻا طريقا رائج هئا. اسپين جي محنـہ سڀنيءَ کان وڌيڪ بدنامي جي شهرت حاصل ڪئي، ڇاڪاڻ جو حضرت عيسيٰ عليه جي نالي ۾ انهيءَ محنــہ (Inquisition) جي ميمبرن بي شمار ظالماڻا قتل ڪرايا. پويان نسل محنـہ جي طريقن کي ڪيئن به سمجهن پر تڏهن به اها ڪورٽ اسپين ۽ اٽليءَ جي ملڪن مان الحاد کي ڀڄائي ڪڍڻ ۾ پڪ سان ڪامياب ٿي.

4. جيڪڏهن اسان محنــہ کي هڪ بچاءَ ۽ برباد ڪندڙ جي جماعت ڪري سمجهون، ته اسان جيزوئسٽ (Jesuists) جماعت کي ان جي اُبتڙ ڪري بيان ڪنداسون، جو هي جماعت حملي آور ۽ تعميري ڪم ڪندڙ هئي. ”حضرت عيسيٰ عليه جي جماعت“ جو بنياد اسپين جي امير اگنيشيس لويولا (Ignatius Loyola) سن 1540ع ۾ وڌو. هن جماعت جو مقصد ڪئٿولڪ مذهب جو اثر ۽ بالادستي کي هر ممڪن طريقي سان سرڪاري پکيڙڻ ۽ قائم رکڻ هو، خاص ڪري تعليم کي پنهنجي قبضي ڪرڻ جي وسيلي. سندن انتظام، جنهن مطابق سڀئي ميمبر بنا ڪـُـڇڻ حڪم مڃڻ لاءِ ٻڌل هئا، ۽ سندن برتر علم ڪري جيزوئسٽ جماعت وارا هڪ تمام خوفناڪ مذهبي ۽ سياسي طاقت بنجي پيا. نه رڳو يورپ ۾ پنهنجي مذهب لاءِ فتحون حاصل ڪيائون، پر پرڏيهي ملڪن، خاص طرح ڏُور اوڀر ۾ تبليغي ڪم جي ذريعي پنهنجو مذهب پڻ پکيڙيائون. سنت فرنسز زيويئر (Saint Francis Xavier) چائنا ۽ جاپان ۾ سندن ڪامياب ترين پرچارڪ هو.

باب ٽيويهون

مذهبي ڪشمڪش واري صدي

(1555ع - 1648ع)

تعارف:

آگسبرگ (Augusburg) وارو مذهبي صلحنامو (1555ع) پروٽيسٽنٽ مذهب جي آخري فتح جو نشان هو. جرمنيءَ ۾ ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ مذهب وارن جي وچ ۾ هڪ صلح سلامتيءَ واري ڊگهي عرصي لاءِ هڪ رهبر هو، پر صلح وارو دور رڳو عارضي هو ۽ اها هڪ نـجس ماٺ هئي، جنهن دوران طوفاني بادل گڏ ٿيندا ويا، جيڪي پوءِ جرمنيءَ تي ڪڙڪو ڪري وسڻ لڳا.

جرمنيءَ ۾ ٽيهن سالن واري لڙائيءَ کان اڳ يورپ جي ٻين ڀاڱن ۾ مذهبي حقارت سبب ڪشمڪش ڀڙڪي اٿي. اهي لڙايون سندن ڪيفيت ۽ نتيجن ۾ جيتوڻيڪ هڪٻئي کان بلڪل مختلف هيون، تڏهن به سڀني جي مـُـک سببن ۾ مذهبي اڻ برابري جو جزو شامل هو.

فرانس ۾ هيوناٽ (Huguenot) لڙايون:

فرانس ۾ ڪال وِن جي پوئلڳن کي هيوناٽ ڪوٺيو ويندو هو. هو گهڻو ڪري مٿانهين طبقي جا ماڻهو هئا ۽ شروع کان ئي وٺي مذهبي عقيدي سان گڏ پنهنجي اميراڻي جماعت جي سياسي آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ لڳا. فرانسس پهرئين ڪيترن ئي ملحدن کي سوريءَ تي چاڙهي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ سندس جانشين هينري ٻئي کي جڏهن به پرڏيهي لڙاين کان فرصت ملندي هئي، ته هـُـو هيوناٽ عقيدو رکندڙن کي تڪليفون ڏيندو رهندو هو.

1559ع ۾ هينري ٻئي جي موت کان پوءِ تخت هڪ ٻئي پٺيان سندس ٽن پٽن کي مليو، جي سڀ ضعيف ۽ ڪمزور حڪمران ثابت ٿيا. ڪئٿولڪ ۽ پروٽيسٽنٽ جماعتن حڪومت ۾ اثر رسوخ حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ دائمي ڪشمڪش جاري رکندو آيو. ڪئٿولڪ پارٽيءَ جو مهندار گائيزئيس جو عظيم خاندان هو. ٻئي طرف وري پروٽيسٽنٽ جماعت جو قابل مهندار اميرالبحر دڪوليني هو. انهن ٻنهي فرقن جي وچ ۾، ڪئٿولڪ عقيدي ڏانهن وڌيڪ مائل ڪرڻ لاءِ اميد جو ڪرڻو هينري ٻئي جي بيواهه زال ڪئٿرين بچي هئي، جا پنهنجي جنم مطابق اٽليءَ جي شهزادي هئي، ان جو سندس پٽن جي دلين تي قبضو رهيو ۽ ڪيترن وقتن تي شاهي پاليسيءَ تي انهيءَ عورت جو عملي تسلط رهندو آيو.

پنهنجي شخصي لالـچ جي ڪري ڪئٿرين هڪ لائق سياستدان هئڻ جي حيثيت ۾ بنا ڪنهن اخلاقي ڊپ ڊاءَ جي ٻنهي مقابل جماعتن کي پنهنجن شخصي غرضن لاءِ هٿيار طور استعمال ڪيو. هڪ تلخ گهرو لڙائي جا سڀنيءَ کان وڌيڪ ڀوائتا ظلم اڪثر سندس ئي سازشن جو نتيجو هئا، ايتريقدر جو انصاف سان کيس پنهنجي نئين اختيار ڪيل ملڪي انتظاميا جو شيطاني دماغ ڪوٺي سگهجي ٿو.

ظاهر ظهور لڙائي 1562ع ۾ شروع ٿي. اٺن ورهين جي لڙائيءَ کانپوءِ هيوناٽ جماعت وارن مذهبي عبادت جي محدود آزادي حاصل ڪئي. اسپين جي ڪئٿولڪ بادشاهه فلپ ٻئي جي وسيع تجويزن ڪري سندن حالت گهڻي سڌري وئي. هن حڪمران هالينڊ ۽ انگلينڊ جي پروٽيسٽنٽ راڻي ايلزبيٿ کي تخت تان لاهڻ جو پڪو پهه ڪيو. فرانس جي بادشاهه چارلس نائين کي اچي ڊپ لڳو ته متان فلپ جي تجويزن جي ڪاميابي کيس ايترو طاقتور بڻائي ڇڏين جو فرانس سندس رحم ڪرم تي رهي، تنهن ڪري هن اسپين جي خلاف پروٽيسٽنٽ مذهب وارن سان هڪ عام اتحادي عهدنامو ڪيو. هينئر اميرالبحر دڪوليني، بادشاهه جو هڪ اعتبار وارو صلاحڪار ٿيو ۽ هيوناٽ جماعت وارن خوشيون ڪيون.

گائيزئيس خاندان ۽ والده راڻي نااُميد ٿي پيا. پنهنجي مقصد کي بچائڻ لاءِ انهن کي صرف هڪڙو ئي رستو نظر آيو ته مخالفن جو قتل عام ڪيو وڃي. آخر هڪ ڳجهي سازش ڪئي ويئي ۽ پيرس ۾ رهندڙ هيوناٽن عقيدي وارن کي هڪ ئي رات ۾ قتل ڪيو ويو. ڪيترن کي ننڊ ۾ خنجر هنيو ويو. هن خوني جرم کي سنت بارٿو لوميو جو قتل عام (1576ع) سڏيو ٿو وڃي. هيءَ خونريزيءَ جي ديوانگي پوءِ مـُـختلف علائقن ۾ ڦهلجي ويئي جتي وري هزارن پروٽيسٽنٽ فرقي وارن کي ڪٺو ويو.

ڪجهه وقت کان پوءِ بادشاهه سخت پڇتايو، جيتوڻيڪ سندس ماءُ هن کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهو قتل عام عوام جي ڀلي لاءِ هو. ڪئٿولڪ مذهبي جماعت جي ٻن مـُـک سنڀاليندڙن جو رويو ڏيکاري ٿو ته ڪيئن حضرت عيسيٰ عليه جي روحاني تعليم وارا سبق، ان دور جي مذهبي حقارت جي ماحول ۾ بلڪل وساريا ويا؟ فلپ ٻئي چارلس بادشاهه ڏانهن هڪ خط ۾ مبارڪباد موڪلي، جا ڏيکاري ٿي ته کيس انهيءَ ڳالهه تي رشڪ پئي ٿيو، ته هن انهيءَ سچي مذهب جي چڱي ڪم ۾ حصو نه ورتو. روم ۾ پوپ هن قتل عام جي لاءِ خدا جو شڪر ادا ڪرڻ جو هڪ خاص مذهبي خطبو ڏنو.

1598ع تائين هي ڪشمڪش هلندي رهي، جڏهن طاقتور ۽ قابل بادشاهه هينري چوٿين نامٽيس جو حڪمنامو ڪڍي ڪجهه وقت لاءِ هن ظلم جو خاتمو ڪيو. هن حڪمنامي مطابق هيوناٽس کي هڪجهڙا سياسي حق مليا ۽ عبادت ڪرڻ جي محدود آزادي ملي.

پوپن ۽ بادشاهن هيوناٽس کي دٻائڻ جا جيڪي طريقا اختيار ڪيا، انهن جا سبب مذهبي نه پر سياسي هئا، جيئن اڳتي هلي معلوم ٿيندو.

فلپ ٻيو:

فلپ ٻيو

فلپ ٻيو، جيڪو موروثي حق جي ڪري اسپين، هالينڊ، ڏکڻ اٽلي ۽ ٻين ملڪن جو حڪمران هو، سو پنهنجي پيءُ چارلس پنجئين جي موت کان پوءِ يورپ جو سڀ کان وڌيڪ طاقتور حڪمران بڻيو هو. هـُـن ڪئٿولڪ عقيدي کي پکيڙڻ ۽ الحاد جي پاڙ پٽي ڪڍڻ کي پنهنجو اهم ڪم ۽ مقصد ڪري ورتو. هو فطري طور تي غمگين ۽ ظالماڻي طبعيت جو مالڪ هو. هن کي هڪ راهب وانگر تعليم ڏني وئي هئي. راهب ۽ پادري سندس حياتيءَ تائين سندس گهرا دوست ٿي رهيا هئا. مئڊرڊ شهر کان ٻاهر جو اسپين جو گاديءَ جو هنڌ هو، اتي خانقاهه جي نموني ۾ فلپ هڪ شاهي محلات ٺهرايو، جو ايسڪوريال جي نالي سان مشهور آهي. ايسڪوريال ۾ هڪ ننڍو ڪمرو سندس رهڻ جي محبوب جڳهه هئي. بادشاهه فلپ هن اونداهيءَ واري جڳهه مان پنهنجي وقت جي سڀ کان وڌيڪ شاندار ملڪ کي انتهائي خراب نموني ۽ بد انتظاميءَ سان هلايو.

فلپ پروٽيسٽنٽ مذهب جو مقابلو پنهنجي پوريءَ طاقت سان ڪيو. آمريڪا جو سون ۽ چاندي وڏن سپهه سالارن جي بيدار مغزي، محنه ۽ ڀاڙي جي قاتلن جون خدمتون، سڀ فرانس، انگلينڊ ۽ هالينڊ ۾ ملحدن جي خلاف استعمال ڪيون ويون، پر هن جون سڀ ڪوششون اجايون ويون. انهن ٽنهي ملڪن ۾ قومي جذبو جاڳي چڪو هو، جنهن سان مقابلي ڪرڻ واري لاحاصل جاکوڙ ۾ اسپين جي زور واري بادشاهيءَ جي طاقت پاڻ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

فلپ ٻيو ۽ پروٽيسٽنٽ انگلينڊ:

ڪيترن سالن تائين فلپ، انگلينڊ جي بادشاهه هينري اٺين جي ڌيءُ، ڪئٿولڪ راڻي ميري ٽيوڊرسان پرڻيل هو. هينري اٺين کي هيءَ ڌيءُ اسپين واري زال ڪئٿرين مان ٿي هئي. ميريءَ جي موت کان پوءِ ايلزبيٿ، جا هينري اٺين ۽ اين بولين جي ڌيءُ هئي، سا تخت تي ويٺي. فلپ کي اها اميد هئي ته اسڪاٽلينڊ جي ڪئٿولڪ راڻي ميري اسٽوئرٽ انگلينڊ جي راڻي ٿيندي. جڏهن هن انهيءَ ٻيٽ (انگلينڊ) کي پروٽيسٽنٽ حڪمراني جي هٿ هيٺ ڏنو ۽ ميري اسٽوئرٽ کي ايلزبيٿ جي خلاف سازش ۾ حصي وٺڻ ڪري پنهنجي جان ڏيڻي پئي، تڏهن هن جو ڏک ۽ غصو وڃي نفرت جي حد تائين پهتو. هن هينئر انگلينڊ کي فتح ڪرڻ ۽ ايلزبيٿ ۽ سندس پروٽيسٽنٽ حڪومت جي خاتمي آڻڻ جو پڪو پهه ڪيو. هڪ وڏو بحري جهاز جو ٻيڙو، جو ”اجيت آڙماڙ“ جي ٻٽاڪيءَ نالي سان مشهور آهي، سو 1588ع ۾ اچي انگلينڊ ۾ نازل ٿيو. انگريز جهاز ران، اسپين وارن کان دليريءَ ۽ جهاز رانيءَ ۾ گوءِ کڻي ويا. هنن پنهنجي وڌيڪ رفتار وارن تيز جهازن مان اسپين جي وڏن جهازن تي موتمار گوليبازي ڪئي ۽ ڪيترن جهازن کي ٻوڙي ختم ڪري ڇڏيو. مٿان وري جو هڪ خوفناڪ طوفان آيو تنهن باقي جهازن، جي اسڪاٽلينڊ ۽ آئرلينڊ جي ڪنارن تي هئا، تن کي ٽڪرائي ناس ڪري ڇڏيو ۽ اسپين کي وري جرئت نه ٿي جو انگلينڊ کي دڙڪو ڏيئي سگهي.

فلپ ۽ هالينڊ:

فلپ جي اکين ۾، جو اڃا هڪ خراب ترين ڪنڊو چـُـڀندو پئي آيو، سو خود سندس ملڪ هالينڊ ۾ پروٽيسٽنٽ مذهب جو ڦهلاءُ هو. هن ملڪ کي نيدرلينڊ يا هيٺاهون ملڪ ان ڪري پئي سڏيائون جو اهو سمنڊ جي سطح کان هيٺانهين جڳهه تي واقع هو. انهن ڊچن  اتر سمنڊ ۾ بند ٻڌي زمين آباد ڪئي هئي ۽ پاڻي جي چڪيءَ جي ذريعي بندن جي اندران وارين ايراضين مان پاڻي ڪڍي کين سڪايو هو. سمنڊ جي خلاف اورچائيءَ واري جدوجهد سندن جرئت کي لوهه ڪري ڇڏيو هو ۽ نئين ڪم ّ۾ هٿ وجهڻ جي جذبي کي تيز ڪيو. سمنڊ جي پراڻي تري کي جيڪو انهن ديوارن جي اندر اچي ويو، تنهن کي پوک وارين زمينن ۽ چراگاهن ۾ تبديل ڪيو ويو، ۽ بندرن کي ساري دنيا جي بندرن ڏانهن ويندڙ واپاري بحري جهازن سان ڀريو ويو. يورپ جي ٻي ڪابه قوم ايتري وسيع پيماني تي هٿ جون ٺهيل شيون نه ٿي ڏيکاري سگهيون ۽ نه وري ايتري دولت جي ٻٽاڪ هڻي ٿي سگهي، جيتري ڊچ قوم هام هنئي ٿي.

چارلس پنجين هالينڊ ۾ پروٽيسٽنٽن سان سختي ڪئي هئي. جڏهن فلپ ٻئي حڪومت جون واڳون هٿ ڪيون، تڏهن هن الحاد کي هر طريقي سان پاڙؤن پٽي ڪڍڻ جو پڪو پهه ڪيو. ان وقت ۾ ڪنهن به ملڪ ۾ مذهبي رواداري جي اميد ڪانه پئي رکي سگهجي. تنهن ڪري ماڻهو مذهب جي فرق جي ڪري آزارڻ واري عمل جي اڳيان ڪي قدر تيار هئا.

پر جڏهن فلپ جي جڳهه تي حڪومت ڪندڙ جاءِ نشين محنه جي ظلمن سان گڏ سرڪاري دٻاءُ وجهڻ شروع ڪيو ۽ ملڪ جي رهاڪن کان سندن قديم حق کسيا، تڏهن عوام ظاهر ظهور بغاوت ڪرڻ شروع ڪئي. عوام هٿان ڪئٿولڪ ديوليون نيست و نابود ڪيون ويون ۽ فنڪاريءَ جا املهه خزانا بت شڪنن جي هٿان برباد ٿيا.

هينئر فلپ ڊيوڪ آف الوا کي، جو هڪ قابل پر بي رحم اسپين جو سپهه سالار هو، تنهن کي هالينڊ جو گورنر مقرر ڪيو. الوا انهن سڀني مـُـک محب وطن جي قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو جن کي ٻين ملڪن ۾ سلامتي حاصل نه ٿي هئي. هڪ خاص ڪورٽ، جنهن کي ماڻهو خوني جماعت ڪري ڪوٺيندا هئا، تنهن هزارين ماڻهن کي موت جي سزا ڏني ۽ سندن ملڪيتون ضبط ڪيون. الوا جي ظلمن، علائقن ۾ صلح آڻڻ بدران انهن کي هڪ منظم بغاوت تي مجبور ڪيو.

وليم آرينج:

وليم آرينج

انهيءَ بغاوت جو اڳواڻ شهزادو وليم آف آرينج هو، جنهن کي ”وليم خاموش“ ڪوٺيندا هئا. هن چارلس پنجين جي دربار ۾ ڪئٿولڪ مذهب جي سکيا ورتي هئي، ۽ ٽن ڊچ علائقن جي گورنري هن کي سونپي وئي هئي. هن بادشاهه جي بدران، حڪومت ڪندڙن جي ظالماڻي پاليسيءَ جي خلاف اعتراض ڪرڻ ۾ اڳواڻي ڪئي. الوا جي اچڻ تي وليم جرمني ڀڄي ويو، جتي ظاهر ظهور پروٽيسٽنٽ مذهب جي پٺڀرائي ڪرڻ لڳو ۽ اسپين وارن کي هڪالي ڪڍڻ لاءِ لشڪر گڏ ڪيائين.

هينئر هڪ طرف ڊچ محب وطن هئا ۽ ٻئي طرف طاقت واري اسپين جي شهنشاهت هئي، جن جي وچ ۾ هڪ غير برابريءَ واري ڪشمڪش شروع ٿي. تاريخ ۾ هيءَ ڪشمڪش هڪ وڏو عبرت آموز واقعو ٿي گذريو آهي. فلپ ٻئي پنهنجا قابل ترين سپهه سالار يورپ جي بهترين سکيا مليل سپاهين جا مهندار ڪري موڪليا، پر بيڪار! هنن وليم ۽ ڊچ شهرين کي شڪستون برابر ڏنيون، پر کين آڻ مڃائي نه سگهيا.

ليڊن جو گهيرو:

1547ع ۾ اسپين وارن ليڊن شهر تي هڪ زبردست گهيرو ڪيو. ڪوبه ماڻهو شهر ڇڏي نه ٿي سگهيو ۽ بک ۾ مرندڙ شهر جي رهاڪن ڏانهن ڪو به کاڌو اندر اچي نه ٿي سگهيو. ليڊن جي شڪست شايد ڊچن جي مقصد جي بربادي آڻي ها. جڏهن گهيرو ٿيل ماڻهن کي نااُميدي وڪوڙي وئي تڏهن هنن اوچتو ڏٺو ته شهر جي بچاءَ لاءِ ڊچ بحري ٻيڙا پوکيل زمينون پار ڪري اندر پئي آيا. ڊچن بند ڀڃي اتر سمنڊ کي اندر وهائي ڇڏيو هو. جڏهن انهيءَ ٻوڏ جو پاڻي ليڊن شهر جي ويجهو آيو، تڏهن ليڊن شهر کي گهيرو ڪندڙ اسپين وارا جلدئي وٺي پرتي ڀڳا ۽ اهڙيءَ طرح شهر بچي ويو.

ڊچ جمهوريت جو اُسرڻ:

1579ع ۾اتر جي ستن علائقن گڏجي هڪ گڏيل جمهوريت ٺاهي، جنهن کي ”اوتريخت  متحده حڪومت“ سڏيو ويو ۽ وليم آف آرينج کي ”شهر دار“ يا گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. ٻه سال پوءِ هن نئين گڏيل حڪومت بادشاهه فلپ جي بيعت کي ترڪ ڪيو. اهڙيءَ طرح ڊچ جمهوريت جـُـڙڻ جي ابتدا ٿي.

وليم خاموش جو قتل ۽ سندس ڪردار:

فلپ ٻئي، وليم کي مال دولت ۽ وڏي عهدي جا واعدا ڏيئي پنهنجي طرف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جڏهن هن بي لوث محب وطن کي رشوت آڻ نه مڃائي سگهي، تڏهن فلپ هن جي خلاف منع نامو جاري ڪيو. منع نامي جا آخري لفظ هي هئا: ”جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ....ايترو دل جو وڏو سخي آهي، جو اسان کي هن وبا کان آزاد ڪرائي...... هن کي ختم ڪري، ته اسان انهيءَ کي ڏيارينداسون....... پنجويهن هزارن سونن سـِـڪن جي رقم! جيڪڏهن هن ڪو تمام بري ۾ برو ڏوهه ڪيو آهي، ته اسان واعدو ٿا ڪريون، ته کيس معافي ڏينداسون ۽ جي هو اڳ ۾ امير ماڻهو نه آهي، ته اسان سندس بهادريءَ جي عيوض کيس امير بڻائينداسون“.

هن بدناميءَ جي دستاويز جي جواب ۾ وليم پنهنجو مشهور ”عذر نامو“ لکيو. هي هڪ سياسي پڌرنامو هو، جيڪو يورپ جي مـُـک ٻولين ۾ ترجمو ڪيو ويو، جنهن ۾ ساري دنيا جي اڳيان وليم آف آرينج آئين کي حق تي مبني ثابت ڪري ڏيکاريو.هن پڻ اسپين جي بادشاهه جي دغابازيءَ ۽ سياسي ڏوهن کي تمام تلخ لفظن ۾ ننديو. وليم جو مقصد سان سچو هئڻ سندس حياتي بچائي نه سگهيو. هن جي مارڻ جون ڪيتريون ئي ڪوششون ناڪام ٿيون، پر آخر هڪ همراهه گولي هڻي کيس ماري وڌو، جنهن جي اهل عيال کي پوءِ واعدو ڪيل انعام مليو.

وليم آف آرينج آمريڪا جي جارج واشنگٽن وانگر پنهنجي ملڪ هالينڊ جو ابو ڪري ليکيو ويندو آهي. تقريباً ويهن ورهين تائين هو بغاوت جو روح ۽ دماغ هو ۽ هن جو قتل سچ پچ ته فلپ لاءِ ڪيترين ئي جنگ جي ميدان ۾ فتحن جي برابر هو. هن جي دولت، هن جي زندگي، هن پنهنجيون سڀ دماغي صلاحيتون هڪ سپهه سالار، سياستدان ۽ تقرير ڪندڙ جي حيثيت ۾ پنهنجي ملڪ جي ڀلي لاءِ وقف ڪري ڇڏيو. هن جي دشمنن مان ڪيترائي سندس خلاف فحش بهتان پکيڙيندا هئا، جن مان اڪثر تاريخ نويس سندس هڪڙي عيب کي تسليم ڪن ٿا. چيو وڃي ٿو ته سياسي معاملن ۾ هي فريب کان ڪم وٺندو هو. کڻي قبول ڪجي، ته اها تهمت هن تي درست اچي ٿي، تنهن هوندي به پنهنجي قوم جي ٺاهيندڙ طور سندس مشهوري نه ٿي گهٽائي سگهي.

ڪشمڪش جو خاتمو:

وليم جي موت کانپوءِ اسپين لڙائي جاري رکي پر ڊچ منهن ڏيندا آيا، شڪر جو کين انگريز راڻي ايلزبيٿ کان مدد ملي. 1648ع ۾ اسپين جي سرڪار باقاعدي ستن متحد علائقن جي آزادي تسليم ڪئي وئي. ڏکڻ وارا علائقا، جي هينئر بيلجم جي بادشاهت آهن، انهن اتي اسپين جي حڪومت ۽ ڪئٿولڪ مذهب قائم رکيا.

هالينڊ تي لڙائيءَ جا اثر:

فطري ترقيءَ جو هڪ عام قاعدو آهي ته وڏين مصيبتن جي مقابلي ۾ منظم ڪشمڪش کان وڌيڪ انسانن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ٻي ڪابه شيءِ مدد نه ٿي ڪري سگهي. باوجود سڀني خوف خطرن جي، لڙائي هڪ قوم جي عظمت لاءِ سکيا جو اسڪول ثابت ٿي  سگهي ٿي ۽ انهن کي آئيندي جي ڪاميابين لاءِ تيار ڪري ٿي. هيءَ حقيقت ڊچن جي حالت ۾ آزاديءَ لاءِ لڙائي ۾ بلڪل سچي نڪتي.

ڊچ قوم جون سهڻيون خوبيون، جي منجهن لڪل هيون، تن جي زبردستيءَ سان هڪ عجيب ترقي ٿي. سندن هنر ۽ واپار ايتري ترقي ڪئي، جو هن کان اڳ ڪنهن به وقت نه ڪئي هئائون. ڊچ بحري ٻيڙي اسپين ۽ پورچوگيزن جي قبضي مان بهترين مشرق هندي بيٺڪون کسيون ۽ سمنڊ تي هڪ شهنشاهت قائم ڪئي. هالينڊ جي آدمشماري گهڻي وڌي وئي ۽ ماڻهو مالدار ٿي پيا، ٻئي طرف وري سندن تعليم جو معيار سڀني ڀروارن ملڪن کان اعليٰ تر هو.

ٽيهن سالن واري لڙائي(1618ع - 1648ع):

هن لڙائيءَ جو سبب خاص طرح آئوٽسبرگ جي مذهبي صلحنامي جا ڪجهه نامناسب فقرا هئا. انهيءَ عهدنامي ۾ ڪال ون جي فرقي کي تسليم نه ڪيو ويو هو ۽ ان جي اڪثر پيروڪارن کي ڪي به حق نه هئا. هڪڙو فقرو جنهن کي مذهبي اڳواڻن جا خاص حق ڪوٺيو ٿو وڃي، تنهن مطابق پروٽيسٽنٽ جرمنيءَ ۾ سڀ ديول واريون زمينون ڪئٿولڪ فرقي جي هٿن ۾ رهنديون ۽ اهڙيءَ طرح پروٽيسٽنٽ کي سرڪار جي حد کان عملي طرح ٻاهر ڪڍيائون. پروٽيسٽنٽ ديول واريون زمينون يعني مذهبي جماعتن جي قبضي وارين ايراضين ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جنهن وقت اهي ۽ ٻيا جهڳڙا ماڻهن جا جذبات تلخ رکندا آيا، انهيءَ وقت پروٽيسٽنٽ مذهب وارا پنهنجو ڪجهه ابتدائي زور وڃائڻ لڳا. ٻئي طرف وري ڪئٿولڪ مذهب جي حوالي سان ڪيل مذهبي سڌاري، ڏکڻ جرمنيءَ ۾ جماعت کي گهڻو زور وٺرايو ويو هو. بيويريا جو امير مئڪسملن پهريون ۽ بادشاهه فرڊيننڊ ٻيو، جو آسٽريا جي هئپسبرگ خاندان مان هو، تن کي جيزوئيسٽ تعليم مليل هئي ۽ اهي جيزوئيسٽ جماعت جي مڪمل اثر هيٺ هئا. 1608ع ۾ جڏهن ڪيترن ئي پروٽيسٽنٽ ملڪن اينجيليڪل يونين ٺاهڻ جي ذريعي پنهنجي مقصد کي زور وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي، تڏهن مئڪسملن پنهنجي جماعت کي ڪئٿولڪ ليگ ۾ متحد ڪيو. اهڙيءَ طرح جرمني ٻن مخالف مذهبي فرقي وارن دشمن گروهن ۾ صاف طور ورهائجي وئي.(1)

 

لڙائيءَ جو بوهيمين ۽ ڊينن وارو عرصو (1618ع - 1629ع):

1618ع ۾ پروٽيسٽنٽن بوهيميائي هئپسبرگ سرڪار جي ظلم جي خلاف بغاوت ڪئي. اهي اينجيليڪل يونين جي مدد سان پهريون ڪامياب ٿيا، پر جڏهن زوردار فرڊيننڊ ٻيو بادشاهه ٿيو (1619ع)، تڏهن هن پنهنجي سڄي شاهي لشڪر جو مئڪسملن پهرئين جي لشڪر سان اتحاد ڪرائي ۽ ڪجهه اسپين جي لشڪر کي به ساڻ وٺي ميدان ۾ آيو. 1623ع ڌاري پروٽيسٽنٽ مذهب وارن کي بلڪل مات ڪيو ويو ۽ بوهيميا ۽ آسٽريا ۾ سندن پاڙ پٽي وئي.

بادشاهه جي اوچتي فتح اتر جرمن پروٽيسٽنٽ ملڪن جي سلامتيءَ لاءِ هڪ خطرو هئي. انهن ڊينمارڪ جي بادشاهه سان هڪ اتحادي عهدنامو ڪري وري لڙائي شروع ڪئي، پر سخت نقصان واريون شڪستون کاڌائون. لشڪر جي سپهه سالار رولن اسٽائن جي بيدار مغزيءَ جي ڪري بادشاهه کي سڄي جرمنيءَ جو قبضو مليو. لڙائي شايد هينئر بند ٿي وڃي ها، جيڪڏهن فرڊيننڊ ٻيو عيوضي وارو حڪمنامو (1629ع) نه ڪڍي ها. انهيءَ مطابق جيڪي به زمينون 1555ع واري مذهبي قبضي واري حڪمنامي جي اثر هيٺ ٿي آيون، اهي سڀ پروٽيسٽنٽن کان موٽائي ورتيون ويون. رولن اسٽائن جي وحشي لشڪر انهن زمينن جي طاقت سان ضبطي ڪئي، جنهن ڪري سندن ظلمن پروٽيسٽنٽن جي حقارت کي چوٽ تي وڃي چاڙهيو ۽ خوب ڀڙڪايو.

سوويڊي دورو (1630ع - 1635ع):

مذهبي ڪشمڪش ۾ سياسي مقصدن جي ابتدا ٿي. سوئيڊن جي بادشاهه گستائوس آڊول فس کي پنهنجي حڪومت کي بالٽڪ سمنڊ جي ڏکڻ تائين وڌائڻ جون اميدون هيون، جيئن هو ان سمنڊ کي سوئيڊن جي هڪ ڍنڍ طور استعمال ڪري.هن  بالٽڪ سمنڊ جي بندرن جو قبضو هٿ ڪيو، اهو سوئيڊن جي لاءِ خطرناڪ هو، پر ٻئي طرف وري اهو به خطرو هو، ته ڪئٿولڪ جي خلاف فوج جي فتح شايد هڪ سوئيڊن شهنشاهت جو خواب سچوڪري پئي سگهي! گستائوس آڊول فس تيرنهن هزار ماڻهن سان اچي جرمنيءَ ۾ لٿو.

هي لشڪر جيتوڻيڪ ڳڻپ ۾ ٿورو هو، پر سندن زبردست نظم و ضبط ۽ مهندار جي چالاڪيءَ ۽ حوصلي انهن کي اتساهه پئي ڏنو. سوئيڊن جو بادشاهه ڌاريو هئڻ ڪري سڀني جرمن پروٽيسٽنٽ کان دلي مدد نه وٺي سگهيو، جيتوڻيڪ هي سندن مذهب جو دل و جان سان پرچارڪ هو. اميرن جي پٺتي پيل هوندي به گستائوس آڊول فس جرمنيءَ مان فتح سان اڳتي هلندو ويو ۽ بئويريا جي تختگاهه ميونخ شهر ۾ هڪ فاتح جي حيثيت ۾ گهڙيو.

هوڏانهن شهنشاهه (جرمن بادشاهه) سوئيڊن جي دلير سپـہ سالار اڳيان لاچار هو، ۽ انهيءَ کي منهن نه ٿي ڏيئي سگهيو. هن جنگ ۾ بهترين ۽ بهادر ڪئٿولڪ مهندار قتل ٿيا ۽ ليگ جو لشڪر ڇڙوڇڙ ٿي ويو. رڳو هڪڙو ماڻهو هو جيڪو فرڊيننڊ ٻئي کي بلڪل نابوديءَ مان بچائي ٿي سگهيو ۽ هن جي فوجي شهرت گستائوس جيتري هئي، اهو هو ولين اسٽائن، پر سوئيڊي لڙائيءَ جي شروعات ۾ شهنشاهه، ولين اسٽائن کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو، ڇو ته افواهه اٿيو هو ته هن لشڪر جي مهندار جي بي انتها لالـچ کيس دغا بازي ڪرڻ تي آماده ڪندي. هن ڏک جي وقت ۾ فرڊيننڊ هينئر بدنام ڪيل اڳواڻ کي نوڙت سان عرض ڪيو، ته شهنشاهه جي لشڪر جي ٻيهر مهنداري ڪري. ولين اسٽائن انهن شرط تي مڃيو ته کيس مڪمل اختيار ڏنا وڃن، جنهن کيس عملي طور بادشاهه کان بلڪل آزاد ڪري ڇڏيو. جڏهن اها خبر پکڙي ته ولين اسٽائن لشڪر جمع ڪرڻ تي آهي، تڏهن يورپ جا قاتل سپاهي ۽ جانباز سڀئي سندس جهنڊي جي هيٺان اچي گڏ ٿيا. سڀ اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ منتظر هئا ته اهي ته فتح جي شان ۾ ڀائيوار ٿيندا ۽ انهيءَ نامناسب آزاديءَ جو مزو وٺندا، جيڪا ولين اسٽائن جي نالي سان ڳنڍي ويندي هئي، ڇو ته هن جي عادت هئي ته لڙائيءَ ۾ لشڪر کي لـُـٽ جو مال کارائيندو هو ۽ پنهنجي ظالم سپاهين کي ڇوٽ ڇڏي ڏيندو هو، ته ڀلي بيگناهه ماڻهن کي پنهنجيءَ مرضي تي ڦرين ۽ قتل ڪن. هي ٻئي مشهور سپهه سالار 1632ع ۾ سيڪسنيءَ ۾ ”لئٽ سين“ جي خوني جنگ ۾ هڪٻئي جي سامهون ٿيا. جڏهن گستائوس آڊول فس پستول جي گولي لڳڻ ڪري پنهنجي گهوڙي تان ڪري پيو، تڏهن ولن اسٽائن سمجهيو، ته جنگ کٽيم، پر جڏهن سوئيڊن وارن کي سندن محبوب بادشاهه جي موت جي خبر پئي، تڏهن هنن ٻيڻي جوش ۽ غصي سان دشمن تي حملا ڪيا. رات جي اوندهه جي ڪري جنگ ختم ٿي وئي ۽ ولين اسٽائن کي رهيل سهيل لشڪر سميت پٺتي مڙڻو پيو. لڙائي ٻه سال وڌيڪ هلي پر سوڀ جي غنيمت سوئيڊن وارن جي حـصي ۾ هئي. هن دور جي آخر ۾ سندس شهنشاهه جي رضامنديءَ سان ولن اسٽائن کي قتل ڪيو ويو ڇو ته شهنشاهت جي خلاف هن سوئيڊن وارن جي طرف ٿيڻ جو مٿس الزام لڳايو ويو.

سوئيڊ فرينچ دورو (1635ع - 1648ع):

فرانس جو وزير ريشيليو، جو بادشاهه لوئي تيرهن جي طرفان حڪومت هلائيندو هو، تنهن سويڊن کي ڪيتري مدت کان مالي مدد پئي ڏني. سندس پاليسيءَ جو مذهبي مسئلن سان ڪو واسطو ڪونه هو، پر سندس پاليسيءَ جو مقصد فقط اهو هو ته هئپسبرگ خاندان جي بربادي ٿئي. فرينچ ملوڪيت کي سندس مقابلي وارن کان مٿي چاڙهڻ خاطر تيرنهن سال ساندهه وحشي ۽ ظالم لشڪر، جرمنيءَ کي پئي ويران ڪيو. فرينچ سپهه سالارن پڻ هينئر ان تباهيءَ جي ڪم ۾ حصو ورتو.

ويسٽ فاليا (Westphalia) جو عهد نامو (1648ع):

يورپ جي سڀني وڙهندڙن جي ٿڪجي پوڻ ڪري آخر لڙائي ختم ٿي. پنجن سالن جي هڪٻئي سان صلح جي ڳالهين کان پوءِ مختلف حڪومتن جي وچ ۾ ويسٽ فاليا جي مقام تي عهدنامي تي ٺاهه ڪيو ويو. هيءُ عهدنامو تمام وڏي اهميت وارو هو ۽ هن وقت تائين يورپي ملڪن جيڪي به عهدناما ڪيا ويا هئا، انهن سڀنيءَ کان وڌيڪ ٺاهه وارو عهدنامو هو. فرينچ انقلاب تائين هن عهدنامي جا فيصلا بين الاقوامي لاڳاپن تي اثر ڪندا رهيا.

مذهبي رواداري، جيڪا پهريائين آئوٽسبرگ واري عهدنامي ۾ تجويز ڪئي وئي هئي، تنهن کي هينئر مضبوطيءَ سان قائم ڪيو ويو ۽ ڪال - ون جي پوئلڳن تائين سندس اثر وڌايو ويو، پر اڃا تائين انساني ضمير جي انفرادي آزاديءَ کي خيال ۾ نه آندو ويو، فقط هيءَ رعايت هئي ته اُهي شهري جن ملڪي مذهب مطابق نه پئي عمل ڪرڻ چاهيو، سي ٽن سالن اندر ملڪ مان لڏي وڃي ٿي سگهيا. ان کان علاوه ملڪيتون موٽائي وٺڻ جو حڪمنامو رد ڪيو ويو، يعني پروٽيسٽنٽ مذهب وارا جي زمينون 1555ع کان پنهنجي ملڪيت ڪري ٿي سمجهيائون، اهي پنهنجي قبضي ۾ رکي ٿي سگهيا.

هن عهدنامي مطابق گهڻيون ئي ملڪي تبديليون پڻ آيون جن مان گهڻو هئپسبرگ خاندان کي نقصان پهتو. هالينڊ، سوئيٽزرلينڊ جي آزاديءَ کي مضبوطيءَ سان قائم ڪيو ويو. سوئيٽزرلينڊ جي آزادي پسند رهاڪن غير ملڪي حڪمرانيءَ جي خلاف بغاوت ڪئي. چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ ٽن دليراڻين جنگين ّ۾ هنن آسٽريا جي لشڪر کي شڪست ڏني ۽ ذري گهٽ آزادي حاصل ڪيائون، آلپس جبلن جي بچاءَ ڪري سوئيٽزرلينڊ جا ننڍا اجتماعي گروهه طاقت ۽ آزاديءَ جي جذبي سان سرشار هئا. سوئيڊن کي جرمن بالٽڪ ڪناري جي ڪجهه حصن جي انتظام ڪرڻ جو حق حاصل ٿيو. فرانس کي رائين نديءَ جي ويجهو السيس ۽ لورين ۾ زمينون مليون. برينڊن برگ جي منتخب (جنهن علائقي مان پـُـروشياجو علائقو نڪتو) کي جيڪو ملڪ سوئيڊن کي ڏنو ويو هو، ان جي بدران وچ جرمنيءَ ۾ جاگيرون ڏنيون ويون. هي انهن واقعن جي سلسلي جي پهرين ڪڙي هئي، جنهن ڪري پـُـروشياکي طاقت حاصل ٿي ۽ ٻئي طرف وري آسٽريا جو زوال آيو.(1)

 

ٽيهن ورهين واري لڙائيءَ جا جرمنيءَ تي اثر:

يورپ جي تاريخ ۾ ٽيهن ورهين واري لڙائيءَ جهڙي وحشي ۽ اداس ڪندڙ ٻي ڪا ڪهاڻي ڪانهي. جرمنيءَ لاءِ اها هڪ بيان نه ڪرڻ جوڳي مصيبت هئي جنهن ۾ مليل مصيبتن جي بدلي ۾ جرمنيءَ کي ڪو به فائدو نه ٿيو. آدمشماري اڌ کان به گهٽجي وئي، هنر ۽ تجارت، فن ۽ ادب سڀ برباد ٿي ويا. ڪي ضلعا ته لڙائيءَ کان پوءِ ٻه سؤ ورهين تائين پنهنجي اڳئين آسودگي حاصل ڪري نه سگهيا.

ويسٽ فاليا جي عهدنامي جي ڪري ملڪ جي سياسي نااتفاقي قائم رهي ۽ پوءِ بحال ٿي. هينئر جرمني رڳو نالي ۾ هڪڙي وڏي بادشاهت هئي. هرڪو ننڍو امير پنهنجي ننڍي ملڪ جو خود مختيار حڪمران قبول ڪيو پئي ويو، جتي هن هڪ برباد ڪندڙ طريقي سان حڪومت پئي ڪئي ۽ ڀرواري فرينچ بادشاهت جو اهڙيءَ طرح نقل ٿي ڪيو. اندروني ٻڌيءَ جي گهٽ هئڻ ڪري اڻويهينءَ صدي عيسويءَ جي آخر تائين جرمنيءَ جي قومي عظمت، جيڪا سندس قابل ماڻهن، فطري وسيلن ۽ يورپ ۾ سندس مرڪزي حيثيت جي ڪري حاصل هئي، سا پٺتي پئجي وئي.


(1) هينري: هينري پنهنجي ”عقيدي“ جي معنيٰ ۾ پنهنجو مذهب ڪونه بدلايو. هو عقيدي ۾ هميشـه هڪ پڪو مذهبي ڪئٿولڪ ٿي رهيو. هن جيڪو ڪجهه تبديل ڪيو، سا هئي هن جي بعيت. هن پوپ جي حڪم کي قبول ڪرڻ يا مڃڻ بند ڪيو. هو تفرقي وجهندڙ ٿيو ۽ نه ملحد. (انگريزي ايڊيٽر)

(2) هڪ طلاق: جيڪو فيصلو بادشاهه هينري پوپ کان گهريو پئي سو فني اصطلاح مطابق طلاق نه ٿو ڪوٺجي، پر اهو ”نڪاح جي نه هئڻ جو اعلان“ چئي  سگهي ٿو. جنهن مطابق اهو ظاهر ڪيو وڃي، ته شروع کان وٺي اها شادي قاعدي مطابق نه هئي. (انگريزي ايڊيٽر)

(1) مذهبي پادرين وارا خاصاڪ (Ecelasiastical Reservations):  آئوٽس برگ جي اشارو ڪيل معاهدي جي فقري جا ٺيڪ ٺيڪ لفظ هيٺيان هئا: ”جتي هڪ مها بشڪ، بشپ يا پادري يا ٻيو اهڙو ڪو اسان جي قديم مذهب وارو پروهت پنهنجي مذهب کي ترڪ ڪندو، ته سندس مها بشڪي يا بشپي يا پادرائپ يا پادري هجڻ جا ٻيا فائدا سندس سڄي آمدني ۽ محصول سان، جيڪي ان وقت تائين سندس قبضي ۾ هوندا، سي سڀ هن کي وڌيڪ اعتراض يا دير کان سواءِ ترڪ ڪرڻا پوندا.“ (انگريزي ايڊيٽر)

(1) هئپسبرگ جي خاندان سوئيٽزرلينڊ تي حڪمرانيءَ جي حق جي دعويٰ ڪئي. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 11 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org