29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :17

باب ويهون

وچئين دؤر جي آخر تائين يورپ جو عام منظر

اٽليءَ جون شهري جمهوريتون:

وچئين دور جي ابتدائي زماني ۾ سڄي مغربي يورپ جا سمورا شهر جاگيردارن جي جاگيرن جو هڪ حصو هوندا هئا. جاگيردارن جي شهرن کي پيڙهڻ ڪري جاگيردارن ۽ شهرين جي وچ ۾ ڪشمڪش شروع ٿي، جنهن جو نتيجو آخر اهو نڪتو جو شهري فتحياب ٿيا. اٽليءَ ۾ شهرن جي ترقيءَ لاءِ حالتون سازگار هيون ۽ هو پاڻ کي جاگيردارن جي چنبي مان آزاد ڪرائڻ ۾ پوريءَ ريت ڪامياب ٿيا. تيرهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ اُتر ۽ وچ اٽليءَ جي حالت بلڪل اهڙي هئي، جهڙي قديم يونان جي، جتي ٻه سؤ خود مختيار ۽ خود حڪمران شهري حڪومتون رڳو نالي ۾ شهنشاهه يا پوپ جون تابعدار هيون.

انهن سڀني ۾ وڌيڪ دولتمند ۽ وڌيڪ طاقت واريون حڪومتون: وينس، گينـُـوا (Genoa) ۽ فلارينس (Florence) هيون. اهي سڀ هڪجهڙا واپار، هنر، علم ۽ فن رکندڙ ۽ ان جي واڌ ويجهه لاءِ مرڪزي حيثيت واريون هيون. صليبي لڙائين جي وقت کان وٺي مشرق سان جنهن واپار ترقي ڪئي هئي، سا سندن کٽئي جو مک سرچشمو هئي. وينس جنهن وقت پنهنجي طاقت جي چوٽيءَ کي رسيو هو، ان وقت هو سڄي ايڊرياٽڪ سمنڊ ۽ ڀونوچ سمنڊ مٿان حڪمران هو. پندرهين صدي عيسويءَ تائين سندس اهو شان قائم رهيو، تنهن کان پوءِ ترڪن سندس ايشيا جي واپار کي بند ڪري ڇڏيو. جڏهن واسڪو ڊيگاما، سنه 1498ع ۾، ڪيپ آف گـُـڊ هوپ وارو رستو ڳولي ڪڍيو، تڏهن هندستان ۽ چين سان ٿيندڙ سڄو واپار ڀونوچ سمنڊ مان ڦري ويو، ۽ اٽليءَ جي سمورين وڏن بندرگاهن جو زوال اچي ويو.

هـَـنسياٽـِـڪ ليگ (Hanseatic League):

مٿي ٻڌائي آيا آهيون ته ڪيئن جرمن جاگيردار امير شاهراهي رهزن بنجي پيا؟ بادشاهه، جو ساڳئي وقت شهنشاهه به هو، صلح سانت رکڻ لاءِ ڪمزور ٿي پيو هو. ملڪ جو واپار ۽ هنر نابود ٿيندا ٿي ويا. انهيءَ نازڪ وقت ۾ ڪجهه جرمن شهرن پاڻ ۾ گڏجي خشڪيءَ تي جاگيردارن جي خلاف ۽ سمنڊ تي بحري چورن جي خلاف هڪٻئي کي مدد ڪرڻ لاءِ هڪ ”ليگ“ يا جماعت ٺاهي. هامبرگ (Hamburg)، ليوبڪ (Luebeck) ۽ بريمن (Bremen) هن هنسياٽڪ ليگ جا مـُـک ميمبر هئا، جنهن ۾ اٽڪل 85 شهر شامل هئا. هو نه رڳو واپار کي بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر خود ڊينمارڪ جي بادشاهه کي مجبور ڪيائون، ته سندن قاعدن جي پوئواري ڪري. پندرهين صدي عيسويءَ ۾ اتر يورپ ۾، هن ليگ جي سموري واپار تي هڪ هٽي هئي.

1861ع ۾ اٽليءَ جي شهنشاهت

وچئين دؤر جا شهر، ترقيءَ جي مرڪز جي حيثيت ۾:

هـَـنسياٽڪ شهر ۽ جرمني، فرانس ۽ انگلينڊ جي ٻين ڪيترن وڏن شهرن کي خود مختيار حڪومت جو حق هو. هنن جي رهاڪن کي ”برگر“ (Burghers) يا شهري سڏبو هو ۽ هو سياسي حقن جي استعمال ۾ چڱي سکيا ورتل هئا. هن سکيا کان ڳوٺاڻا ماڻهو  محروم هئا، تنهن ڪري شهرن ۾ ئي شهري آزاديءَ جا خيالَ تازا رهيا، جن جديد زماني ۾ هيٺ ڪريل غلامن کي آزاد شهرين واري حيثيت ڏياري، ۾ کين غلامن مان آزاد شهري بدلائي ڇڏيو.

شهرين جيڪا دولت گڏ ڪئي هئي، سا هنن جلد ئي علم ۽ فن جي حوصلي افزائيءَ لاءِ ڪتب آندي. يورپ ۾ اڃا تائين نقاشي، شاندار ديولن ۽ عمدين سرڪاري عمارتن جا بي بها خزانا ان دور جي ثبوت طور موجود آهن، جن وچئين دور ۾ آزاد شهرن کي سهڻو ٿي بنايو.

يورپي قومن جي ابتدا:

اسين مٿي سکي آيا آهيون ته شارلمان جي تجويز هئي ته سڀني جرمن قومن کي هڪ مرڪزي شهنشاهي حڪومت جي هٿ هيٺ هڪ وڏي عظيم قوم بنائجي، پر بدامنيءَ جي طاقت هڪ سياستدان جي مضبوط ارادي تي غالب پئجي وئي. سندس موت کان پوءِ اونداهي زماني جو وڳوڙي سلسلو شروع ٿيو. جاگيرداريءَ جي ڪري ٿورو سڌارو ٿيو، پر ڪيترن سوين اميرن ۾ جو حڪومت ورهائجي ويئي، انهيءَ ڪري هڪ متحد قوم جو اُسرڻ محال ٿي پيو. ان هوندي به، جديد يورپي حڪومتن جي پيڙهه جاگيرداريءَ واري دور ۾ پيل آهي. هنن جو مدار اڪثر جاگرافيءَ جي بنياد تي رکيل هو. اسپين جو اُپٻيٽ ٻين ملڪن کان پائرنيز جبلن جي ڪري جدا ٿيل آهي. اٽليءَ جي وري اتر ۽ اُتر-اولهه ۾ آلپس جبل هڪ ديوار وانگر بيٺا آهن. فرانس ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ وري واسگيس (Vosges) جبل آهن، جن جي ڪري هميشـہ اوڀر ۽ اولهه وارا ماڻهو هڪٻئي کان الڳ ٿي رهيا آهن. انگلينڊ يورپ کان کاريءَ ۽ اتر سمنڊ جي ذريعي الڳ بيٺو آهي. انهن ورهائيندڙ حدن ڪري مختلف ماڻهن جي ٻوليءَ ۽ رسمن ۾ اختلاف پيدا ٿيو. اٽليءَ، فرانس ۽ يورپ جي ماڻهن اهي ٻوليون ٿي ڳالهايون، جيڪي لاطيني زبان مان نڪتل هيون. جيتوڻيڪ اهي شروع ۾ هڪٻئي سان گهڻي مشابهت رکندڙ هيون، پر آهستي آهستي هڪٻئي کان لساني طرح پري ۽ الڳ ٿينديون ويون، تان جو هڪ ملڪ جو ماڻهو پنهنجي پاڙيسري ملڪ جي ماڻهوءَ جي ٻولي نه پئي سمجهي سگهيو. جڏهن 843ع ۾ وردون (Verdun) جو عهدنامو طيءَ ٿيو، تڏهن اوڀر وارن فرنگين، جي گهڻو ڪري سڀئي جرمن هئا ۽ پوءِ جرمن قوم ٿي ترقي ڪيائون، ۽ اولهه وارن فرنگين ۾ جن ۾ اڪثر لاطيني ۽ سينٽڪ (Sentic) خون پيل هو، جي پوءِ فرينچ قوم ٿي پيا، انهن ۾ اڳي ئي گهڻو اختلاف هو.

قومن جي سياسي ترقي پڻ اڪثر جاگرافيائي حالتن جو نتيجو هئي. سياسي تاريخ جي مـُـک ڳالهه مضبوط مرڪزي بادشاهتن جو اُسرڻ هو، جنهن ڪري جاگيرداري اميرن کي ڌڪ لڳو. اسپين، فرانس ۽ انگلينڊ ۾ اها حالت هئي. جرمنيءَ ۽ اٽليءَ ۾ وري بادشاهي طاقت پنهنجي چوٽيءَ واري اثر کي نه پهچي سگهي، ڇو ته جرمن شهنشاهن جون اٽليءَ ۾ قبضي ڪرڻ لاءِ اکيون هيون ۽ پڻ شهنشاهن ۽ پوپن جي وچ ۾ ڪشمڪش جاري هئي.(1)

 

اسپين (Spain):

مسلمانن سان لاڳيتو جنگ جي ڪري اسپيني بادشاهت جي ابتدا ٿي.
اتر - اولهه ۽ اتر - اوڀر کان اچي، ڪيترن عيسائي سردارن آهستي آهستي مسلمانن کان اُپٻيٽ فتح ڪيو. 1429ع ۾ آراگان
(Aragon) جي شهزادي فرڊينند (Ferdinand) جي ڪئسٽيل جي شهزاديءَ ايزابيلا (Isabella) سان شاديءَ ٿيڻ ڪري هي ٻئي رياستون گڏجي ويون. هنن ٻنهيءَ جي گڏيل لشڪر کي اسپين مان مسلمانن کي هميشـہ لاءِ هڪالڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. 1492ع ۾ غرناطه (Granada) شڪست کاڌي، غرناطه مسلمانن جي يورپ ۾ آخري بادشاهه جو عمدو تختگاهه هو. هن کان پوءِ هڪدم اسپين جي بادشاهت مغرب ۾ پهريون نمبر طاقت ٿي پئي.

فرانس (France):

فرانس جو آخري ڪيرولـِـنگيئن (Carolingian) بادشاهه (ڪيرولنگيئن، يعني شارليمان جي خاندان مان) 987ع ۾ گذاري ويو. ان کان پوءِ وڏن اميرن هـِـيوُڪاپي (Hugh Capet) کي تاجدار بنايو جو اهڙي جاگيردار خاندان جو طاقتور سردار هو، جنهن جي قبضي ۾ ڪيرولنگيئن جي خاندان کان به وڌيڪ جاگيرون هيون. شروع ۾ ڪئپيشنس (Capetions)، جنهن نالي سان هن خاندان کي سڏيو ويندو هو، بادشاهي لقب کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه هو ۽ هي لقب کين ٻين جاگيرداري تابعدارن کان ممتاز رکندو هو.

مذهب ۽ شهرن جي لاءِ هيءَ فائدي جي ڳالهه هئي ته هو اميرن جي انڌ ڌنڌ جي خلاف، بادشاهي حڪم جي حمايت ڪن. هن حمايت جي وسيلي ۽ پنهنجي مال دولت جي وسيلي، ڪئپيشن بادشاهن آهستي آهستي پنهنجي حڪومت کي وڌايو ۽ اميرن جو زور ٽوڙيو.

1336ع کان 1453ع تائين، فرانس انگلينڊ سان نام نهاد ”سؤ ورهين جي لڙائيءَ“ ۾ مشغول هو. لڙائيءَ جو مـُـک سبب انگريز بادشاهي جي جاگيرداري وارو تعلق هو، ڇو ته هن کي فرانس ۾ فرينچ بادشاهه جي طرف کان وڏا صوبا جاگير طور مليل هئا. انگريز حڪمران نه ٿي چاهيو ته ڪو تابعدار ٿي رهي، پر ڇاڪاڻ ته فرانس جي بادشاهه کي قانون مطابق حق هو ته انگريز بادشاهه کي تابعدار ڪري ڏسي، ان ڪري هميشـہ پاڻ ۾ مخالفت هلندي آينِ. انگريز بادشاهه، ايڊورڊ ٽئين، اها پڻ دعويٰ ڪئي ته فرينچ تاج جو هوئي حقدار هو، ڇو ته ناناڻي رشتي کان هي فرانس جي قديم بادشاهي گهراڻي جو فرد هو. ٻه مـُـک لڙائيون جيڪي لڳيون، سي هيون ڪريسي (Crecy، 1346ع) ۽ پائيٽيئرس (Poitiers، 1356ع). ٻنهيءَ ۾ انگريزن پيادي لشڪر جي مدد سان، جو تيرن ۽ ڪمانن سان هٿياربند هو، فرينچ شهسوارن جي وڌيڪ عدد واري لشڪر کي شڪست ڏني. انگريز تيراندازن پنهنجيءَ پوريءَ طاقت ۽ نشاني اندازيءَ سان تير هنيا، جي فخر وارن شهسوارن جي لوهه جي زرهه ۾ چـُـڀي ٿي ويا. انهن ٻن فتحن جي ڪري لڙائيءَ جي طريقن ۾ مڪمل تبديلي اچي ويئي. شهسوارن جي جاگيرداري لشڪر جي بدران هينئر سيکاريل پيادو لشڪر استعمال ٿيڻ لڳو، جنهن جي مدد تير اندازن ٿي ڪئي. چوڏهين صدي عيسويءَ ۾ بارود پڻ استعمال ٿيڻ لڳو، جنهن جي مقابلي ۾ لوهي لباس بيڪار هو.

جون آف آرڪ (Joan of Arc):

فرينچ آخر پنهنجين مصيبتن جي ڪري ايترا بي همٿ ٿي پيا جو تقريباً مقابلو ڇڏي ڏنائون. ايئن پئي نظر آيو ته فرانس پنهـنـجـي قومـيـت وڃائيـنـدو ۽ انـگريـزن جـو

10 صدي عيسويءَ ۾ فرانس جي شهنشاهت جو نقشو

تابعدار ملڪ بنجي ويندو. ٺيڪ انهيءَ وقت، هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪريءَ، جون آف آرڪ، کي الهام ٿيو، جنهن ۾ هن آسمان کان هڪڙو پيغام ٻڌو، جنهن کيس حڪم ٿي ڪيو ته وڃي پنهنجي ملڪ کي پرڏيهين دشمنن جي چنبي مان آزاد ڪر! سندس جوش ۽ جذبي جي ڪري آخر بادشاهه جا شڪ دور ٿيا ۽ 1429ع ۾ هن کيس اجازت ڏني ته هوءَ ڀل وڃي انگريزن جي خلاف لشڪر جي مهنداري ڪري. هن جي الهامي پيغام ۾ ايمان جي ڪري فرينچ لشڪر جي همٿ ٻيڻي ٿي وئي ۽ دشمن جون وايون بتال ٿي ويون. فرينچ فوج آرليانس جو شهر، جنهن ۾ انگريز فوج گهڙي آئي هئي، کيس فتح ڪيائون ان ريت لڙائيءَ جو سڄو رُخ فتح ۾ بدلجي ويو. هن قوم جي محافظ خاتون کي ”بانوي آرليانس“ (Maid of Orleans) جو نالو ڏنو ويو. لڙائيءَ جي باقي حصي ۾ انگريز فرانس ۾ پنهنجي تقريباً سڀ ملڪيت وڃائي ويٺا.(1)

 

جون آف آرڪ

لوئي يارهون (Louis) (1461ع - 1483ع):

لوئي يارهون فرانس جو بهترين حڪمران ٿي گذريو آهي. هن ڏٺو، ته جاگيرداري امير سؤ سالن جي لڙائيءَ ڪري هيٺ ڪري چڪا هئا. انهيءَ ماڻهوءَ هر طريقي وسيلي، نيڪ يا بد، سان پنهنجو فائدو ورتو. هو چوندو هو ته جيڪو ٺگي ڪري ڄاڻي ٿو، سو ئي حڪمراني ڪري ڄاڻي ٿو. هيءُ پنهنجي انهيءَ پاليسيءَ ۾ چڱيءَ طرح ڪامياب ٿيو ۽ هـُـن هڪ عظيم مرڪزي بادشاهت جو بنياد رکيو، جنهن کي هن جي جانشينن اچي مڪمل ڪيو.

چارلس اٺون  (1483ع - 1498ع):

چارلس اٺون، جو لوئيءَ يارهين جو پـُـٽ هو، تنهن پاڻ کي جاگيرداري رسمن رواجن جي ٻنڌڻن کان بلڪل آزاد ڪري ڇڏيو. جاگيردارن جي پئسن تي ڀرتي ڪيل لشڪر جي بدران هن پگهار تي پيشور سپاهين جو لشڪر رکيو، جي هن جي شخصي قبضي ۾ هئا. هن جي حڪومت جي پڇاڙيءَ وارن ڏينهن ۾ هن انهيءَ لشڪر جي قابليت ثابت ڪري ڏيکاري جو ڏکڻ اٽليءَ ۾ نيپلس جي بادشاهه کي جلد ئي فتح ڪري ورتائين پر سڀني پاڙيسري ملڪن جي هن جي خلاف متحد ٿيڻ ڪري، کيس مجبور ٿي اهو نئون فتح ڪيل ملڪ ڇڏڻو پيو.


(1) ليکڪ جو تجزيو، ته جاگرافيءَ جي قدرتي حد بندين جي ڪري قومن ۾ ٻڌي، ٻولين ۽ رسمن ۽ مذهبن ۾ هڪ جهڙائي پيدا نه ٿي سگهي ۽ ٻي معنيٰ ۾ وقت گذرڻ سان ساڳيا ئي ماڻهو مختلف قومون ٿي پيا، جن جي ٻولي، رسمون ۽ مذهب به ڌار ڌار ٿي پيا، صحيح نه آهي. قديمي تهذيبن: بائبلان، سمير، فلسطين،مصر ۽ ايران ۾ ڪي وڏيون قدرتي حد بنديون نه هيون، وڏا جبل نه هئا (هاڻي به نه آهن)، بيابان ۽ نديون نه هيون، ان ڪري ئي هزارن سالن کان مختلف حاڪم ايران، عراق (يعني بائبلان، سمير ۽ آشور جي سرزمين) ۽ فلسطين ۽ پڻ مصر ۾ هڪ ٻي مٿان ڪاهون ڪندا آيا ۽ ڪڏهن هڪ، ڪڏهن ٻيو، هڪ ٻئي کي فتح ڪندا يا زير ڪندا رهيا پر پوءِ به هنن سڀني ملڪن جي ٻولي، تهذيب ۽ مذهب ڪڏهن مختلف ته ڪڏهن ساڳيا رهندا آيا آهن.

وڌيڪ صحيح تجزيو هي آهي، ته مواصلاتي نظام نه هو. ان زماني جو مواصلاتي نظام، رٿ، بيل گاڏي يا گهوڙو هو، جنهن جي رفتار جي هڪ حد هئي. ان ڪري ميل ميلاپ تمام محدود هو ۽ هر تهذيب هڪ ٻئي کان پري اُسري ۽ اڳتي وڌي.

مثال طور: فرانس جي نيپولين بوناپارٽ کي روس ۾ 1812ع جي سياري ۾ شڪست آئي ته هن وِلنا (Vilna) کان پيرس جو 2200 ڪلوميٽرن جو سفر 312 ڪلاڪن ۾ پورو ڪيو. جڏهن ته وٽس هر منزل تي تازه دم ۽ توانا گهوڙا ملڻ جو سٺو انتظام هو. عام ماڻهوءَ لاءِ ايترو سفر ٻيڻي وقت ۾ ٿـِـي ٿـَـي سگهيو. پر 1830ع جي ڏهاڪي ۾ ريل جو نظام وڇائجي چڪو هو (پهرين انجڻ 1804ع ۾ انگلينڊ جي ٽريويٿڪ (Trevithic) ٺاهي ۽ پهرين ريل جي مسافت اسٽاڪٽن (Stockton) کان ڊارلگٽن (Darlington) تائين، انگلينڊ ۾ ڪئي وئي) جيڪڏهن 1812ع ۾ ريل جو نظام موجود هجي ها، ته نيپولين ساڳيو سفر 24 ڪلاڪن جي اندر ڪري سگهي ها.

ليکڪ جي تجزئي کي غلط ثابت ڪرڻ لاءِ بهتر مثال آمريڪا آهي. آمريڪا هڪ تمام وڏو ملڪ آهي، جنهن جي مشرقي ۽ مغربي ڪناري جي وقتن ۾ ٽن ڪلاڪن جو فرق آهي، ان جي مختلف رياستن جي وچ ۾ تمام ڏکيون جاگرافيائي حد بنديون آهن. پر ڇو ته آمريڪا کي 1783ع ۾ آزادي ملي (جارج واشنگٽن انگلينڊ سان لڙائي ڪئي ۽ 19 - اپريل 1783ع تي لڙائي بند ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو. ساڳي سال جي سيپٽمبر مهيني ۾ پيرس ۾ صلح جو عهدنامو صحيح ٿيو) ۽ ان کان هڪدم پوءِ پوري ملڪ کي ريل جي نظام سان ڳنڍيو ويو ۽ ساڳي زماني 1835ع ۾، تار جونظام (Telegraph) وجود ۾ آيو، ريل ۽ تار جي نظام سڄي ملڪ کي ڳنڍي هڪ ڪري ڇڏيو. اڄ تائين هيڏي وڏي ملڪ، بلڪه پوري کنڊ هوندي، آمريڪا ۾ هڪ زبان، ساڳيو ئي مذهب ۽ ساڳي ثقافت ۽ تهذيب آهي. تنهن ڪري ائين چوڻ وڌيڪ صحيح ٿيندو، ته اوائلي زماني ۾ تهذيبن، ٻولين ۽ مذهبن جي الڳ هجڻ جو مک سبب مواصلاتي نظام جي اڻ هوند هو، نه ڪه جاگرافيءَ جو قدرتي حد بنديون. (سنڌي ايڊيٽر)

(1) آرليانس جي شهر کي فتح ڪيو ويو: هي جملو مڪمل ٺيڪ طرح هيئن چوڻ گهرجي: ”آرليانس جي شهر کي آزاد ڪيو ويو.“ انگريز انهيءَ شهر تي حملو ڪيو ويٺا هئا، پر انهيءَ کان اڳ ۾، جو انهيءَ کي فتح ڪن، جون آف آرڪ ۽ سندس فوج دروازا کولي اندر گهڙي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيا ۽ حملو هٽائڻ لاءِ سبب بنيا. (انگريزي ايڊيٽر)

انگلينڊ (England):

مٿي مختصر طرح ٻڌايو ويو آهي ته ڪيئن برطانيا کي جرمن، ائنگل ۽ سئڪسن قومن اچي فتح ڪيو ۽ ڪيئن ملڪ جي مشرقي حد تي ڊينن اچي قبضو ڪيو. سن (1022ع کان 1042ع) تائين بادشاهه ايڊورڊ، جيڪو قديم انگريز خاندان مان هو، جنهن کي ”ڏوهه باسيندڙ“ جي لقب سان ڪوٺيندا هئا، تنهن حڪومت ڪئي. سندس موت کان پوءِ تخت لاءِ ٻه دعويدار اُٿي بيٺا، هڪڙو هو ”هيرولڊ“، مغربي سئڪسن جو امير، جنهن کي مـُـک انگريز اميرن چونڊيو هو ۽ ٻيو هو وليم، نارمنڊيءَ جو امير، جنهن جي دعويٰ هئي ته آنجهاني بادشاهه ايڊورڊ کيس جانشين مقرر ڪري ويو هو.

نارمن (Norman) فتح:

نارمنڊيءَ جو وليم، اِسئڪنڊينيويا جي بحري قزاقن جي سردار ”رولو“ جي خاندان مان هو، جنهن فرانس ۾ نارمن اميرن جو پايو وڌو. رولو جي وقت کان وٺي نارمنڊيءَ جا جرمن "نارمنس مين" (يا اُترادي ماڻهو) ٻوليءَ ۽ رسمن ۾ بلڪل فرينچ ٿي ويا هئا. سن 1022ع ۾ ڊيوڪ وليم، جنهن کي هن کان پوءِ ”فاتح“ سڏيو ويو، سو انگلينڊ ۾ اچي لٿو ۽ بادشاهه هيرولڊ، جنهن کي تازو تاج پهرايو ويو هو، تنهن کي هيسٽنگس جي فيصلائتي جنگ ۾ شڪست ڏنائين. جنگ ۾ هيرولڊ جو خاتمو ٿيو، ۽ وليم کي لنڊن ۾ انگلينڊ جو بادشاهه ڪري تاج پهرايو ويو. گهڻي وقت تائين ٻه قومون ۽ ٻه ٻوليون هڪٻئي سان گڏ هلنديون آيون. هڪ طرف نارمن فرينچ بادشاهه ۽ سندس امير، ته ٻئي طرف ائنگلو سئڪسن عوام. مفتوح ملڪ کي پنهنجن اميرن ۾ ورهائڻ دوران وليم پنهنجي دورانديش سياستداني ڏيکاري. هن پنهنجن اميرن جي تابعدارن کي مجبور ڪيو ته شخصي طرح اچي بادشاهه سان وفاداريءَ جو قسم کڻن، ته جيئن ملڪ ۾ سڀني اميرن تي سڌيءَ طرح سندس حڪم هلي. ٻين به ڪيترن طريقن سان هن اميرن جي طاقت مضبوط ڪيو، ۽ شروعات کان ئي تخت کي مضبوط بنايائين. ۽ ان طرح حڪومت کي ٽڪرا ٽڪرا ٿيڻ کان روڪيائين، جنهن حقيقت جي ڪري جرمني برباد ٿي هئي.

نارمن بادشاهن جي انگلينڊ تي حڪومت (1154ع تائين)

انگلينڊ تي پلئنٽيجينيٽ (plantagenet) گهراڻي جي حڪومت  (1152ع - 1185ع):

هن خاندان جي ٻئي نمبر بادشاهه، رچرڊ پهرئين ”شيردل“ ٽئين صليبي لڙائيءَ تي پنهنجي سڀ دولت خرچ ڪري ڇڏي. هن جي ڀاءُ، بادشاهه ”جان“، جو نالو انگريزي تاريخ ۾ بد ٿيل آهي. جان جي بدقسمتي اها هئي جو ان وقت، جڏهن پوپ پنهنجي طاقت جي چوٽيءَ تي هو، تڏهن هـُـن سان سندس جهڳڙو ٿي پيو. پوپ هن کي مذهب مان خارج ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري هن سن 1213ع ۾ انگلينڊ پوپ کان هڪ جاگير طور وٺي ڪري پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪ کي ذليل ڪري ڏيکاريو. جان جي حڪومت جي شروعات کان وٺي سندس بد انتظاميءَ ڪري، هن جو اميرن سان جهڳڙو هلندو آيو. سن 1215ع ۾ سڀني اميرن گڏجي کيس هڪ دستاويز صحيح ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو، جنهن ۾ عوام جا قديم ۽ خاص حق بيان ٿيل هئا. سرڪاري جوڙجڪ جي تاريخ ۾ مئگناڪارٽا (Magnacarta)  يعني عظيم پروانو هڪ وڏي مـُـک سـَـنـَـد جي حيثيت رکي ٿو. ٻين شرطن سان گڏ منجهس عوام لاءِ هيٺيان بچاءَ هئا:

1. ڪوبه آزاد ماڻهو سندس اجتماعي همسرن جي قاعدي مطابق فيصلي بغير زندگيءَ، آزاديءَ ۽ ملڪيت کان محروم نه ڪيو ويندو، 2. ٽئڪسن مڙهڻ جو حق رڳو عوامي ڪائونسل کي هوندو. مئگنا ڪارٽا جي شرطن جو اڪثر ظالم بادشاهن خيال نه ڪيو، پر عوام پنهنجي آزاديءَ کي ڪڏهن نه وساريو ۽ ان کي هميشـہ لاءِ محڪم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا. اسڪاٽلينڊ ۽ ويلس جو اڪثر حصو اڃا تائين سيلٽڪ قوم جي ماڻهن وسايو آهي. هي قديم برطانوي لوڪن جا پويان آهن، جن کي ’ويلز مين‘ (Wale's men) ۽ ”اسڪاٽس“ (Scotts) سڏجي ٿو. هي ٻئي ملڪ ڪيتري وقت تائين انگريزي حڪومت کان آزاد، خودمختيار رهيا. سن 1282ع ۾ ويلز انگريزي بادشاهت جو حصو ٿي ويو. انهيءَ وقت کان وٺي وليعهد جو لقب، ويلز جو شهزادو (Prince of Wales) ٿي رهيو آهي. 1296ع کان 1328ع تائين لڙائين ڪندي، اسڪاٽلينڊ وارن پنهنجي خود مختياري قائم رکي. سن 1603ع ۾ اسڪاٽلينڊ جو بادشاهه جيمس ڇهون، جو ڪجهه نسبت سان انگريز بادشاهي خاندان جي نسل مان هو، سو جيمس پهرئين جي لقب سان انگلينڊ جو بادشاهه ٿيو. ان وقت کان وٺي انگلينڊ، اسڪاٽلينڊ ۽ ويلز ”گريٽ برٽن“ جي نالي سان متحد ٿي رهيا آهن.(1)(2)

 

گلابي گـُـلن واريون لڙايون (1455 کان 1485ع):

گلابي گـُـلن واريون لڙايون پلئنٽيجينيٽ خاندان جي ٻن رقيب شاخن: يارڪ (York) گهراڻي ۽ لئنڪاسٽر (Lancaster) گهراڻي، جي وچ ۾ طاقت هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ طويل ڪشمڪش جاري هئي. يارڪ گهراڻي ۽ سندن پوئلڳن اڇو گلاب جو گـُـل پنهنجو نشان رکيو ۽ لئنڪاسٽر وارن ڳاڙهو گل. انهن ٽيهن سالن جي لڙائين ۾ انگريز امير بلڪل نابود ٿي ويا. اميرن مان اڌ ته قتل ٿي ويا، باقي بچيلن مان ڪيترا پنهنجو جاگيرون وڃائي ويٺا. جاگيردار اميرن جي نقصان ڪري بادشاهن کي فائدو پيو، جهڙيءَ طرح فرانس جي بادشاهن کي صليبي لڙائين مان فائدو پيو هو. انهن گلن وارين لڙائين کان هڪ سؤ ورهيه پوءِ انگريز بادشاهن ”مئگنا ڪارٽا“ کي نظر انداز ڪري، خودمختيار حڪمران ٿي حڪومت ڪئي.

ليونارڊو ڊاونچي

جرمني ۽ اٽلي:

انهن ٻنهي ملڪن جي وچئين دور جي تاريخ ۾ تمام مـُـک واقعي جو اڳ ۾ ئي ذڪر ڪيو ويو آهي، اهو هو سن 962ع ۾ ”اوٽو“ (Otto) اعظم جي هٿ هيٺ مقدس رومي شهنشاهت کي وري نئين سر قائم ڪرڻ. جرمنيءَ ۾ ان وقت بادشاهه چونڊيا ويندا هئا. اڪثر چونڊ ڪندڙَ، شاهي خاندان مان ڪنهن کي بادشاهه ڪندا هئا. تيرهين صدي عيسويءَ جي وچ کان وٺي اڻويهين صدي عيسويءَ تائين اهي چونڊ ڪندڙ، جن جو عدد اڪثر ڪري ست هوندو هو، جرمنيءَ جا حڪمران شهزادا هئا. جرمن بادشاهن ۾ ڪي عظيم حڪمران ٿي گذريا آهن. مشهور ترين خاندان ”اوهن اِسٽافن“ (Hohen stauphen) جو خاندان هو، جنهن 1138ع کان 1254ع تائين حڪومت ڪئي. هن گهراڻي جو ٻيو نمبر بادشاهه، فريڊرڪ پهريون، جنهن جو لقب ”باربروسا“ (Barbarossa) يعني ”ڳاڙهي ڏاڙهي“ هو، هو وچئين زماني جي بهادر ترين شخصيتن مان هڪڙو ٿي گذريو آهي. هن پنهنجيءَ طاقت سان بغاوتي تابعدارن جي خلاف جرمن قومي اتحاد جو آدرش قائم رکيو، ۽ ٻئي طرف اٽليءَ ۾ آلپس جبلن جي پار ڇهه ڪامياب حملا ڪري پنهنجي بادشاهي ناموس قائم رکي.

اوهن اسٽافن خاندان جي پوپن (Popes) سان ڪشمڪش ڪري، جيڪو سندس زوال ۽ جيڪا سندن بربادي آئي، ان جرمنيءَ ۾ هڪ افسوسناڪ دور آندو. هي دؤر ”انٽريگنم“ (Interegnum) (1256ع-1283ع) يا وچ وارو دور جي نالي سان مشهور آهي. ان دور ۾ ڪو بادشاهه ڪونه هو ۽ بي رحم اميرن پاڻ ۾ بي انت گهرو لڙائيون پئي جوٽيون.

مائيڪل ائنجيلو جي سنگ تراشيءَ جو هڪ شاهڪار

اٽلي ملڪ وري جرمنيءَ کان به وڌيڪ ٽڪرا ٽڪرا ٿيل هو. ڪيتريون ئي ننڍيون شهري رياستون هڪٻئي سان ايترو حسد رکنديون هيون، جيترو يوناني شهري رياستون، ۽ پنهنجي خود نمائيءَ لاءِ يوناني رياستن وانگر هميشـہ هڪٻئي سان جنگ ۾ مشغول رهنديون هيون. اٽليءَ جي شهرن ۾ توڻي قديم يوناني شهرن ۾، شهري رهاڪن جي انتهائي انفراديت هڪ روشن پر گهٽ مدتي تمدن پيدا ڪيو. فلورينس (Florence) جو شهر ٻيو اٿينس (Athens) ٿي پيو. هن شهر کي فخر هو ته هن ۾ ايترا عظيم القدر ماڻهو پيدا ٿيا هئا، جو اٿينس کان سواءِ ٻئي شهر ۾ ڪونه ٿيا هئا. مشهور فلورينس ۾ پهريون درجو مائيڪل ائنجيلو (Michael Angelo) جو آهي. هو معماري، نقاشيءَ ۽ مجسمه سازيءَ ۾ هڪ ماهر استاد ٿي گذريو آهي. ٻيو ليونارڊوڊا ونچي (Leonardo daVinci)، جنهن کي ڪي ماڻهو دنيا جي ماهر ترين ماڻهن مان ليکيندا آهن،  تنهن کي ان وقت جي هر علم ۽ فن تي عبور هو. هنن ٻن ۽ ٻين ڪيترن اٽلي جي عظيم انسانن جي زندگيءَ جو عرصو 1500ع جي لڳ ڀڳ هو.

جرمن واپار، ڪاريگري ۽ تهذيب اٽليءَ سان مسلسل لهه وچڙ جي ڪري گهڻو فائدو پرايو. اٽليءَ جي علم، هنر ۽ فن جي مثالي نمونن فرانس ۽ انگلينڊ جي ذهني زندگيءَ کي پڻ سجاڳ ڪيو.


(1) مئگنا ڪارٽا: اهو بيان ته ” ڪو ٽيڪس نه وڌي وڃي“ ٿورڙو وسيع آهي. رڳو ڪن خاص ٽيڪسن ڏانهن اشارو ڪيو ويو هو. فرمان جا پورا پورا لفظ هي هئا: ”اسان جي بادشاهت عوامي ڪائونسل کان سواءِ ڪوبه ٽيڪس (Seutega) يا ڍل (Aid) نه مڙهيندي، سواءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي آزاد ڪرڻ لاءِ، يا اسان جي وڏي پٽ کي گهوڙي سوار بنائڻ لاءِ، يا هڪ دفعو اسان جي وڏي ڌيءُ کي شادي ڪرائڻ لاءِ.“ (انگريزي ايڊيٽر)

(2) پرنس آف ويلس يعني ويلس جي شهزادي جو لقب: هيءُ لقب موروثي نه آهي، بلڪه هر حالت ۾ پرواني جي ذريعي خاص طرح اهو لقب عطا ڪيو وڃي ٿو. پهريون انگريز شهزادو، جنهن کي اهو لقب مليو هو،  بادشاهه ايڊورڊ جو وڏو پٽ، جو 1301ع ۾ ويلس جو شهزادو ڪيو ويو. آخري ويلس جو شهزادو ڪارناروان قلعي ۾ 13 جولاءِ 1911ع تي انهيءَ خطاب سان  سرفراز ڪيو ويو. (انگريزي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org