باب ٻٽيهون
فرانس، اسپين، سئٽزرلئنڊ، بيلجيم،هالينڊ ۽
اسڪيڊينيويا
وارن ملڪن جي ويجهڙائيءَ واري تاريخ
تعارف:
جن حڪومتن نيپولين کي شڪست ڏني هئي، تن اهو پئي
سمجهيو ته هنن ساڳئي وقت انقلابي دور جي روايتن جي
آزاديءَ جو خاتمو ڪيو. انهن ”بادشاهن جا خدائي حق“
واري تصور جي پٺڀرائي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ عوامي حق
لاءِ ٿيندڙ جدوجهد کي دٻائڻ تي متفق ٿيا، پر فرينچ
انقلاب جا خيال ماڻهن ۾ اڳي ئي ڦهلجي چڪا هئا،
دنيا جي ڪا طاقت انهن کي مٽائي نه ٿي سگهي. جيئن
ماڻهو علم ۽ سياسي ذهن ۾ ترقي ڪندا ويا، تيئن آخر
۾ پنهنجين حڪومتن کي جوڙجڪ واري حڪومت ڏيڻ منظور
ڪيائون. 1815ع کان 1845ع جي وچ وارو دور ان ڪري
ترقي پسند ماڻهن ۽ رجعت پسند حڪومتن جي وچ ۾
ٽڪرائڻ سان ڀريل آهي.
1. فرانس
بوربن ۽ جولاءِ وارو انقلاب (1815ع - 1830ع):
فرانس جو بادشاهه لوئي ارڙهون |
واٽر لوُ کان پوءِ لوئي ارڙهين کي وري فرانس جي
تخت تي ويهاريو ويو. هن انتها پسند اميرن ۽ پادرين
جي مرضيءَ مطابق حڪومت هلائي.
فرانس ۾ نه رڳو جمهوريت پسندن تي ظلم ڪيا
ويا، پر پائرانيز جبلن جي هـُـن پار هڪ لشڪر
موڪليو ويو، ته وڃي ظالم بادشاهه فرڊيننڊ ستين کي
اسپين جي جوڙجڪ واري حڪومت جي ڊاهڻ ۾ مدد ڪري،
جنهن کي قائم رکڻ جو هن اڳ ۾ قسم کنيو هو. شايد
بادشاهه پسندن جي وڏي ۾ وڏي اِها غلطي هئي جو
مارشل ني، جيڪو نيپولين جي سپهه سالارن مان سڀني
کان وڌيڪ مقبول هو، کي ڦاسي ڏنائون. هن روس واري
لڙائيءَ ۾ ڏيکاريل بهادريءَ جي ڪري ”دليرن جو
دلير“ جو لقب حاصل ڪيو هو.
لوئي ارڙهين کان پوءِ 1824ع ۾ سندس ڀاءُ چارلس تخت
تي ويٺو، جنهن جي پادرين واري پارٽي رهنمائي ڪندي
هئي. جڏهن به آزاد پارٽيءَ وارن جي اڪثريت قانون
ساز اسيمبليءَ ۾ چونڊجي ايندي هئي ته بادشاهه
چونڊن کي بي قاعدي ظاهر ڪري ۽ سڀني آزاد پارٽي
وارين اخبار کي دٻائي پنهنجي ظالماڻي سرشتي کي
قائم رکندو هو. جولاءِ 1830ع ۾ پئرس جو عوام
بغاوت ۾ اٿي کڙو ٿيو ۽ ٽن ڏينهن جي گلين رستن تي
ٿيل لڙائيءَ کان پوءِ بادشاهه کي ملڪ ڇڏڻو پيو.
لوئي فلپ پهرئين جو راڄ (1830ع - 1848ع):
نئين بادشاهه کي عام طرح ”لورئاءِ بورزوا“
(Lo roi bourgeois)
يا وچ واري طبقي جو بادشاهه ڪوٺيو ويندو هو، ڇاڪاڻ
ته هيءُ آسودي وچ واري طبقي جي مدد سان تخت تي
آيو.
هي بوربن خاندان جي نئين نسل مان هو. پهرين انقلاب
جي وقت ۾ هيءُ سئٽزرلئنڊ ۾ ماستر هو، آمريڪا ۽
يورپ ۾ سفر ڪيو هئائين. هن خانداني وڏائيءَ کي ڇڏي
ڏنو هو ۽ جوڙجڪ جي قانون مطابق حڪومت هلائڻ لاءِ
راضي هو. هاري ۽ ڪاريگر لوئي فلپ کي ڌڪاريندا هئا،
ڇو ته هيءُ رڳو مالدار ماڻهن کي نوازيندو هو. سندس
حڪومت جي پوين سالن ۾ کيس قتل ڪرڻ جون گهڻيون
ڪوششون به ڪيون ويون. قتل ٿيڻ جي ڊپ سبب هن دٻاءُ
وارو قانون نافذ ڪيو، جنهن ڪري هن جي حڪومت مستقل
طور عوام ۾ غير مقبول ٿي پئي. فيبروري 1848ع ۾
پئرس جي عوام هٿياربند بغاوت ڪئي ۽ حڪومت کان
جمهوريت جي گهـُـر ڪئي. بادشاهه ”مسٽرسمٿ“ جي
بغاوتي نالي سان انگلينڊ ڀڄي ويو. 1830ع ۽ 1848ع
وارا فرينچ انقلاب سڄي يورپ ۾ آزاديءَ جي تحريڪن
لاءِ هڪ اتساهيندڙ اشارو هئا.
ٻي جمهوريت (1848ع - 1851ع):
شهنشاهه اعظم جو ڀائٽيو لوئي نيپولين نئين جمهوريت
جو صدر چونڊيو ويو. هيءُ هڪ مخلص جمهوريت پسند
ماڻهو نه هو، پر پنهنجي چاچي واري قيصريت کي وري
بحال ڪرڻ سندس مقصد هو. شروع کان وٺي هن پنهنجا
شخصي پوئلڳ هٿ ڪرڻ لاءِ هر قسم جي سياسي چالاڪي
اختيار ڪئي. نيپولين جي پوئلڳن کي سڀني مـُـک عهدن
تي رکيو ويو، ۽ لشڪر کي باقاعدي رشوت ڏيئي پنهنجي
پاسي ڪيو ويو.
1851ع واري فوجي بغاوت ۽ ٻي شهنشاهت جو قائم
ٿيڻ:
هڪ خبرداريءَ سان بندوبست ڪيل تجويز مطابق فرانس
جي جمهوريت پسند اڳواڻن کي اوچتو راتو واهه گرفتار
ڪيو ويو. سڄي مخالفت کي طاقت سان دٻايو ويو ۽ لوئي
نيپولين کي ڏهن سالن لاءِ پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو.
هن قسم جي بغاوت کي، جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت بدلجي
وڃي، ان کي ”ڪودتا“ (حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ)
ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ فرينچ اصطلاح آهي، جيڪو
هاڻي بين الاقوامي زبان ۾ اچي ويو آهي. هڪ سال کان
پوءِ لوئي نيپولين فرانس جي ماڻهن کان عوامي ووٽ
ذريعي پڇيو ته هو چاهين ٿا ته نيپولين شهنشاهه جو
لقب اختيار ڪري. تقريباً اسي لک ووٽ هاڪار ۾ آيا.
تنهن ڪري هن پاڻ کي ”نيپولين ٽيون، فرينچن جو
شهنشاهه“ جو لقب ڏيئي تاج پهرايو.
نيپولين ٽيون |
نيپولين ٽيون وڏي قابليت وارو ماڻهو هو. هن فرانس
۾ ارڙهن سال اندروني صلح سانت سان حڪومت ڪئي. هن
جي دور ۾ زراعت ۽ هنر وار شعبا وڌيا ۽ ويجهيا،
ريلوايون ٺاهيون ويون ۽ شهنشاهت جو ظاهري شان شوڪت
عوامي قيمتي جاين وغيره ٺاهڻ سان قائم رکيو ويو.
پئرس کي تمام وڏي رقم خرچ ڪري سراسر نئين طرح
ٺاهيو ويو ۽ جديد دنيا جو حسين ترين گاديءَ جو هنڌ
بنايو ويو. نيپولين جي روس ۽ اٽليءَ تي ڪامياب
ڪاهن، جن جو ذڪر سندن جوڳيءَ جاءِ تي ڪيو ويندو،
ڪجهه وقت فرانس جو رتبو وڏين طاقتن ۾ پهرئين نمبر
تي پهچائي ڇڏيو ۽ پئرس يورپ جو سياسي مرڪز بڻجي
پيو. پر لوئي نيپولين پنهنجي حڪومت جي ٻئي اڌ ۾
پرڏيهي پاليسيءَ ۾ ڪيتريون ئي غلطيون ڪري ويٺو ۽
آخر ۾ فرانس ۽ پـُـروشياواري لڙائين جي خطرناڪ
مصيبت آندائين. وقت گذرندي هن جو سڄو انتظام
بدديانتيءَ جي ڪمن سان ڇانئجي ويو ۽ خاص ڪري لشڪر
۾ بداخلاقي ڦهلجي ويئي.
فرانس ۽ پـُـروشيا(Prussia)
جي وچ ۾ لڙائيءَ جا سبب:
بسمارڪ |
پـُـروشيا جو وزير بسمارڪ
(Bismarck)
نيپولين ٽئين کان هميشـہ سياست ۾ گوءِ کڻي ٿي ويو.
آسٽريا ۽ پـُـروشيا جي وچ ۾ لڙائيءَ (1866ع)
کانپوءِ جنهن جو ايندڙ فصل ۾ ذڪر ڪبو، نيپولين
محسوس ڪيو ته پـُـروشيا جي مهنداريءَ هيٺ جرمن
رياستون فرانس کان جيڪڏهن طاقت ۾ وڌيڪ نه ٿي ٿيون،
ته گهٽ ۾ گهٽ برابريءَ لاءِ اسرن پيون. هن اِها
گهر ڪئي ته پـُـروشيا کي گهرجي، جرمنيءَ ۾
پـُـروشيا جيڪي ڪجهه حاصل ڪيو هو، ان جي بدلي ۾ ته
هو رائين نديءَ لڳ ڪجهه ملڪ فرانس کي ڏي. بسمارڪ
کي خبر هئي، ته ان وقت فرانس جو لشڪر لڙائيءَ
واسطي تيار نه هو، تنهن ڪري نيپولين جي اها گهر
مڃيائين. ڪيترا فرينچ پـُـروشيا سان حسد ڪرڻ لڳا ۽
معمولي بهاني تي ان سان لڙائي ڪرڻ لاءِ تيار هئا.
1870ع ۾ اسپين جو تخت هوهينزولرن
(Hohenzollern)
خاندان جي هڪ شهزادي کي آڇيو ويو ۽ هن اُهو قبول
ڪيو. جيئن ته پـُـروشيا جو بادشاهه وليم
هوهينزولرن خاندان جو وڏو هو، تنهن ڪري فرانس وارن
کي ڀؤ ٿيو ته متان اسپين هينئر جرمنيءَ سان
گهاٽيءَ طرح ملي وڃي. انهيءَ ڪري فرينچ سرڪار ضد
ڪيو ته اِهو شهزادو دستبردار ٿئي، جنهن تي
پـُـروشيا جي بادشاه فرينچ سرڪار جي مرضيءَ موجب
ڪم ڪيو. پر هينئر جرمنيءَ ۾ فرينچ ايلچيءَ کي
هدايت ڪئي ويئي ته پـُـروشيا جي بادشاهه کان هڪ
اعلان جي گهر ڪري ته وري ڪڏهن به هوهينزولرن
خاندان جو ڪوبه شهزادو اسپين جي تخت لاءِ اميدوار
ٿي اڳتي نه وڌندو.
ڪنهن کي اميد ڪانه هئي ته پـُـروشيا جي سرڪار
پنهنجي مستقبل جي مـُـفادن کي نظر ۾ رکندي اهڙي
حڪم اڳيان سر نوائيندي. بادشاه وليم جي اِها گهر
نه مڃڻ فرانس ۾ فطرتاً مٿي ڦرين لڙائيءَ جو سبب
ڪري سمجهي. فرينچ قوم جي اڪثريت لڙائيءَ جي فائدي
۾ نه هئي. نيپولين خود دل پيو هڻي. پر بسمارڪ،
جنهن کي خبر هئي ته مقابلي کان سواءِ ڪوبه چارو نه
هو، تنهن جي مرضي هئي ته جرمن لشڪر تي انهي وقت
حملو ڪري، جنهن وقت پنهنجي قابليت جي بلند ترين
درجي تي هجي. هن بادشاهه وليم ۽ فرينچ جي ملاقات
جو بيان شايع ڪيو، جنهن ۾ ائين نظر پئي آيو ته
فرينچ ايلچيءَ جي بي عزتي ڪئي ويئي هئي. فرينچ
پارليامينٽ هڪدم لڙائي لاءِ ووٽ ڏنو. جنگي وزير
ظاهر ڪيو ته ”سڀ ڪجهه تيار هو، ايتري قدر جو
سپاهين جي وردين جو گـَـلي وارو آخري بٽڻ پڻ تياري
پوزيشن ۾ لڳل هو“.
فرانس ۽ پـُـروشيا جي وچ ۾ لڙائيءَ جو پهريون
دور:
فرانس طرفان جڏهن لڙائيءَ جو اعلان ڪيو ويو
(1870ع) ته ان وقت پروشين لشڪر جي مهندار اڳي ئي
لشڪر ڪٺي ڪرڻ جي رٿا تڪميل کي پهچائي هئي.
فيلڊ مارشل مولٽڪي جي رهبريءَ هيٺ رائين نديءَ
ڏانهن وڌڻ جو سڄو تفصيل چڱيءَ طرح ٺاهيو ويو هو.
مولٽڪي تاريخ جي سڀني کان وڏن جنگي ماهرن مان هو.
سندس نگرانيءَ ۾ هڪ ٻن هفتن اندر تقريباً چار لک
ماڻهو سرحد جي ٻئي پاسي موڪليا ويا.
هوڏانهن فرينچن جي طرف سڄي ڪاهه شروع کان وٺي بد
انتظاميءَ سان ڪئي ويئي، رشوت ۽ ملڪ جا پئسا غصب
ڪرڻ واري نيتي جيڪا نيپولين جي حڪومت ۾ هڪ عام
برائي ٿي ويئي هئي، تنهن جو هينئر خطرناڪ نتيجو
نڪتو. لشڪر ۾ جنگ لاءِ لکت ۾ طئي ٿيل تعداد مان هڪ
لک فوج جي ڪمي هئي ۽
آخرڪار جڏهن
جنگ جي تياري ٿي ته رڳو اڍائي لک فوجي فورن اچي
سگهيا. آفيسرن وٽ خود پنهنجي ملڪ جا سٺا نقشا ڪونه
هئا ۽ لشڪر جي توشاخاني (رڌڻي) ۾ ايتري بد انتظامي
هئي جو ڪجهه فوجون سرحد جي ويجهو بک کان پاهه ٿيڻ
لڳيون.
جرمن فوجي سوڀ پٺيان سوڀ حاصل ڪندا ويا. جرمنيءَ
جي اعليٰ لشڪر مارشل بزين جي هٿ هيٺ هڪ لک چاليهن
هزار خلق کي ميٽس جي قلعي ۾ قيد ڪري رکيو. مولٽڪي
جي مهندارن بهترين تجويز ڪيل حملن جي ذريعي ۽
خطرناڪ مقابلن وارين جنگين جي وسيلي پهرين سيپٽمبر
1864ع تي ٻئي شهنشاهي لشڪر کي سويڊن ۾ گهيرو ڪيو.
ٻئي ڏينهن تي شهنشاهه کي هڪ لک ماڻهن سان گڏ جنگي
قيدي ٿي آڻ مڃڻي پئي.
ٽئين جمهوريت ۽ فرينچ پـُـروشيا لڙائيءَ جو
ٻيون دور:
سوئيڊن واري مصيبت کان پوءِ پئرس وارن نيپولين کي
تخت تان لاٿو ۽ ٽين جمهوريت
(Third Republic)
جو اعلان ڪيو. جڏهن صلح تي بحث ڪيو ويو، تڏهن
جرمنيءَ السيس ڏيڻ جي گهر ڪئي، پر فرينچن پنهنجي
ملڪ جي هڪ فوٽ زمين ڏيڻ کان به انڪار ڪيو.
پئرس کي گهيرو ڪيو ويو ۽ جرمن لشڪر انهيءَ جي هڪڙي
حصي تي بمباري ڪئي. فرانس جي گادي جي هنڌ جون
بچاءَ جون ديوارون ايتريون مضبوط هيون جو رڳو ڏڪار
ئي کين آڻ مڃڻ تي مجبور ڪري ٿي سگهيو. بهرحال چئن
مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين هن شهر جا ويهه لک
رهاڪو ٻاهرين دنيا سان آمدرفت کان ڪاٽا ٿيل هئا،
سواءِ انهي جي جن جو هوائي ڦوڪڻن ۽ ڪجهه پيغامي
ڪبوترن جي ذريعي ٻاهرين دنيا سان تعلق هـُـئو .
علائقن ۾ نئين لشڪر ۽ ان جي ساز و سامان ڪٺي ڪرڻ
جو جوش ۽ طاقت جاري رکيو ويو. فرانس جي قومي بچاءَ
جي رهبري ڪندڙ سالار لئان گمبيٽا هو. هو پئرس مان
هڪ هوائي ڦوڪڻي (بئلون) جي ذريعي ٻاهر نڪتو ۽
علائقن جي مٿان خودمختيار فوجي حڪومت قائم ڪيائين.
هن جي مهنداريءَ هيٺ ڀرپور ڪوششون پئي ڪيون ويون
ته پئرس جي چوگرد حملي آور لشڪر کي ٽوڙي اڳتي
وڌجي. هو شايد ڪامياب ٿي وڃي ها، جيڪڏهن مارشل
بزين ويساهه گهاتي نه ڪري ها. هن بدنام ماڻهوءَ کي
اميد هئي ته ميٽسون بيڪار رکي هي پاڻ طاقت هٿ
ڪندو. جڏهن هن جون سڀ سازشون ناڪام ٿيون، تڏهن هن
عهدنامو ڪيو ۽ هڪ لک ستر هزار ماڻهن، سڀني آفيسرن
۽ جنگي بارود سان پيش پئي آڻ مڃي. هن جي آڻ مڃڻ
ڪري تقريباً ٻن لکن فوجين تي ٻڌل جرمن لشڪر گمبيٽا
جي لشڪر خلاف جنگي ڪاروائي ڪرڻ لاءِ آزاد ٿي پيو.
1871ع ۾ جنوريءَ جي پڄاڻيءَ ۾ پئرس کي آڻ مڃڻي
پئي. ٽن ڏينهن کان پوءِ ”فرينڪفرٽ جي عهدنامي“ سان
لڙائي بلڪل ختم ٿي وئي. فرانس کي مجبور ڪيو ويو ته
السيس ۽ لورين جو حصو جرمنيءَ کي تاوان طور ڏئي ۽
پنج سؤ ست ڪروڙ فرانڪ يا ويهه ڪروڙ پائونڊ لڙائيءَ
جو ڏنڊ ڀري ڏي. فرانس جو لڙائيءَ تي ڪل خرچ ٿلهي
ليکي اندازو سٺ ڪروڙ پائونڊ ٿيو هو.
1871ع کان پوءِ وارو فرانس:
1871ع کان وٺي فرانس ۽ جرمنيءَ وچ ۾ وري لڙائي ٿيڻ
جو ڪيترا دفعا امڪان رهيو آهي، ايتري قدر جو هن
وقت به فرانسي ماڻهن ۾ اها حسرت آهي ته هو انهيءَ
شڪست جو بدلو وٺن ۽ السيس
(Alsace)
۽ لورين
(Lorraine)
وري هٿ ڪن.
اندروني طرح فرانس تمام آسودو ملڪ رهيو آهي. سڄي
يورپ کي اهو ڏسي عجب لڳو ته ڪيئن فرانس جلدئي
1871ع واري مالي نقصان مان چڙهي پار پيو. بادشاهه
پسند ماڻهن ۽ بوناپارٽ پسند ماڻهن ڪوشش پئي ڪئي ته
حڪومت جو قبضو پنهنجي هٿ هيٺ آڻن، پر جمهوريت انهن
مشڪلاتن مان وڌندڙ طاقت سان اڳتي وڌي آئي آهي ۽
ايئن ڏسڻ ۾ آيو، ته گهڻي وقت تائين فرانس جي قسمت
۾ جمهوريت واري حڪومت جو نمونو لکيل آهي.
فرانس جي هاڻوڪي حڪومت:
فرانس جي هاڻوڪي حڪومت 1875ع ۾ قومي اسيمبلي جي
قبول ڪيل جمهوري جوڙجڪ تي مبني آهي. صدر جي چونڊ
سينيٽ ۽ عوامي نمائندن تي ٻڌل اسيمبلي ڊيپوٽيز جي
چيمبر، ڪندي آهي، جيڪي هن مقصد لاءِ گڏجي ”قومي
اسيمبلي“ ٿي پوندا آهن. صدر جي عهدي جو عرصو ست
سال آهي. صدر نون قاعدن لاءِ رٿ ڏئي سگهي ٿو، يا
ٻين لفظن ۾ چئجي، ته کيس قانون سازيءَ لاءِ قدم
کڻڻ جي پهرين اختياري آهي. صدر جو ڪم آهي ته هو
انهيءَ ڳالهه تي اک رکي ته قانون چڱيءَ طرح تعميل
ٿين ٿا يا نه؟(مختصر کڻي چئجي ته کيس تعميلي
اختيار به آهن.) هـُـو لشڪر کي برخواست ڪري سگهي
ٿو ۽ سڀني ديواني ۽ فوجي آفيسرن کي مقرر ڪري سگهي
ٿو.سينيٽ ۽ چئمبر آف ڊيپوٽيز کي پڻ قانون سازيءَ
لاءِ ابتدائي اختياري حاصل آهي. هڪ بل (قانون
سازيءَ لاءِ رٿيل جزو) تڏهن قانون بڻجي سگهي ٿو،
جڏهن انهن ٻنهي اسيمبلين ۾ اڪثريت سان بحال ڪيو
وڃي. سينيٽريءَ جي ميمبريءَ لاءِ عمر گهٽ ۾ گهٽ
چاليهه ورهيه هئڻ گهرجي ۽ انهن جي چونڊ خاص
اليڪٽورل ڪاليجز
(Electoral Colleges)
يا انتخابي جماعتون ڪنديون آهن. حقيقت ۾ چيمبر آف
ڊيپوٽيز
(Chamber of Deputies)
کي سينيٽ کان وڌيڪ اختيار آهن. ڊيپوٽيز گهٽ ۾ گهٽ
پنجويهن ورهين جي عـُـمر جا هئڻ گهرجن ۽ اُهي سڀني
ماڻهن جي طرفان چئن سالن لاءِ چونڊيا ويندا آهن.
حڪومتي وهنوار هلائڻ ۾صدر کي يارهن وزيرن جي هڪ
ڪابينا يا وزارت مدد ڪندي آهي. انهن کي صدر مقرر
ڪندو آهي، پر اُهي چيمبر آف ڊيپوٽيز جي اڪثريت جا
منظور ڪيل هوندا آهن. هو پنهنجي ڪمن ۾ هن فورم
ڏانهن جوابدار آهن. چيمبر آف ڊيپوٽيز، وزيرن تي
ڪنٽرول هئڻ ڪري عملي طور فرانس مٿان حاڪم آهي.
2. اسپين
ردعمل ۽ انقلاب جي ذريعي جوڙجڪ واري حڪومت:
اسپين جي 19 صدي عيسويءَ ۾ مـُـلڪ جي اندروني
تاريخ جابراڻي حڪومتي سرشتي ۽ آزاد خيال حلقن جي
وچ ۾ هڪ دائمي ڪشمڪش رهندي آئي آهي. جڏهن بادشاهه
فرڊيننڊ، (جنهن کي ٻئي بادشاهه هڪالي ڪڍيو هو)
1800ع ۾ موٽي آيو، تڏهن هن مـُـلڪ ۾ هڪ آزاد خيال
واري حڪومتي جوڙجڪ ڏٺي. فرڊينيڊ اقتدار ۾ ايندي هڪ
چونڊيل قانون ساز جماعت، جنهن کي ”ڪورٽيس“ جي نالي
سان سڏيو پئي ويو، کي پاسي ڪري ڦٽو ڪيو، ڪورٽيس جي
محب وطن مهندارن سان بري هلت ڪئي ۽ مذهبي مهندارن
کي ڇوٽ ڇڏي ڏنو. ايتري قدر جو وچ واري زماني
واريون مذهبي ڪورٽون ٻيهر قائم ڪيون ويون. ڇهن
سالن جي جابراڻي حڪومت کان پوءِ عام ڦهليل بغاوت
فرڊيننڊ کي مجبور ڪيو ته عوامي راءِ تي ٻڌل جوڙجڪ
واري حڪومت منظور ڪري ۽ ڪورٽيس کي سڌاري، پر 1863ع
۾ فرانس جي بادشاهه لوئي ارڙهين، اسپين ڏانهن هڪ
لشڪر موڪليو ۽ زبردستيءَ اُتي جابراڻي حڪومت وري
قائم ڪئي. باقي رهيل صديءَ جون سياسي ڪشمڪشون
ايتريون اهميت واريون نه آهن جو انهن جو هت بيان
ڪجي. البت ٻن سالن تائين، يعني 1873ع کان 1874ع ۾
اسپين اندر جمهوريت قائم هئي.
ان کان پوءِ خواص تي ٻڌل جوڙجڪ واري بادشاهت رهندي
آئي، جنهن ۾ بوربون خاندان ۾ تخت موروثي طرح رهندو
آيو آهي. قانون سازيءَ جي اختياري بادشاهه ۽
ڪورٽيس جي هٿ ۾ رهي آهي. ڪورٽيس ۾ هڪ سينيٽ، جنهن
۾ اميرن ۽ مالدارن جا نمائندا هـُـئا ۽ هڪ
”ڊيپوٽيز جي ڪانگريس“، جنهن کي عام شهري چونڊين
ٿا، شامل هوندا هئا.
آدمشماريءَ جي گهٽتائي، آبهوا جي ڪمزور ڪندڙ اثرن،
فطري مواد جي اڻهوند، آمدرفت ۽ سٺن وسيلن جي ڪمي ۽
ان سان گڏ هڪ غير ترقي پسند حڪومت وارن معاملن
گڏجي اسپين کي يورپ جي پٺتي پيل ملڪن جي قطار ۾
آڻي ڇڏيو آهي.
بيٺڪن جو قبضي مان نڪرڻ:
نيپولين جي حڪمرانيءَ جي شروعاتي دور ۾ اڃا تائين
اسپين جي قبضي ۾ تقريباً سڄو وچ ۽ ڏکڻ آمريڪا هو،
(سواءِ برازيل جي، جو پورچوگيزن جي هٿ ۾ هو.)
آمريڪي بيٺڪن، جوزف بوناپارٽ کي پنهنجو حڪمران مڃڻ
کان نابري واري ۽ فرڊيننڊ جي وري تخت تي اچڻ کان
پوءِ، اهي رڳو انهيءَ شرط تي بادشاهه سان وفادار
هيون ته کين ڪيتري آزادي ڏني ويندي؟ جڏهن بادشاهه
اها ڳالهه نه مڃي ته هنن خودمختياريءَ جو اعلان
ڪيو. اسپين جو لشڪر ايترو ڪافي نه هو جو بغاوت
ڪندڙ بيٺڪن کي وري هٿ ڪري سگهي. فرانس انهيءَ مهم
۾ مدد ڪرڻ لاءِ منتظر هو، پر انگريزي (برطانوي)
وزيراعظم لارڊ ڪئننگ اجازت نه پيو ڏئي ته ڪو ٻيو
يورپي ملڪ آمريڪي معاملن ۾ مداخلت ڪري. 1864ع ۾ هن
بوسند، ايرس، ڪولمبيا ۽ ميڪسيڪو جي خودمختياري مڃي
ورتي، ويسٽ انڊيز ۾ ڪيوبا، پورٽوريڪو ۽ فلپائن ٻيٽ
1898ع ۾ اسپين جي هٿ هيٺ رهيا. ڪيوبا وارا گهڻي
وقت کان وٺي بغاوت جي حالت ۾ هئا، جنهن کي اسپين
جو لشڪر دٻائي نه سگهيو. جيئن ته آمريڪا جو وهنوار
دائمي بي قاعدگيءَ جي ڪري درهم برهم هو، تنهنڪري
گڏيل رياستن جي حڪومت آخر اِها گهر ڪئي ته اسپين
ڪيوبا کي خودمختياري ڏئي. اسپين جي انڪار سبب
لڙائي لڳي. سندس گهٽ ساز و سامان واري بحري ٻيڙا
منيلا (فلپائن) ۽ سنتياگو (ڪيوبا) 1898ع وارين ٻن
جنگين ۾ نيست نابود ڪيا ويا. فلپائن ۽ پورٽوريڪو
گڏيل رياستن جي قبضي ۾ اچي ويا ۽ ڪيوبا کي
خودمختياري ملي. هن وقت اسپين جي حاڪمن چارلس
پنجين ۽ فلپ ٻئي جي طاقتور عالمي شهنشاهت مان
سواءِ ڪن ٻيٽن ۽ آفريڪا ۾ ڪجهه معمولي قبضي ۾ آيل
علائقن جي، ٻيو ڪجهه به نه رهيو آهي.
3. سئٽزرلينڊ، بيلجم ۽ هالينڊ
سئٽزرلينڊ:
”هيلويشين جمهوريت“، جنهن کي نيپولين قائم ڪيو هو
۽ جنهن جو مٿس مدار هو، تنهن کي 1814ع کان پوءِ هڪ
خودمختيار ملڪ ظاهر ڪري اعلان ڪيو ويو. سئٽزرلينڊ
ان وقت ننڍڙن علائقن جي هڪ اهڙي ئي گڏيل ڪنفيڊريشن
هو، جنهن کي ”ڪئنٽنس
(Cantons)“
ڪوٺيو ويندو هو. 1848ع ۾ هڪ مذهبي ۽ سياسي جهڳڙي
جي ڪري ڪئنٽنس
(Cantons)
جي وچ ۾ گهرو ويڙهه شروع ٿي ويئي. انهيءَ لڙائيءَ
جو نتيجو هن وقت جي سئٽزرلينڊ جي حڪومتي جوڙجڪ جي
روپ ۾ اسان آڏو آهي، جنهن مطابق اڳئين ڪنفيڊريشن
کي هڪ فيڊرل يا گڏيل اسٽيٽ يا ”گڏيل رياستن جي
ملڪ“ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. فيڊرل اسٽيٽ هڪ وڌيڪ
مضبوط اتحاد آهي، جنهن ۾ مرڪزي حڪومت کي وڌيڪ
اختيار حاصل آهن. اِهو سرشتو هڪ گڏيل قوم کي ٺاهڻ
جي ڏس ۾ هڪ اڳڀري وک آهي، پر حڪومت جي جوڙجڪ اڃا
ايئن پئي چئي ته ٻاويهه ڪئنٽنس
(Cantons)
اوستائين خودمختيار آهن، جيستائين سندن
خودمختياريءَ کي گڏيل جوڙجڪ محدود نه ڪيو آهي.
قانون سازيءَ جون ٻه جماعتون آهن، هڪ ڪئنٽنس
(Cantons)
جي نمائنده آهي ۽ هڪ عام ماڻهن جي. حڪومت جي
ڪاروباري اختياري هڪ ستن ميمبرن جي گڏيل ڪائونسل
کي مليل آهي، جنهن جا ميمبر، ٻئي فيڊرل قانون ساز
ادارا ٽن سالن لاءِ چونڊيندا آهن. ڪن ڳالهين ۾
سئٽزرلينڊ جي حڪومت هڪ مڪمل جمهوريت آهي. مثال طور
ريفرينڊم يا عام راءِ جي ذريعي قانون ساز
اسيمبليءَ جا پاس ڪيل بل عوام اڳيان قبوليت لاءِ
پيش ڪيا ويندا آهن. اهي تڏهن قانون بنجي سگهن ٿا،
جڏهن سئيز شهرين جي اڪثريت اهڙي قدم کڻڻ جي فائدي
۾ ووٽ ڏئي.
سئيٽزرلينڊ جي رياست جو نقشو
بيلجم ۽ هالينڊ:
1814ع ۾ اتحادين ڏکڻ نيدرلينڊ کي هالينڊ سان گڏي
هڪ ملڪ بنايو، انهيءَ اميد سان ته ان کي فرانس جي
خلاف اتر اوڀر ۾ هڪ طاقتور پاڙيسري حريف طور
بيهاريو ويندو، پر هيءُ اتحاد عوام ۾ مقبول نه
ٿيو، ڇو ته بيلجم وارا اڪثر ڪئٿولڪ مذهب جا هئا ۽
فرينچ ٻولي ڳالهائيندا هئا ۽ ٻئي طرف وري ڊچ ٻولي
ڳالهائڻ وارا پروٽيسٽنٽ مذهب جا هئا. بيلجم وارا
جلدئي اٿي کڙا ٿيا. کين پئرس جي 1830ع واري انقلاب
جي خبر پئي ۽ خودمختياري حاصل ڪيائون. 1831ع ۾
يورپي طاقتن بيلجم کي هڪ خودمختيار ملڪ ڪري مڃيو ۽
سندس حڪومت ان وقت کان وٺي هڪ ”خصوصي جوڙجڪ واري
بادشاهت“ رهي آهي.
نيدرلينڊ ۽ سئٽزرلينڊ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽
ميڙن جا مرڪز هئڻ ڪري گهڻي عزت حاصل ڪئي آهي.
جينيوا اجتماع (صليب احمر) ۽ پوسٽل يونين
سئٽزرلينڊ جي زمين تي پيدا ٿيا. هيگ ۾ ”صلح وارين
ڪانفرنسن“ ڊچ (گاديءَ جي هنڌ ۾) سڀني قومن جي
نمائندن کي فوجي هٿيارن کي محدود ڪرڻ واري هڪ
شاندار مقصد لاءِ گڏ ڪيو. پهرين صلح ڪانفرنس 1899ع
۾ روس جي شهنشاهه جي تجويز تي ڪٺي ٿي، ٻي 1907ع ۾.
بدقسمتيءَ سان انهن سڀني مان ايئن ظاهر ٿيو، ته
اهو ڏينهن، جڏهن دُنيا تان فوجي دٻاءُ گهٽجي
ويندو، اڃا گهڻو پري آهي
.
4. اسڪينڊي نيويا وارا ملڪ
ناروي ۽ سويڊن:
ٽلسٽ
(Tilsit)
جي عهدنامي کان پوءِ روس سويڊن کان فنلينڊ جو قبضو
وٺي ڇڏيو. 1814ع ۾ يورپ جي طاقتن انهيءَ ڳالهه تي
اتفاق ڪيو ته سويڊن کي انهيءَ نقصان جو ڏنڊ اِهو
ڏيڻ گهرجي، جو ناروي کي پنهنجي ملڪ سان گڏي ڇڏي.
انهن ٻن اسڪينڊي نيوين ملڪن جي وچ ۾ اتحاد رڳو هڪ
گڏيل حڪمرانيءَ جي وسيلي هڪ شخصي اتحاد هو. هڪ
بادشاهه جي هٿ هيٺ هڪ ٻئي شخص بادشاهت ٺاهي. وٽن
پرڏيهي لاڳاپن جو بندوبست گڏجي ڪيو ويندو هو، ٻئي
طرف وري سڀني گهرو معاملن ۾ ٻئي حڪومتون جدا هيون.
1905ع ۾ هي اتحاد صلح جي طريقي سان ناروي جي شهرين
جي تقريباً متفق ووٽ جي ذريعي ختم ڪيو ويو. هينئر
ناروي خودمختيار بادشاهت آهي، جنهن جي حڪومت جي
جوڙجڪ بلڪل جمهوري آهي.
ڊينمارڪ:
نيپولين وارين لڙائين کان اڳ ۾ ڊين ملڪن ۾ ناروي
به شامل هو. ڊين بادشاهه اِها چڪ ڪئي جو پاڻ کي
نيپولين جو ساٿي بنايائين، جنهن ڪري برطانوي
اميرالبحر نيلسن ڪوپن هيگن جي بندر تي ڊين بحري
ٻيڙي کي ناس ڪري ڇڏيو. ناروي سويڊن کي هٿ اچي ويو،
جيئن مٿي چيو ويو آهي. 1864ع ۾ ڊينمارڪ پنهنجي ڏکڻ
وارا ٻه علائقا شليسوڪ ۽ هولسٽائن، (جن جا رهاڪو
جرمن هئا)، سي پـُـروشيا هٿان وڃائي ويٺو. ڊين
حڪومت جي جوڙجڪ بادشاهت واري سرشتي تي ٻڌل آهي،
جنهن کي ٻه قانون ساز ادارا آهن.
باب ٽيٽيهون
جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جو متحد ٿيڻ
1. جرمني
ميٽرنخ
(Metternich)
جو اوج:
شهزادو ميٽرنخ |
شهزادو ميٽرنخ تقريباً چاليهن سالن تائين آسٽريا
جي حڪومت جو روح روان هو. هن جي پاليسي سراسر رجعت
پسند هئي. سندس جوڙجڪ واري حڪومت، پريس جي آزادي ۽
سڀني آزاد خيال اهڙين روايتن، جن جو لاڳاپو انقلاب
سان هو، تن جي شدت سان مخالفت ڪئي. پرڏيهي سياست ۾
هن جي چالاڪيءَ آسٽريا کي عام يورپي معاملن ۾
پهريون ڀيرو بهرو وٺڻ ۽ ڳالهائڻ جو حق ڏنو. هن جي
پاليسيءَ تي جابراڻي حڪومت نه رڳو آسٽريا پر
جرمنيءَ ۽ اٽليءَ ۾ به قائم رهي.
زار اليگزينڊر، جيڪو هڪ غيرعملي ۽ خيال پرست حاڪم
هو، تنهن يورپ لاءِ جيڪو
”هولي الائنس“ يا مقدس اتحاد پيش ڪيو، ان کي وجود
۾ آڻڻ لاءِ ميٽرنخ عملي طور زبردست ڪوشش ڪئي.
انهيءَ ”مقدس اتحاد“ جو مطلب هو ته يورپ تي رحم
وارن ڪرستاني اصولن مطابق حڪومت ڪجي. يورپ جا سڀئي
حڪمران (انگلينڊ جي بادشاهه، ترڪيءَ جي سلطان ۽
پوپ کان سواءِ، آخر ۾ هن اتحاد ۾ شامل ٿيا. اِهو
اتحاد ميٽرنخ جو بهترين اوزار ٿيو، جنهن سان هو
آزاد خيال اصولن وارين تحريڪن کي روس کان وٺي
اسپين تائين آسانيءَ سان دٻائي سگهيو.
1815ع واري جرمن ڪنفيڊريشن يا ٻڌي:
نيپولين جي زوال کان پوءِ يورپ جي سياستدانن جي
آسٽريا جي گاديءَ جي هنڌ ۾ يورپي معاملن کي درست
ڪرڻ لاءِ هڪ ڪانگريس ويٺي. هن مشهور ”ڪانگريس آف
وياناً“ يورپ جي سياسي نقشي کي تقريباً انهن سرحدن
تي ورائي آندو، جيڪو فرينچ انقلاب کان اڳ ۾ موجود
هيون. هن ڪانگريس آسٽريا جي صدارت ۾ جرمن رياستن
کي هڪ
ڪنفيڊريشن يا ٻڌيءَ ۾ متحد ڪيو. جرمن ڪنفيڊريشن جا
معاملا هڪ ڊائٽ
(Diet)
يا مشاورتي جماعت هلائيندي هئي، جنهن ۾ مختلف
حڪومتن جا جملي
39 نمائندا هوندا هئا. محب وطنن کي اِها اميد هئي
ته جلدئي هن ڪنفيڊريشن مان هڪ متحد جرمن پتاڀومي
(Father - land)
پيدا ٿيندي، پر آسٽريا ۽ پـُـروشيا جي وچ ۾ رقابت
جي ڪري ۽ ننڍين رياستن جي ان ڊپ جي ڪري ته انهيءَ
ڪوشش دوران متان سندن خودمختياريءَ جا حق ختم ٿي
وڃن، اڌ صديءَ کان وڌيڪ عرصي ّتائين هڪ وڌيڪ مڪمل
اتحاد قائم ڪرڻ ۾ دير پئجي ويئي.
محصولي اتحاد:
جرمن رياستن جي ساڳين واپاري مفادن هڪ محصولي
اتحاد کي وجود ۾ آندو. واپاري مقصدن لاءِ هيءُ
اتحاد هڪ ملڪ وانگر هو، جنهن ۾ مال جي ڪنهن به
محصول ڏيڻ کانسواءِ چرپر ٿـِـي پئي سگهي. جڏهن
آسٽريا انهي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري ته
اهڙي اڳڀرائيءَ کي پـُـروشيا نه مڃيو. پروشيائي
محصولي اتحاد ۾ سندس رهاڪن جي گهڻي اڪثريت ڪري ۽
سندس وسيع واپار سبب اتحادن مٿان اُن جو هڪ فطري
غلبو هو. جرمن رياستن جي بهتر مادي حالتن لاڳو ڪيل
انهيءَ ڏس ۾ بنا روڪ جي ترقي ڪئي. واپاري ٻڌي، جا
اهڙي طرح قائم ٿي هئي، سا آئيندي سياسي ٻڌيءَ لاءِ
هڪ سالم بنياد بڻجي پئي.
1848ع وارو انقلاب:
ميٽرنخ جي سرشتي ۾ سڄي جرمني ۽ آسٽريا ۾ سڀني آزاد
خيال امنگن کي دٻايو ويو، پر سياسي آزاديءَ جي
اميد هزارين ماڻهن جي دلين ۾ اڃا تائين مضبوط هئي،
۽ جيئن پوءِ تيئن لاڳو ڪيل جابراڻي حڪومتي نظام
لاءِ حقارت مضبوطي وٺندي ويئي. جڏهن پئرس انقلاب
جي خبر جرمن گاديءَ جي هنڌن ۾ پئي، تڏهن تقريباً
انهن سڀني هنڌن تي عوام اٿي کڙو ٿيو ۽ جمهوري
مـُـلڪ ۾ جوڙجڪ واري حڪومت جي گـُـهر ڪرڻ لڳو.
ميٽرنخ ويانا مان ڀڄي مس پنهنجي حياتي بچائي.
آسٽريا جو شهنشاهه پڻ ڪجهه وقت لاءِ پنهنجي گاديءَ
جي شهر مان ڀڄي ويو، برلن ۾ بادشاهي لشڪر ۽ عوام
جي وچ ۾ هڪ خوني مقابلو ٿيو.
هينئر يورپ ۾ هر هنڌ جمهوري جوڙجڪ واريون حڪومتون
ڏنيون ويون، پر پـُـروشيا ۽ آسٽريا ۾ جيترو ٿي
سگهيو پراڻين حڪومتن قبضو رکيو. جيتوڻيڪ قانون ساز
جماعتون ماڻهن جون چونڊيل هيون، تڏهن به ملڪ ۾
حقيقي طاقت بادشاهه جي هٿ ۾ رهي.
ڊينمارڪ سان لڙائي ۽ ستن هفتن واري لڙائي:
1864ع واري ڊين لڙائي خاص ڪري جرمنن جي سخت قومي
جذبي جي ڪري ٿي. هو اِهو منظر وڌيڪ سهي نه سگهيا
ته شليسوڪ ۽ هولسٽائن ۾ سندن ملڪ جا ماڻهو ڊينمارڪ
حڪومت هيٺ رهن. انهيءَ عوامي جذبي جي آڌار تي
مختصر لڙائيءَ کان پوءِ آسٽريا ۽ پـُـروشيا گڏ جي
ڊينمارڪ کي مجبور ڪيو ته اُها شليسوڪ ۽ هولسٽائن
تان هٿ کڻي. ڊينمارڪ طرفان انهيءَ دٻاءَ آڏو
جـُـهڪڻ کان پوءِ ٻه سال بعد انهن ٻنهي علائقن کي
پـُـروشيا جو هڪ ڀاڱو ڪيو ويو.
شليسوڪ ۽ هولسٽائن انهيءَ ڇڪتاڻ جو آخري فيصلو هو،
جنهن آسٽريا ۽ پـُـروشيا جي وچ ۾ گهڻي وقت کان وٺي
ڪشمڪش آندي پئي. پروشيا فيصلو ڪيو ته هينئر اِهو
وقت اچي ويو هو، ته ٻنهي ملڪن جي وچّ ۾ رقابت جو
فيصلو ڪجي ۽ پـُـروشيا کي جرمنيءَ جو بنا ”ڪـُـڇڻ
وارو اڳواڻ“ بڻائجي پروشيا وارن کي پنهنجي فتح جي
پڪ هئي، ڇوته پـُـروشيا جو لشڪر تمام چڱيءَ طرح
سکيا ورتل هو ۽ ڪائونٽ فان مولڪي جهڙي فوجي ماهر
جي اڳواڻيءَ ۾ تيار بيٺو هو. هوڏانهن اٽليءَ به
پـُـروشيا جو پاسو ورتو، جڏهن ته ٻئي طرف وري ڏکڻ
جرمن رياستون آسٽريا جي پاسي هيون.ءِ ستن هفتن
واري لڙائي” پـُـروشيا جي فوجي انتظام ۽ جنگي فن
جي هڪ شاندار فتح هئي. 1866ع ۾ لڙائيءَ جو فيصلو
سڊووايا جي جنگ ۾ ٿيو، اها ”ڪئنڪ گريٽس جي جنگ“ جي
نالي سان پڻ مشهور آهي، ”ڪئنڪ گريٽس“ بوهيميا ۾
هڪڙو ڳوٺ آهي.
آسٽريا کي جرمنيءَ مان ڪڍيو ويو ۽ پـُـروشيا اتر
جرمن اتحاد جو اڳواڻ بڻيو. ڏکڻ واريون رياستون، جن
۾ ”بئواريا“
(Bavaria)
سڀني کان وڏي هئي، سا اڃا تائين انهيءَ اتحاد کان
ٻاهر رهي. بئواريا وارا گهڻو ڪري ڪئٿولڪ فرقي جا
هئا، جڏهن ته پـُـروشيا وارا وري پروٽيسٽنٽ فرقي
جا هئا.
بادشاهه وليم پهريون ۽ بسمارڪ:
جرمنيءَ جي نئين سـِـرِ تعمير بادشاهه وليم پهرئين
۽ سندس وزير بسمارڪ جي نالن سان ڳنڍيل رهندي.
بادشاهه جي عظمت قابل صلاحڪارن جي چونڊ ۾ هئي، جن
تي هن جو ڀروسو هو ۽ جن جي هيءُ وفاداريءَ سان
پٺڀرائي ڪندو هو. هن جو مقصد هو ته پـُـروشيا کي
سندس فوج جي ذريعي طاقتور بڻائي مـُـلڪي لشڪر ۽
جرمنيءَ کي پـُـروشيا جي اڳواڻيءَ ۾ متحد ڪرڻ لاءِ
هٿيار طور استعمال ڪري. هن جي وزير بسمارڪ انهيءَ
تصور کي ڪاميابيءَ جي منزل تائين پهچايو.
وليم ٻيون جرمني جو بادشاهه |
بسمارڪ |
بسمارڪ ”بادشاهن جي خدائي حقن“ واري متي جو
پٺڀرائي ڪندڙ هو، جنهن ڪري آزاد خيال وارا شروع ۾
کيس ڌڪاريندا هئا. هو پنهنجي سڀني دشمنن کان وڌيڪ
سمجهه وارو ۽ سگهارو هو. هن کي خبر هئي ته عوام
سياسي حقن جو تـُـرت، مـُـناسب ۽ سٺو استعمال ڪرڻ
نه ٿو ڄاڻي. لشڪر جي وري نئين سر تنظيم جي
پٺڀرائيءَ ۾ ڳالهائيندي هڪ دفعي بسمارڪ چيو: ”وقت
جا عظيم مسئلا رڳو تقريرن ۽ قراردادن سان حل نه
ٿيندا، پر خون خرابي سان سڌا ٿيندا“. پنهنجي
فولادي ارادن جي ڪري هيءُ کيس مليل ”آهني چانسيلر“
واري لقب جي بلڪل لائق هو.
نئين جرمن شهنشاهت جو بنياد (1871ع):
فرانس ۾ فتحن حاصل ڪرڻ سبب ساڳيءَ ”جرمن پتا
ڀوميءَ“ لاءِ جاکوڙيندڙ بسمارڪ کي سڀني محب وطن
ڌُرين ساراهيو ۽ ”رياستن جي اتحاد“ کي تڪميل تي
پهچائڻ لاءِ سندس مدد ڪئي. پئرس جي حملي وقت
وارسائيءَ ۾ سڀني رياستن ٻڌي ڪري ”جرمن شهنشاهت“
ٺاهي. بادشاهه وليم کي پريذيڊنٽ ڪري مڃيو ويو ۽
کيس ”جرمن شهنشاهه“ جو لقب پڻ ڏنو ويو.
اتحاد جا اثر:
هن نئين سياسي نظام تحت جرمنيءَ دنيا کي پنهنجي
تيز ترقيءَ سان حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. جرمن قوم جا
ماڻهو رڪ، ڪپڙي جي هنر ۽ ڪاريگريءَ ۾ هينئر
برطانيا جي هنر ۽ ڪاريگريءَ سان ڪلهو ٿا هڻن.
جرمنيءَ جا سامونڊي جهاز دنيا جي سڀني بندرن ۾
اڪثر ڪري سڀني کان وڌيڪ ڏٺا وڃن ٿا، سواءِ برطانيا
وارن جهازن جي. جرمن لشڪر جي ماڻهو واکاڻ ڪن ٿا ۽
کانئس ڊڄن ٿا. برلن، زنيا، هائيڊلبرگ ۽ ٻين شهرن
جون يونيورسٽيون علم جا بلند ترين ۽ بهترين مرڪز
مڃيا وڃن ٿا ۽ سڀني ملڪن کان شاگردن کي پنهنجي طرف
ڇڪين ٿا.
جرمن شنهشاهت جي حڪومت:
اتحاد ۾ شامل پنجويهن رياستن کي پنهنجا خودمختيار
قانون ۽ حڪومتون آهن، پر اهڙي قانونن لاءِ ضروري
آهي ته اُهي شهنشاهت جي قانون سان ٽڪراءَ ۾ نه
اچن. 1871ع کان وٺي اهو مستقل لاڙو رهندو آيو آهي
ته شهنشاهت ۽ عوامي مفادن سان لاڳاپيل معاملن کي
متحد ڪيو وڃي.
حـُـڪومت ڪاروبار کي هلائڻ جي اختياري، فيڊرل
ڪائونسل (متحد مشاورتي ڪائونسل) ۽ شهنشاهت کي مليل
آهي. فيڊرل ڪائونسل ۾ مختلف رياستن جي حڪومتن جا
نمائندا اچي وڃن ٿا. شهنشاهه جو عهدو ”هوهلينسولن
خاندان“ ۾ موروثي آهي، يعني پـُـروشيا جو بادشاهه
پڻ جرمن شهنشاهه ئي آهي.
قانون سازيءَ جو ڪم فيڊرل ڪائونسل ڪندي آهي جيڪا
هڪ اعليٰ سڀا
(Upper House)
جو نمونو آهي ۽ شهنشاهي مشاورتي سڀا
(Reichstag)
جنهن ۾ جرمن قوم جا چونڊيل نمائندا هوندا آهن، سا
پڻ قانون سازيءَ جو ڪم ڪندي آهي.
پرڏيهي معاملا، سفارتي ملازمت، بري ۽ بحري فوج جو
انتظام، سنوان سڌا بادشاهه جي قبضي ۾ آهن.
جرمن شهنشاهيت جون حدون
1866ع ۾ آسٽريا - هنگري:
1848ع واري هنگامي دور ۾ هنگريءَ وارن پنهنجي لاءِ
مڪمل خودمختياري ۽ آزاد حڪومت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش
ڪئي. انهن جوشيلن محب وطنن ۾، (جن قومي آزاديءَ
لاءِ پنهنجيون جانيون جوکي ۾ وڌيون)، لوئي ڪوشوٽ
هميشـہ مشهور رهندو. هنگريءَ جي طرفان اُٿندڙ
انهيءَ بغاوت کي روس جي لشڪر ذريعي دٻايو ويو. زار
خوشيءَ سان آسٽريا جي سرڪار کي اهڙي مدد ڪئي، ڇو
ته هن جي مرضي نه هئي ته سندس سرحدن جي ايترو
ويجهو هڪ ڪامياب بغاوت جو مثال پيدا ٿئي.
1867ع ۾ آسٽريا جي شهنشاهه فرانسس جوزف پنهنجي
هنگريءَ واري رعيت کي هڪ نئين جوڙجڪ ڏني. کين
پنهنجي پارليامينٽ ملي، پنهنجا قانون مليا ۽ خود
پنهنجو بادشاهه مڃيائون. فرانسس جوزف کي فيڊرل
ڪائونسل شهر جي پراڻيءَ گاديءَ جي هنڌ هنگريءَ جو
بادشاهه تسليم ڪري کيس تاج پهرايو.
ان وقت کان وٺي آسٽريا ۽ هنگريءَ ۾ هڪ ٻٽي بادشاهت
رهندي آئي آهي، جا خاص ڪري هڪ بادشاهي حڪمران جي
شخصيت جي ذريعي آهي، ڇاڪاڻ جو آسٽريا جو شهنشاهه ۽
هنگريءَ جو بادشاهه ٻئي ّمتحد ٿي ويا. ٻنهي ملڪن
تعليم، هنر ۽ ڪاريگري ۽ قوم جي عام ڀلي ۾ گهڻي
ترقي ڪئي آهي، پر سندن حڪمرانيءَ هيٺ ٻنهي سرڪارن
کي مختلف قوميت وارن ماڻهن جي هڪٻئي جي مخالفن
گهڻي تڪليف ڏني آهي. جرمن، پول، زيڪ، اطالوي ۽
سچيار، سڀ چاهين ٿا ته سندن ٻولين ۽ قومي امنگن کي
خاص عزت سان سنڀاليو وڃي. آسٽريا جي پارليامينٽ ۾
ان ڪري جوش ۽ جذبي وارا جهڳڙا عام واقعا ٿي پيا
آهن.
2. اٽلي
اتحاد لاءِ اوائلي ڪوششون (1815ع - 1850ع):
جرمنيءَ وانگر اٽليءَ ۾ به هزارين محب وطن ماڻهو
قومي اتحاد ۽ عوامي/جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت لاءِ
سڪندا هئا. پر نيپلس
(Naples)
جي بادشاهه، پوپ ۽ آسٽريا وارن، (جن جي هٿ لمبارڊي
۽ وينيشيا هئا)، هر اُن تحريڪ کي دٻايو، جنهن مان
سندن حڪمرانيءَ کي خطرو هو.
هڪ ڳجهي جماعت، جنهن کي ”ڪاربوناري“ (ڪوئلا
ٻاريندڙ) ڪوٺيو ويندو هو، سا سڄي اٽليءَ ۾ ڦهلجي
ويئي ۽ هر ڪنهن رتبي وارا محب وطن، مرد توڻي
زالون، ان جا ميمبر ٿيندا ويا. سندن بغاوتن کي
آسٽريا ئي لشڪر جي مدد سان دٻايو ويو. سرڪاري
جاسوس سڄي ملڪ ۾ ڇانئجي ويا ۽ سڀني مشڪوڪ ماڻهن کي
بغير ڪنهن عدالت جي، قيد ۾ رکيو ويو يا ڦاسيءَ
چاڙهيو ويو. تاريخ ۽ علم سياست يا سائنس جي تعليم
ممنوع هئي. روم ۾ خود ماتا کان بچڻ لاءِ ٽڪا هڻڻ
منع ٿيل هئا، ڇو ته اِهي ٽڪا هڻائڻ آزاد خيال
فرينچ حڪومت جي ياد ڏياريندا هئا.
1830ع کان 1848ع تائين هڪ قابل محب وطن نوجوان
ماتسيني، (جو اٽليءَ ۾ هڪ پارٽيءَ جو باني هو)،
ڪوشش ڪئي ته اٽليءَ جي جمهوريت کي قائم ڪري. ان
تصور تي عمل ڪندي هن 1849ع ۾ پوپ کي روم مان هڪالي
ڪڍيو ۽ هڪ جمهوريي حـُـڪومت قائم ڪئي. اٽليءَ جي
آزاديءَ لاءِ ٿيندڙ جاکوڙ جي عوامي سورهيه،
گاريبالڊيءَ نئين روم جي دولت مشترڪه کي فرينچ
لشڪر کان ايستائين بچايو، جيستائين کيس شڪست نه
آئي.
اٽليءَ جي بادشاهت جو بنياد (1859ع - 1864ع):
1850ع کان پوءِ اٽليءَ ۾ عوامي جوڙجڪ واري رڳي هڪ
رياست هئي، يعني سارڊينيا جي بادشاهت. ان جوڙجڪ ۾
مغربي پو
(Po)
واديءَ ۾ بيومونٽ به اچي ٿي ويو، جتي ٽيوڊرن جي
گاديءَ جو هنڌ واقع هو. سارڊينيا جي بادشاهه وڪٽر
امانيوئيل اعليٰ سياستدان ڪائور
(Cavour)
کي پنهنجو وزيراعظم مقرر ڪيو. همٿ ۽ دورانديشيءَ ۾
ڪائور بسمارڪ جهڙو هو. هن روس جي خلاف ڪريميا جي
لڙائيءَ ۾ انگلينڊ ۽ فرانس کي مدد ڪرڻ لاءِ لشڪر
موڪلي سندن دوستي حاصل ڪئي. نيپولين ٽئين، جنهن کي
ننڍي هوندي کان اٽليءَ سان گهري محبت هئي، تنهن
وري پنهنجي دور ۾ آسٽريا جي خلاف ڪائور جي مدد
ڪئي.
اٽليءَ جي بادشاهيت جون حدون
1859ع ۾ آسٽريا سارڊينيا جي خلاف لڙائيءَ جو اعلان
ڪيو. سارڊنيا ۽ فرانس جي گڏيل لشڪر آسٽريا وارن کي
ٽن وڏين جنگين ۾ شڪست ڏني، جن مان پوئين جنگ، جا
لمبارڊيءَ ۾ لڳي، سا فيصلائتي جنگ هئي. لمبارڊيءَ
کي پيڊمانٽ سان ڳنڍيو ويو. وچ اٽليءَ جي رياستن
پنهنجي جابر حڪمرانن جي خلاف بغاوت ڪئي ۽ وڪٽر
امانيوئيل جي ملڪ سان پاڻ کي شامل ڪيائون.
1860ع ۾ جانباز پهلوان گاريبالڊي اوچتو سسليءَ ۾
هڪ هزار مـُـجاهدن جي جٿي سان آيو ۽ نيپلس جي خلاف
(جنهن جي ملڪ جو سسلي هڪ حصو هو) بغاوت ڪيائين،
هيءُ ٻيٽ، آزاديءَ جي پارٽيءَ لاءِ هٿ ڪري
گاريبالڊي اٽليءَ جي مـُـک علائقن ڏانهن سمنڊ پار
ڪري ويو ۽ بوربون خاندان جي پوئين بادشاهه يعني
نيپلس جي بادشاهه کي تخت تان دستبردار ٿيڻ لاءِ
مجبور ڪيائين. هينئر ڏکڻ اٽليءَ وارا اتر اٽليءَ
وارن سان ڳنڍجي ويا. 1861ع ۾ وڪٽر امانيوئيل کي
اٽليءَ جو بادشاهه ڪري ظاهر ڪيو ويو ۽ اهڙيءَ طرح
محب وطنن جو پنجاهه سالن جو خواب آخر ۾ حقيقت
بڻيو. فقط روم
۽ وينشيا اڃا تائين رهيل هئا، جن نئين پيدا ٿيل
اطالوي قوم جي تڪميل ۾ شرڪت داري نٿي ڪئي.
منجهانئن روم کي پوپ جي لاءِ وقف ڪندي هڪ فرينچ
لشڪر بچائي ويٺو، ڇو ته شهنشاهه نيپولين جي مرضي
هئي ته پنهنجي ڪئٿولڪ فرقي واري رعيت جي “مقدس
پيءُ“ جي مدد ڪري سندس محبت قائم رکي. جڏهن ته
وينشيا آسٽريا جو هڪ علائقو ٿي رهيو.
اٽليءَ جي تڪميل، پوپن جي دنيوي طاقت جو
خاتمو:
1866ع واري ستن هفتن واري لڙائيءَ ۾ پـُـروشيا سان
اتحاد ڪرڻ جي بدلي ۾ اٽليءَ کي وينشيا مليو.
آسٽريا وارن اٽليءَ کي زمين ۽ سمنڊ ٻنهي معرڪن تي
شڪست ڏني، پر هنن پـُـروشيا جوڪم آسان ڪري وڌو، جو
آسٽريا کي مجبور ڪيائون ته سندن مـُـلڪ جي ڏکڻ ۾
هڪ لشڪر رکي.
پـُـروشيا جي آسٽريا مٿان سوڀن جي ذريعي پروشيا جي
حمايتي اطالوي وطن دوستن سندس مدد سان روم کي
اٽليءَ جي تڪميل تي پهتل بادشاهت جو حصو بنايو.
1870ع ۾ نيپولين روم شهر مان پنهنجو قلعي بند لشڪر
واپس هٽايو ته شهر مٿان پوپ جي هڪ هزار سالن جي
حڪومت ختم ٿي. پيئس نائون
(Pius IX)،
جو اُن وقت پوپ هو، سو پنهنجي دنيوي خودمختياري
وڃائڻ جي حق ۾ نه هو. هن پنهنجي موت تائين ايئن
ظاهر ڪري ڏيکاريو، ڄڻ هو پنهنجي شان شوڪت واري محل
۾ هڪ قيدي هو، سندس جانشينن به هن وقت تائين ساڳئي
نظرئي تي عمل ڪيو آهي.
1870ع کان وٺي اٽلي:
جرمنيءَ وانگر اٽليءَ ۾ به قومي اتحاد هر حالت ۾
مفيد ثابت ٿيو. آدمشماري جلدي وڌي ويئي. رستا ۽
ريلوايون ٺاهيون ويون، زراعت کي سڌاريو ويو ۽ نوان
هنر شروع ڪيا ويا.
هوڏانهن ڪيترن سالن تائين فرانس سان اٽليءَ لاڳاپا
بگڙيل هئا، ڇوته فرانس آفريڪا ۾ تيونس وڃي
والاريو. اٽليءَ جي مرضي هئي ته انهن علائقن کي
پنهنجي اثر هيٺ رکي. 1883ع ۾ اٽليءَ جي سرڪار
آسٽريا ۽ جرمنيءَ سان هڪ ٽيڻي اتحاد ۾ شامل ٿي .
هن اتحاد فرانس ۽ روس واري ٻٽي اتحاد جو برابريءَ
سان مقابلو ڪيو .
ٻئي معاهدا اڃا تائين عمل ۾ هلندا اچن (1908ع).
ٽيڻي اتحاد جي شرطن مطابق اٽليءَ کي هڪ تمام
مهانگي بري ۽ بحري لشڪر رکڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو.
فوجي خرچن ماڻهن ۾ گهڻو ناراضپو پيدا ڪيو، ايتري
قدر جو بغاوت جي حد تائين وڃي پهتا.
اٽليءَ جي سرڪار 1848ع ۾ سارڊينا جي اڳين بادشاهت
تي ٻڌل آهي. اها هڪ محدود بادشاهت آهي، جنهن کي ٻه
اسيمبليون آهن، جنهن جي هيٺياهين اسيمبلي ماڻهن جي
چونڊيل هوندي آهي.
باب چوٽيهون
اڻويهين صدي عيسويءَ ۾ روس ۽ بلقان
اليگزينڊر پهريون ۽ نڪولس:
اليگزينڊر پهريون |
روس جو شهنشاهه اليگزينڊر پهريون هڪ خواب پرست
ماڻهو هو، جنهن کي قوت ارادي ڪانه هئي ۽ هو
سولائيءَ سان پنهنجي رومانوي طبعيت جي ڪري هر ڪنهن
جي اثر هيٺ اچي ويندو هو. 1815ع کان پوءِ هن
مـُـلڪ ۾ آزاد خيالن تي ٻڌل سڌارا آڻڻ شروع ڪيا ۽
عوامي حڪومت جي جوڙجڪ لاءِ واعدا ڪيا. جڏهن
يونانين سلطان کان پنهنجي آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ
ڪوشش ڪئي، تڏهن هن انهن کي همٿايو. پر بعد ۾
آسٽريا جي ميٽرنخ انهيءَ ڳالهه ڏانهن سندس ڌيان
ڇڪايو ته يورپ جي مختلف حصن ۾ ايندڙ انقلابن هر
هنڌ قاعدي ۽ قانون کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽
اهڙيءَ طرح هن کي وري جابراڻي حڪومت جي طرف موٽائي
آندائين. روس جي آزاد خيال وارن جي نااميديءَ جو
اِهو نتيجو ٿيو،
جو زار کي قتل ڪرڻ ۽ جمهوريت جو اعلان ڪرڻ جي ڳجهي
تجويز ڪيائون. ٺيڪ انهن ڏينهن يعني 1825ع ۾ زار
اليگزينڊر گذاري ويو ۽ هن کان پوءِ سندس ڀاءُ
نڪولس 1825ع کان 1855ع تائين تخت نشين ٿيو. هن
پيٽرسبرگ ۾ ٿيندڙ هڪ عوامي بغاوت کي دٻايو ۽
ظالماڻي طاقت سان آپيشاهيءَ کي سڄي مـُـلڪ ۾ قائم
رکيائين.
يونانين جي آزاديءَ لاءِ جدوجهد:
سورهين صدي عيسويءَ جي شروع کان وٺي يوناني، ترڪن
جي حڪمرانيءَ هيٺ رهندا هئا. فرينچ انقلاب جي
مثال، آزاديءَ لاءِ سندن پراڻيءَ محبت کي ٻيهر
جاڳايو. ان ڏس ۾ ڳجهيون محب وطن جماعتون بنايون
ويون. 1820ع ۾ ته هڪ ظاهر ظهور بغاوت ٿي، جنهن ڏهن
سالن تائين يونان کي سخت برباد ڪري ڇڏيو، پر ان
بغاوت دوران محب وطنن عجيب دليري ڏيکاري. آخر روس
انگلينڊ ۽ فرانس وچ ۾ اچي پيا ۽ يونانين جي مدد
ڪيائون. 1827ع ۾ ”ناوارينو جي جنگ“ ۾ اتحادين
ترڪيءَ جي بحري ٻيڙي کي ختم ڪري ڇڏيو. ۽ 1830ع ۾
سلطان يونان جي خودمختيار بادشاهت کي مڃڻ لاءِ
مجبور ٿيو.
روس ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لڙائي: (1827ع - 1828ع)
ترڪيءَ جي سلطان، يونان جي بغاوت لاءِ روس کي
ڏوهاري قرار ڏنو ۽ زار لڙائيءَ جو اعلان ڪرڻ لاءِ
هڪ سٺو موقعو فراهم ڪري ڏنو ۽ هو هڪدم لڙائيءَ
لاءِ تيار ٿي بيٺو، هوڏانهن ترڪيءَ جو لشڪر
انتهائي بدانتظاميءَ جي حالت ۾ هو، جنهنڪري روس
وارن جلدي مٿانئن فتح حاصل ڪئي. روسي اڳتي وڌي
شايد قسطنطنيه تي هلان ڪري اچن ها، پر ٻين طاقتن
جي حسد کي اڀارڻ تي مرضي نه هئن. ائڊريا نوپل جي
عهدنامي تحت ترڪيءَ ڪاري سمنڊ جي مشرقي ڪناري جو
هڪ حصو روس کي ڏئي ڇڏيو. ترڪيءَ جي اهڙي بدحواسيءَ
جو فائدو وٺندي، روس کانئس ٻيون خاص اجازتون ۽ حق
به آسانيءَ سان حاصل ڪري ورتا.
سمنڊ تائين پهچ جي روس کي ضرورت:
پيٽراعظم پهريون ماڻهو هو، جنهن اِنهيءَ ڳالهه کي
محسوس ڪيو ته روس کي بحري بندر گهرجن، جيڪڏهن هو
پنهنجي وسيلن جي ترقي ڪرڻ چاهي ٿو. انهيءَ نيتيءَ
تي عمل ڪرائڻ لاءِ بالٽڪ سمنڊ ۾ هڪ طاقتور بحري
ٻيڙو روس جي واپار جي حفاظت ڪندو رهيو. گهڻي وقت
تائين ڪارو سمنڊ ترڪن جي قبضي ۾ رهيو. ترڪي
باسفورس ۽ دانيال واري سامونڊي لنگهه کي بند ڪري
روسي جهازن کي ڀونوچ سمنڊ وڃڻ کان روڪي ٿي سگهيو.
قسطنطنيه روس جي ڏکڻ واري فطرتي دروازي جي ڪنجي هو
۽ هيءَ ڪنجي هڪ زواليت ڏانهن ويندڙ ملڪ جي هٿ ۾
هئي. انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪوبه گس نه هو ته روس
جا سياستدان ترڪيءَ کي ٽڪر ٽڪر ڪري قسطنطنيه حاصل
ڪن ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي ملڪ لاءِ سامونڊي رستو هٿ
ڪن.
انگلينڊ جا مختلف مفاد:
وچ ايشيا ۾ هندوستان جي طرف روسي طاقت جي اڳتي وڌڻ
واري ڳالهه انگلينڊ کي ڊيڄاري ڇڏيو. 1869ع کان وٺي
هندوستان ڏانهن برطانوي شاهراهه
سئيز واهه جي ذريعي هئي. اهڙي حالت ۾جيڪڏهن ترڪي
شڪست ٿو کائي ته هڪڙو روسي بحري ٻيڙو جلدئي مشرقي
ڀونوچ سمنڊ تي قبضو ٿو ڪري ۽ سئيز واهه جي ٻئي پار
آزاد رستو خطري ۾ اچي ٿو وڃي! رشيا پوءِ هندستان
جي شهنشاهت جي لاءِ زمين جي طرف ۽ سمنڊ جي طرف کان
هڪ مستقل خطرو ٿو پئدا ٿي وڃي! تنهن ڪري انگلينڊ
ترڪيءَ جي زوال کي روڪڻ جو پڪو ارادو ڪيو.
مشرقي مسئلو:
اهو مسئلو، ته ترڪيءَ جو ڇا ٿيندو، هڪ مشڪل ”مشرقي
مسئلو“ ٿي پيو. روس ۽ برطانيا، رڳيون اڪيليون
رياستون نه آهن جيڪي انهيءَ مسئلي سان تعلق رکن
ٿيون. آسٽريا - هنگري پڻ ترڪيءَ جا ويجها پاڙيسري
هئڻ ڪري انهن قدمن کان بيپرواهه ٿي نه پئي سگهي.
فرانس اِهو مقصد ضرور نظر ۾ رکيو ته ڀونوچ سمنڊ ۾
سندس لاءِ جيترو ممڪن ٿي سگهي، اوترو وڌيڪ طاقت
محفوظ ڪري رکي. اٽليءَ جي واپار ۽ بحري طاقت لاءِ
ترڪيءَ جي ائڊرياٽڪ ڪناري جو مستقبل هڪ زندگيءَ
واري اهميت رکي ٿو. آخر ۾ جرمن شهنشاهت، ترڪ ملڪن
۾ هڪ وسيع واپار وڌايو آهي ۽ ايشيا ڪوچڪ ۽
ميسيپوٽيميا يا عراق ۾ هڪ قبضو رکندڙ طاقت ٿيڻ جون
اميدون پئي رکيون. جرمنيءَ کي انهيءَ ڳالهه ۾
فائدو نظر آيو ته ترڪيءَ جي لشڪر جي نئين تشڪيل ۾
مدد ڪري، ڇو ته اُهو لشڪر جرمن آفيسرن جو سکيا
ورتل آهي
.
”مشرقي مسئلو“ يورپ جي صلح لاءِ هڪ دائمي خطرو
آهي. يوناني انقلاب ۽ 1828ع - 1829ع واري ترڪي ۽
روس جي لڙائي، انهيءَ مسئلي جا رڳو اوائلي دور
هئا. هينئر اسان ڪريميائي لڙائي ۽ روس ۽ ترڪي جي
وچ ۾ 1877ع ۽ 1878ع وارين لڙائين جي ٻن اڳتي وڌيل
منزلن جو ذڪر ڪنداسين.
ڪريمين لڙائي (1853ع - 1856ع):
يروشلم ۾ ڪن مقدس جاين جي قبضي متعلق يوناني
آرٿوڊاڪس
(Greek Orthodox)
مذهبي جماعتن ۽ رومن ڪئٿولڪ جماعتن جهڳڙو ڪيو.
نيپولين
ٽيون، جو فرانس ۾ ڪئٿولڪ پارٽيءَ جي خوشامد ڪندو
هو، تنهن رومن ڪئٿولڪ وارن جي انهيءَ دعويٰ جي
پٺڀرائي ڪئي ۽ زار نڪولس روس ۾، (يوناني مذهبي
فرقي وارن جي سردار جي حيثيت ۾)، يوناني عيسائين
جي مدد ڪئي. آخر ۾ نڪولس اِها گـُـهر ڪئي ته سلطان
کيس ترڪ حڪومت ۾ يوناني عيسائين جو محافظ ڪري مڃي.
سلطان مغربي يورپ جي مدد تي ڀروسو رکي، انهيءَ
ڳالهه مڃڻ کان انڪار ڪيو. نتيجي ۾ روس وارن هڪدم
ڪاري سمنڊ ۾ ترڪيءَ جي هڪ فوجي جٿي کي ختم ڪري
لڙائي جو آغاز ڪيو. فرانس ۽ انگلينڊ سلطان جو پاسو
ورتو. ڪائور فرانس، انگلينڊ ۽ اٽليءَ جي اتحاد
لاءِ تجويز ڪيل مقصدن سان هڪ سارڊينيائي لشڪر
ڏياري موڪليو، هوڏانهن وري نيپولين (خاص ڪري
پنهنجي خاندان لاءِ، فخر حاصل ڪرڻ جي اميد ٿي رکي.
انهيءَ جنگ دوران اتحادي لشڪر ڪريميا ۾ سئڊسٽاپول
جي قلعي تي يارهن مهينن تائين گهيرو ڪيو. سرديءَ
جي لڙائي خوفناڪ هئي ۽ ٻنهي طرفن کي تڪليف ۽
بيماريءَ جي ڪري زبردست نقصان پهتو. 1856ع ۾ جڏهن
روس جي سئقڊسٽاپول هٿن مان نڪري ويو ۽ روس ان گهڻي
خرچ واري لڙائيءَ سبب هيڻو ٿي چڪو هو، تڏهن ”پئرس
وارو عهدنامو“ ڪيو ويو.
هن عهدنامي مطابق روس ۽ ٻين سڀني قومن کي ڪاري
سمنڊ تي ڪنهن به جنگي جهاز رکڻ جي منع ٿيل هئي. ان
کان علاوه ڪاري سمنڊ جي ڪناري تي ڪوبه فوجي
توبخانو نه رکيو ويندو. روس جي سرحد ڊينيوب نديءَ
کان پرتي هٽائي ويئي. اهي طاقتون عثماني شهنشاهت
جي آزادي ۽ خودمختياريءَ جي لحاظ رکڻ ۾ مشغول
ٿيون.
سندن مقصد هو ته ترڪيءَ کي روس جي مقابلي ۾ هڪ قسم
جي بچاءَ جي ديوار بڻائي اُن جي حفاظت ڪجي، پر
ايندڙ سالن ۾ ترڪيءَ جي حڪومت خود پنهنجي نااهليءَ
ڪري ٻين طاقتن کي سندس معاملن ۾ وڌيڪ مداخلت لاءِ
لاچار ڪيو. اِهي طاقتون سهي نه ٿي سگهيون، ته هڪ
طرف اُهي خاموشيءَ سان بگڙندڙ حالتون ڏسن، ته ٻئي
طرف وري هزارين بيگناهه ڪرستان مسلمان رعيت جي
هٿان قتل ٿين.
هوڏانهن رومانيا وارا، جي ڊينيوب نديءَ جي اتر ۾
هئا، انهيءَ لڙائيءَ جي نتيجي ڪري رومانيا کي آزاد
حڪومت بڻائي سگهيا.
1871ع ۾ فرانس جي شڪست کانپوءِ انگلينڊ قلعن کي
قبضي ۾ رکڻ ۽ ڪاري سمنڊ تي جنگي جهازن رکڻ جي حق
کي وري ٻيهر عمل ۾ آڻڻ کان روس کي روڪي نه سگهيو.
روس ۽ ترڪيءَ جي لڙائي (1877ع - 1878ع):
ترڪيءَ ۾ ڪرستانن تي لاڳيتي ظلم روس جي ماڻهن جو
غصو وڌيڪ ڀڙڪايو. انگلينڊ کي ڀؤ ٿيو، ته متان روس
ڏکڻ ڏانهن وڌي اچي، تنهن ڪري هن يورپ جي طاقتن جي
انهيءَ ڪوشش کي روڪيو ته ترڪيءَ تي ڪي سڌارا مڙهيا
وڃن. انهيءَ جي ابتڙ ترڪن ۾ به پرڏيهي مداخلت جو
ڀؤ ڏيئي قومي ۽ مذهبي تعصب ڀڙڪايو ويو. قومي حقارت
آخر انهيءَ چوٽيءَ تي وڃي چڙهي بيٺي جو بلغاريه ۾
خوفناڪ خونريزي ٿي.
باب اعليٰ
The Sublime Porte
]يعني
ترڪي حڪومت[
سڌاري جي سڀني صلاحن کي ننهن چوٽيءَ جي زور سان رد
ڪيو. جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته انگلينڊ، روس جي
لڙائيءَ واري اعلان کي وڌيڪ روڪي نه سگهيو. ترڪ
لشڪر بهادريءَ سان وڙهيو، پر آخر ۾ لشڪر جا سپاهي
گرفتار ٿيا يا ڇڙوڇڙ ڪيا ويا. هوڏانهن روس وارا
قسطنطنيه کان ٿورن ميلن تي پهچي ته ويا، پر جيڪڏهن
هو گاديءَ جي هنڌ کي والارين پيا ته برطانوي بحري
ٻيڙو، جو باسفورس ۾ بيٺو هو، سو هڪدم مٿن بمباري
شروع ڪري ها. هڪ موڙ تي ته روس ۽ برطانيا جي وچ ۾
ڪجهه ڪلاڪن ۾ بمباري به ٿيڻ واري هئي.
بـَـرلن
(Berlin)
جي ڪانگريس (1878ع):
برلن ۾ وزيرن جي هڪ ڪانگريس آخر ۾ هڪ عهدنامي تي
متفق ٿي، جنهن تي انگلينڊ ۽ روس ٻئي راضي ٿيا. عهد
نامي موجب ترڪيءَ کان سندس يورپ واري ملڪ جو گهڻو
حصو کسيو ويو. بوسنيا ۽ هرزگوونيا جا علائقا
آسٽريا جي انتظام هيٺ رکيا ويا. مانٽي نيگرو،
سربيا، بلغاريا ۽ رومانيا خودمختيار ملڪ ڪري مڃيا
ويا. يونان کي سسلي ۽ ايپيرس جا علائقا مليا، جنهن
ڪري سندس بادشاهت جي ايراضي ٻيڻي ٿي ويئي. روس
لڙائيءَ مان عزت ۽ فائدي سان ٻاهر نڪتو. سندس
سرحدون وري اڳتي وڌي وڃي ڊينيوب نديءَ جي منهن وٽ
پهتيون ۽ ڪوهه قاف جي ڏکڻ ۾ هن ڪارس جو مضبوط قلعو
۽ باطوم جو قيمتي سامونڊي بندر قبضي ۾ رکيو.
انگلينڊ انجام ڪيو ته جيڪڏهن روس ايشيا ڪوچڪ ۾
وڌيڪ ملڪ فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ”باب اعليٰ“ کي مدد
ڪندو،انهيءَ جي بدلي ۾ تـُـرڪ سلطان قبرص جو ٻيٽ
انگلينڊ کي ڏنو.
ويهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾ مشرقي مسئلو:
عثماني شهنشاهت دوران مسلمانن ۽ عيسائين جي وچ ۾
جهڳڙا اڃا تائين پيا هلن. مقدونيا جي علائقي ۾ صلح
سانت رکڻ لاءِ انهن طاقتن سلطان کي مجبور ڪيو هو
ته هو پرڏيهي پوليس نوڪريءَ ۾ رکي، پر ايئن پيو
نظر اچي ته ترڪن کي يورپ مان هڪالي ڪڍڻ کان سواءِ
صلح اچي نه سگهندو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ ڪوبه اڳتي قدم
کڻڻ شايد يورپ ۾ لڙائي آڻيندو.
روسي وچ ايشيا ۾:
سورهين صدي عيسويءَ جي آخر ۾ جڏهن سائيبيريا جي
فتح پڄاڻيءَ کي پهتي، تڏهن روسي قزاقن وچ ايشيا
ڏانهن نظر رکڻ شروع ڪئي. انهيءَ ڏس ۾ 1717ع ۽
1839ع ۾ خواخارز تي ٻن زبردست ڪاهن ۾ تقريباً سڀ
ماڻهو ختم ٿي ويا. انهيءَ کان پوءِ روسي مهندارن
فتح جو هڪ پراڻو پر يقيني طريقو استعمال ڪيو، يعني
آهستي آهستي هڪ قلعدار جڳهن جو سلسلو ٺاهيائون. جي
ڪري ڪرگيز/ڪرغيز رولو قومن 1847ع ۾ روس جي آڻ مڃي.
جنهنڪري 1855 ۾ ايلي نديءَ جي ڏکڻ ۾ ٽينشن جبلن جي
لاهيءَ تي ڪن شاداب وادين ۾ قزاق آباديون قائم ڪيو
ويون.
روسي فوج ڏکڻ طرف باقاعدي اڳتي قدم وڌايو. 1865ع ۾
اُن تاشقند جو مـُـک واپاري شهر حملو ڪري قبضي ۾
آندو ويو. بخارا جي امير، حملي آورن کي پٺتي هٽائڻ
جي ويهن آڱرين جو زور لاتو، پر روسي فوج هن کي وري
شڪست ڏني ۽ 1868ع ۾ سمرقند مٿان روسي جهنڊو جهولڻ
لڳو.
انهيءَ وچ ۾ خيوا
(Kiev)
جي خان، روسين تي لاڳيتا حملا ڪري کين ڪاوڙ ۾ آڻي
ڇڏيو هو، پر روسي فوج سندس ملڪ کي 1873ع ۾ غلاميءَ
جي درجي تائين پهچايو ۽ سندن ڪافي شهر هٿ ڪيا.
روس ۽ چين جي وچ ۾ لڙائي لڳڻ جو انديشو:
(1881ع)
1864ع ڌاري مشرقي چين ۽ ترڪستان ۾ مسلمانن جي هڪ
بغاوت کان پوءِ ڪاشگر/ڪاشغر ۽ ان سان لڳندڙ علائقا
ياڪوبي جي قبضي ۾ آيا. 1871ع ۾ مٿاهين ايلي واديءَ
۾ ڪلجا کي روس وارا ڪجهه وقت لاءِ والاري ويا.
جڏهن ياڪوبي کي قتل ڪيو ويو تڏهن چين وارن کي
ايتري طاقت هئي، جو هو پنهنجي خودمختياري وري قائم
ڪري سگهن. هنن روس وارن کي ڪلجا خالي ڪرڻ لاءِ
چيو. روس وارا طاقت استعمال ڪرڻ لاءِ تياريون ڪرڻ
لڳا، پر هنن اِها وڌيڪ سياست ڄاتي، جو شرط مڃڻ ۽
چين کي سندس ملڪ جي ڇهين حصي کان سواءِ ٻيو سڀ
ڪجهه موٽائي ڏنو.
روس جي فوجي حيثيت، پامير تي قبضو:
1891ع ۾ روسين پامير تي قبضو ڪري وچ ايشيا جي فتح
کي تڪميل تي پهچايو. 1895ع ۾ هڪ انگريز اروسي
ڪميشن، افغانستان ۽ روسي وچ ايشيا جي وچ ۾ سرحد جو
فيصلو ڪيو. روس جي فوجي حيثيت ٻن ريلوي لائينن ڪري
مضبوط ٿي وئي آهي. هي ٻئي ريلوي لائينون تاشقند وٽ
اچي ڳنڍجن ٿيون، هڪڙو ريلوي رستو ڪئسپين سمنڊ کان
اچي ٿو ۽ ٻيو اورنيوگ کان اورل تي. هينئر روسي
لشڪر يورپ مان چيني ترڪمانستان يا هندستان ۾ ٻن
هفتن اندر موڪلي سگهجي ٿو.
زار اليگزينڊر ٽيون |
سائبيريا جي ترقي:
سترهين صدي عيسويءَ جي پهرين اڌ ۾ سائبيريا جي فتح
کانپوءِ ان وسيع ملڪ جي بيٺڪي آبادي تمام آهستي
اڳتي وڌندي رهي. عام دنيا سائبيريا کي هڪ اهڙو
ڀيانڪ، ٿڌو ۽ غيرآباد ملڪ ڪري سمجهيو ٿي، جيڏانهن
روسي سرڪار، ڏوهارين ۽ سياسي ماڻهن کي شهر بدر ڪري
موڪليندي هـُـئي.
سائبيريا جو حقيقي قدر هڪ وسيع زرعي ۽ کاڻين واري
ذريعي جي حيثيت ۾ تڏهن عالم آشڪار ٿيو، جڏهن 1800ع
۽ 1850ع جي وچ واري دور ۾ ڪيتريون ئي تحقيقاتي
جماعتون اوڏانهن ويون. ان وقت کان وٺي ماڻهن جو
يورپي روس مان سائبيريا ۾ آباد ٿيڻ مستقل طرح
وڌندو رهيو آهي. 1902ع ۾ آدم شماري سٺ لکن کان
وڌيل هئي، جن مان ايڪهٺ سيڪڙو روسي هئا. اهو ڏکڻ
وارو سائبيريا جو حصو آهي جو چيني سرحد سان لڳل
آهي، جنهن جي ايتري تيزيءَ سان ترقي ڪئي ٿي وڃي.
شهنشاهه اليگزينڊر ٽئين جي 1891ع ۾ نڪتل هڪ اوقازي
(روسي زبان ۾ شاهي فرمان لاءِ لفظ) مطابق ٽرانس
سائبيرين ريلوي ٺاهي وئي. هن شاهي ريل جي رستي جي
مهم، جا تاريخ ۾ وڏي
۾ وڏي آهي، سا 1903ع ۾ روسي ۽ چيني ريلوي
انـجنيئرن طرفان منچوريا جي پار تڪميل تي پهچائي
يڪي اچ وڃ لاءِ کولي وئي. اهڙي اڳڀرائيءَ جي نتيجي
۾ هڪ مسافر هينئر لنڊن کان پيڪنگ سترهن ڏينهن ۾
پهچي سگهيو ٿي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ سمنڊ جي
مسافري پنج هفتا ورتا پئي. منچوريا جي مسئلي ۾ روس
جو رويو، جيڪو هيٺ بيان ڪبو، تنهن سراسري هن ريل
جي رستي جي تڪميل تي مدار ٿي رکيو. ڇاڪاڻ ته
انهيءَ رستي جي وڇائڻ کانپوءِ روسي لشڪر جا وڏا
جٿا يورپ ۽ سائبيريا مان ڏور اوڀر تائين جلدي
منتقل ٿي ٿي سگهيا.
ڏور اوڀر ۾ روس:
اسان پڙهي آيا آهيون ته نرچنسڪ جي عهدنامي (1689ع)
ٻه سؤ سالن تائين امور نديءَ تي روسي حملي کي
روڪيو. 1854ع ۾ اوڀر سائبيريا جو گورنر مورايف
امور نديءَ کان هڪ روسي بحري ٻيڙو هيٺ وٺي ويو ۽
سندس کاٻي ڪپ واري ملڪ تي وڃي قبضو ڪيائين. پيڪنگ
تي انگريزي ۽ فرينچ حملي ۾ شڪست کائڻ ڪري ۽
تائيپنگ بغاوتن کان اڃا تائين خطري ۾ هئڻ ڪري چيني
سرڪار تمام ڪمزور ٿي وئي هئي، تنهنڪري اُها انهيءَ
قبضي کي روڪي نه سگهي. 1858ع ۽ 1861ع وارن عهدنامن
مطابق چين امور نديءَ جي کاٻي ڪپ وارو سڄو ملڪ ۽
امور نديءَ جي ساڄي ڪپ وارو ڪوريا جي سرحد تائين
ڦهليل ملڪ روس کي ڏئي ڇڏيو.
|