مقدمو
تاريخ
(History)
ڇاکي ٿو چئجي؟
لفظ هـِـسٽري
“History"،
هڪ يوناني ڌاتوءَ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي: ”پڇا ڳاڇا ڪري ڪجهه معلوم ڪرڻ“. انهيءَ لحاظ
کان لفظ
”هسٽري“
پنهنجي اصلوڪي وسيع معنيٰ ۾ ”سائنس“ جو ٻيو نالو
آهي. يعني، جيڪو انساني علم جاچ ۽ تجربي جي رستي
استقرائي طرح حاصل ڪجي، ان کي تاريخ چئي سگهبو هو.
جيئن زمانو گذرندو ويو تيئن هن لفظ کي به محدود
معنيٰ ۾ استعمال ڪيو ويو. هڪ طرف سندس معنيٰ
ماضيءَ جي سهيڙيل علم تائين محدود ڪئي وئي، ته وري
ٻئي طرف ان تاريخ کي انساني زندگيءَ سان نسبت
رکندڙ ڳالهين متعلق استعمال ڪيو ٿي ويو. ان جو
مطلب اهو ٿيو ته ”تاريخ“ لفظ هيٺين ڳالهين سان نٿو
لڳائي سگهجي.
1. بنا ترتيب جي گڏ ڪيل علم، 2. هر اهو علم
جنهن جو زمان يا وقت سان ڪو لاڳاپو نه هجي، ۽ 3.
رواجي معنيٰ ۾ اهو سمورو علم جنهن جو انساني ارتقا
سان ڪو واسطو ڪونهي. ان ڪري هن ڪتاب ۾ ”تاريخ“ لفظ
جي معنيٰ آهي:
”انسان ذات جي سوانح جو لکت ۾ ترتيب ڏنل سرمايو“.
اهو انسان ذات جو سرمايو يا تجربو گهڻن ئي
نمونن جو آهي. قديم زماني جي ابتدائي ڏينهن کان
وٺي جڏهن انسان ذات حيواني حالت کان مٿي چڙهي،
تڏهن کيس زندگيءَ جي جدوجهد ۾ فتح حاصل ٿي ۽
حيواني دنيا تي سندس تسلط قائم ٿيو. تنهن کان
سواءِ ڊگهي عرصي جي آزمائش ۽ تجربي جي ڪري کيس
قدرت جي جماداتي سرماين جو مالڪ بڻايو ويو ۽ منجهس
اهليت ۽ قابليت پيدا ٿي، جو برپٽن ۾ به پنهنجي
کاڌي، اجهي، ڪپڙي ۽ آرام جو سازو سامان مهيا ڪري
سگهيو. وڏي ڳالهه ته منجهس اها لياقت پيدا ٿي ته
ڪيئن ٻين انسانن سان معاشري ۾ گڏ رهي ڳوٺ، شهر ۽
ملڪ ٺاهي، صنعتون ۽ هنر، علم ادب ۽ تعليم، فلسفي ۽
مذهب جو ڪيئن واڌارو ڪري. اهو سڀ انساني تجربو
تاريخ جو موضوع آهي. تاريخ انسان جي هر پهلوءَ جي
ارتقا جو نقشو آهي ۽ سندس وڌندڙ طاقت ۽ سندس
مرحليوار خودشناسيءَ جو بيان آهي. اصل ۾ تاريخ
انسان ذات جي اجتماعي ذهن جو (مسلسل) قصو آهي.
تاريخ جون حدون:
اها ڳالهه ظاهر آهي ته انسان ذات جي واڌ ويجهه
جي اها ڪهاڻي لکڻ لاءِ تاريخ نويس وٽ هر زماني جا
علمي ماخذ دستياب هئڻ گهرجن. جنهن زماني متعلق هو
لکي ٿو، جيڪي واقعا هو بيان ڪري ٿو، انهن مان
جيڪڏهن موجود هوندا ته، ڪي ٿورا سندس نظر هيٺ
گذريا هوندا. باقي واقعن لاءِ هو مجبور آهي ته
هيٺين ڳالهين تي اعتماد رکي:
(1) قديم زماني جا اهي آثار، جي اڄ تائين قائم
آهن ۽ (2) قديم زماني جو قلمبند ٿيل تحريرون جي هن
وقت تائين سلامت رکيل آهن. انهن ٻنهي علمي سرچشمن
مان ٻيو نمبر تمام مکيه آهي. هڪ فرينچ مصنف ته
ايتري قدر ٿو چئي ته ”قلمبند بيان هجڻ کان سواءِ
تاريخ لکڻ ناممڪن آهي.“ پر لکڻ جو هنر، دفتربندي ۽
رڪارڊ رکڻ، اسان جي علم مطابق، ست هزار ورهين کان
اڳ وجود ۾ ڪونه هو. اهو زمانو (يعني ست هزار
ورهيه) هن دنيا ۾ انساني زندگيءَ جو رڳو ذري جيترو
ڀاڱو آهي. ”علم الانسان“ جي ماهرن جو تخمينو آهي
ته انسان، هن دنيا جي تختي تي 500000 (پنج لک)
ورهين کان رهندا پيا اچن. تنهنڪري ست هزار ورهين
جي زماني کان اڳ جي تاريخ لاءِ اسان کي قديم آثارن
جي ٿوري ٿڪي ثبوت تي ئي ڀاڙڻو پوندو. ان وسيع
زماني کي، جنهن متعلق ڪا ڳالهه دستاويزن يا نقش ۽
حجر تي موجود ناهي،تنهن کي ”قبل از تاريخ“ يا
تاريخ کان اڳ وارو زمانو سڏيو وڃي ٿو.
تاريخ جا سرچشما يا مآخذ:
تاريخ کان اڳ واري زماني بابت ڪجهه ويچار ۾
آڻجي، ان کان اڳ اچو ته ڏسون ته اهي ڪهڙا مکيه
مآخذ آهن، جيڪي اسان کي گذريل ست هزار ورهين جي
تاريخ لکڻ ۾ عمومي مدد ڪن ٿا. مشرق وسطيٰ يعني:
مصر، بابل، آشور، ايشيا صغير ۽ قريط جي قديم تاريخ
معلوم ڪرڻ لاءِ لاتعداد پٿر تي لکيل ڪتبا ۽ مٽيءَ
جي وڏين سـِـرن تي اُڪريل لکتون آهن. پر انهن مان
ڪي اڃا پڙهڻ جوڳا نه آهن. بعد جي زماني جي تهذيبن
بابت، (مشرقي ۽ مغربي) اسان وٽ اهي دستاويز يا
سندن نقل موجود آهن، جي اصل کـَـلـُـن يا ”پاپي
روس“ ٻوٽي جي ورقن تي لکيل آهن. هاڻوڪي زماني ۾
ڪاغذ ۽ ڇاپي جي مشين اسان لاءِ ايترو گهڻو مواد
موجود ڪيو آهي، جو تاريخ نويس تاريخي علم جي ڪثرت
۽ رڱاوت کي ڏسي منجهيو ٿو پوي. ان ڪري هر زماني جي
تاريخ لکڻ جو مسئلو مختلف آهي. قديم زماني جي
تاريخ لاءِ مسئلو آهي ته ڪيئن اهي ڪتبا پڙهي
سمجهيا وڃن ۽ سندن معنيٰ ڪڍي وڃي. هاڻوڪي زماني جي
تاريخ لکڻ واري لاءِ اهو مسئلو درپيش آهي ته، جيڪو
مواد موجود آهي ان مان ڪهڙو انتخاب ڪجي (جو سچو ۽
معتبر هجي). جيڪڏهن هڪڙي خيال کان هن زماني جي
تاريخ لکڻ لاءِ مواد ملڻ آسان آهي ته وري ٻئي خيال
کان مشڪل آهي، ڇو ته (هاڻوڪي زماني جي تاريخ لکڻ
لاءِ) بي ريا ٿي لکڻ مشڪل تر آهي. اڄ ڪلهه جي
تاريخ نويس جو ذاتي لاڙو سندس علم ۾ داخل ٿئي ٿو.
سندس سياسي خيالات، مذهبي عقيدا، قومي بدظني، اهي
سڀ سندس بي ريا راءِ کي رياڪار بنائين ٿا ۽ سندس
وسيع نظريءَ ۾ حائل ٿين ٿا. قديم زماني جي تاريخ
لکندڙ انهيءَ خطري کان نسبتاً خالي آهي. هو بنا
ڪنهن جذبي جي شهنشاهتن جي عروج ۽ زوال تي غور ۽
فڪر ڪري سگهي ٿو ۽ جاچي سگهي ٿو. مذهبي عقيدن جي
هڪٻئي سان ٽڪر ۽ تبديليءَ کي چڱيءَ طرح پروڙي سگهي
ٿو. بي جذباتي علم لاءِ تاريخ کان اڳ جي خاموش
دنيا جا آثار هڪ آزاد ترين ميدان آهي ۽ انهيءَ
ميدان ۾ ئي خاص ڪري ويهين صدي (عيسوي) جي شروعات
کان وٺي، تاريخ جي علم شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي
آهي. (هن ڪتاب جي) ضخامت جي محدود هئڻ ڪري، هت ان
علم جي مختصر بيان کان وڌيڪ درج نٿو ڪري سگهجي.
تاريخ کان اڳ وارو زمانو:
علم هيئت جي ڄاڻـُـن جو چوڻ آهي ته شايد
3,000,000,000
(ٽي ارب) ورهيه اڳ سڄو شمسي نظام هڪ گئس جو تيز
گرمي سان ٻرندڙ جسم هو. ڪنهن نموني سان، شايد ڪنهن
وڏي ستاري جي ويجهي اچڻ ڪري، اهو جسم منتشر ٿي سج
سميت اٺن گرهن يا سيارن ۽ پنج سؤ ننڍن تارن ۾
ورهائجي ويو. ننڍا جسم وڏن کان جلد ٿڌا ٿي ويا ۽
شايد
1,000,000,000
(هڪ ارب) ورهين کان پوءِ هڪ سخت مٿاڇرو ڌرتيءَ جي
سطح تي ٺهڻ شروع ٿيو. لکين سالن کان پوءِ ڌرتيءَ
تي بارش پوڻ ڪري وڏا سمنڊ ٺهيا ۽ انهن وڏن سمنڊن ۾
لاتعداد زمانن کان پوءِ زندگيءَ جا آثار نمايان
ٿيا.
ان کان پوءِ علم حيوانات جا ماهر ان تاريخ تي
روشني وجهي اسان کي
ٻڌائين ٿا ته
ڪهڙي طرح ابتدائي حيوانات آهستي آهستي ترقي ڪري
لکين سالن جي مدت اندر مڇيون، ڪرڙيون، پکي، کير
پياڪ جانور بڻيا ۽ آخر ۾ انسان جي حالت کي پهتا.
قديم ترين آثار جيڪي هٿ لڳا آهن، انهن مان هڪ اها
آهي کوپڙي، جا انساني کوپڙيءَ سان گهڻين ڳالهين ۾
مشابهت رکي ٿي.ان کي ”پـِـٿيڪان ٿروپـَـس“ (Pithecanthropus) يعني ”ڀولڙو انسان“ سڏيو ويو آهي. اها کوپڙي سن
1892 عيسويءَ ۾ جاوا ۾ زمين هيٺان کوٽي ڪڍي ويئي
هئي. سڀئي ان ڳالهه تي متفق آهن ته اُها مخلوق يا
اهو حيوان، جنهن جي اها کوپڙي آهي، سو علم طبقات
الارض جي
Oliocene
زماني ۾ رهيو هوندو. اهو زمانو
550,000
(ساڍا پنج لک) ورهيه اڳ ختم ٿيو. هائڊيلبرگ
(جرمني) شهر جي ويجهو 1907 عيسويءَ ۾ جيڪا کوپڙي
لڌي ويئي هئي ۽ جيڪا سڄي پر حيواني انسان جي کوپڙي
هئي، سا به هن کان گهٽ قديم ناهي. 1912 عيسويءَ ۾
وري پلٽ ڊائون (Piltdown)
]انگلينڊ[
۾ هڪ تمام جهوني کوپڙي لڌي ويئي.
هن وقت تائين سندس زماني متعلق اڃا ڪو اتفاق راءِ
نه ٿيو آهي.
”علم
الانسان“ جي ڪن ماهرن جو رايو آهي ته اهو دور جاوا
۽ هائڊيلبرگ وارن زمانن جي وچ ۾ آهي. ٻين جو خيال
آهي ته اها کوپڙي
100,000
(هڪ لک) ورهين کان ٿورو وڌيڪ
قديم زماني جي آهي.
قديم پٿر واري دور جي آرٽ جو هڪ نمونو |
قديم زماني جي انساني کوپڙين کان سواءِ
ڪيترائي اڻ گهڙيل اوزار ۽ هٿيار، جي ان زماني جي
ماڻهن ٺاهيا، اهي هن وقت تائين سلامت آهن. انهن
مان گهڻا پٿر جا ٺهيل آهن ۽ ڪي ڌاتوءَ جا. انهن
مان تمام جهونن اوزارن متعلق،
]جن کي ”پرڀاتي يا شروعاتي پٿر“ (Eolithic)
جا اوزار ڪوٺيو وڃي ٿو[
اڃا شڪ آهي ته اهي انسانن جا ٺاهيل آهن يا اُهي
مورڳو عجيب شڪل جا قدرتي طرح ٺهيل پٿر آهن. جيڪڏهن
اهي پٿر انسان جا ٺاهيل آهن ته پوءِ طبقات الارض
جي علم مطابق چئبو ته انسان (هن دنيا جي تختي تي)
”اقرب“ (Pliocene)
زماني ۾ موجود هو. پر ”جهوني پٿر واري“ زماني جي
اوزارن نسبت ته اسان کي پڪ آهي. انهن لاءِ پڪ سان
چئي سگهجي ٿو ته اهي انساني هٿن پٿر جي ٽڪرن مان
اڻپوري طرح گهڙي ٺاهيا آهن. ”جهوني پٿر وارو
زمانو“ (Paleolithic
Epoch)
پنج هزار ورهين کان ڏهه هزار ورهيه قبل مسيح جو
زمانو آهي. ان زماني جا قديم آثار، جهڙوڪ:
ڪوڏريون، رَندا ۽ چاقو وڏين ندين جي ماٿرين مان
لڌا ويا آهن، جيڪي نديون جهوني زماني جي سمنڊ ۾
وهندڙ برفاني ٽڪرين جي وهڪري سبب انهن ماٿرين ۾
رهجي ويون آهن. ان زماني کان پوءِ جا آثار، جهڙوڪ:
سٺي نموني ۾ گهڙيل پٿر جا اوزار ۽ انهن سان گڏ هڏي
۽ سـِـڱ مان ٺاهيل اوزار انهن غارن مان لڌا ويا
آهن، جي ڪيتري زماني تائين شڪاري قومن جي گهر جو
ڪم ڏيندا هئا.
نئين پٿر واري دور جي آرٽ جو نمونو
|
ڏهه
هزار ورهيه قبل مسيح جي وقت کان وٺي انساني تهذيب
جلد ترقي ڪئي. ان زماني کي ”نئون پٿر جو زمانو“ (Neolithic
Epoch) سڏيو وڃي ٿو. ان دور ۾ نه رڳو پٿر جا اوزار
بهتر طريقي سان ٺاهيا ويا، پر انسان جانورن کي
پالڻ سکيو، زمين کيڙڻ سکيو ۽ پاڻ ۾ گڏجي منظم
جماعتن ۾ رهڻ سکيو. ڇٻن ٺاهڻ، ڪـَـتڻ، اُڻڻ ۽ ٺڪر
جا ٿانو ٺاهڻ جون صنعتون ۽ هنر پڻ وجود ۾ آيا. ان
”نئين پٿر جي تهذيب“ مان ئي قديم ترين تمدن، يعني
مصر جي تمدن ترقي ڪئي.
انساني قومون:
اڪثر ڪري انسان ذات جون ٽي قومون سندن چمڙيءَ
جي رنگ جي لحاظ کان هڪٻئي کان الڳ سمجهيون وينديون
آهن. اهي آهن: (1) ڪاري رنگ واريون قومون (2) ڦڪي
رنگ واريون، منگولي يا توراني قومون (3) سفيد چمڙي
واريون، قفقازي
يا يورپي
قومون. پر اهو امتياز هينئر بنيادي نٿو سمجهيو
وڃي. اڄڪلهه اهو اعتقاد رکيو وڃي ٿو ته سڄي انسان
ذات (سڀئي انساني قومون) هڪ ئي خاندان جو اولاد
آهن، رنگ ۽ ٻيا اختلاف رڳو آبهوا ۽ ٻئي اهڙي قسم
جي ماحول جو اثر ۽ نتيجو آهن.
تاريخ جو جاگرافيءَ سان تعلق:
ماحول جو (انساني زندگيءَ تي) زوردار اثر
انسان کي مجبور ڪري ٿو ته جاگرافيءَ جي اهميت
محسوس ڪندي ان جو اڀياس ڪري، خاص طرح تاريخ سان گڏ
طبعي جاگرافي. انسان ذات جون مختلف قسمن جون قومون
جهنگن، ميدانن، ڍنڍن وارن علائقن، جبلن ۽ ٻيٽن جي
پيدائش آهن. آبهوا جي ڦير گهير جي ڪري ماڻهن هڪ
هنڌان ٻي هنڌ لڏپلاڻ ڪئي. اچ وڃ ۽ بار برداريءَ جي
ذريعن پڻ تاريخ جي رفتار کي متاثر ڪيو آهي. هن
تاريخ جو هر هڪ باب ڪنهن سٺي نقشي کي اڳيان رکي
پڙهڻ گهرجي. اهو نقشو اهڙو هئڻ گهرجي جنهن ۾ طبعي
وصفن کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي هجي.
علم التواريخ:
تاريخ جي زمانن کي مقرر ڪرڻ جي صفت يا تعريف
اڃا مڪمل نه ڪئي وئي آهي. مصري ۽ بئبلوني (بابلي)
تاريخ جي واقعن جون ڪي تاريخون ڪيترين صدين اندر
به مقررڪري نه ٿيون سگهجن. اڄ تائين پڻ وقت جي
ڳاڻيٽي جا ڪيترائي مختلف طريقا آهن، پر اهو سرشتو
جيڪو گهڻن هنڌن تي قبول ڪيو وڃي ٿو ۽ اڪثر ڪري
آسان آهي، اهو مغربي دنيا ۾ رائج آهي. اهو سرشتو
رومي لوڪن جي تقويم يا ڪئلينڊر تان ورتو ويو آهي ۽
خاص طرح اهو طريقو، جيڪو جوليس سيزر (قيصر يوليوس)
عيسوي سن جي شروعات کان ٿورو اڳ (45 سال قبل مسيح)
قائم ڪيو. ان ڪئلينڊر مطابق سال ۾ 365 ڏينهن هئا ۽
سال ڪبيسه
(Leap year)
هر چوٿين سال 366 ڏينهن جو ڳڻيو ويندو هو. ڪجهه
زماني کان پوءِ وري ان ۾ ٿوري ڦير ڦار ڪئي وئي، ان
لاءِ ته ڪئلينڊر سج جي ظاهري گردش سان ٺهڪي اچي.
اها ڦير ڦار، جنهن ۾ خاص ڳالهه هيءَ هئي ته هر ٻن
صدين کان پوءِ ڪبيسي سال ترڪ ڪيو وڃي، سا سال 1528
عيسويءَ ۾ پوپ گريگري تيرهين جي چوڻ تي آندي وئي.
سالن يا سن جي ڳڻپ حضرت عيسيٰ مسيح جي ولادت جي
سال کان اڳ (قبل مسيح) يا پوءِ (عيسوي يا مسيحي
سن) ڪئي وڃي ٿي. ان ولادت جي سال کان اڳ جي سن کي
”ق - م“ (قبل مسيح) ۽ بعد واري سن کي ”ع“ يا ”م“
(”عيسوي“ يا ”مسيحي“) جي اکرن سان چٽو ڪيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر آءِ، جي سي هيرنوه
باب پهريون
قديم تاريخ
(سن 4000 ق . م کان سن 375 م تائين)
مصر
(Egypt)
مصر - قديم تهذيب جو هڪ اهم ترين مرڪز:
مصر جي جاگرافيءَ تي نظر ڪرڻ سان پڙهندڙ کي پڪ
ٿيندي ته ٻيو ڪوبه ملڪ، (ساڳيءَ پکيڙ وارو) زراعتي
عوام لاءِ مناسب ناهي جيترو مصر، جنهن ۾ انسانن کي
جهجهو اجهو ميسر ٿي سگهي. نيل نديءَ جي سالياني
اٿل مصر جي زمين کي آباد ڪري ٿي ۽ زور وٺائي ٿي ۽
(ان سان گڏ) گرم آبهوا ڪيترن ئي قسمن جي فصلن جي
اوڀڙ ۾ مدد ڪري ٿي.
قديم تاريخي زماني کان وٺي مصر جي طبعي حالتن
۾ ڪنهن به قسم جي خاص تبديلي نه آئي آهي. جيتوڻيڪ
قدرت جي طرفان واديءِ نيل کي گهڻيون ئي نعمتون
مليل آهن، تنهن هوندي به هتان جي رهاڪن جي محنت ۽
هوشياريءَ جي ڪم کان بغير کين ڦل حاصل نه ٿيو آهي.
برسات جي ڪميءَ ڪري ماڻهن کي نيل نديءَ جو پاڻي
ٻنين ۾ ريج جي ذريعي آڻڻو پيو. ريج جي رستي وڏي
پيماني تي پاڻي پهچائڻ لاءِ مستقل جسماني ۽ دماغي
محنت درڪار آهي. ان حوالي سان ڪنهن باقاعدي سرڪاري
انتظام کان سواءِ ڪاميابي حاصل نه ٿي سگهندي. اهڙي
سرڪار کي گهرجي ته واهن جي چڱيءَ طرح سنڀال ڪري،
بندن جي مرمت ڪرائيندي رهي ۽ خيال رکي ته جيئن هڪ
ضلعي جا هاري، پاڻيءَ جي اجائي استعمال سان ٻئي
هيٺاهين سطح واري ضلعي جي زمين وارن کي برباد نه
ڪن. اهڙي ئي محنت، باهمي تعاون ۽ ان سان گڏ قدرتي
فائدن جي ڪري مصر ۾ قديم اوائلي تهذيب اُڀري.
پهريون خاندان:
مصري تاريخ جي ابتدا جي
اڃا خبر نه پئجي سگهي آهي. ممڪن آهي ته اها 5000
ورهيه ق.م يا اڄ کان ست هزار ورهيه اڳ پيدا ٿي
هجي. ’مينيز‘، پهريون فرعون (مصري بادشاهه جو لقب)
هو، جو 3000 سال ق.م پهرئين مصري شاهي خاندان جو
باني بڻيو. هن مصر جي ننڍين ننڍين حڪومتن کي متحد
ڪري هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت آندو ۽ نيل نديءَ جي
ڪيٽيءَ جي سري وٽ ’ميمفـِـس‘ جو شهر ٻڌو.
ابوالهول جو مجسمو |
ميمفس جي ويجهو
”ابوالهول“ جي تعمير به ان قديم ترين زماني ۾ ٿي،
جنهن جي تاريخ متعلق ڪا صاف ڳالهه معلوم ڪانهي. هي
ڳرو مجسمو جو هنر ۽ فن جو قديم ترين مثال آهي ۽ جو
اڄ ڏينهن تائين قائم آهي، سو هڪ نـِـهري پٿر مان
ٽڪي ٺاهيو ويو آهي. سندس جسم هڪ جـُـهڪي ويهندڙ
شينهن جهڙو آهي، پر شڪل يا مـُـنهن انساني اٿس.
اهو سج ديوتا جو مجسمو هو.
اَهرامن جا باني:
ٻئي ڪنهن به بادشاهي خاندان اهڙا نمايان آثار
پٺيان نه ڇڏيا جهڙا فرعونن جي چوٿين خاندان، جنهن
جي حڪمرانن ميمفس جي ويجهو سڀ کان وڏا اَهرام
ٺهرايا.
ڪـِـي اوپس (بادشاهه) ”احـَـرمِ عظيم“ (great
Pyramid)
ٺهرايو، جو هڪ قسم جو پٿرن ۽ سـِـرَن جو جبل آهي،
۽ سڀني پاسن کان بلڪل پوري نموني ۾ چار سؤ پنجاهه
فوٽن جي اوچائيءَ تائين ٺهيل آهي. اهي ڪامل
معماريءَ جا ڪارناما ڏيکارين ٿا ته مصري علميت
اڳيئي اهڙي زماني ۾ پختگيءَ کي پهچي چڪي هئي، جنهن
زماني ۾ سڄي يورپ ۾ بربريت جو تسلط هو.
قديم مصري اهرام |
ارڙهون ۽ اڻويهون خاندان (1650 ق . م - 1300 ق . م):
راميسس ٻيون |
جنهن وقت شام جي لاڏائو حملي ڪندڙن مصري دوآبي
۾ ديرو ڄمايو، تنهن وقت اڳيئي اٺ شاهي خاندان ٻيا
به گذري چڪا هئا. شامي حملي آورن آهستي آهستي سڄي
مصر جي وادي پنهنجي حڪمرانيءَ هيٺ آندي. غير ملڪي
(شامي) حڪمرانن کي ”حـِـڪصاص“ يا ”ريڍار بادشاهه“
ڪري ڪوٺيو ويندو هو. جيتوڻيڪ اُهي شروع ۾ غير مهذب
هئا، پر جلد ئي هنن مصري ريتون رسمون اختيار ڪيون.
حڪصاص بادشاهن جي پنج سئو ورهين جي حڪومت مصـِـري
شهزادي اموسـِـس جي بغاوت سان جبراً ختم ٿي. هن
مصري شهزادي غير ملڪي حاڪمن کي تڙي ڪڍيو ۽ مـُـلڪ
۾ ارڙهين بادشاهي خاندان جو بنياد رکيو. هن خاندان
۽ ان کان پوءِ ايندڙ خاندان جي ڏينهن ۾ مصر، طاقت
جي عـُـروج تي پهتي. صحاريٰ کان وٺي فرات نديءَ
تائين مصري فرعونن جو حڪم مڃيو ويندو هو. هنن جي
مشهور بادشاهن مان سڀ کان وڌيڪ ناليوارا اڻويهين
خاندان جا حاڪم: سيتي پهريون ۽ راميسـِـس ٻيو هئا.
سيتي، ڳاڙهي سمنڊ کان نيل نديءَ تائين هڪ واهه
کوٽائڻ شروع ڪيو، جو مصري تجارت ۽ سامونڊي طاقت
جي لاءِ ايتري اهميت رکندڙ هو، جيتري آمريڪا جي
لاءِ پاناما واهه. هن واهه جو ڪم راميسـِـس ختم ڪرايو. ان واهه جا
قديم آثار اڃا تائين سوئيز واهه جي ويجهو صاف نظر
اچن ٿا. راميسس پنهنجي شاندار
حڪومت جا
سـَـتـَـهٺ ورهيه فوجي مـُـهمن ۽ عوامي ڪمن جي
تعمير ۾ صرف ڪيا. ڪئين عظيم مجسما ۽ وڏين
عبادتگاهن جا اجڙيل آثار، جي اڃا تائين سلامت آهن
۽ جن جون ڀتيون تصويرن ۽ ڪتبن سان چٽيل آهن، سي
راميسـِـس اعظم جي همٿ جون شاهد آهن.
ڇويهون خاندان:
مصر جو آخري ناليوارو خاندان ڇويهون خاندان
هو، جنهن جو باني ”ساميٽـِـڪُـس“ (Psammetichus)
پهريون (سن 663 ق . م) هو. هن آشـُـورِيـُـن کي،
(جن مصر کي پنهنجي ملڪ جو هڪ صوبو بنائي ڇڏيو هو)
مـُـلڪ مان تڙي ڪڍيو. ساميٽـِـڪس پهريون، پهريون
فرعون هو، جنهن غير ملڪي ماڻهن کي مصر ۾ رهڻ ۽
ورسائڻ لاءِ همٿايو. ان تسلسل ۾ دوآبي ۾ يونانين
جي هڪ وستي آباد ٿي ۽ يوناني شاگردن مصري مذهبي
عالمن کان علم حاصل ڪيو. ان طرح مصر جون کوجنائون
ڀونوچ سمنڊ جي ٻين ملڪن ۾ ڦهلجي ويون. ساميٽڪس جي
فرزند نـِـيڪو ٻئي پنهنجي پيءُ جي راڄنيتي متي يا
پاليسي کي جاري رکيو، پر سندس مدبر حڪومت ملڪ کي
رڳو ڪجهه وقت لاءِ زور وٺرايو. مصري لوڪ پنهنجي
ترقيءَ جي چوٽيءَ کي پهچي چـُـڪا هئا ۽ آخري دور
جا فرعونن جا آزاد خيال، سندس تجويزن مان گهڻو
فائدو نه وٺي سگهيا. نيون ۽ وڌيڪ طاقتور قومون
اڳين قومن جي جاءِ تي کڙيون ٿيون. پهرين بابلي
لوڪن ۽ انهن کان پوءِ ايرانين، مصر کي پنهنجو
محڪوم صوبو ڪري رکيو. سڪندراعظم ملڪ کي يوناني
حڪومت هيٺ آندو ۽ پهرين صدي عيسويءَ ۾ رومي لوڪن
فرعونن جي ملڪ کي پنهنجي سلطنت ۾ شامل ڪري ڇڏيو.
ان وقت کان پوءِ مصر ڪنهن به مقامي حاڪم جي حڪومت
هيٺ نه رهي آهي.
مذهب، ريتون رسمون ۽ هنر و فن:
مصري لوڪ تمام گهڻا مذهبي ماڻهو هئا. سندن
قومي زندگيءَ تي مذهب جو راڄ هو، بادشاهه کان وٺي
فقير تائين، ملڪ جي زمين جو ٽيون حصو عبادتگاهن جي
ملڪيت هئڻ سبب مقدس بڻيل هو. گهر مٽيءَ جا ٺهيل
هئا، پر عبادتگاهن کي پٿرن جي پشتي هئي.
مصر جي مٿانهين ڀاڱي ۾
قديم شهر ٿيبز جي ويجهو ڪارنـَـڪ جي عبادتگاهه
قديم زماني ۾ مذهبي عمارت سازيءَ جو بهترين ۽ اهم
ترين نمونو ليکي وڃي ٿي. سندس ڪيترا گول ٿنڀا اڃا
تائين سندس قديم آثارن جي زيارت ڪندڙن کي اچرج ۾
وجهن ٿا.
مصر ۾ هر هڪ ضلعي کي پنهنجا مڪاني معبود هئا، پر
انهن مان ڪن جي سڄي ملڪ ۾ پوڄا ڪئي ويندي هئي.
انهن مان مکيه هئا ”راع“ يعني سج ديوتا ۽
”اوسائـِـي رِس“، جو نيل نديءَ جي نعمتن جو مالڪ
هو. اوسائي رس سان گڏ سندس زال ”آءِ سـِـس“ ۽ سندس
پٽ ”حورس“ جي به عام طرح پوڄا ڪئي ويندي هئي.
مصرين به ٻين ڪيترين قومن وانگر ضرورت محسوس ڪـئي
ته پنهنجـن ديوتائن کي،
|