29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :9

باب نائون

يوناني تمدن

يوناني تمدن جو ايندڙ زماني لاءِ قدر ۽ قيمت:

يونان جو حقيقي قدر ۽ قيمت سندس سياسي تاريخ ۾ آهي، سندس حڪومت جي تجربن مان گهڻو ڪجهه سکي سگهجي ٿو. پيريڪليز، ارسٽائيڊز (Aristides)، ۽ ڊيماسٿينيز جهڙا سياستدان عوام جي راهنمائيءَ لاءِ مثال جو ڪم ڏيئي سگهن ٿا. پر هونئن جيڪڏهن يوناني سياست تي مجموعي طرح نظر ڪجي، ته يوناني سياست اسان لاءِ اڻ وڻندڙ ٿيندي. سندس اڳواڻن ۽ سياستدانن جي خودغرضي ۽ تنگ مقصد پوين لاءِ مثال نه، پر هڪ قسم جي عبرت جو ڪم ڏين ٿا. يونانين جي قومي وحدت ٺاهڻ ۾ ناڪامي سندن قومي مزاج ۾ سمايل هئي. جيڪڏهن انهن جو مغرب جي ٻين قومن سان مقابلو ڪجي ته، ڏسبو ته هنن ۾ اخلاق گهٽ هو. کين مسيحيت جهڙو بلند ڪوبه مذهب ڪونه هو، ۽ نه وري انهن وٽ هلت چلت جا ڪي اهڙا قدر مقرر ٿيل هئا، جن کي سڀئي ماڻهو مڃين، جهڙيءَ طرح ڪنفيوشس (Confucius) اخلاقي هلت چلت جا ڪي قدر مقرر ڪري ڇڏيا هئا. سندس افسوسناڪ تاريخ جو جنهن وقت چيني شهنشاهت جي وڏي عرصي سان مقابلو ٿو ڪجي، ته ثابت ٿو ٿئي ته عوام جي اخلاقي سـِـکيا ملڪ جي ڀلي لاءِ ڪيتريقدر نه ضروري آهي.

دراصل يونان جو اصلي شان سندس ذهني ۽ فني ڪم ۾ لڪل آهي. گهڻو ڪري هر ادبي ڪم، فلسفي، اڏاوت جي فن توڙي مـجسمه سازيءَ ۾ يوناني پنهنجي فن جي چوٽيءَ تي پهتا. هر مغربي شاگرد يونان کي پنهنجو استاد ڪري ليکي ٿو. ڪيترائي جديد نظريا پڻ ٻه هزار ورهيه اڳ يوناني ڏاهن بيان ڪيا هئا. کين خبر هئي ته ڌرتي گول آهي، سج هڪ باهه جو گولو آهي، ۽ چنڊ ڪنهن طرح ڌرتيءَ سان مشابهت رکي ٿو. جيتوڻيڪ جديد سائنس يونانين کان تمام گهڻو اڳتي لنگهي ويئي آهي، پر ٻئي طرف وري سندن فني ۽ ادبي ڪارنامن جو اڃا تائين ڪو مثال پيدا نه ڪيو آهي.

هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ممڪن نه آهي ته يوناني تهذيب جو پورو نقش ڏيئي سگهجي، نه وري هيءُ موضوع هڪ مشرقي شاگرد لاءِ ڪو ايترو ضروري آهي، ڇو ته مشرقي تمدن يوناني اثرن کان سواءِ ترقي ڪئي آهي، پر پڙهندڙ کي ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين هن پاڻ کي يوناني تهذيب کان واقف نه ڪيو آهي، تيستائين مغرب جون ڪيتريون بهترين شيون ۽ نظريا هن جي سمجهه ۾ نه ايندا.

يوناني مذهب:

ديوتا زيوس جو مجسمو

يوناني مذهب اصل ۾ فطرت پرستي هئي. سج چنڊ، ڪڪر ۽ هوائون، مهاساگر ۽ نديون، هر هڪ کي سندن طرفان هڪ شخصيت ڏني ويئي هئي. انهن سڀني مٿان آسمان جو تسلط هو، جنهن کي ”زيوس“ (Zeus) جي نالي سان ”انساني روپ“ ڏنو ويو. ان کي ديوتائن ۽ ماڻهن جو ابو ليکيو ويندو هو. وولڪن (Vulcon) ”اگني ديوتا“ هو. ان لفظ مان ”والڪئنو“ (Valcano) يعني ٻرندڙ جبل جو لفظ نڪتو آهي. ”اَٿينا“ (Athena) ڏاهپ ۽ محنت جي ديوي هئي. هو اٿينس جي خاص رکوالي هئي. ”مارس“ (Mars) جنگ جو ديوتا هو، ان ڪري ”مارشل“ (Martial) جي معنيٰ آهي ”جنگي“. روشني ۽ اڳڪٿيءَ جو ديوتا ”اپالو“ (Apollo) هو. سندس مـُـک مندرَ ڊيلاس، (جتي ڊيلاس جي متحد حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ هو) ۽ ڊيلفي ۾ هئا. خيال ڪيو ويندو هو ته، اهي ۽ ٻيا ديوتا ”اولمپس“ (Olympus) جبل تي رهندا هئا. ننڍڙا مڪاني ديوتا ته ڪي هزارين هئا، جن جو تعلق چشمن، ندين، جبلن ۽ ٻين اهڙين شين سان هو. سڀني ديوتائن کي مڪمل مردن ۽ زالن جي شڪلين ۾ خيال ڪيو ويندو هو. يوناني هر ان شيءِ کي ڌڪاريندا هئا، جا جسماني طرح بدصورت هئي. مثلاً، ”مارس“ کي فنڪارن، چيني جنگي ديوتا وانگر، خوفناڪ مـُـهانڊو ڪونه ڏنو هو، پر هن کي هڪ تمام طاقتور ۽ سهڻي انسان جي صورت ڏني ويئي. ديوتائن کي انساني هلت چلت جو سڀ صفتون پڻ ڏنيون ويون. حقيقت ۾ انهن ديوتائن ۾ يونانين جا گـُـڻ ۽ اوگڻ هڪ اوچي درجي تي پهتل هئا.(1)

 

جيستائين مسيحيت جو ڦهلاءُ ٿيو. عوام ۾ هيءُ مذهب رائج هو، پڙهيل يونانين جلدئي بلند مذهبي خيال اختيار ڪيا، مثلاً: سقراط فيلسوف جا تقريباً اهڙائي عقيدا هئا، جهڙا ڪيترن سٺن ماڻهن جا اڄڪلهه جي مهذب ملڪن ۾ آهن. انهن جڳهن کي، جتي ديوتا مستقبل جي اڳڪٿي ٻـُـڌائيندا هئا، ”اورئڪـِـل“ (Oracle) ڪوٺيو ويندو هو. ”اپالو“ جي اورئڪل ڊيلفيءَ ۾ هئي جنهن جو سڄي يونان تي گهڻو اثر هو، ايتريقدر جو پرڏيهي بادشاهه ۽ روم جي حڪومت صلاح مشوري لاءِ اوڏانهن ماڻهو موڪليندي هئي. جڏهن ڪٿان جا مقامي پروهت ڪو معاملو سمجهي نه سگهندا هئا ته هتان جا پيشوا اهڙو مـُـناسب جواب ڏيندا هئا، جنهن جون ٻه معنائون ٿي سگهن، ۽ جيڪو سمجهڻ مشڪل هوندو هو. مثلاً: لـِـديا (Lydeia) چاهيو ته ڊيلفي کيس ٻـُـڌائي، ته جي هو ڪيروش (Cyrus) تي حملو ڪري ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو؟ کيس اورئڪل جو جواب مليو ته هو هڪ وڏي شهنشاهي نابود ڪندو. جواب صحيح ٿيو، پر اها شهنشاهيءَ خود قارون جي هئي.

يوناني رانديون:

اولمپيا- راندين جو اسٽيڊيم

يوناني، راندين ۽ ورزش جو گهڻو قدر ڪندا هئا، ڇوته کين انهن راندين ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو، انهن ايئن سمجهيو ته ديوتا پڻ ان ۾ خوش ٿا ٿين. تنهن ڪري، ديوتائن کي عزت ڏيڻ خاطر هو باقاعدي راندين جا سلسلا رکندا هئا. انهن سڀني چٽاڀيٽين ۾ وڌيڪ مشهور مقابلو، هر چئن سالن ۾ اولمپيا (پيلوپونيس) ۾ ڪيو ويندو هو، جو ”زيوس“ ديوتا کي عزت ڏيڻ لاءِ هو. هي ”اولمپڪ“ رانديون عظيم ”قومي موقعا“ هوندا هئا. جنهن وقت اهي رانديون ٿينديون هيون، ان وقت سڄي يونان ۾ جنگ بند ڪئي ويندي هئي. يونان جي سڀني حصن مان تماشبين ۽ مقابلو ڪندڙ اولمپيا ۾ اچي گڏ ٿيندا هئا. انهن چٽاڀيٽين ۾ ڊوڙڻ، ٺؤنشي بازي، ڪـُـشتي، رَٿَ جون شرطون، ۽ ٻيا مقابلا شامل هوندا هئا. اديب ۽ ڳائيندڙ پڻ اچي پنهنجا ادب ۽ موسيقيءَ جا شاهڪار پڙهي ٻڌائيندا هئا. هڪ يونانيءَ لاءِ اولمپيا ۾ پهرئين انعام کٽڻ کان وڌيڪ ڪابه عزت ڪانه هئي. انهيءَ انعام کٽندڙ جي سندس شهري گهڻي آجيان ڪندا هئا، ۽ وقت جي مشهور ڪاريگر کان سندس مجسمو جوڙائي اولمپيا ۾ رکيو ويندو هو.

اولمپڪ راندين جي ايتري عزت ڪئي ويندي هئي، جو ان موقعي جي تاريخي ڳڻپ چئن چئن سالن جي مد ۾ ڪئي ويندي هئي. انهن چئن سالن جي عرصي کي ”اولمپياڊ“ (Olympiad) سڏيو وڃي ٿو. يونان جا سڀ نوجوان راڳ کي پنهنجي تعليم جو هڪ ضروري حصو سمجهي ان تي عمل ڪندا هئا. جسماني سکيا کي ڏنل وقت اجايو نه ويندو هو. انهيءَ جي ثابتي يونانين جي حيرت انگيز ذهني ترقيءَ مان ملي ٿي. سندن انساني آدرش هيءُ هو ته، ”سالم دماغ هڪ سالم جسم ۾ ئي رهي سگهي ٿو.“(1)

 

يوناني سماجي زندگي:

شروعاتي زماني ۾ يوناني زالن کي گهڻي آزادي هئي. هومر (Homer) جي شعرن مان ظاهر آهي، ته زال مرد جي باعزت مددگار ۽ هم شريڪ هئي، پر تاريخ واري زماني ۾ يونانين عورت کي پردي اندر رکڻ جي مشرقي رسم تي عمل ڪيو. اٿينس ۽ ٻين ڪيترن يوناني شهرن ۾ زالن جي شهري سماجي زندگيءَ مان پٺتي هٽي وڃڻ هڪ برو اثر پيدا ڪيو. جيئن ته زالن کي سندن دماغي ترقيءَ جو ڪوبه وجهه نه پئي ڏنو ويو، ان ڪري هو پنهنجن مڙسن لاءِ سندن صحبت دلچسپ نه پئي ڪري سگهيون. ساڳئي وقت سـُـريتن جو به هڪ وڏو طبقو هوندو هو، جن مان ڪيتريون اعليٰ تعليم يافته ۽ ذهين زالون هيون. هو پنهنجي قابل گفتگوءَ سان مرد کي پنهنجي طرف مائل ڪنديون هيون. هن طبقي جي مشهور ترين عورت ”آسپازيا“ (Aspasia) هئي، جا پيريڪليز جي دوست هئي، ۽ خود پاڻ به لائق فيلسوف هئي. هوءَ سچ پچ ته هڪ باعزت عورت هئي، جا جيڪر پيريڪليز جي زال سونهي.

يوناني اجتماعي نظام سڄو غلاميءَ تي ٻڌل هو. ائٽيڪا ۾ پنجن لکن جي آدمشماريءَ مان چار لک غلام هئا. ڪارنٿ ۾ اُتان جي ڪـُـل آدمشماريءَ جو رڳو ڏهون حصو آزاد ماڻهو هئا. اٿينس ۾ غلامن سان رحمدليءَ جو ورتاءُ ڪيو ويندو هو. اُتي هو گهڻو مرتبو ماڻي پئي سگهيا. ڪيترا ته ننڍا واپاري، بئنڪ وارا يا صراف ۽ منشي هئا. اهو ڏيکاري ٿو ته ڇو آزاد ماڻهو شهري معاملن ۾ پنهنجو گهڻو وقت صرف ڪندا هئا. يوناني حڪومت غلاميءَ کان سواءِ رهي نه ٿي سگهي. غلامي يونانين لاءِ فطري ڳالهه هئي، پر هينئر غلاميءَ کي سڄيءَ دنيا ۾، انسان ذات لاءِ هڪ ذليل نقصانڪار رسم سمجهي، ننديو ٿو وڃي. ٿورن آزاد يونانين جا هيترا حيرت انگيز ڪارناما، اڪثر غلامن جي ڏکن ۾ کين دٻائڻ جو نتيجو آهن.(2)

 

افلاطون جو مجسمو

 مٿين اوڻاين کي نظرانداز ڪري ڏسبو ته اٿينس جي اجتماعي زندگي تمام دلچسپ ۽ ايتري بلند ڪانه هئي، جيڪا شايد هن وقت تائين ڪٿي وجود ۾ آئي هجي. پر ڪنهن ٻيءَ قوم ۾، يونانين کان اڳ يا پوءِ تعليم ۽ دماغي ترقي ايتري عام ۽ ايتري بلند مرتبي جي نه هئي.

يوناني فلسفو ۽ سائنس:

يوناني فيلسوفن جي ڊگهيءَ فهرست مان هتي رڳو ڪن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو. سقراط، پيريڪليز جي ڏينهن کان وٺي پيلوپونيسن لڙائيءَ کان پوءِ به اٿينس ۾ درس ڏيندو هو. هن جي تعليم جو مقبول طريقو هيءُ هو ته نوجوانن کي گفتگوءَ ۾ مشغول ڪندو هو، ۽ ان گفتگوءَ دوران کين ٻڌائيندو هو ته پنهنجي زندگيءَ کي باقاعدي ۽ ڪامياب گذارڻ جا صحيح طريقا ڪهڙا هئا؟ سندس مقرر مقولو ”پاڻ سڃاڻ“ آهي. ان مان هن جي مراد هئي ته اسان کي گهرجي ته اسين دنيا ۾ پنهنجو مرتبو سمجهون، پنهنجيءَ هلت چلت ۽ پنهنجن فرضن کي سڃاڻون. سقراط جي هن مقولي تي غور ڪندي ڏسجي ٿو ته انساني علم جي سڄيءَ ترقيءَ جو بنياد انهيءَ اصول تي رکيل آهي. سقراط جو عقيدو هو ته علم ۽ سمجهه جي ترقي، حق جو لحاظ ۽ خيال رکڻ تي مبني آهي. هو ڪڏهن ڪوڙ نه ڳالهائيندو هو، ايتري قدر جو نه چرچي خاطر، ۽ نه ٻئي جي لحاظ رکڻ خاطر ڪوڙ ڳالهائيندو هو. جنهن وقت کيس ناانصافيءَ سان موت جي سزا ڏني ويئي، ته هيءُ جيڪر شرافت سان ڪوڙ ڳالهائي پنهنجي حياتي بچائي سگهي ها، پر هن موت کي ترجيح ڏني. دنيا جيڪر ڪيتري نه بهتر ٿي پوي، ۽ اسان جون زندگيون ڪهڙيون نه سڦلائتيون ٿي پون، جيڪڏهن سقراط وانگر ٻيا ماڻهو به رڳو سچ ڳالهائين! ائين ڪندي جيڪر هڪٻئي تي بد اعتمادي هڪدم غائب ٿي وڃي.

ارسطوءَ جو مجسمو

جاميٽري ۽ علم هيئت جو ماهر - ارشميدس

افلاطون، سقراط جو شاگرد هو. هن ٻين ڪتابن سان گڏ دوستيءَ ۽ روح جي فنا نه ٿيڻ تي ڪيتريون سٺيون تحريرون ڇڏيون آهن. قديم فيلسوفن مان ارسطو سڀنيءَ کان وڌيڪ قابل هو. هو سڪندراعظم جو استاد هو. سندس هن وقت جيڪي ڪتاب موجود آهن، انهن مان گرامر، منطق، حڪمت، اقتصاديات، علم حيوانات ۽ ٻين ڪيترن موضوعن تي آهن. ان کان پوءِ جديد زماني تائين، ڪنهن به ماڻهوءَ ايتري علمي تحقيق نه ڪئي هئي ۽ نه ڪنهن کي ايترو علم هو. جن موضوعن تي هن ڪتاب لکيا هئا، انهن تي هو ٻن هزارن ورهين تائين بنا ڪنهن ردڪد جي سـَـنـَـد سمجهيو ويندو هو. پنهنجي وقت کان وٺي ٻه يوناني رياضيدان، انهن شاگردن واري نسل ۾ مشهور ٿي ويا آهن، جيڪي جاميٽري ۽ طبعيات پڙهن ٿا. اقليدس(Euclids) ان وقت اسڪندريه ۾ رهندو هو، جنهن وقت مصر جو هيءَ شهر علم جو مرڪز هو. جهڙيءَ طرح جاميٽريءَ کي هن ترقي ڏني، انهيءَ ساڳئي نموني سان تقريباً بنا ڪنهن ڦيرڦار جي اها جاميٽري پڙهائي وڃي ٿي. ارشميدس (Archimedes) جو گهر ٽئين صدي ق.م ۾ سيراڪيوز ۾ هو. هن جاميٽريءَ، ۽ علم هيئت جي ٻين ڪيترن اصولن سان گڏ، پاڻيءَ جي اُٿل جي ذريعي، ڪنهن به شيءِ جي مخصوص وزن لهڻ جو طريقو ڳولي ڪڍيو.

 

باب ڏهون

سڪندراعظم ۽ سندس پويان

ايشيا ۾ فتح جو تجويزون:

400 ق.م ۾، ڏهه هزار ڪـِـرائي جا يوناني سپاهي غدار ايراني لشڪر جو حصو بڻجي، بابل جي ڀرسان فرات نديءَ ڏانهن ڪاهي آيا. ان بغاوت جو سردار، جنگ ۾ قتل ٿي ويو، پر انهن ڏهه هزار سپاهين کي فتح حاصل ٿي. هنن ڏٺو ته ڪو ايراني لشڪر سندن مقابلو نه ٿي ڪري سگهيو، ان ڪري هو بابيلونيا مان اڳتي هلان ڪري، بنا ڪنهن خاص مقابلي جي بحراسود تائين پهچي ويا. هن مهم ظاهر ڪيو ته ايراني شهنشاهت داخلي طرح ڪيتري نه ڪمزور هئي. ڪيترن يونانين جو خيال هو، ته هڪ منظم يوناني لشڪر هڪ سٺي مهندار جي هٿ هيٺ، ايراني شهنشاهه جي ملڪ جو ڪجهه ڀاڱو آسانيءَ سان فتح ڪري سگهندو.

جنهن وقت فلپ يونان تي مقدونيا جي سرداري چڱيءَ طرح قائم ڪئي، تڏهن هن ايران تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪيون. ان مان سندس مقصد اهو هو، ته اٿينس جي اڳينءَ برباديءَ جو ايران کان بدلو وٺي، پر جيستائين انهيءَ چڙهائيءَ لاءِ اڳتي هلي، ان کان اڳ، 332 ق.م ۾، هو قتل ٿي ويو.

سڪندر جي تخت نشيني:

فلپ کان پوءِ سڪندر تخت تي ويٺو، جو هڪ ويهن ورهين جو نوجوان هو، ۽ جنهن اڳي ئي ڪيرونيا (Chaeronea) جي جنگ ۾ هڪ مهندار جي حيثيت ۾ پنهنجي جنگي حرفت ۽ بهادري ڏيکاري هئي. يونانين سمجهيو، ته ايتري ننڍيءَ عمر وارو ماڻهو ايڏيءَ بادشاهت کي قبضي ۾ نه رکي سگهندو، تنهنڪري بغاوت ڪيائون، پر سڪندر ايتري مٿن تڪڙي چڙهائي ڪري پنهنجي قابليت ثابت ڪئي، جو جيستائين بغاوت ڪندڙ پنهنجن منصوبن کي عمل ۾ آڻين، ان کان اڳ کين مات ڪيو ويو. ٿيبيس شهر کي ته صفا نابود ڪري، کين سزا ڏني ويئي.

ايراني شهنشاهت جي فتح:

سڪندر اعظم

281 ق.م – 321 (ق.م)

334 ق.م ۾ سڪندر 35 هزار چونڊ سپاهين جي هڪ لشڪر سان گڏجي، هيلسپاند (Hellespond) پار ڪيو. پوءِ گراني ڪس (granicus) نديءَ وٽ ايشيا ڪوچڪ جي گڏيل صوبن، هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪري، (جنهن ۾ يوناني ڪـِـرائي جا سپاهي به هئا) هن جو مقابلو ڪيو، پر سندن ڪامل شڪست حملي ڪندڙ يعني سڪندر لاءِ سڄي ايشيا ڪوچڪ جو دروازو کولي ڇڏيو. ان کان پوءِ هيءُ ملڪ مان پنهنجي مرضيءَ سان اڳتي وڌندو آيو، جيستائين ايراني بادشاهه دارا ٽئين هڪ اٿاهه لشڪر سان سندس مقابلو ڪيو. اِسس (Issus) وٽ، (جو ڀونوچ سمنڊ جي اتر-اوڀر واري ڪـُـنڊ ۾ هڪ ننڍو ميدان آهي) سڪندر کي 333 ق.م ۾ ايرانين مٿان هڪ شاندار فتح حاصل ٿي.

هن جنگ ۾ دارا جي ميدان مان ڀڄي وڃڻ کان پوءِ، ايراني لشڪر کي قتل يا منتشر ڪيو ويو. جڏهن ته بادشاهه جو خاندان فاتح جي قبضي ۾ قيدي ٿي رهيو.

اڳئين مرحلي ۾ سڪندر شام جي فتح لاءِ ڏکڻ طرف رُخ رکيو. جتي صور (Syre) شهر وارن ستن مهينن تائين سندس مقابلو ڪيو پر آخرڪار آڻ مڃڻي پين. ٻين شهرن کي چتاءُ ڏيڻ خاطر سڪندر هيءُ پراڻو بحري بندر ناس ڪيو ۽ سندس رهاڪن کي قتل يا قيد ڪيو.

ان وچ ۾ دارا، ايلچي موڪلي صلح لاءِ عرض ڪيو. هن پنهنجي ڌيءَ جي سـَـڱ جي آڇ ڪئي ۽ کيس ڏاج ۾ اڌ شهنشاهت ڏيڻ جي پڻ آڇ ڪئي. لشڪر جي سردارن مان پارمينيو (Parmenio) رڙ ڪري چيو، ”جيڪڏهن آئون سڪندر هجان ها ته آئون اها آڇ قبول ڪريان ها“. بادشاهه جواب ڏنو ته ”آئون پڻ اها آڇ  ضرور قبول ڪريان ها، جيڪڏهن آئون پارمينيو هجان ها!“

بعد ۾ جڏهن يوناني لشڪر مصر ۾ پهتو ته مصر وارن سڪندر جي آجيان ڪئي، کين ايراني آقائن کان مقدوني آقا وڌيڪ پسند هئا. نيل نديءَ جي ڇوڙ وٽ سڪندر هڪ بحري بندر جو بنياد رکيو، جيڪو سندس نالي پويان ”اسڪندريه“ سڏيو ويو ۽ اڄ تائين سندس مشهوريءَ جو هڪ زنده يادگار آهي. ان کان پوءِ لبيا (Lybia) جي رڻ مان پنجن ڏينهن جي مسافري ڪري، سيوه (Siweh) جي خيابان ڏانهن ويو، جتي ”زيوس“ جو اورئڪل هو. اُتان جي پروهت هن کي ”زيوس جو پٽ“ ڪري سڏيو ۽ اڳڪٿي ڪئي ته هيءُ ساري دنيا فتح ڪندو. ان کان پوءِ سڪندر سچ پچ سمجهڻ لڳو ته هو ديوتا جو پٽ آهي ۽ پنهنجي رعيت کان پنهنجي لاءِ خدائي پرستش جي تقاضا ڪرڻ لڳو.

مصر مان هن يوناني فاتح ايراني شهنشاهت جي مرڪز ڏانهن قدم وڌايو، جتي دارا هڪ وڏو لشڪر ڪٺو ڪيو هو. اربيلا (Arbela) وٽ، قديم نينوا جي ويجهو، ايراني لشڪر، جيڪو مقدوني لشڪر کان ويهوڻو هو، اچي ڪٺو ٿيو، پر سڪندر جي جنگي قابليت ۽ ان سان گڏ مقدوني جنگي ماهرن جي تنظيم اڳيان ايراني لشڪر جو عدد بيڪار هو. دارا کي ڪامل شڪست آئي ۽ هو ڀڄي ويو. اربيلا واري فتح کان پوءِ ايراني بادشاهت ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويئي. ڪن اڪيلن صوبن پنهنجي خودمختيار حڪمرانن جي حيثيت ۾ سڪندر جي مقابلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مٿين چڙهائين جي سلسلي ۾ آسانيءَ سان شڪست کاڌائون.

بابل وارن هينئر سڪندر کي پنهنجو حڪمران ڪري مڃيو، ۽ مقدوني لشڪر جي هڪ فاتح طور پنهنجي شهر ۾ آجيان ڪئي. هتان سڪندر، زئروس (Zagros) جبل پار ڪري، خاص ايران ۾ ويو. رستي ۾ اڙانگن لـَـڪن وٽ اتان جي رهاڪن بچاءَ جي ڪوشش ڪئي، هـُـو انهن کي معاف ڪندو ويو. ايران جي گاديءَ جو هنڌ، ”سوس“ ۽ ٻيا ڪيترا شهر فتح ڪيا ويا. سون ۽ چانديءَ جا ڪيترا خزانا ۽ قيمتي پٿر، جن جي قيمت ٽن ڪروڙ پائونڊن کان به وڌيڪ ليکي وڃي ٿي، کيس هٿ آيا.

مشرقي صوبن ۽ هندستان جي فتح:

ڪجهه مهينن جي آرام کان پوءِ سڪندر، دارا جي ڳولا ۾ سندس پٺيان پيو، جو هن جي مرضي هئي ته دارا باقاعدي تاج جي دعويٰ ڇڏي ڏئي. پر هڪ ايراني صوبي جي غدار حڪمران بدبخت بادشاهه کي سڪندر جي اچڻ کان اڳ ۾ قتل ڪري ڇڏيو. سڪندر، اڄڪلهه جي افغانستان مان قدم اڳتي وڌائي، هندوڪـُـش جبل پار ڪري، اتر کان ايراني حدون ٽپي، رولو سٿين (Seythian) جي ملڪ (جو هينئر روسي ترڪستان آهي) ۾ اچي پهتو. اتي هن هڪ قلعي وارو شهر اَڏيو، جنهن کي ”ڏورانهون اسڪندريه“ ڪوٺيائين. جيتوڻيڪ هن جي ڪاهن کي نه وسهڻ جهڙين مصيبتن ۽ مشڪلاتن هوندي ڇهه سال گذري چڪا هئا، تڏهن به سندس خواهش کيس آرام ڪرڻ ڪونه ٿي ڏنو. هن پنهنجي جنگي ماهرن کي هماليه جي لڪن مان وٺي هندستان ۾ آندو، ۽ پنجاب کي پنهنجي هٿ هيٺ آندو.  جڏهن هن اڃا اوڀر طرف هفاسس (Hyefasis) نديءَ جي پريان اڳتي وڌڻ چاهيو، ان وقت سندس لشڪر هٿيار کڻي ڦٽا ڪيا، ۽ اڳتي وڌڻ کان نابري واري بيهي رهيا. هنن مان ڪنهن به ايتري يڪي سر محنت ڪانه ڪئي هئي، ۽ نه هميشـہ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌي هئي، جيتريقدر سندن نوجوان مهندار يعني سڪندر، تنهن هوندي به هنن محسوس ڪيو ته نامعلوم ملڪن ۾ اڳتي وڌڻ ۽ حملو ڪرڻ سندن طاقت کان ٻاهر هو. جيئن ته اوڀر ڏانهن وڌڻ کان کيس لشڪر وارن روڪيو، تنهنڪري هن ڏکڻ ۾ سنڌ جي ماٿريءَ ڏانهن قدم رکيو. رستي تي ڪيترن جنگي قبيلن کي فتح ڪيائين. ملتان جي ويجهو هڪ قلعي تي حملو ڪندي، پنهنجي لشڪر جي مهندار جي حيثيت ۾، هن کي سيني تي خطرناڪ زخم رسيو، پر ڪجهه هفتن ۾ سندس زخم ٺيڪ ٿي ويو، ۽ هي وري نين مهمن لاءِ خواهشمند ٿي بيٺو. سنڌونديءَ جي سندس ڇوڙ وٽ هن پنهنجي لشڪر کي مـُـختلف ڀاڱن ۾ ورهايو. لشڪر جو وڏو حصو هندي مهاساگر ۽ ايراني نار جي رستي اچڻو هو. ان مان هن جي مراد هئي ته بئبلونيا کان هندستان ڏانهن هڪ نئون بحري رستو کولي، سڪندر خود هڪ ننڍي پر چونڊ لشڪر کي ساڻ ڪري، جديد بلوچستان جي ملڪ مان اڳتي وک وڌائي. سندس مسافري دنيا جي ڪن خشڪ ترين بيابانن مان ٿي، جي اڄ ڏينهن تائين جاگرافي دانن کي به معلوم نه آهن. هنن بيابانن ۾ ٻن مهينن جي مسافريءَ سندس لشڪر جي 2/3 حصي جون حياتيون برباد ڪيون.

سڪندر جا پويان ٻه سال:

زندگيءَ جي آخري حـصي ۾ سڪندر پنهنجن مفتوح ملڪن جي حڪومتن کي مضبوط ڪندو ويو. سندس تجويزون ايتريون بلند هيون، جو هن کان اڳ ڪوبه ماڻهو سندس تخيل کي نه پهچي سگهيو هو. هن جي مرضي هئي ته يوناني ۽ ايراني عنصرن کي گڏي هڪ نئين تمدن جو بنياد رکجي. مشرق ۽ مغرب هن جي حڪومت هيٺ هڪ عظيم قوم ٿيڻ وارا هئا. هن اڳي ئي ڪيترن شهرن جو بنياد وڌو هو، ۽ انهن کي يونان يا مقدوني آزمودگار ماڻهن سان آباد ڪيو هو. هن مـختلف قومن کي گڏائي هلائڻ لاءِ هڪ ايراني شهزاديءَ سان شادي ڪئي، ۽ پنهنجن ڏهه هزار لشڪرين کي چيائين ته ايشيا جي زالن سان شاديون ڪن. سندس جنگي ڪاهن دُنيا ۾ واپار ۽ سائنسي کوجنا جا نوان رستا کولي ڇڏيا. ارسطوءَ کي پنهنجي شاگرد وٽان نباتات، جمادات، ۽ ٻين ڪيترين شين، جو گڏ ڪيل خزانو مليو، جيڪو سڪندر ڀونوچ سمنڊ ۽ هفاسس جي وچ وارن ملڪن مان گڏ ڪيو هو.

سڪندر جو موت (323 ق.م):

اهي سڀئي تحريڪون ۽ هڪ نئين دنيا کي ٺاهڻ لاءِ سندس تجويزون سڪندر کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪافي نه هيون. هن مغرب طرف پڻ حملي ڪرڻ جي رٿ ڪئي، ۽ اٽليءَ ۽ اتر آفريڪا کي پنهنجي ملڪ سان  ڳنڍڻ جي تجويز ڪئي. ماڻهوءَ کي عجب ٿو لڳي ته، جي سن 323 ق.م ۾ بابل ۾ هن جي زندگي ختم نه ٿئي ها، ته جيڪر هيءُ ڪيتريقدر تاريخ جا دور ڦيرائي ڇڏي ها. پر افسوس ڏکڻ فرات کان ايراني نار تائين هڪ جهاز سان پار ڪرڻ لاءِ واهه جو رستو ڳولهيندي کيس تپ ٿي پيو. آرام وٺڻ بجاءِ، هن پنهنجي بيماريءَ جو خيال نه ڪيو ۽ ڪم ڪندو رهيو، ۽ اهڙيءَ طرح جوانيءَ ۾ پنهنجو موت آندائين. سڪندر جي لاڏاڻي سان گڏ هڪ بهترين، جرئت ڀريو ۽ شايد سڄيءَ انساني تاريخ جو عظيم ترين روح دُنيا مان ويندو رهيو.

سڪندر جي فتحن جا نتيجا:

ايشيا کي يوناني اثر هيٺ آڻڻ جي سڪندر جي جيڪا تجويز هئي، سا ڪنهن قدر عمل ۾ آئي. ڪيتريون صديون پوءِ به، هندستان کان وٺي اٽليءَ تائين، حڪمران طبقي وارا يوناني ٻولي ڳالهائيندا هئا. مشرق ۾ يوناني تعليم جا ڪيترا مرڪز قائم ٿيا. هن کان پوءِ يوناني واپاري باقاعدي هندستان سان واپار ڪندا هئا، جتي هنن کي چيني سـِـلڪ (ريشم) جي خبر پيئي. سلڪ جي واپار، جيڪو روم جي شهنشاهت واري وقت ۾ تمام گهڻو وڌي ويو، سو چين ۽ مغرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي پهرين ڪڙي هئي. سڪندر جي فتحن جو يونان تي برو اثر پيو. ماڻهن جو وڏو حصو ملڪ مان ٻاهر نڪتو، ۽ مشرق ۾ ڦهلجي ويو. يونان جي حيثيت مقدوني شهنشاهت جي هڪ ننڍي صوبي وارِي وڃي رهي. اٿينس جي بجاءِ اِسڪندريه، يوناني علم جو مرڪز بنجي پيو.

سڪندر جا پويان:

سڪندر جي موت کان پوءِ سندس فوج ۾ بدنظمي ۽ جهڳڙو پيدا ٿي پيو. لشڪر جي مهندارن مان ڪوبه ايترو مضبوط ڪونه هو جو شهنشاهت تي قبضو رکي سگهي. تڏهن به پاڻ ۾ انهيءَ ڳالهه تي متفق ٿي نه سگهيا ته ان شهنشاهت کي ڪيئن ورهائجي. ان شهنشاهت جي ٽـُـٽي پوڻ تي جيڪي ٻيون بادشاهتون قائم ٿيون، مصر انهن مان سڀني کان وڏي ۽ الڳ حڪومت هئي. هڪ نئين خاندان اسڪندريه ۾ پنهنجو گاديءَ جو هنڌ قائم ڪيو. هيءُ خاندان سڪندر جي بطليموس (Ptolmey) نالي هڪ مهندار برپا ڪيو، جو سندس نالي جي پٺيان سڏبو آهي. هن خاندان جا حڪمران علم، ادب ۽ فن جا وڏا پارکو هئا. سندن مدد سان اسڪندريه پوئين زماني واري يوناني تمدن جو مرڪز بنجي پيو. مقدونيه پڻ خودمختيار طاقت ٿي رهيو، جيستائين کيس روم وارن اچي فتح ڪيو. ٻيون ڪيتريون ئي حڪومتون ان وقت اولهه ايشيا ۾ خودمختيار هيون، پر اهي جلدئي روم جي شهنشاهت ۾ سمائجي ويون.

بطليموس


 


(1) هتي لاطيني نالا ڏنا ويا آهن، ڇوته اُهي يوناني نالن کان وڌيڪ مشهور آهن. يوناني نالا هي آهن: هيفسٽس Hephastus (Vulcon=)، ۽ آريز (Mars=) Areas. يونان ۽ روم جا ديوتا انهن ۽ ٻين مثالن ۾ ساڳيا آهن، جيتوڻيڪ بلڪل هڪجهڙا نه آهن.  (مترجم)

(1) اڄڪلهه جو علم طب ۽ علم النفس (دماغ جو اڀياس) ڏيکاري ٿو، ته يوناني حق تي هئا. جيئن پوءِ تيئن جسماني سکيا ڏانهن وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي. سن 1892هه کان وٺي ”اولمپڪ” رانديون سڀني مغربي ملڪن مان مقابلي ڪندڙن لاءِ وري شروع ڪيون ويون آهن. (مترجم)

(2) ائٽيڪا ۾ غلامن جو تعداد: عام طرح چئن لکن وارو ڪاٿو هينئر تازو گهڻو گهٽايو ويو آهي. مورخ بيلاخ (Bloch) پنهنجي ڪتاب آدم شماري (Bevolkarung) (ص. 99.) ۾ هڪ لک جي تعداد متعلق نظرئي لاءِ دل کي لڳندڙ سبب ڏنا، جو اهو انگ انهيءَ نشان جي تمام ويجهو ٿيندو. (انگريزي ايڊيٽر)

باب يارهون

روم جي تاريخ: پهرين فنيقي لڙائيءَ تائين

قديم اٽليءَ جي جاگرافي:

آسمان جو ديوتا _ جوپيٽر

روم جي اُڀرڻ کان اڳ اِٽليءَ وارو ملڪ ڪيترن مختلف ضلعن ۾ ورهايل هو. ”واديءِ پو“ (Po) گال (gaul) قوم وارن ماڻهن جي هٿ ۾ هئي، جن سن 500 ق. م ۾ اُتر اٽليءَ جو گهڻو حصو فتح ڪيو. آڊرياٽڪ (Adriatic) ۽ آلپس جبلن جي وچ واري ملڪ تي ”وينيتي“ (Veneti) قوم قبضو ڪيو، جنهن ڪري ان کي سڏيو ئي ”وينيتيا“ (Venetia) ويندو هو. وچ اٽليءَ جو مغربي ڀاڱو، جو ”ايٽروريا“ (Etruria) جي نالي سان مشهور هو، سو ”ايٽروسڪن“ (Etruscan) جي هٿ ۾ هو. هيءَ هڪ طاقتور ۽ متحد قوم هئي، جنهن جي حڪومت ڪنهن وقت ڏکڻ اٽليءَ تائين ڇانئيل هئي. روم وارا ڪجهه وقت ايٽروسڪن بادشاهن جي حڪمرانيءَ هيٺ هئا، ۽ روم جي مذهب ۽ اڏاوتي فن جو ڪيترو حصو ايٽروسڪن جي پيدائش هو. ’طبر‘ (Tibir) نديءَ جي ڏکڻ ۾ ’لاطينن‘ (Latian) جو قبضو هو، ۽ اُتان جي رهاڪن کي ’لاطيني‘ (Latins) سڏيو ويندو هو. روم وارا لاطيني ٻولي ڳالهائيندا هئا جا هن ضلعي جي ٻولي هئي، ۽ جنهن ضلعي جو هي اصل ۾ هڪ ننڍو قبيلو هئا. لاطين جي اوڀر ۾ ڏکڻ وارا جابلو ڀاڱا جن کي ريڍار قومن آباد ڪيو، انهن مان ’سامنين‘ (Samniun) جا رهاڪو، جن کي ’سامني‘ سڏجي ٿو، سڀني کان طاقتور هئا. ڏکڻ اٽلي ”يونان عظيم“ جي نالي سان مشهور هو، ڇو ته اهو ملڪ، يونان جي هٿ ۾ هو. سسليءَ (Sicily) جو ٻيٽ يونانين ۽ ڪارٿيج (Carthage) وارن جي وچ ۾ ورهايل هو، يونانين جو مشرقي حـصي تي، ۽ ڪارٿيج وارن جو مغربي ساحل جي بندرن تي قبضو هو.

روم جو مذهب:

روم وارا گهڻن ديوتائن جي پوڄا ڪندا هئا. هنن وٽ ڪيتريون مذهبي ريتون رسمون هيون، جن جي هو چڱيءَ طرح پوئواري ڪندا هئا. سندن مـُـک ديوتا ’جي پيٽر‘ (Jupiter) يا ’مـُـشتري‘ هو، جو آسمان جو ديوتا هو. ’مارس‘ (Mars)، جو جنگ جو ديوتا هو، تنهن جي تمام گهڻي عزت ڪندا هئا. ’مارچ‘ جو مهينو سندس نالي پٺيان سڏيندا هئا. ’جانـُـوس‘ (Janus) وري ’آغاز‘ ۽ ’انجام‘ جو ديوتا هو، جنهن ڪري ’جنوري‘ جي مهيني جو نالو، جنهن سان سال شروع ٿي ٿيو، ان جي عزت ۾ رکيو ويو. روم وارا پنهنجي پنهنجي وڏڙن جي پڻ پوڄا ڪندا هئا، جن جا ڪـَـتبا يا منبر ٺاهي هر هڪ گهر ۾ رکندا هئا. ڪيترا پروهت، جن کي ’آگور‘ (Augur) سڏيو ويندو هو، سي سـَـنوَڻ ڏسي اڳڪٿيون ڪندا هئا، ۽ انهن سنوڻن جي ذريعي ديوتائن جي خواهش ظاهر ڪندا هئا. هي سنوَڻ يا اڳڪٿيون پکين کي جاچڻ سان ڪيون وينديون هيون، ۽ پروهتن جي فيصلن کي ان ڪري (ڏسڻ يا جاچڻ = Spice + پکي = (Au اسـِـپيسيز (Auspices) سڏيو ويندو هو. اهي قديم لفظ ”آگور“ (Augur) فعل جي طرح، ”اومن“ (Omen) يا سنوڻ، ۽ ”اسپيسيز“ (Auspices) اڃا تائين عام انگريزي اصطلاح آهن.

ان کان پوءِ واري زماني ۾ روم وارن يونان ۽ مصر جا مذهب اختيار ڪيا، جي قومي عقيدي سان گڏ قائم رهندا آيا، ايستائين، جيستائين مسيحيت اچي بي دينيءَ کي هڪالي ڪڍيو.

ابتدائي روم جي متعلق ڏندڪٿائون:

مارس ديوتا جو پٽ رومولس

جنهن وقت روم هڪ عالمي طاقت ٿي پيو، ان وقت شاعرن ۽ تاريخ نويسن روم شهر جي قائم ٿيڻ ۽ سندس ابتدائي احوال متعلق ڪهاڻيون ايجاد ڪيون. سندن چوڻ هو، ته هيءُ شهر مارس ديوتا جي پٽ، رومولس (Romulus)، سن 753 ق.م ۾ قائم ڪيو. سن 510 ق.م تائين ستن بادشاهن هـِـن شهر تي حڪومت ڪئي، جن مان پوئين کي هڪالي ڪڍيو ويو، ۽ جمهوريت قائم ڪئي ويئي.انهن بادشاهن جون حڪومتون تفصيلوار بيان ڪيون ويون آهن، پر اهي سڀ ڏند ڪٿائي آهن.

روم جي ابتدائي تاريخ:

روم جي قائم ٿيڻ جي اصلي تاريخ معلوم نه آهي، پر مختلف قياس آراين مان معلوم ٿئي ٿو، ته هي شهر طبر (Tibir) نديءَ تي هڪ ننڍيءَ لاطيني آباديءَ سان شروع ٿيو ۽ آهستي آهستي اُسرندو ويو، ايتري قدر جو لاطين ۾ سڀني کان وڌيڪ طاقت وارو شهر ٿي ويو. سندس حڪومت جو سرشتو ’پطريقي‘ (Patriarchal) يا بزرگن جي حڪومت جي طرز تي هو، جو تقريباً بلڪل اهڙو ئي هو جهڙو ’هومر‘ (Homer) پنهنجي يوناني نظم ۾ بيان ڪيو آهي.

جمهوري حڪومت:

سن 510 ق.م ۾ روم جي بادشاهه تارڪئينوس (Tarquinius) کي، جو هڪ ايٽروسڪن (Etruscun) هو، هڪالي ڪڍيو ويو ۽ ان جي بادشاهت بدران جمهوريت قائم ڪئي ويئي، ۽ حڪومت جو مـُـک منصب ٻن صلاحڪارن (Consul) کي ڏنو ويو، جن کي هڪ سال لاءِ عوامي اسيمبلي چونڊيندي هئي. هيءَ عوامي اسيمبلي پڻ اهڙن قاعدن جو فيصلو ڪندي هئي، جي قاعدا اُهي صلاحڪار پيش ڪندا هئا. سينيٽ (Senate) يا ’پير مردن جي ڪائونسل‘ [پير مرد=[Sen  ۾ اميرگهراڻن جا نيڪ مرد هوندا هئا. هيءَ جماعت صلاحڪارن کي رڳو مشورو ڏيئي سگهندي هئي، پر انهن کي حڪم مڃڻ لاءِ مجبور ڪري نه ٿي سگهي.

ٻن صلاحڪارن رکڻ جو مقصد هيءُ هو ته جيئن هڪڙو ٻئي کي ضابطي ۾ رکي سگهي، جهڙيءَ طرح اِسپارٽا ۾ ٻه بادشاهه حڪومت ڪندا هئا. هڪ لالچي صلاحڪار جيڪڏهن پاڻ کي بادشاهه يا ظالم بنائڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي، ته ان کي سندس ڀائيوار بادشاهه ان ڳالهه کان روڪيو ٿي. حڪومت جي معاملن تي انهيءَ ٻٽي قبضي جا ڪي نقصان پڻ هئا. عوام جي ڪاروبار ۾ اڪثر دير ٿيندي هئي، ڇو ته اهي ٻه صلاحڪار پنهنجي پاليسيءَ ۾ متفق نه ٿي سگهندا هئا. خاص ڪري هڪ طاقتور دشمن جي مقابلي ۾ اها دير جنگ جي زماني ۾ خطرناڪ ثابت ٿيندي هئي. تنهن ڪري روم وارن هڪ خودمختيار بادشاهه يا ڊڪٽيٽر (Dictator) جو عهدو مقررڪيو، جنهن عهدي جي هلائيندڙ جي هٿ ۾ خودمختيار طاقت ڏني وئي. عوامي خطري جي وقت ۾اهڙي ڊڪٽيٽر کي صلاحڪار مقرر ڪندا هئا، خطري پوري ٿي وڃڻ تائين هو اڪيلو حڪومت ڪندو هو، پر ان حڪومت جو عرصو ڪڏهن به ڇهن مهينن کان وڌيڪ مقرر نه ڪيو ويندو هو.

ابتدائي روم ۾ عوامي طبقا:

روم اندر جمهوريت جي پهرين صدين ۾ اتان جي رهاڪن جا ٻه طبقا هئا: ”پئٽريشنس“ (Patricians) يا امير، اهي ايئن هئا جيئن اٿينس ۾ ’سولون‘ (Solon) جي سڌارن کان اڳ اُتان جا ’نوبلس‘ (Nobles) يا امير! اتان جي ملڪي انتظام جا سڀئي عهدا سندن هٿن ۾ هئا. پليبيئنس (Plebiana) يا عوامي ماڻهن کي هنن عهدن کان خارج ڪيو ويو هو. انهن مان اڪثريت غريب ماڻهن جي هئي. قرض جو قديم قاعدو روم ۾ اهڙو هو جهڙو اٿينس ۾. لڙائين ۾ شڪست کاڌل ڪيترا غريب عوامي ماڻهو قرضي ٿي پيا، ۽ سندن لهڻيدار هنن سان غلامن وارو ورتاءُ ڪرڻ لڳا.

عوام جا عيوضي يا نيڪ مرد مقرر ٿيڻ:

آخرڪار غريب ماڻهو تنگ ٿي پيا ۽ 494 ق.م ۾ روم مان هجرت ڪري وڃي هڪ جڳهه تي، جا ’پاڪ جبل‘جي نالي سان سڏبي هئي، ويٺا جتي هنن جي نئين شهر اَڏڻ جي نيت هئي. اميرن هينئر هيٺئين طبقي وارن جي مطالبن کي مڃيو، ۽ ايئن نه چاهيو ته روم جي مزدور يا ڪاسبي آدمشماريءَ جي وڃڻ ڪري روم برباد ٿئي. ظالماڻا ۽ ڳرا قرض رد ڪيا ويا، ۽ عهديدار چونڊيا ويا، جن کي ’عوام جا عيوضي‘ سڏيو ويو. هنن جو ڪم عوام کي بي انصافين کان بچائڻ هو. هيءَ عيوضين جي جماعت ڪنهن به قاعدي کي ’ويٽو‘ (Veto) ]منع ڪرڻ = Veto [ يا رد ڪري ٿي سگهي ۽ ڪنهن به اهڙيءَ سزا کي، جا عوام جي لاءِ غير منصفاڻي هئي، روڪي ٿي سگهي. هنن عيوضين جي جماعت کي مقدس ڪري ظاهر ڪيو ويو، ۽ جيڪڏهن ڪو سندن ڪم ۾ دست اندازي ڪندو هو، ته هـُـو ان کي قتل ڪري ٿي سگهيا.

ٻارهن ڪـَــتبن وارا قاعدا (450 ق.م):

عوام جي هن عيوضين جي جماعتن، عوام جي سياسي حقن وڌائڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ۾ پنهنجي طاقت استعمال ڪئي. هنن جلد ئي محسوس ڪيو ته جيستائين قانون لکيل نه هوندو، تيستائين امير صلاحڪارن وٽان انصاف پلئه پئجي نه سگهندو. انهن صلاحڪارن يا فيصلي ڪندڙ جماعت اڪثر بيقاعده، ۽ نامناسب فيصلا ڏنا. کين ڪوبه ڊپ نه ٿي ٿيو ته کانئن ڪو حساب ورتو ويندو، ڇو ته ڪنهن کي به خبر ڪانه هئي ته مناسب قانون ڪهڙو هو؟ ’عيوضين‘ جي جماعت جي قانون کي باضابطا بنائڻ جي هر ڪوشش جي اميرن مخالفت ڪري ڏهن سالن تائين روڪ ڪئي. آخرڪار يونان ڏانهن عيوضي مقرر ڪري، سولن (Solon) جي قانون ۽ ٻين قاعدن جي اڀياس ڪرڻ لاءِ موڪليا ويا. ان کان پوءِ ڏهن ماڻهن کي مقرر ڪيو ويو، ته جيئن اهي قاعدن جو هڪڙو آئين ٺاهين. هنن ڏهن ماڻهن جي جماعت کي ’ڊيسينوِر‘ (Decenvir) [ماڻهو، مرد = Vir + ڏهه= [Decen  سڏيو ويو. تقريباً ٻن سالن جي محنت کان پوءِ هي قانون جوڙيو ويو ۽ ٻارهن پتل جي پٽين تي اُڪيريو ويو، جي سن 450 ق.م ۾ ’فورم‘ (Forum) [مارڪيٽ جي جڳهه يا چوسو مکڙيون ڪيون ويون. روم جي اسڪولي ڇوڪرن کي اهي ’ٻارهن پٽين وارا قاعدا‘ ياد ڪرڻا پوندا هئا.

سياسي مساوات لاءِ عوام جي مسلسل ڪشمڪش:

جيئن روم تعداد ۽ دولت ۾ وڌندو ويو، تيئن آهستي آهستي عوام جو به اثر وڌندو ويو. هنن مان ڪيترا ماڻهو واپار رستي دولت مند بنجي پيا، ۽ حڪومت ۾ انهن جي ايتري دلچسپي هئي جيتري اميرن جي. هنن پوءِ اڳتي هلي گهر ڪئي ته اميرن سان گڏ کين سياسي خاص حق ڏنا وڃن. سن 444 ق.م ۾ انهن مان ڪي صلاحڪارن جا عهدا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پر اميرن انهيءَ عهدي جو اڳ ۾ قدر گهٽائي ڇڏيو، ۽ ان جو نالو بدلائي ”مشاورتي طاقت سان سلهاڙيل جنگي عهدن جون جماعتون“ ڪري رکيو. ساڳئي وقت ”سينسر“ (Censor) يا محتسب جو عهدو ايجاد ڪيو ويو. هن عهدي لاءِ رڳو امير چونڊجي ٿي سگهيو. ’سينسر‘ هر پنجين سال آدمشماري ڪرائي ٿي سگهيو. هو سينيٽرن کي مقرر ڪري يا کين سندن عهدي تان لاهي ٿي سگهيو. هـُـو ملڪ جو مالي حساب ڪتاب يا بجيٽ تيار ڪندو هو، ۽ عوامي ملڪيت جي جاچ رکندو هو. هو عوام جي اخلاق جي پڻ حفاظت ڪندو هو، ۽ شهرين کي بداخلاقي جي هلت لاءِ سزا ڏيئي ٿي سگهيو.

اڌ صديءَ تائين عوام انهن جوڙجڪي تبديلين تي راضي رهيو، پوءِ وري ڪشمڪش شروع ٿي ويئي. اميرن صلاحڪارن جي اڳي کان به وڌيڪ حڪومت گهٽائي پاڻ کي بچايو. فيصلي ڪرڻ جو عهدو نون منصفن جي هٿن ۾ ڏنو ويو، جي رڳو اميرن مان ٿي سگهيا ٿي. ان بعد، سن 366 ق.م ۾، پهريون ’عوامي صلاحڪار‘ مقرر ٿيو. عوام ڪامل مساوات جي طلب لاءِ ايستائين ڪوشش جاري رکندي آيو، جيستائين سڀ عهدا، ايستائين جو ’سينسر‘ جو عهدو به هنن لاءِ، کـُـليا رکيا ويا. سن 300 ق.م ۾ هيءَ گهڻي مدت واري سياسي ڪشمڪش ختم ٿي. اميرن ۽ عوام جو اهڙو فرق مرحليوار ماڻهن جي دلين تان ميٽجي ويو.

ايٽروسڪنين سان لڙائيون

گال قوم جو روم تي حملو ڪرڻ:

مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته هڪ زماني ۾ ايٽروسڪن لاطين جا مالڪ هئا، ايستائين جو هنن روم ۾ حڪومت پڻ ڪئي. روم وارن ۽ ايٽروسڪن قوم جا مقابلا گهڻي زماني تائين هلندا آيا. 396 ق.م ۾ روم وارن هڪ قلعي وارو شهر ’وائيي‘ (Veii) جي نالي سان هٿ ڪيو، ته سندن قسمت ڦيرو کاڌو. هن شهر تي روم وارن ڏهه سال لڳاتار حملو ڪيو. هن مضبوط قلعي جي هٿ مان نڪري وڃڻ ڪري ايٽروسڪن جي طاقت ٽـُـٽي پيئي. ان کان پوءِ روم وارن شهر پٺيان شهرن تي قبضو ڪيو، تان جو سڄو ايٽروريا (Etruria) سندن رياست ۾ اچي ويو.

وائيي شهر جي فتح ٿيڻ کان ڇهه سال پوءِ روم کي خود هميشـہ لاءِ نابود ٿي وڃڻ جو خطرو هو. گال قوم جا ماڻهو، واديءِ پو (Po) مان نڪري، هڪ غارت ڪندڙ مهم تي ڏکڻ ڏانهن وڌيا. سن 390 ق.م ۾، روم جي ويجهو، ’اَليا‘ (Allia) نديءَ وٽ روم جي موڪليل لشڪر کي، جو هنن کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ آيو هو، تنهن کي هنن مڪمل شڪست ڏيئي ڀڄائي ڪڍيو. روم جا هـِـيسيل رهاڪو جيستائين پنهنجي بچاءُ جو ڪو بندوبست ڪن، ان کان اڳ هنن حيواني ڪاهه ڪندڙن، شهر کي ڦرڻ ۽ ساڙڻ شروع ڪيو. رڳو سون جي هزار پائونڊ جي ڏنڊَ، فاتحن کي شهر کي خاڪ دوز ڪرڻ کان روڪيو. هن مصيبت ۾ ملڪي انتظام جا دفتر ساڙيا ويا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو روم جي ابتدائي تاريخ جو ڪڏهن به پتو پئجي نه سگهيو.

روم جي، جاگرافيءَ جي حوالي کان فائدي واري بيهڪ:

جنهن وقت گال قوم جا ماڻهو روم کي لـُـٽي موٽي ويا، تنهن وقت ڪيترا غريب ماڻهو نااُميد ٿي پيا، ته نابود ٿيل گهرن کي وري ٺاهڻ جي مهم ڪيئن ڪجي؟ هنن اها تجويز ڏني، ته وائيي شهر ڏانهن وڃي، اتي نئون روم جو شهر قائم ڪجي جي سندن تجويزون عمل ۾ اچن ها، ته دنيا جيڪر سندن پوين جي حڪمن اڳيان ڪڏهن به سر نه جهڪائي ها. روم جي بيهڪ سندس طاقت جي وڌڻ جو هڪ خاص عنصر هئي. شهر جون حدون سڀني طرفن ڏانهن آزاديءَ سان وڌي ٿي سگهيون، ان لاءِ ته شهر جي وڌندڙ آدمشماري اتي آباد ٿي سگهي. طبر نديءَ جي ذريعي سمنڊ سان کين سڌو رستو ميسر هو، جتي اوسٽيا (Ostia) جو واپاري بندر اڳ ۾ ئي اُسرڻ لڳو هو. ٽيون فائدو روم کي اهو هو، جو اٽليءَ جي اُپٻيٽ تي سندس مرڪزي بيهڪ هئي. جڏهن به دشمنن کين ڪيترن ئي طرفن کان حملي جي ڌمڪي ٿي ڏني، جيئن اڪثر ٿيو هو،  ته هنن کي اهو فائدو هو، ته هي اندران حملو ڪري پئي سگهيا. سندن لشڪر مرڪزي قلعي مان سڀني طرفن ڏانهن حملو ڪري پئي سگهيو، ۽ اهڙيءَ طرح دشمنن کي حملي لاءِ گڏ ٿيڻ کان روڪي ٿي سگهيو. چوٿون فائدو اٽليءَ جي فتح جو، انهيءَ اُپٻيٽ جي هڪ هموار تشڪيل ۾ هو. يونان جي مقابلي ۾، جو جبلن جي ڪري الڳ الڳ ضلعن ۾ ورهايل هو، اٽلي هڪ ڳنڍيل ملڪ هو.

روم جي سوڀن جا سبب:

روم وارن کي اڪثر ڪري فاتحن جي قوم ڪري سڏيو ويندو آهي، جنهن ڪري سندن تاريخ آسانيءَ سان غلط سمجهي وڃي ٿي. وائيي (Veii) جي فاتحن جي شروع ۾ اها نيت ڪانه هئي ته ڪو سڄي ايٽروريا کي پنهنجي ملڪ سان ڳنڍين ۽ نه ڪو وري ايٽروريا جي فاتحن ڄاڻي واڻي سڄي اٽليءَ تي قبضو ڪيو. تقريباً روم واريون سڀئي لڙائيون هڪ ضرورت هيون، يا ته يڪدم پنهنجي بچاءَ ڪرڻ لاءِ، يا اڻٽر مستقبل جي حملن کي روڪڻ لاءِ. روم جي تاريخ ۾ ڪنهن به هڪ اهڙيءَ جنگ جو بيان ڪونهي جا سڪندر اعظم جي بنا ڪنهن سبب جي لڙائين ڪرڻ جهڙي هجي. روم وارا مغربي دنيا ۾ برتريءَکي ان ڪري پهتا جو سندن لشڪر ۽ سندن قانون سندن مقابلي ڪندڙن، جن هنن کي نابود ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن جي لشڪر ۽ قانون کان بهتر هئا.

روم وارن جي چال چلت:

آزاديءَ لاءِ پيار، جنهن يونانين کي ٻين مشرق وارن کان خاص طرح وڌيڪ مشهور ڪيو هو، سو روم وارن جي دلين ۾ پڻ چڱيءَ طرح جائيتو هو، پر روم وارن جي فطرت ۾، آزاديءَ جي پيار سان گڏ منجهن چئي مڃڻ جو گـُـڻ، تنظيم، ۽ حڪومت لاءِ عزت هئي. روم جي رهاڪن ۾ اٿينس وارن جي پورالپڻي جو ذرو به ڪونه هو، جنهن جي ڪري اٿينس وارا برباد ٿيا هئا. چين وارن وانگر روم وارا ٻارن جي پرهيزگاريءَ، ڪريا ڪرم ڪرڻ ۽ اڳين رسمن قائم ڪرڻ تي خاص زور ڏيندا هئا. جديد چين جون ڪيتريون رسمون، جي اڄ مغرب وارن لاءِ عجيب ٿيون نظر اچن، سي روم جي ابتدائي جمهوريت لاءِ فطري نظر اچن ٿيون. چيو وڃي ٿو، ته اسلاف پرستي عام هئي. پيءُ کي سڄي خاندان تي مڪمل قبضو هو. هو پنهنجي پٽ کي نافرمانبرداريءَ جي ڪري قتل پڻ ڪري ٿي سگهيو. روم وارا هميشـہ انهيءَ ڳالهه جو خيال رکندا هئا ته سڀ وهنوار، سرڪاري يا خانگي، پوري نموني ۾ ۽ قانون جي بلڪل پٽاندر ٿين. روم وارن جي سٺن گـُـڻن مان سندن فرض شناسيءَ جو گڻ به هڪ هو، جنهن جو هو خاص ڪري عوام جي معاملن ۾ نهايت دلچسپيءَ سان استعمال ڪندا هئا. روم جي تاريخ ۾ اهڙيون گهڻيون ڪهاڻيون ملنديون، جن مان سندن خود ايثار جذبي جو ڏس ملندو، جنهن جذبي ذريعي جاپاني اڄڪلهه پنهنجيءَ قوم کي بلند بڻائي رهيا آهن.

ڪنهن به جنگي قوم جي لاءِ مٿين خاصيتن جو بلند قدر سمجهڻ آسان آهي. هرهڪ باغيرت روم واري ۾ شخصي بهادري ته ڄڻ اڳ ۾ ئي هئي. لفظ ’ورچو‘ (Virtue) يا گـُـڻ، جنهن مان اڄڪلهه ڪنهن به سٺيءَ خاصيت جو مطلب ڪڍيو وڃي ٿو، تنهن جي اصل ۾ معنيٰ ’بهادري‘ هئي، ۽ اهو لفظ ’وِير‘ (Vir) لفظ مان نڪتل هو، جنهن جي معنيٰ آهي: ’مرد‘، تنهنڪري بهادري روم جي ماڻهن جو هونئن به هڪ فطرتي گڻ هو.

روم وارا هڪٻئي سان معاملن ۾ سچا ۽ ايماندار هئا، پر غير ملڪين سان، جن کي هو ڌڪاريندا هئا، تن سان ٺڳي” بي ايماني ڪرڻ جا ڏوهاري هئا. مفتوح قومن سان پڻ ظلم ۽ بي انصافيءَ واري هلت هلندا هئا.

روم جو ملٽري سرشتو:

روم جو هر شهري قومي لشڪر ۾ سپاهي هو. ابتدائي زماني ۾شهري فوجي هٿيار پاڻ ڏيندا هئا ۽ جنگ جي وقت ۾ پڻ پنهنجي کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندا هئا. ’وائـِـيـِـي‘ (Veii) جي مشڪل حملي وقت لشڪر کي سرڪاري خزاني مان پئسا ڏنا ويا، جنهن کان پوءِ هيءَ رسم ٻڌجي ويئي. روم جي لشڪر جي حصي کي مشهور لفظ ’ليجين‘ (فوج = Legion) جي نالي سان ڪوٺيندا هئا. روم جا مهندار اڪثر ليجن ۾ تبديليون ۽ سڌارا آڻيندا هئا. سندن وڌ ۾ وڌ تعداد ڇهه هزار ماڻهو هوندو هو، جن ۾ اڪثر پيادا هوندا هئا، ۽ سندن جٿي ۾ گهوڙي سوار، توبچي ۽ انجنيئر هوندا هئا. فوجي ويڙهاڪن کي سخت ورزشون ڪرائي کين تيار ڪيو ويندو هو. انهن ورزشن ۾ ڊوڙڻ ۽ ترڻ پڻ شامل هئا. لڙائيءَ جي وقت دشمن جي ملڪ ۾ هر رات هڪ قلعي بند چؤنڪي يا ڪئمپ ڪئي ويندي هئي.

انهن ڳالهين معلوم ڪرڻ کان پوءِ ته روم وارن جي فتحن جا ڪهڙا فطرتي سبب هئا ۽ منجهن ڪهڙيون خاصيتون هيون، جن کين مغربي دنيا کي هڪڙي حڪومت هيٺ متحد ڪرڻ جي لائق بنايو، هينئر اسين انهن فوجن جي فاتحاڻي زندگي بيان ڪنداسين.

اٽليءَ جي فتح:

اَليا (Allia) جي جنگ کان سواءِ سؤ ورهيه پوءِ روم وارا ساريءَ اٽليءَ جا مالڪ ٿي ويا. هن فتح جو تفصيل هڪ تقريباً نه بند ٿيندڙ جنگ جون ڪهاڻيون آهن. ڪيترا دفعا روم جي لشڪر کي شڪست آئي، ۽ جمهوريت جي سلامتيءَ کي بچائڻ لاءِ خودمختيار حڪمران مقرر ڪيا ويا. روم وارن جا سخت دشمن ’سامنـَـي‘ (samnides) هئا. اهي بهادريءَ ۽ فوجي هنر ۾ روم وارن جي مقابل هئا، پر وٽن اها سياسي رهبري نه هئي، جا روم وارن کي سندن ’سينيٽ‘ جي ذريعي ملي ٿي. انهيءَ مان ڪوبه فائدو ڪونه پيو، جو سامني رهنمائن پنهنجي ساڳئي دشمن جي خلاف سڄي اٽليءَ جا ماڻهو، جهڙوڪ: يوناني، ايٽروسڪن ۽ گال، جمع ڪيا. روم وارن سندن گڏيل لشڪر تي فتح حاصل ڪئي، ۽ پاڻ کي اُپٻيٽ جو مالڪ بڻايو.

پيرُوس (Pyrrus) سان جنگ:

بادشاهه پيروس جو مجسمو

تارينتم (Tarentum) جي شاهوڪار شهر اڃا تائين پنهنجي خود مختياري قائم رکي هئي. جنهن وقت هتان جي رهاڪن ڏٺو ته روم جا جنگي جهاز آدريا (Adria) جي سمنڊ ۾ سندن واپار کي نقصان رسائي رهيا هئا، تڏهن هنن ڄاڻي واڻي روم وارن کي جنگ لاءِ چوريو ۽ اپيروس (Apirus) جي بادشاهه پيروس (Pyrrus) کي پنهنجي مدد لاءِ ڪوٺيو. پيروس، سڪندر اعظم جو سؤٽ هو. هن جي مرضي هئي ته سڪندر جي مشرقي بادشاهت جي مقابلي جهڙي مغرب ۾ هڪ شهنشاهت قائم ڪري، پنهنجي فوجي قابليت جي ثابتي ڏئي. سن 280 ق.م ۾ هن هريڪليا (Heraclea) جي جنگ ۾ روم وارن کي شڪست ڏني. روم جي ليجن گهڻو وقت مقابلو ڪيو پر پيروس جي جنگي هاٿين کين منجهائي ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ’فوجي دستن‘ (Phalanx) جي هلان کين شڪست ڏني. پيروس انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته روم جا ليجن يوناني سپاهين کان بهترهئا. هن چيو ته ”جيڪڏهن مون وٽ اهڙا سپاهي هجن ها ته آءٌ هوند سڄي دنيا فتح ڪريان ها.“ آئيندي سال ۾ کيس ٻي فتح حاصل ٿي پر ان ۾ کيس ايترو خطرناڪ نقصان پيو جو ان فتح جو کيس فائدو نه مليو. تنهن ڪري جڏهن، سن 275 ق.م ۾، ’بينيونيٽن‘ (Beneventon) وٽ، هڪ دفعو وري هن لڙائي ڪئي ته کيس بـُـري شڪست آئي. سوڀ جون سڀئي اميدون ترڪ ڪري، موٽي ايڊرياٽڪ سمنڊ جي هـُـن پار وڃي پنهنجي بادشاهت ۾ ويٺو ۽ روم وارن کي آزاد ڇڏيائين ته ڀلي اٽليءَ تي پنهنجي فتح تڪميل تي پهچائين.

 

باب ٻارهون

پهرين فنيقي لڙائيءَ کان وٺي ڪارٿيج جي

برباد ٿيڻ تائين

ڪارٿيج:

جتي آفريڪي سامونڊي ڪنارو  سسليءَ جي ويجهو اڳتي وڌي وڃي ٿو، اتي نائينءَ صديءَ قبل مسيح ۾ فنيقين (Phoenicians) ڪارٿيج جي نالي سان هڪ نئين آبادي قائم ڪئي.ان کان پنج صديون ق.م پوءِ، جڏهن مشرق ۾ فنيقي طاقت گهٽجي چڪي هئي، ته ان وقت به ڪارٿيج ڀونوچ سمنڊ جو واپاري مرڪز هو. دولت ۽ بحري طاقت ۾ کيس روم کان برتري حاصل هئي. سمنڊ تي ڪارٿيج وارن جي بحري فوج جو سسليءَ کان وٺي جبرالٽر جي مٿانهين سمنڊ تائين قبضو هو. مغربي سـِـسلي، سارڊينيا (Sardinia)،ڪارسيڪا (Corsica) ۽ اسپين جو ڪنارو، سڀ اسپين وارن جي لشڪرين ۽ واپارين جي هٿ ۾ هئا. سندن آفريڪي بادشاهت ڪناري سان گڏ هئي ۽ جن ملڪن کي هينئر تيونس، الجيريا ۽ مراڪش سڏجي ٿو، اُهي هن ۾ اچي ٿي ويا.

فنيقي لڙائين جا سبب:

 روم ۽ ڪارٿيج ٻه  مقابل طاقتون هيون جن پنهنجي حڪومت هميشـہ وڌائي پئي ۽ ان ڪري پنهنجي ترقيءَ لاءِ ڀونوچ سمنڊ تي قبضي ڪرڻ جي ٻنهي کي ضرورت هئي. جيستائين فنيقي بحري فوج جو سمنڊ تي قبضو هو، تيسين روم وارا پنهنجي ساحل تي به پاڻ کي سلامت نه ٿي محسوس ڪري سگهيا ۽ روم جا واپاري فقط پنهنجي آفريڪي مقابلي ڪندڙن جي اجازت سان پنهنجو پرڏيهي واپار وڌائي ٿي سگهيا. هنن ٻن ملڪن جي وچ ۾ اها اڻبڻت فطري طرح پيدا ٿي پيئي، تنهن کي سندن قومي، لساني ۽ مذهبي اختلافن حقارت جي حد تائين وڌائي ڇڏيو.

پهرين فنيقي لڙائي (Punic)(1) (264 - 241 ق.م)

سن 264 ق.م ۾ روم وارن ’ميسانا‘ (Messana) شهر تي قبضوڪيو. عذر اهو ڄاڻايائون ته سيراڪيوز (Syracuse) جي بادشاهه جي خلاف ڪن دوستن کي مدد ٿي ڪيائون. ميسانا تي ڪارٿيج جي قلعي جي فوج جو اڳي ئي قبضو هو، ان ڪري روم وارن جو عمل معنيٰ لڙائي جو اشارو هو. شروع ۾ جنگ سسليءَ تائين محدود هئي. روم جي ”ليجن“ فنيقي ڪـِـرائي واري لشڪر تي گهڻيون فتحون حاصل ڪيون، پر بحري ٻيڙي کان سواءِ کين ڪوبه محڪم فائدو ڪونه پئي ٿيو. جنهن وقت اڳتي روم وارن هڪ مضبوط بحري ٻيڙي جي ضرورت محسوس ڪئي، ان وقت هڪدم هڪ سؤ ويهن جنگي جهازن جو بحري ٻيڙو ٺاهي پنهنجي طاقت ڏيکاريائون. هرهڪ جهاز ۾ هڪ متحرڪ پـُـل رکي ويئي هئي، جنهن کي دشمن جي جهاز ۾ اُڇلي، ٻنهي جهازن کي ڳنڍي ٿي سگهيا. ان رستي لڙائيءَ جو نمونو هڪ خشڪيءَ جي جنگ وارو ٿي پيو ۽ ڪارٿيج جي ملاحن جي بحري قابليت جي برتري جو فائدو کانئن ويندو رهيو. نئين بحري لشڪر هينئر، 260 ق.م ۾، سسليءَ جي اُتر واري ساحل تي ’مـِـلي‘(Mylae) جي راس وٽ دشمن کي جنگ ۾ رُجهايو. نئين جنگي فن ذريعي ڪارٿيج وارن کي ڪامل شڪست آئي. روم وارن هينئر لڙائي ختم ڪرڻ جي اُميد رکي. هڪ صلاحڪار، ريگيولس (Regulus) نالي، هڪ فنيقي بحري ٻيڙي جو، جنهن سندس آفريڪا ۾ جهاز ۾ لهڻ کي روڪيو ٿي، ان جو خاتمو ڪيو. سندس لشڪرڪارٿيج ڏانهن وڌيو، ۽ اتان جا هيسيل رهاڪو صلح لاءِ تيار ٿي بيٺا، پر ريگيولس کين اهڙا ذلت وارا صلح جا شرط ڏنا جو ڪارٿيج وارن جي همٿ جو جذبو اُڀريو، جنهن کين پنهنجي ملڪ جي بچاءُ جي بيحد ڪوشش ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. ريگيولس ۽ سندس ڪيتري لشڪر کي قيد ڪيو ويو. هن فنيقي سوڀ کان پوءِ جنگ وڌيڪ چوڏهن سالن تائين هلندي آئي، جنهن ۾ ڪڏهن هڪڙي پاسي کي فتح نصيب ٿي ٿـِـي ته ڪڏهن ٻئي کي. چيو وڃي ٿو ته هڪڙيءَ جنگ ۾ هڪ لک ماڻهو ٻڏي مئا. ڇهن سالن تائين روم وارن بحري لڙائي ڪرڻ جي همت نه ساري، ڇو ته سندن عقيدو هو ته سمنڊ جو ديوتا ساڻن ڪاوڙيل هو.

جنگ جي پوئين زماني ۾ هڪ عظيم مهندار، هئملڪار برڪاس (Hamilcar Barcas) نالي، سسليءَ ۾ فنيقي لشڪر جي مهنداري ڪئي. هن مسلسل انهن سڀني روم جي صلاحڪارن کي، جي هن جي مقابلي ۾ موڪليا ويا، شڪست ڏني. آخرڪار روم جي دولتمند حلالي فرزندن پنهنجي خانگي پئسن مان هڪ نئون بحري جنگي ٻيڙو ٺاهيو. سن 241 ق.م ۾، هنن هٿيارن سان روم جي صلاحڪار ايگاٽين (Aegatian) ٻيٽن وٽ هڪ فيصلائتي فتح حاصل ڪئي. ان کان پوءِ هڪ صلح جو عهدنامو ڪيو ويو، جنهن مطابق ڪارٿيج وارن سسليءَ تان هٿ کنيو، ۽ جنگ جو سمورو نقصان ڀري ڏنو. سسلي، رومي جمهوريت جو پهريون صوبو بنيو.

پهرينءَ ۽ ٻيءَ فنيقي لڙائيءَ جي وچ وارا واقعا:

عظيم جرنيل هنيبال

سن 241. ق.م جي عهدنامي جي ڌُرين کي خبر هئي ته صلح رڳو ٿوري وقت لاءِ هو ۽ ٻنهي هرڪا ڪوشش ڪئي ته پاڻ کي ٻيءَ لڙائيءَ لاءِ مضبوط ڪجي. ڪارٿيج وارا ڪـِـرائي واري لشڪر جي بغاوت ڪري سخت خطري ۾ هئا. جنهن وقت هنن ڏٺو ته هينئر سڀ وڃائي ويٺا آهيون ۽ خود ڪارٿيج تي باغين جو حملو هو، ان وقت هيملڪار برڪاس هن بغاوت کي دٻايو. ان کان پوءِ پنهنجي حڪومت جو قبضو سڀني ماتحت ملڪن تي وري قائم ڪيائين ۽ سسليءَ جي وڃائڻ ڪري جيڪو کيس نقصان پيو هو، انهيءَ کي پوري ڪرڻ لاءِ اسپين جو ڪيترو حصو فتح ڪيائين. اُتي هن هڪ عمدو لشڪر سکيا ڏيئي تيار ڪيو ۽ چانديءَ جي کاڻين مان پنهنجي خزاني کي شاهوڪار بنايو.

’برڪاس‘ خاندان تاريخ ۾ چار مشهور مهندار پيدا ڪرڻ ڪري قابل غور آهي. هيملڪار جا ٽي پٽ پنهنجي پيءُ جهڙا هئا ۽ انهن مان سڀنيءَ کان وڏو ’هنيبال‘ (Hannibal)، دنيا جي عظيم ترين مهندارن مان ليکيو وڃي ٿو. هن 211 ق.م ۾ اسپين جي لشڪر جي مهنداري پنهنجي هٿ ۾ کنئي.

جنهن وقت ڪارٿيج واراپنهنجي ڪرائي جي لشڪر جي بغاوت ڪري بي مددگار هئا، ان وقت روم وارن کانئن سارڊينيا (Sardinia) ۽ ڪارسيڪا (Corsica) هٿ ڪيا. هن ظالماڻي ۽ غير شريفاڻي طريقي سان روم وارن مغربي بحري محاذ تي مڪمل قبضو ڪيو. ساڳئي وقت، ايڊرياٽڪ سمنڊ جي پريان، ڪن بحري چور قومن کي مات ڪيو ۽ انهيءَ سمنڊ جي ٻيٽ ۾ سندس حڪومت تسليم ڪئي وئي. گال (gaul) قوم کي سٺي طريقي سان هٿ هيٺ آڻي، پنهنجون اتر جون حدون آپس جبلن تائين وڌايون. گال قوم وارن جي ملڪ کي سـِـس آلپائن گال، (Sisalpine gaul) (1) جو نالو ڏيئي، هڪ صوبي ۾ منظم ڪيائون. تنهن ڪري ٻيءَ فنيقي لڙائيءَ جي شروعات ۾ روم وارن جي طاقت سڀني طرفن ۾ پکڙيل نظر آئي.

ٻي فنيقي لڙائي: (218 - 201 ق.م)

هنيبال جڏهن ڇوڪرو هو، تڏهن پنهنجي پيءُ سان واعدو ڪيو هئائين ته پنهنجي زندگي روم وارن کان بدلي وٺڻ ۾ وقف ڪندو. هيءُ انجام هـُـن پورو ڪيو ۽ پاڻ کي روم جو اهڙو خطرناڪ دشمن ثابت ڪيو، جو هن کان اڳ ساڻن ڪنهن به اهڙو سخت مقابلو نه ڪيو هو. سن 218 ق.م ۾ هو، هڪ چونڊ لشڪر کي ساڻ وٺي، پائيرنيس (Pyrenees) ۽ مغربي آپس جبل اُڪري، ’پو‘ (Po) واديءَ ۾ آيو. هن مهم جون مشڪلاتون اهڙيون هيون جو روم وارن انهيءَ جي امڪان کي به خيال ۾ نه ٿي آندو. انهيءَ مهم جي تڪميل کي فوجي تاريخ ۾ هڪ عجيب ترين ڪارنامي جي جيڪا تعريف ڪئي وئي آهي، انهيءَ جي هو سچ پچ لائق آهي. روم وارا انهيءَ اوچتي حملي جي ڪري وائڙا ٿي ويا. روم جي ٻن صلاحڪارن، ميسر لشڪر ساڻ ڪري، اتر جو رُخ رکيو، پر ٻنهي کي فنيقي مهندار شڪست ڏني. سياري جو وقت فاتح روم جي خلاف، گال قوم جي بغاوت منظم ڪرڻ ۾ صرف ڪيو ۽ پنهنجي لشڪر کي سٺ هزار اتحادي سپاهين سان ڀريو. بهار جي موسم ۾ هنيبال وري روم وارن تي اوچتو هڪ حيرت انگيز هلان ڪئي، جنهن هن کي بچاءُ ڪندڙ لشڪر ۽ گاديءَ جي هنڌ جي وچ ۾ ڦاسرايو. جنهن وقت روم جي صلاحڪارن ڏکڻ طرف جوش ۾ پـُـٺ  ورتي، تنهن وقت هن ٽرسيمينوس (Tarsimenus) ڍنڍ وٽ، سن 217 ق.م ۾ مقتل تيار ڪري، روم وارن جي تقريباً سڄي لشڪر کي قتل ڪيو. روم جا رهاڪو هن حڪمت عمليءَ کان ڊڄي ويا ۽ يـُـبد نديءَ جو پليون ڀڃي ڇڏيائون، ڇو ته هنن کي ڊپ هو ته جلدي شهر تي حملو ٿيندو، پر هي بهادر رڳو روم جي ڀرسان لنگهي ويو. سندس نيت اها هئي ته ڏکڻ اٽليءَ وارن قومن کي بغاوت تي اُڀاري. هڏانهن روم وارن طرفان فابيئوس ماڪسيئوس (Fabius Maxius) کي ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو ويو. هن جي جنگ جو طريقو، جيڪو سندس نالي پٺيان ’فابين‘ (Fabian) سڏجي ٿو، اهو هو ته هنيبال تي هڪٻئي پٺيان حملا ڪري کيس تنگ ڪرڻ، پر ساڻس ڪابه کـُـتي جنگ نه ڪرڻ.  تنهن ڪري ماڻهو فاربيئس کي ’ڍر ڏيندڙ‘ (Delayer) سڏيندا هئا. روم وارا جلد ئي تنگ ٿي پيا ۽ کانئس گهر ڪيائون ته هـُـو وڌيڪ هلچل وارو طريقو اختيار ڪري. سن 216 ق.م ۾، هن صلاحڪار عوام جي مرضيءَ تي عمل ڪيو. ’ڪاني‘ (Cannay) وٽ، جو ڏکڻ - اوڀر اٽليءَ ۾ آهي، هنن هڪ فيصلائتي جنگ ڪئي. ڪاني وٽ هنيبال جنهن خطرناڪ طرح پنهنجي قابليت ڏيکاري، سا ڪو جنگي عملدار ورلي ڏيکاريندو. پنهنجي ننڍي لشڪر سان اٽڪل اَسي هزار رومي فوجي اهلڪارن کي قتل ۽ ڪيترن کي قيد ڪيائين. هن کان پوءِ ’سامني‘ (Samnia) ۽ ’ڪپئا‘ (Capua) جو شاهوڪار شهر، هنيبال جي قبضي ۾ آيو.

هن نازڪ قومي وقت ۾ روم جي سينيٽ يا صلاحڪارن جي اسيمبليءَ حيرت انگيز همٿ ڏيکاري. حڪومت طرفان نوان لشڪر تيار ڪيا ويا، جن ۾ نه رڳو پوڙها ۽ جوان هئا، پر انهن ۾ غلام به شريڪ هئا. ٻئي طرف وري هنيبال جي ڪارٿيج جي حڪومت چڱيءَ طرح پٺڀرائي نه ڪئي ۽ کيس مناسب لشڪر ۽ ان جو ساز سامان مهيا نه ڪيو. انهيءَ موقعي جو فائدو وٺندي آهستگيءَ ۽ اورچائيءَ سان روم جي منهندارن هن کي پٺتي هٽايو. سن 211 ق.م ۾ روم وارن ’ڪپئا‘ وري هٿ ڪيو ۽ اتان جي رهاڪن کي سخت ظالماڻي سزا ڏني. جڏهن هنيبال جي ڀاءُ ’هسدروبال‘ (Hasdrubal) ، اسپين مان تازو لشڪر آندو، ته روم جي اُتر - اوڀر ۾ ميٽارس (Metarus) نديءَ وٽ هڪ وڏي لشڪر سان سندس مقابلو ٿيو، جنهن ۾ کيس وڏي شڪست ملي. کيس قتل ڪري سندس سر هنيبال جي لشڪر ۾ اُڇليو ويو، پر هيءُ عظيم مهندار مرڻ گهڙيءَ تائين ڏکڻ اٽليءَ ۾ ثابت قدميءَ سان وڙهندو رهيو. ان کان پوءِ 202 ق.م ۾’سـِـپيو‘ (Scipio) نالي هڪ صلاحڪار آفريڪا تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هن کي ڪارٿيج جي ويجهو، فيصلائتي فتح حاصل ٿي، ۽ ان طرح لڙائي ختم ٿي. صلح لاءِ ڪارٿيج وارن کي اسپين ۽ ڀونوچ سمنڊ جي سڀني ٻيٽن تان هٿ کڻڻو پيو، ۽ ان سان گڏ هڪ ڳرو ساليانو خراج ڏيڻو پيو ۽ پنهنجو بحري لشڪر روم وارن جي سپرد ڪرڻو پيو ۽ پڻ اهو به قبول ڪيائون ته روم جي مرضيءَ کان سواءِ هو ڪڏهن به لڙائيءَ جو اعلان نه ڪندا.

(1) Punic شايد ’فنيقي‘ (Phoenician) جو مختصر لفظ آهي، ۽ منجهانئس مطلب آهي ”ڪارٿيج وارا“. (مترجم)

(1) سـِــِـسِ (Sis) = هن طرف. sisalpine = آلپس جبلن جو هـِـيءُ پاسو. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28 

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org