29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :26

انهيءَ هوندي به هيءَ لڙائي جاپان لاءِ ڪاميابين جو هڪ عظيم سلسلو ثابت ٿيو. چين جي گهٽ هٿيارن وارو ۽ بي انتظام لشڪر نئين جاپاني لشڪر جي مقابلي ۾ نهايت ڪمزور هو. سمنڊ تي چين وارن کي بهتر جهاز هئا پر جاپانين وٽ بهتر مهندار هئا. يارهن جهازن جي بحري ٻيڙي سان هنن چينين جي چوڏهن بحري جنگي جهازن کي پالو نديءَ جي منهن وٽ، (جتي ڪوريا ۽ منچوريا جي سرحد آهي) شڪست ڏني. چينين سڄي لڙائيءَ ۾ ڪو هڪڙو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ۽ اهو هو امير البحر ٽنگ جو ”واءِ هائي واءِ“ (Wei-hai-wei) جي علائقي وٽ ڪيل مقابلو. ان ۾ به جڏهن هن جي بحري ٻيڙي جو گهڻو حصو برباد ٿي ويو، تڏهن هن خودڪشي ڪئي.

شمونوسڪي وارو معاهدو:

جنگ ۾ حاصل فتح کان پوءِ جاپاني لشڪر پيڪنگ ڏانهن هلان ڪري وڃڻ جو ويچار ڪيو پئي ته چيني سرڪار چلي علائقي جي وائسراءِ لي هونگ چانگ (Li hung chang) کي صلح جي شرطن تي ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو. انهيءَ اڳڀرائيجي نتيجي ۾ 17 اپريل 1895ع تي جاپاني وزيراعظم مارڪوئس ايٽو هڪ معاهدي تي صحيح ڪئي. اسان هتي عهدنامي جا مـُـک ٽڪرو هوبهو ڏيون ٿا:

”فقرو ٻيون: چين جاپان کي هميشـہ لاءِ مڪمل تسلط جوڳا هيٺيان ملڪ (سڀني قلعن هٿيارن پنوهارن جي توشه خانن ۽ سرڪاري ملڪيت سوڌا) ڏئي ٿو:

الف . فئنگٽين علائقي جو ڏاکڻيون حصو ....(مختصراً، ليائوٽونگ اپٻيٽ)

ب . فارموسا جو ٻيٽ ....

ث . پيسڪا ڊورس مجموعو .....

”فقرو چوٿون: چين اها ڳالهه مڃي ٿو، ته جاپان کي لڙائيءَ جي نقصان ۾ويهه ڪروڙ ڪوپنگ ٽائيل ڀري ڏيندو.“

مٿي چيو ويو آهي (باب 34) ته روس، فرانس ۽ جرمني جاپان کي ليائوٽونگ جو اپٻيٽ چين کي واپس ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. هي پڙهندڙن جي ڄاڻ لاءِ اهو ٻـُـڌائڻ ضروري آهي ته 1895ع کان جاپان جي تاريخ، روس ۽ برطانيا جي ڏور اوڀر ۾ معاملن واري لاڳاپي ۾ چڱيءَ طرح بيان ڪئي وئي آهي.

2. چين

چين ۾ جيزوئسٽ مسيحي فرقو:

سترهين صدي عيسويءَ ۾ ايئن پئي معلوم ٿيو ته ڄڻ چين مغرب سان دائمي لاڳاپا رکندو.  مڪائو ۾ پورچوگيزن جي آباد ٿيڻ کان چاليهه سال پوءِ 1582ع ۾ هڪ جيزوئسٽ پرچارڪ ماٽيوريچي پهريون دفعو رومن ڪئٿولڪ مسيحيت جي تبليغ ڪرڻ لڳو. منگ خاندان جي پوئين حڪمران (1664ع) ان فرقي سان، (جنهن کي  چوڏهينءَ صدي عيسويءَ ۾ سندن وڏن ملڪ مان تڙي ڪڍيو هو) رواداريءَ جو سلوڪ ڪيو. جڏهن منگ خاندان جو زوال آيو ۽ منچو خاندان طاقت ۾ آيو، تڏهن اتر ۾ مذهبي پرچارڪن نون حاڪمن جي نوازش حاصل ڪئي. جيزوئسٽ پرچارڪ شال تاچنگ (منچو) خاندان جي چين جي پهرئين شهنشاهه شن چي جي حمايت ماڻي، شال چيني جنتريءَ کي سڌاريو ۽ مشهور شهنشاهه ڪوانگ هـُـه سي جي خانگي استاد طور ڪم ڪيو. ڪوانگ هـُـه سيءَ جي حڪومت جي زماني ۾ جيزوئيسٽن  اٺين شهنشاهت جي مڪمل سروي ڪئي، جنهن تي هاڻوڪن نقشن جو بنياد آهي. حقيقت ۾ اهو جيزوئيسٽن جو باقاعدي علم هو، جنهن پيڪنگ ۾ سندن ڪاميابي يقيني ڪئي.

ڪرستانن کي ٻيهر تڙي ڪڍڻ:

جيزوئسٽ پرچارڪ پنهنجي عقيدي جي تعليم ۾ پڪا نه هئا. هنن چيني ڪرستانن کي اجازت ڏني ته هو پنهنجي وڏن جي پرستش ڪن ۽ ان سان گڏ جيڪي رسمون اصل مسيحيت جي خلاف هيون، انهن تي عمل ڪرڻ جي به کين اجازت ڏني. جڏهن پوپ هيءَ ڳالهه ٻڌي، تڏهن وڏن جي پرستش کي ممنوع ڪرڻ جو حڪم ڪڍيو. جيزوئيسٽن ۽ ٻين مذهبي پرچارڪن جي وچ ۾ جهڳڙا ٿيڻ لڳا. پوپ جو حڪمنامو چيني خودمختياري ۾ مداخلت جي برابر هو. شهنشاهه انهيءَ ڳالهه جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهيو. 1724ع ۾ مذهبي پرچارڪن جي ڪم کي محدود ڪيو ويو، ۽ ڪوانگ هـُـه سيءَ جي جانشين جي دور ۾ کين ملڪ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڪيو ويو. رڳو انهن کي پيڪنگ ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي، جي سائنس جي علمي مقصد لاءِ گهربل هئا.

اوائلي واپاري لاڳاپا:

پورچوگيزن کان پوءِ چيني بندرن سان ڊچن واپار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 1624ع ۾ هنن فارموسا (تائيوان) ۾ چيني ساحلي واپار لاءِ مرڪز طور هڪ قلعو ٺاهيو. جيڪو مهم دوران سڄو ڊهي ختم ٿي ويو.

چين ۾ انگريزي ايسٽ انڊياڪمپنيءَ کي ٻين يورپي طاقتن کان وڌيڪ ڪاميابي حاصل ٿي. 1635ع ۾ واپار جي شروعات ڪري هنن يورپي ٺهيل شيون ڪئنٽن، احواءِ ۽ فوچو ڏانهن آڻڻ شروع ڪيون. جلد ئي هنن اها ڳالهه پرکي ورتي، ته چينين کي آفيم جو چشڪو آهي. پوءِ ته اها نشيدار شئي آهستي آهستي درآمد جي مـُـک شيءِ بنجي وئي. چينين انهيءَ جي بدلي ۾ چاندي پئي ڏني، پر انهن وٽ ايتري چاندي، سلڪ جو ڪپڙو ۽ ٻيون برآمد جون شيون ڪونه هيون جو ان موتمار نشي واري شئي جي کاپي جو توازن قائم رکن.

انهيءَ ڪري ٻنهي ڌرين ۾ واپاري حالتون ناراضپي جهڙيون هيون. چينين ڌارين واپارين کي پئي ڌڪاريو جو اُهي رڳو مادي فائدي جي پٺيان هئا. ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ماڻهن اڪثر چينين طرفان سندن بي عزتو جي شڪايت ڪئي پر پنهنجي ججهن فائدن لاءِ ڌنڌي بهرحال کي جاري رکيو.

چين چنگ خاندان جي اوائلي شهنشاهن جي هٿ هيٺ:

چنگ خاندان جا اوائلي شهنشاهه قابل ۽ همٿ ڀريا حڪمران هئا. لڙائيءَ ۾ سندن بهادري ۽ سٺو انتظام انهيءَ کان گهٽ ياد ڪرڻ جهڙو نه آهي، جيترو سندن ادب ۽ فن جي همٿ افزائي.

هن خاندان جي حاڪم ڪوانگ هـُـه سيءَ (1662ع-1723ع) شروع ۾ ڏکڻ وارن علائقن ۾ هڪ خطرناڪ بغاوت کي دٻائي پنهنجي طاقت ثابت ڪئي. انهيءَ کان پوءِ بحري چور چين جي سمنڊ مان هڪاليا ويا ۽ سندن مضبوط اڏي فارموسا کي شهنشاهت سان ملايو ويو. روس جي امور نديءَ تي ڪيل اڳرائي وارن حملن کي پختگيءَ سان هٽايو ويو ۽ 1689ع ۾ نيهچو (Nihchu) ]روسي نرچنسڪ ۾[ جو معاهدو ڪري ساڻس سرحدي جهڳڙا نبيريا ويا. اهڙي طرح زوردار تکن حملن کان پوءِ منگوليا کي فتح ڪيو ويو ۽ چيني قلعي جي لشڪرن ٿٻيٽ وڃي والاريو.(1)

 

ڪوانگ هـُـه سيءَ هڪ ممتاز عالم پڻ هو. سندس نالي تي ٺاهيل وڏي لغت اڃا تائين چيني ٻوليءَ تي هڪ معياري ڪتاب آهي. سندس پوٽو چي- اين- لنگ (1736ع - 1796ع) هن عظيم شهنشاهه جو لائق پونيه هو. هن چين جون حدون وچ ايشيا تائين وڌائي ڇڏيون. ايليءَ (Ili) ۽ ترڪستان جي گهڻي ڀاڱي کي دليريءَ وارين لڙائين ۾ پنهنجي شهنشاهت سان ملائي ڇڏيائين. برما سان هڪ لڙائي ايتري ڪامياب نه ٿي، جيتوڻيڪ برما وارن آخر ۾ پاڻ کي ڏن ڀرُو ڪري به مڃيو. ڪوچينگ ڄڻ چين جي هن بادشاهه اڳيان ڪنڌ جهڪايو. پراهين نيپال جي جنگي گورکن وڃي ٿٻيٽي مڙهين کي ڦريو، تن جو پيڇو ڪري جبلن ۾ کين ڀڄايو ويو. هو انهيءَ ڳالهه مڃڻ تي راضي ٿيا ته هر پنجين سال هاٿين ۽ گهوڙن جي شڪل ۾ ڏَن پيڪنگ ڏانهن موڪليندا. هن سڄي دور ۾ ڪوريا چين جي هٿ هيٺ رهيو.

اهي فوجي ڪاميابيون تفصيل سان انهيءَ ڪري بيان ڪيون ويون آهن، جيئن چين جي عظمت جو آخري دور ڏيکارجي، انهيءَ دور سان داخلي صلح سانت ۽ آسودگي شامل هئي. هن گهراڻي جو بادشاهه چي اين لنگ پنهنجي ڏاڏي وانگر هڪ سٺو عالم ۽ شاعر هو.

چين جي شهنشاهت جون سرحدون

زوال جو آخري دور:

چي اين لنگ جي موت کان پوءِ مصيبتن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جنهن مـُـلڪ ۾ بدانتظاميءَ سان گڏ هڪ مستقل زوال آندو. مختلف بغاوتن ۽ فسادن جي بيان ڪرڻ جي هتي ضرورت ڪانهي. عام تاريخ پڙهندڙ لاءِ اهميت اهـُـو ٻـُـڌائڻ ضروري آهي ته چين سرڪار ان وقت ڪمزور ۽ نااهل ٿي پئي، جنهن وقت پرڏيهي مونجهارن جي مصيبت جو ڪاميابيءَ سان مقابلو ڪرڻ لاءِ طاقت ۽ سياڻپ جو هـُـجڻ انتهائي ضروري هيو.

پهرين انگريزي سفارت:

1792ع ۾ برطانوي سرڪار رالف ميڪارٿي کي قابل ماڻهن جي هڪ جٿي سان پيڪنگ ڏانهن دوستاڻي سفارت جي حيثيت ۾ موڪلي، چيني سرڪار سان بهتر مفاهمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هن انگريز ايلچيءَ هڪ دوست حڪمران جي نمائندي جي حيثيت ۾ چين جي شهنشاهه سان برابري ڪئي. شهنشاهه جي اڳيان حاضر ٿيڻ وقت هن سجد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، پر انگريزي دربار جي رسم مطابق رڳو گوڏن تي نوڙيو. چي اين لنگ ايلچيءَ جو وڏو آڌر ڀاءُ ڪيو. پر انهيءَ سفارت مان ڪجهه به حاصل نه ٿيو. چيني دربار جا عهديدار انهيءَ ڳالهه جي اهميت سمجهڻ کان ايترو پري هئا، جو انگريزن کي ڏن ڀرُو سمجهي ڳالهائڻ لڳا.

انگلينڊ سان پهرئين لڙائيءَ جا سبب:

چين ۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي هڪ هٽي 1834ع ۾ بند ٿي. هينئر برطانوي واپار جو هڪڙو سپرنٽينڊنٽ يا ناظم الامور مقرر ڪيو ويو، جو ڪئنٽن شهر ۾ برطانوي رعيت جي مفادن جي سنڀال ڪندو هو. هو سڌيءَ طرح انگريز سرڪار جو نمائندو هو، جنهن کي اميد هئي ته کيس اوتري عزت ملندي جيتري هڪ دوست ۽ برابريءَ واري طاقت جي وڏي آفيسر کي ملندي آهي. ڪئنٽن جو گورنر انهيءَ سپرنٽينڊنٽ کي هڪ ڌاريو واپاري ايجنٽ ڪري سمجهندو رهيو، جو شهنشاهي عهديدار سان شخصي خط و ڪتابت جي لائق نه هو. اهو قصو تمام پري وڃي پوندو، جو انگريزن ۽ چينين جي وچ ۾ ان وقت جون ڪيتريون ئي غلط فهميون ويهي بيان ڪجن. عام طرح ايئن چئي سگهجي ٿو ته چيني آفيسرن پنهنجي وڏائيءَ واري ڌڪار جي اَڻمـِـٽ رويي سان معاملي کي خطري جي حد تائين پهچائي ڇڏيو.

ان دوران چين ۾ آفيم جو واپار، ٻين سڀني برآمدي شين کان وڌي ويو. مـُـلڪ ۾ آفيم پيئڻ هڪ نقصانڪار برائي بڻجي وئي هئي. اهو ڏسندي چيني شهنشاهه انهيءَ نشيدار شيءِ جي وڌيڪ برآمد تي پابندي وڌي، پر پنهنجي فرمان کي عمل ۾ آڻڻ ۾ بيوس هو. ڇاڪاڻ جو ڪناري واري آدمشماريءَ جو گهڻو حصو، جنهن ۾ خود عهديدار اچي ٿي ويا، سو انهيءَ بنا محصول چوري کڻي ايندڙ شين جي تجارت ۾ مشغول هو، جنهن کي پرڏيهي واپاري همٿائيندا هئا. 1839ع ۾ ڪمشنر لين (Commissinor Lin) شهنشاهي حڪم جي تعميل ۾ سخت قدم کنيو. هن اها گهر ڪئي ته ڪئنٽن ۾ گڏ ڪيل آفيم جو سمورو ذخيرو وٽس جمع ڪرايو وڃي. ان کان پوءِ هـُـن آفيم جي استعمال ڏنو وڃي، کي عام پبلڪ اڳيان ختم ڪري ڇڏيو. کيس حاصل ٿيل آفيمي ذخيري جي جملي قيمت اٽڪل چاليهه لک پائونڊ هئي. ان قدم ٻين وڌيڪ جهڳڙن سان گڏ لڙائيءَ کي اُڀاريو.(1)

 

لڙائيءَ جو اخلاقي پهلو:

جيئن ته آفيم جي تجارت کي بچائڻ لاءِ اها لڙائي لڙي ويئي هئي، ان ڪري انگلينڊ ۾ ڪيترا ماڻهو ان کي خراب سمجهڻ لڳا. آمريڪا جو عوام پڻ ان کي نندڻ ۾ يڪراءِ هئي. جيڪڏهن اڄ به انگريز انهيءَ ساڳئي مسئلي جي بـُـنياد تي جنگ وڙهن ته سندن موقف جي بچاءَ لاءِ ڪا ننڍي اقليت به ملي سگهندي يا نه. پر انهيءَ وقت آفيم جي برآمد مان هندستان انگلينڊ کي مان ٿيندڙ آمدنيءَ جو گهڻو حصو حاصل پئي ٿيو.

آفيم واري جنگ ۽ نائنڪنگ جو معاهدو (1840ع - 1842ع):(2)

 

هن لڙائيءَ جلد ئي اها ڳالهه ظاهر ڪئي، ته منظم يورپي لشڪر جي مقابلي ۾ چين پاڻ کي بچائڻ کان قاصر هو. ڪئنٽن، اموراءِ ۽ شهنگائي ۾ وري وري ساڳي حالت ٿي، جو هنن جي وڏن لشڪرن کي ننڍن جٿن ڀڄائي ڪڍيو. يئنگ سٽي ندي ۽ شهنشاهي واهه جي ملڻ جي هنڌ تي هڪ شاهي ديوار واري شهر چنگ ڪيانگ ۾ وڌيڪ سخت مقابلو ڪيو ويو، تنهن ڪري گهڻن بچاءَ ڪندڙ چينين جي خونريزي ٿي. جڏهن انگريزن نائنڪنگ شهر تي بمباري ڪرڻ جو دڙڪو ڏنو، تڏهن دٻاءَ ۾ اچي چيني سرڪار صلح جي آڇ ڪئي. 1842ع ۾ نائنڪنگ جي معاهدي برطانوي تجارت لاءِ دروازو کولي ڏنو ۽ کين ڪئنٽن، شهنگائي ۽ ٻين ٽن بندرن ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي. هانگ ڪانگ جو ٻيٽ ڏنو ويو، ان کانسواءِ چين کي ٻن ڪروڙن ۽ 10 لکن ڊالرن جو ڏنڊ ڀري ڏيڻو هو. ٻنهي قومن جي عهديدارن جي وچ ۾ خط و ڪتابت برابري ڪرڻ جي ڪري جاري رکڻي هئي. اهڙيءَ طرح چيني تاريخ جو جديد دور شروع ٿيو، اهو دور جو دنيا جي سڀني ملڪن لاءِ گهري اهميت رکي ٿو. اها حقيقت آهي ته دُنيا طرفان ننڊ ۾ پيل ديو کي بـُـريءَ طرح جاڳايو ته ويو، پر اڃا وڌيڪ پنجاهه سالن تائين هو چڱيءَ طرح سجاڳ نه ٿيو.

تائپنگ بغاوت (1851ع کان 1864ع):

13 سالن تائين چين جي ڏکڻ ۽ وچ وارن علائقن کي هڪ خطرناڪ بغاوت برباد ڪري ڇڏيو. تائپنگ (Taiping)، جن کي ”وڏن وارن واري بغاوت“ ڪري سڏجي ٿو، تن جي اڳواڻي هڪ مذهبي جنونيءَ ڪئي پئي، جنهن پاڻ لاءِ شهنشاهيءَ جو اعلان ڪيو. سندس ترقيءَ ۾ وحشتناڪ خونريزي ۽ بربادي نمايان هيون. گهڻي عرصي تائين ته شهنشاهي شڪ کي هيءَ بغاوت دٻائڻ ۾ ڏکيائي پئي ٿي، آخرڪار پرڏيهي آفيسن جي مدد سان هنن کي آڻ مـڃائي ويئي. انگريز ڪرنل گاردن سرڪار جي بي غرضيءَ سان خدمت ڪئي ۽ ڪنهن به مالي اجوري  وٺڻ کان انڪار ڪيائين. هن جي شاندار هلت چينين وٽ پرڏيهين جي خلاف بي اعتباري گهٽائڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي.

سفارتي قاعدي جي حد:

چين ۾ پرڏيهي رهاڪن مٿان چيني قانون لاڳو نه هو. جتي به مقامي قانوني رواج يورپي ملڪن جي قاعدي قانون کان مختلف ٿيندو ته اتي پرڏيهين کي سندن سفارت جي قاعدي جي حد اندر رکبو آهي. اهو انهيءَ ڪري ڪيو ويو، جو مغربي حڪومتن پنهنجن شهرين لاءِ اها اجازت نه پئي ڏني، ته مقامي ڪورٽن ۾ هنن سان عام رواجي هلت ڪئي وڃي، جهڙيءَ طرح مار ڪڍڻ يا ايذاءُ  ڏيڻ. جاپان ۾ پرڏيهين مٿان لاڳو ٿيندڙ جاپاني قانون کي جيئن ئي سڌاريو ويو، ته انهن مٿان سفارتي قاعدن کي ترڪ ڪيو ويو. هن وقت (1907ع) چين، ترڪي يا مراڪش ۾ رهندڙ يورپي، پنهنجن سفارتن جي قاعدي جي حد اندر رهندڙ آهن.

بين الاقوامي قانون جا اصول، جيڪي پرڏيهي معاملن ۾ اهميت رکندڙ هئا، تن کي چيني آفيسرن گهڻي وقت تائين غلط پئي سمجهيو. ڪڏهن ڪڏهن ايئن ٿيندو هو، ته چيني سماج جا نيڪيءَ ۽ بديءَ جا نظريا مغربي بين الاقوامي قانون سان متفق نه هئا، اهڙين حالتن مان جلد ئي جهڳڙا پيدا ٿيا.

انگلينڊ ۽ فرانس لاءِ لڙائي (1856ع کان 1860ع):

1856ع ۾ ڪئنٽن جي گورنر ڪن چيني جهازين کي هڪ سامونڊي جهاز، جنهن تي برطانوي جهنڊو چڙهيل هو، تان گرفتار ڪيو. بين الاقوامي قانون مطابق ڪوبه جهاز انهيءَ ملڪ جي قانون جي اثر هيٺ ۾ آهي، جنهن جو هو جهنڊو چاڙهي ٿو. تنهن ڪري چيني اختياريءَ وارن انهن ماڻهن کي چيني سمنڊ ۾ جهاز تان گرفتار ڪندي بين الاقوامي قانون جي حوالي سان چـُـڪ ڪئي. پر هنن دعويٰ ڪئي ۽ ممڪن آهي، ته هي انهيءَ دعويٰ ۾ صحيح هئا، ته مقامي جهازرانن کي برطانوي جهنڊي هڻڻ جو حق ڪونه هو. مطلب ته مسئلو ڏاڍو منجهيل هو. انهيءَ مسئلي ٻنهي ڌُرين ۾ خراب جذبا پيدا ڪيا ۽ متفق آخرڪار لڙائي کڙي ڪئي.


(1) ڏسو باب 26 جو مـُـنڍ.

(1) ”اوائلي واپاري لاڳاپا“ جي عنوان هيٺ ليکڪ لکيو آهي ته: ”جلد ئي هنن (يورپين) اها ڳالهه پرکي ورتي، ته چينين کي آفيم جو چسڪو آهي، پوءِ ته اها نشيدار شيءِ آهستي آهستي درآمد جي مک شيءِ بنجي وئي. چينين انهيءَ جي بدلي ۾ چاندي پئي ڏني، پر انهن وٽ ايتري چاندي، سلڪ جو ڪپڙو ۽ ٻيون برآمد جون شيون ڪونه هيون، جو ان موتمار نشي واري شيءِ جي کاپي جو توازن قائم رکن.“

چين جي باري ۾ لکيل غير جانبدار ليکڪ تاريخ جا اهي واقعا هن بيان جي بلڪل ابتڙ پيش ٿا ڪن ۽ عام فهم به اهو ٿو چوي، ته تاريخ جي باري ۾ سندن مشاهدو صحيح آهي.

غير جانبدار تاريخ نويسن جو چوڻ آهي، ته نئين دنيا جي لڀڻ کان پوءِ، يعني آمريڪا جي لڀڻ ۽ اوڀر سان نوان رستا ڳولي ڪڍڻ کان پوءِ يورپي ملڪن جي تجارت تمام گهڻي وڌڻ لڳي ۽ ڪيترا ماڻهو ۽ شهر دولتمند ٿي ويا.

جيئن ئي يورپ جي ملڪن ٻين ملڪن کي ڪالونيون ۽ بيٺڪون بنائڻ شروع ڪيو (17، 18 ۽ 19 صدي) تيئن دولت جي فراواني ۽ ٺٺ ٺانگر وڌي ويا. فرانس جي لوئي چوڏهين (1715ع - 1643ع) جي شهنشائي دربار جي نمائشي ڏيک ۽ ٺٺ ٺانگر جي سڄي يورپ جي سڀني شاهي دربارن تقليد ڪئي، هر ملڪ جي گاديءَ جي هنڌ ۾ ورسائي (Versailles) جهڙا محل ٺهڻ شروع ٿيا ۽ يورپ جي هر دربار ۾ فرانس جي شاهي خاندان جهڙا ڪپڙا پائجڻ لڳا. فرانس يورپ جي فئشن جو اڳواڻ ٿي ويو.

ان زماني ۾ صرف چين ۾ ريشم جو ڪپڙو ٺهندو هو. جڏهن ته شاهي خاندانن سان گڏ، يورپ جي سڀني اميرن ريشم پائڻ تي زور ڀريو، ته چين مان وڏي انگ ۾ ريشم ۽ مصالحا برآمد ٿيڻ لڳا، جن جي عيوض يورپ وٽ ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه هو. ان واپار جي بدلي يورپ جا ملڪ سون ڏيڻ تي مجبور هئا. جڏهن سون جو چين ڏانهن منتقل ٿيڻ تشويش جي حد تي پهتو، ته انگريزن پنهنجي بيٺڪ هندستان مان آهستي آهستي ختم ڪري چين ۾ قائم ڪري ورتي ۽ چين جي ماڻهن کي آفيم جي عادت وجهڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اڳتي هلي جڏهن ان خراب عادت کي ختم ڪرڻ لاءِ چيني شهنشاهه آفيم جي درامد ڪرڻ جي خلاف حڪمجاري ڪيا، ته  چين تي زوريءَ جنگ مڙهي وئي (1840ع - 1842ع) جنهن جنگ جو نالو ئي ”آفيم واري جنگ“ آهي. (سنڌي ايڊيٽر)

(2) ”آفيم واري جنگ“ جو اصطلاح، جو اڃا تائين عام استعمال ۾ آهي، سو هڪ غلط نالو آهي. ڇو ته ايئن سمجهيو وڃي ٿو، ته لڙائيءَ جو سبب آفيم جو سوال هو. درحقيقت رڳو ڪمشنر لين جي اوچتي سختيءَ پراڻيون شڪايتون چئوڻ تي چاڙهيون. نائنڪنگ جي معاهدي ۾ آفيم جو ذڪر ڪونه هو. (مترجم)

فرانس جيڪو پڻ انهيءَ ڳالهه ۾ هو، ڳچ لشڪر ڏيئي انگلينڊ سان شامل ٿيو. اتحادي لشڪر ٽيئنٽسين (Tientsian) ڏانهن اڳتي وڌيو ۽ نيٺ چينين کي معاهدي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيائين ته هو انهيءَ بندر کي پرڏيهي واپار لاءِ کولين، انهيءَ فوجي مهم جو خرچ پڻ چين کي ڀرڻو پيو. هن ٺاهه تحت سڀ کان وڌيڪ ڪڙو شرط اهو هو ته هن کان پوءِ پرڏيهي ايلچين کي پيڪنگ ۾ رهڻ جو حق ملڻ گهرجي.

ڪـُـجهه سال بعد ۾ چين ٽيئنٽسين جي شرطن کان نٽائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وري لڙائي ڪرڻ لاءِ تياري ڪرڻ لڳو. انگلينڊ ۽ فرانس اوستائين لڙائي کي جاري رکڻ جو پڪو ارادو ڪيو، جيستائين سندن سڀئي گهرون بحال نه ٿينديون. ان ڏس ۾ ڇهه هزار انگريزن ۽ پنج هزار فرينچن جي فوج پيڪنگ ڏانهن اڳتي وڌي. لارڊ ايلجن برطانيا جي ۽ لئرن گرو فرينچ سرڪار جي نمائندگي ڪئي. چيني لشڪر کي گادي جي هنڌ بچائڻ جي طاقت نه هئي. تنهنڪري چيني شهنشاهه کي پيڪنگ ۾ نون معاهدن کي پڪو ڪرڻو پيو. جن 1860ع ۾ ٽيئنٽسين معاهدي جي شرطن سان گڏ هڪ وڏو معاهدو ڳنڍي ڇڏيو.

چين جو مغربي طاقتن سان ٻين مقابلن جو ذڪر، روس ۽ برطانوي شهنشاهت جي جديد تاريخ ۾ بيان ڪيو ويو آهي. 1899ع ڌاري چين ڏکڻ ۽ اتر وچ ۾ پنهنجون تعبيدار رياستون وڃائي ڇڏيون. سندس ويجها ملڪ: امور، فارموسا، پيسڪاڊورس، هانگ ڪانگ، ڪولون، ڪٽاچو ۽ ليائوٽونگ اپٻيٽ سڀ پرڏيهين جي قبضي ۾ اچي ويا. هوڏانهن پورٽ آرٿر جي قبضي ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ شنتونگ جي سامهون واري ڪناري تي روس وارن جي هيڊي سمنڊ ۾ بحري فائدن کي متوازن ڪرڻ لاءِ واءِ هائي واءِ (Wei-hai-wei) تي قبضو ڪيو.

ٺؤنشي بازن جي بغاوت: (1900ع کان 1901ع)

پرڏيهي طاقتن هٿان چين جون جيڪي بي عزتيون ٿيون، تن چيني عوام جي جذبات کي ڀڙڪايو. ان سلسلي ۾ محب وطن جي جٿن، جن کي ٺؤنشي باز ڪري ڪوٺيو ويندو هو ُ” چين ۾ کين ”گڏيل اتفاق واري مٺيون“ (United harmony) [ تن پرڏيهين کي چين مان تڙي ڪڍڻ جون تياريون ڪيون. مسيحي پرچارڪ ۽ مڪاني ڪرستان عوام جي غصي جا سڀ کان وڌيڪ سور سهندڙ هئا. ٺؤنشي باز، ٽيئنٽسين ۽ پيڪنگ جي خلاف ٿي بيٺا، جتي هنن سفارتي گهرن کي بمن سان اڏائڻ جو ارادو ڪيو. ڪجهه وقت ايئن پئي معلوم ٿيو ته ٽيئنٽسين ۾ پرڏيهي آبادگار چيني باغين جي قبضي ۾ اچي ويندا، پر پرڏيهي رهاڪن جو لشڪر جلد ئي سندن اختيارين مقابلي جي هنڌ پهتو. جڏهن ته ڪيترن يورپي ملڪن، گڏيل رياستن ۽ جاپان مان سمنڊ رستي به لشڪر جي ڪمڪ موڪلي وئي. ٽيئنٽسين تي بمباري ڪري کيس قبضي ۾ آندو ويو. هڪ اتحادي لشڪر پيڪنگ ۾ سفارتخانن جي مدد لاءِ اڳتي وڌيو ۽ ٺيڪ ان وقت، جڏهن شهر تقريباً ٻن مهينن جي گهيري ڪري ختم ٿي چڪو هو، ان وقت کيس بچايو ويو. شهنشاهي دربار جا ماڻهو ملڪ جي ڏورانهن ڀاڱن ڏانهن ڀڄي ويا.

وري صلح سانت اچڻ:

انهيءَ نازڪ حالت ۾ يورپي طاقتن متفق ٿي ڪم ڪيو،  پر جيئن ئي خطرو ٽريو، اها ڳالهه ظاهر ٿي پئي ته مختلف يورپي سرڪارن جي وچ ۾ مفاهمت مشڪل ٿيندي. روس جي پاليسيءَ جو مقصد چين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ هو. فرانس جي وري مرضي هئي ته ڏکڻ چين ۾ پنهنجو ملڪ وڌائي. انهيءَ صورتحال کي انگلينڊ ۽ جرمنيءَ ۾ الڳ معاهدو ڪري بچايو ويو. جنهن مطابق هنن انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين جي ملڪي سالميت (تجارت لاءِ) ”کليل در“ (Open door) پاليسيءَ جي حمايت ڪندا، پر منچوريا ۾ جرمني روس کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ لاءِ راضي هئي.

مٿي اسان پڙهي آيا آهيون ته ڪيئن منچوريا ۾ روس جي منصوبن انگريزن ۽ جاپانين جي وچ ۾ اتحاد آندو. بهرحال هن بـُـحران کانپوءِ اتحادي طاقتن چين تي هيٺيان شرط عائد ڪيا:

اهي آفيسر، جي ٺؤنشي باز بغاوت لاءِ جوابدار هئا، تن کي سخت سزا ڏني وڃي ۽ ڪن اڳواڻن کي ڦاسيءَ تي چاڙهيو وڃي. ان کانسواءِ چيني سرڪار کي 45 ڪروڙ ٽائيل (Teal) جنگ جو ڏنڊ ڀري ڏيڻ لاءِ واعدو ڪرڻو پيو ۽ پيڪنگ ۽ سمنڊ جي وچ وارا قلعا زمين دوز ڪيا ويا. ٻئي طرف وري گاديءَ جي هنڌ تي سفارتي گهرن کي قلعي جي ديوار ڏني ويئي ۽ اتي قلعي جو لشڪر رکيو ويو.

سڌاري جي تحريڪ:

هتي بيان ڪيل ۽ ڏور اوڀر ۾ هن کان اڳ بيان ڪيل قومي مصيبتن ۽ تازن واقعن جي ظهور مـُـک ماڻهن کي يقين ڏياريو ته چين جو ڇوٽڪارو رڳو داخلي سڌاري سان ايندو. چين جي عوام کي ٻن روشن دماغ سياستدانن، لي هونگ چانگ ۽ چانگ چي ٽونگ اڳيئي اهو رستو ڏيکاريو هو. پوئين ذڪر ڪيل سياستدان اڳئين ذڪر ڪيل سياستدان وانگر پنهنجي وائسراءِ هئڻ جي زماني ۾ چلي علائقي ۾ اسڪول، بارود خانا ۽ جديد ڪارخانا قائم ڪيا هئا.

هينئر حڪومت ڪندڙ بيواهه راڻي ترقي پسند پارٽيءَ تي هٿ رکيو. 1901ع ۾ لي هونگ چانگ جي موت کان پوءِ گاديءَ جي هنڌ واري علائقي ۾ هڪ ٻئي سياڻي سڌارڪ، يوئان شيڪاءِ (Youanschihkai) سڌاري جي پروگرام کي جاري رکيو ۽ ان جي توسيع ڪئي. انهن سـُـڌارن تحت ملڪ ۾ مختلف درجن وارا اسڪول گهڻا وجود ۾ اچي ويا.  جرمن ۽ جاپاني آفيسرن چيني لشڪر جي مرڪزي حـصي کي باقاعدي سکيا ڏني. هزارين شاگرد مغربي علم سکڻ لاءِ جاپان، آمريڪا ۽ يورپ جي يونيورسٽين ڏانهن اچي گڏ ٿيا.... آخر اهو ديو جنهن جي جاڳڻ جو انتظار هـُـئو، سو چين ۾ سچ پچ جاڳي پيو.

انگريز جاپاني اتحاد ۽ روسي جاپاني لڙائيءَ جا چين تي اثر:

جيتوڻيڪ منچوريا جو سوال اڃا تائين چڱيءَ طرح حل نه ٿيو آهي. انگلينڊ ۽ جاپان جي وچ ۾ ٺاهه ۽ پورٽ سمٿ جي معاهدي چين لاءِ هڪ سلامتيءَ جو دور مـُـهيا ڪيو. پر پورٽ سمٿ جي معاهدي جي فقري نمبر 5 ۾ چيل آهي:

”روس ۽ جاپاني حڪومتون هڪٻئي سان انهيءَ ڳالهه ۾ متفق آهن ته چين منچوريا جي تجارت ۽ هنر جي ترقيءَ لاءِ جيڪي عام قدم کڻندو، سي سڀني قومن لاءِ ساڳيا هوندا، انهن جي راهه ۾ روس ۽ جاپان وارا ڪابه رنڊڪ نه وجهندا.“

هن فقري جي سمجهاڻي اڃا تائين هڪ کليل سوال آهي. ايئن نه ٿئي ته هي معاهدو منچوريا ۾ چين کي شرط شروط جي وري خودمختياري ملڻ، يا روس ۽ جاپان جي اقتصادي مفادن جي ور چڙهي بلڪل ئي رد ٿي وڃي(1) .“

 

باب اٺٽيهون

مهاڀاري لڙائي ۽ ان کان پوءِ

(ايڊيٽر جو لکيل)

دنيا ۾ تفرقي بازي:

پروفيسر رينوف عالمي تاريخ جو بيان 1907ع تائين آندو. هن ان وقت پنهنجو قلم پاسيرو رکيو، جنهن وقت هن ڪتاب لکي پورو ڪيو، تنهنڪري ان سال جا ٻيا اهم واقعا، مثال طور روسي زار ٽئين طرف ڊوما کي گهرائڻ، بيلجيم طرفان بدانتظاميءَ سبب ڪانگو فري اسٽيٽ کي باقاعدي پنهنجي ملڪ سان شامل ڪرڻ، پروفيريو ڊي آز جي مضبوط صدارت هيٺ ميڪسيڪو جي آسودگي ۽ چين ۾ سياڻي ۽ محب وطن يوئان شيڪاءِ جي ترقي پسند پاليسيءَ جو حقيقي ٿيڻ.

برطانيه، فرانس ۽ روس:

1870ع - 1871ع واري فرانس ۽ پـُـروشيا جي وچ ۾ لڳل لڙائيءَ جي دوران انگريزي عوامي راءِ، (جا دربار، يونيورسٽين، پريس ۽ وڏن اديبن جي رهنمائيءَ ۾ تمام زور سان هئي) فرينچن کي اها جنگ شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڏوهي قرار ڏنو پئي ويو ۽ جنگ ۾ کين مليل مصيبت ڀري شڪست سندن چـُـرچن ۽ اڳرائين جي هڪ انصاف ڀري سزا ليکي پئي ويئي.

فرانس ۾ شهنشاهت جي زوال ۽ جمهوريت جي قيام، انگريزن ۽ فرانس وارن جا لاڳاپا هميشـہ لاءِ نه سڌاريا. ڇو ته جمهوري سرڪار جرمنيءَ جي طاقت کي اُلـجهائي روڪي، پرڏيهي مهمن ۾ فرينچ طاقت، فرينچ سرمائي ۽ فرينچ لالـچ لاءِ رستا ڳولڻ شروع ڪيا. خاص ڪري آفريڪا ۾ فرانس وڌيڪ تحرڪ ۾ رهيو، هڪ طرف مصر ۾ ۽ ٻئي طرف سونهري ساحل (Gold Coast) گهانا ۾ فرانس ۽ برطانيا جا مفاد هڪٻئي ۾ ٽڪرجڻ لڳا. خاص طرح هڪ نازڪ موقعي تي ايئن پئي معلوم ٿيو ته فرانس ۽ برطانيا جي وچ ۾ سچ پچ لڙائي لڳندي. هيءَ 1898ع جي ڳالهه آهي، جڏهن هڪ فرينچ لشڪر مٿي نيل نديءَ طرف تي فاشوڊا (Fashoda) ٻيٽن تي وڃي قبضو ڪيو. انهيءَ عرصي دوران بدقسمتيءَ سان برطانيا ۽ روس جي وچ ۾ لاڳاپا به خراب رهيا. روس برطانوي سرڪار کي سندس انهيءَ بهري، (جو هن 1878ع ۾ ترڪيءَ کي مڪمل فتح کان بچائڻ وقت ورتو) لاءِ ڪڏهن به معاف نه ڪيو. برلن جي معاهدي مطابق ڀونوچ سمنڊ ڏانهن وڃڻ کان روڪ هئڻ ڪري روس پنهنجي سڄي طاقت، هندستاني سرحد طرف اوڀر ۾ پنهنجن وسيلن کي اڳتي وڌائڻ ۽ منچوريا جي قبضي حاصل ڪرڻ جي تلاش ۾ ڪتب آڻي رهيو هو. ٻن موقعن تي، يعني 1885ع ۾، جڏهن ينجدهه تي قبضو ڪيو ويو ۽ 1898ع ۾، جڏهن پورٽ آرٿر هٿ ڪيو ويو، تڏهن ٻنهي طاقتن جي وچ ۾ جنگ کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نظر نه ٿي آيو.

انهيءَ ڪري 1898ع ۾ برطانيا جا فرانس ۽ روس سان سڀ کان وڌيڪ خراب لاڳاپا هئا، ٻئي طرف وري کيس جرمني ۽ آسٽريا جو دوست ڪري ليکيو پئي ويو، پر اهڙيون حالتون اڳ ۾ پئي پيدا ٿي چڪيون هيون، جي تبديليءَ لاءِ رستا تيار ڪن پيون. اچو ته ڏسون ته اهي حالتون ڪهڙيون هيون؟

ٽه - طرفو اتحاد:

جرمن شهنشاهت 1871ع ۾ سندس بنياد پوڻ کان پوءِ اٽڪل ويهن ورهين تائين بسمارڪ جي ايامڪاريءَ ۾ تمام صلح سانت سان رهي. انهيءَ اعليٰ دماغ سياستدان، جنهن تمام ڪٺن مشڪلاتن جي مقابلي ۾ جرمن رياستن جو اتحاد حاصل ڪيو هو، تنهن محسوس ڪيو ته حڪومت جي نئين سرشتي کي هڪ عملي جوڙجڪ ۾ سولائيءَ سان منظم ڪرڻ لاءِ، صلح سانت ضروري هو، ان لاءِ ته هڪڙي ڳالهه، جنهن کان هن کي ڊپ پئي ٿيو، اها هئي وڏين طاقتن جو گڏجي نئين جرمن شهنشاهت کي ختم ڪرڻ، ان کان اڳ ۾ جو اها قائم ٿي سگهي. هڪڙي ڳالهه، جيڪا هن تمام وڌيڪ ٿي چاهي، اها هئي جرمنيءَ کي محفوظ عهدنامن وارن اتحادن جي سلسلي جو مرڪز بنائڻ انهيءَ استاديءَ واري پاليسيءَ جي تعميل ۾ هن هڪ طرف فرانس، روس ۽ برطانيا کي هڪٻئي سان ٺاهه ۾ اچڻ کان پري رکيو ۽ ٻئي طرف جرمني، آسٽريا ۽ اٽليءَ کي هڪ مضبوط بچاءَ واري ٽه - طرفي اتحاد ۾ ٻڌي مضبوط ڪيو. هن اتحاد جو بنياد 1879ع واري آسٽريائي جرمن معاهدي تي رکيو ويو هو. 1882ع ۾ اٽليءَ کي انهيءَ اتحاد ۾ داخل ڪري هن اتحادي جوڙجڪ جو ڍانچو مڪمل ڪيو ويو. اهو ٽه - طرفو اتحاد بين الاقوامي سياست ۾ غالب عنصر ڪري مڃيو ويو. انگلينڊ ۾ عالمي صلح لاءِ هڪ يقيني گارنٽي طور انهيءَ اتحاد جي آجيان ڪئي وئي. 1914ع تائين اهو اتحاد هڪ غالب عنصر ٿي رهيو، پر انهيءَ تاريخ کان گهڻو اڳي انهيءَ اتحاد کي ”صلح جي محافظ“ مان ڦيرائي جنگ جو هڪ خوفناڪ ترين حملو بنايو ويو هو. جنهن شخص انهيءَ اتحاد جي روپ کي تبديل ڪيو، اهو هو شهنشاهه وليم ٻيو، جو 1888ع ۾ جرمن تخت تي ويٺو ۽ جنهن 1890ع ۾ بسمارڪ کي تباهه ڪيو.

شهنشاهه وليم ٻيو ۽ سندس منصوبا:

جرمني جو شهنشاهه وليم ٻيو

شهنشاهه وليم ٻيو پنهنجي تخت نشينيءَ وقت 29 ورهين جو هو. هيءُ شخص هميشـہ تحرڪ ۾ هوندو هو، جنهن کي آرام نه هوندو هـُـئو، ڇاڪاڻ جو هـُـو لالـچي منصوبن سان پـُـر هو ، هن کي جرمن قوم جي اعليٰ تر هئڻ جو يقين هو ۽ هن دنيا جي پوري تسلط کي پنهنجي قوم جي (۽ پنهنجي) هٿ ۾ آڻڻ لاءِ پڪو ارادو ڪيو. هن گهڻي وقت تائين پاڻ کان اڳين ٻن جانشينن جي صلح سانت واريءَ پاليسيءَ جا صدما کاڌا هئا ۽ بسمارڪ جي بلند درجي تي پهچڻ جي سخت خلاف هو. هن پراڻي وزيراعظم کان آزادي حاصل ڪندي ئي، اڳرائي ۽ مهم بازيءَ جي پاليسي شروع ڪري ڏني. پهرين هن ويجهي اوڀر ڏانهن ڌيان ڏنو، قسطنطنيه جي سلطان سان دوستي رچايائين، ان طريقي سان ترڪيءَ ۾ جرمن اثر قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، جرمن واپار، جرمن خزاني ۽ ريلوي ٺاهڻ لاءِ خاص فائدن حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين. پاڻ کي شام ۽ فلسطين ۾ مسلمانن جي محافظ ۽ همٿائيندڙ طور مشهور ڪيائين اورچائيءَ سان جرمن بيٺڪي شهنشاهت جي اسرڻ کي زور وٺايو، جا 1884ع ۾ بسمارڪ جي مرضيءَ جي خلاف آفريقا ۽ اوشينيا ۾ قائم ڪئي وئي هئي. جرمني  هن وقت تائين پنهنجي توسيع لاءِ سمنڊ پار جيڪي ٿورڙا ملڪ هٿ ڪيا هئا، انهن کان وليم ٻيو ڏاڍو ناراض هو. سندس اها ڳالهه جلد ئي پڌري ٿي پئي ته وڌيڪ ملڪ حاصل ڪرڻ جا هن جا وڏا خيال هئا ۽ خاص ڪري مراڪش، انگولا، ڏکڻ آفريڪا، ڪانگو ۽ برازيل تي هن جي لالـچ واري اک هئي. ٽيون ته هن شهنشاهت جي هنر ۽ واپار جي ترقيءَ ۾ گهڻي دلچسپي ڏيکاري. هن پنهنجن وڏن واري اميراڻي ڇوت ڇات کي پري رکي واپارين، اميرن، هنرمندن ۽ ڪاريگريءَ وارين وڏين آسامين ۽ دولت جي ڌڻين سان دوستي ڳنڍي. نون واپاري هنڌن جي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي تجويزن کي همٿايو. هن انهن جي ”اعليٰ مخلوق“ هجڻ واري سندن پاليسيءَ جي حمايت ڪئي ۽ انهن جي اٿاهه دولت ۾ ڀائيوار ٿيو، جا دولت جرمن واپارين کي ڌنڌي مان حاصل ٿي. آخر ۾ جڏهن هن ڏٺو ته هن جون مشرقي مهمون، هن جا بيٺڪي منصوبا ۽ هن جون واپاري حرفتون آخر ۾ ضرور ساري دنيا ۾ سخت مخالفت پيدا ڪنديون، تڏهن هن لشڪر کي وڌائڻ، ان جي لاءِ ساز و سامان مـُـهيا ڪرڻ ۽ هڪ طاقتور بحري ٻيڙي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي خاص سنڀال وقف ڪئي.(1)

 

ٽه - طرفو ٺاهه:

اهو بلڪل عجيب نه آهي، ته هن جوان، قيصر (Kaiser) (1) جي مختلف منصوبن ساري دُنيا ۾ هڪ گهري خوف جي لهر پيدا ڪري ڇڏي،  خاص ڪري يورپ جي قومن ۾، جن جي مفادن کي سندس پاليسين مان سڌيءَ طرح خطرو هو. هيءُ خطرو قيصر جي هڪ عادت جي ڪري وڌي ويو. جا عادت نازڪ موقعن تي جوشيليون تقريرون ڪرڻ ۽ ڀڙڪائيندڙ تارون موڪلڻ واري هئي. جرمن شهنشاهه بين الاقوامي سياست جو طوفاني مرڪز ٿي پيو. جن کي هن جي جنون مان جوکو هو، تن تيزيءَ سان پنهنجي بچاءَ خاطر هڪٻئي جي ويجهو اچڻ شروع ڪيو. پهريائين جن هڪٻئي سان ڳالهيون ڪيون، اهي هئا: فرانس ۽ روس، جن کي لاڳيتو ڪوشش ڪري بسمارڪ ڪاميابيءَ سان الڳ رکيو هو. انهن مـُـلڪن جي وچ ۾ قرض تي پئسا وٺڻ، هڪٻئي سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ واپاري معاهدن تي صحيحون ڪرڻ، وارين سرگرمين منجهن هڪ باقاعدي اتحاد لاءِ رستو تيار ڪيو، جنهن جو 1897ع ۾ عام اعلان ڪيو ويو. هاڻي ته ايئن ٿو معلوم ٿئي ته اهو اتحاد 1891ع ۾ اڳ ۾ ئي عمل ۾ اچي چڪو هو. ٻيو قدم فرانس ۽ برطانيا جي وچ ۾ مفاهمت حاصل ڪرڻ جو هو جيڪو نهايت ڏکيو قدم هو. هر قسم جي جهڳڙن، جن مان ڪي ٻه سؤ سالن کان وڌيڪ پراڻا هئا، تن ٻنهي ملڪن کي شڪ ۽ دشمنيءَ ۾ الڳ رکيو. انهن جهڳڙن جو تعلق خاص طرح مصر، نائيجريا، سيام، مڊگاسڪر ۽ نيو فائونڊلينڊ ۾ ٿيل اختلافن تي هو. انگلينڊ جي بادشاهه ايڊورڊ ستين (1901ع-1910ع) جي حڪومت جي اوائلي زماني ۾ برطانوي پرڏيهي وزير، لارڊ لئنسڊائون ۽ فرانس جي مرسيو ڊرلڪاسي انهن مسئلن متعلق هڪ دوستاڻو ٺاهه ڪيو. ڇاڪاڻ جو جرمن شهنشاهه جي پيدا ڪيل هن نئين ماحول ۾ ٺاهه جي ڳالهين تي متفق ٿيڻ هڪ سولي ڳالهه ٿي پئي. 1904ع ۾ برطانيا ۽ فرانس جي وچ ۾ هڪ معاهدو ٿيو، ۽ هڪ عام آنٽاٽ ڪارديال (Entente Cordiale) (يعني دوستاڻو ٺاهه) قائم ٿيو. ٽيون ۽ آخري قدم سڀني کان وڌيڪ مشڪل هو ۽ اهو هو روس ۽ برطانيا کي هڪٻئي سان ملائڻ. هي ڪم سندن همشريڪ دوست فرانس جي وچ ۾ پوڻ سان حاصل ٿيو. 1907ع ۾ جيئن اسان ڏٺو آهي بئرن اسبولسڪي ۽ سر ايڊورڊ گري جي وچ ۾ وڌندڙ نيڪ نيتيءَ سان طويل ٺاهه جي ڳالهين جو نتيجو ٻنهي مـُـلڪن وچ ۾ پراڻن جهڳڙن جي ختم ٿيڻ، ۽ دوستاڻن لاڳاپن قائم ٿيڻ جي صورت ۾ نڪتو. اهڙيءَ طرح 1907ع ۾، جنهن وقت پروفيسر رئنوف عالمي تاريخ جي خاڪي جو نقشو ختم ڪيو، ان وقت فرانس، روس ۽ برطانيا جو ٽه - طرفو ٺاهه جرمني، آسٽريا ۽ اٽليءَ جي ٽه - طرفي اتحاد جي مقابلي ۾ قائم ٿي چـُـڪو هـُـئو هو ۽ دنيا انهيءَ وڏي سياسي تفرقي پٽاندر ورهائجڻ لڳي.

حملا، خوف خطرا:

جيتوڻيڪ فرانس، روس ۽ برطانيا جي وچ ۾ ٿيل ٺاهه جو تعلق پراڻن ۽ پري وارن جهڳڙن سان هو ۽ يورپي معاملن سان انهيءَ ٺاهه جو ڪو سڌو تعلق نه هو، تڏهن به جرمن شهنشاهه ۽ هن جي فوجي صلاحڪارن ان تي اعتراض ورتو. ڇاڪاڻ جو انهن محسوس ڪيو ته گهڻي عرصي کان جدا ٿيل طاقتن جي وچ ۾ نئون ٺاهه جرمن پروگرام کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ ڳري روڪ هئي. انهيءَ ڪري هنن نين ٺهيل دوستين کي ٽوڙڻ لاءِ غنيمت وارو موقعو پئي هٿ ڪيو ۽ روس، فرانس ۽ برطانيا جي وچ ۾ اڻبڻت جو ٻج پئي ڇٽيو. جڏهن اهڙا غنيمت وارا موقعا پاڻمرادو پيدا نه ٿيا ته هنن انهيءَ جو خود بندوبست ڪيو. سڀ کان وڌيڪ ٻه مـُـک مثال 1909ع ۽ 1911ع ۾ واقع ٿيا. پهريون 1908ع واري ترڪي انقلاب مان پيدا ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ قيصر جي ٿاڦيل تـُـرڪ سلطان عبدالحميد ٻئي کي تخت تان لاٿو ويو. ان کان سواءِ بلغاريه جي مڪمل خود اختياريءَ جو اعلان ۽ بوسنيا ۽ هرزگووينا جو آسٽريا سان ڳنڍجڻ جا واقعا رونما ٿيا. هن آخري واقعي ۽ برلن معاهدي جي فاش ڀڃڪڙيءَ تي سربيا ۽ روس ٻنهي سخت اعتراض ڪيو ۽ اُهي ٻئي، هڪ طرف ۽ آسٽريا ٻئي طرف ٿي بيٺا. انهن ٻنهي جي وچ ۾ لڙائيءَ جو امڪان نظر پئي آيو، پر انهيءَ معاملي جي نازڪ وقت تي قيصر اعلان ڪيو، ته آسٽريا سان لڙائيءَ جو مطلب جرمنيءَ سان لڙائي پڻ ٿيندو. روس ۽ سربيا ڏٺو ته نه فرانس، نه ئي برطانيا برلن معاهدي جي بچاءَ ۾ وڙهڻ لاءِ تيار هئا، تنهن ڪري هنن پنهنجي لشڪر کي ڇڙوڇڙ ڪيو ۽ جرمن پاليسين آڏو آڻ مڃي. روس کي خاص طرح ان بي عزتيءَ جو احساس ٿيو، تنهنڪري نئين ٺاهه ۾ سخت ڀڃڪڙي پئجي وئي. ڪيترن روسي سياستدانن کي يقين آيو ته ٺاهه بيڪار هو، اهو هميشـہ ضرورت جي وقت کين مدد ڪونه ڪندو، ۽ روس جي سالم پاليسي اها ٿيندي، ته فتحياب جرمن طاقت سان شرط شروط تي ٺاهه ڪري. ان ڀڃڪڙيءَ جي خطري هوندي به فرانس ۽ روس جي وچ ۾ اتحاد کي قائم رکيو ويو.

ٺاهه جي ٻي وڏي آزمائش 1911ع ۾ آئي، جڏهن قيصر، اگادير ڏانهن هڪ ننڍو جنگي جهاز موڪليو ۽ ڏکڻ ائٽلانٽڪ ۾ هڪ جرمن بحري اڏي قائم ڪرڻ جي ظاهري نيت ڏيکاري. هي فعل پهريائين ته برطانوي بحري تسلط جي لاءِ هڪ للڪار هئو ۽ ٻيو ته فرينچن جي مراڪش جي قبضي کي چيلينج هو، ۽ ٽيون ٻن خطري ۾ آيل مغربي طاقتن (برطانيا ۽ فرانس) سان روس جي وفاداريءَ کي مشڪوڪ ڪرڻ هو. انهيءَ موقعي تي به بهرحال انهن طاقتن وچ ۾ ٺاهه مضبوط رهيو. هوڏانهن جيتوڻيڪ جرمني پنهنجي حد کان وڌي وئي هئي، پر حالتن هٿان مجبور ٿي کيس اگادير موڪليل ننڍي جنگي جهاز کي پٺتي موٽائڻو پيو ۽ مراڪش تي فرانس جي اختياري مڃي وئي. انهيءَ پاليسيءَ تي فوجي ارادن وارا جرمن غصي ۾ اچي ويا ۽ ويڙهه جي سٽ سٽڻ لڳا (اهو ممڪن آهي، ته 1902ع جي شروعات کان وٺي هنن هوش سان ڄاڻي ٻجهي لڙائيءَ لاءِ تياري ڪئي).

1912ع وارو نازڪ وقت:

انهيءَ وقت کان وٺي يورپي سياست واقعا تيزيءَ سان ٿيندا ويا، جيئن جرمنيءَ وارن جي مرضي هئي، تيئن دُنيا 1914ع واري وڏي مصيبت جي طرف، (جنهن کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو) وڌڻ لڳي، پر جرمنيءَ وارن جي جنگ ڪرڻ جي پڪي ارادي کان سواءِ 1912ع ۾ ٽن واقعن دنيا کي وڌيڪ گوڙ فساد ۾ وجهي ڇڏيو. پهريون هو چين ۾ انقلاب (فيبروري)، ٻيو هو اٽليءَ جو ترڪي جي علائقي طرابلس تي قبضو ڪرڻ (مارچ - جولاءِ) ۽ ٽيون هو بلقان واري لڙائي (آڪٽوبر).


(1) هي فقرو اهڙي طرح ڇڏيو ويو آهي، جهڙيءَ طرح پروفيسر رينوف 1907ع ۾ لکيو هو. اهو سياسي اڳڪٿي ڪرڻ جي دشوار فن کي ڏيکارڻ جو ڪم ڏئي ٿو. چين جي هن کان پوءِ جي تاريخ اڳتي ايندڙ صفحن تي لکيل خاڪن ۾ ملندي. (مترجم)

(1) جرمن بيٺڪي راڄ جي جاکوڙي: جرمن بيٺڪي راڄ لاءِ تحريڪ 1882ع ۾ ”جرمن بيٺڪي اتحاد“ (Deutsche kolonies laerein) شروع ڪئي. جنهن کي 1884ع ۾ جرمن بيٺڪن قائم ڪرڻ جي انجمن (Gesellschaph for deutsche kolonitm) اڳتي وڌايو.

جرمنيءَ جي بسمارڪ پهريائين انهيءَ تحريڪ جي خلاف هو، پر تازي ثابتيءَ مان ظاهر آهي ته 1884ع ۾ ٿوڙي وقت لاءِ هن پنهنجو رويو بدلايو ۽ انهيءَ اڳڀرائيءَ کي همٿايو. انهيءَ وقت مختلف سببن جي ڪري بسمارڪ فرينچ - جرمن ٻڌي قائم ڪرڻ لاءِ ڪوشش ۾ هـُـئو ۽ کيس اميد هئي ته هو پنهنجي بيٺڪي فوجي مهمن جي ذريعي شايد فرانس کي انگلينڊ کان جدا ڪري ۽ جرمنيءَ جي طرف ڇڪي وڃي. بسمارڪ ايئن ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو ۽ انهيءَ ناڪاميءَ جي ڪري بيٺڪن ۾ هن جي دلچسپي گهٽجي وئي. ڏسو اي. جي.پي. ٽيلر (A.G.P. Taylor) جو ڪتاب (Germany's first bid for colonies) (1938 Macmallian). (انگريزي ايڊيٽر)

(1) شهنشاهه وليم ٻئي جو لقب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org