29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :24

هندستان ۾ انگريز:

توهان کي ياد هوندو ته نيپولين هندستان ۾ انگريز طاقت کي ڪيرائڻ جي پٺيان هو. جڏهن ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي لاءِ 1798ع ۾ ويلزلي (Wellesly)  هندستان ۾ گورنر جنرل ٿي آيو، تڏهن نيپولين هڪ فرينچ آفيسر ذريعي هندوستاني حڪمرانن جي لشڪرن کي جنگي سکيا پئي ڏني. پر گورنر جنرل هڪدم انهن حڪمرانن کي، جن فرانس جو پاسو پئي ورتو، تخت تان لاهي امڪاني خطرو ٽاري ڇڏيو. مرهٽا سردارن جو اتحاد دکن جي اتر کان پار ۽ گنگا واديءَ تائين پکڙيل هو. انهيءَ اتحاد جي مدد هڪ قابل چالاڪ فرينچ ڪئي، جنهن هڪ وڏو لشڪر يورپي طريقي تي ٺاهيو. مرهٽا ڪيترا دفعا گورنر جنرل جي ڀاءُ جنرل ويلزلي، جيڪو پوءِ پنهنجي لقب ڊيوڪ آف ويلنگٽن ۽ ”واٽر لوُ جي فاتح“ جي لقب سان مشهور ٿيو، کان شڪست کائي ويا. مرهٽن جي زوال ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ کي ذري گهٽ سڄي ڏکڻ هندستان جو مالڪ بڻايو.(1)

 

برما جي فتح: (1824ع - 1826ع)

1757ع ۾ جڏهن رابرٽ ڪلائيو (Robart Clive) پلاسيءَ جي جنگ کٽي. بنگال ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حاڪميت واري دور جي شروعات ڪئي، تڏهن برما ۾ هڪ نئين ملڪي شهنشاهت ٺهڻ واري هئي.ءِ تقريباً ستر سالن تائين انگريزن گنگا نديءَ کان ۽ برما جي اراودي نديءَ کان پنهنجون فتحون اڳتي پئي وڌايون، پوءِ اهي هٿيارن جي زور سان هجن يا معاهدن جي ذريعي. سندن وچ ۾ ان اڻٽر مقابلي جو نتيجو جلدئي لڙائيءَ ۾ تبديل ٿي ويو“. انگريزن کي برما خلاف يا ته اڳرائي ڪرڻي هئي يا برما طرفان سندن هندستاني حڪمرانيءَ تي اعتراض ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي هئي.  پهرين ڳالهه چونڊيندي هنن اراوديءَ وادي ۾ هڪ لشڪر موڪلي ڏنو، جنهن جي مدد وري هڪ ٻاڦ وارن جهازن جي ٻيڙي سان ڪئي وئي. اهي پهريان ٻاڦ جا جهاز هئا، جي لڙائيءَ جي ڪم آندا ويا. ٻن سالن جي جوشيلي لڙائيءَ کان پوءِ برما وارن مجبور ٿي آڻ مڃي. (2)

 

رحمدل سرڪار جي شروعات:

گورنر لارڊ وليم بينٽينڪ (Bentinek) ]1828ع- 1835ع[ عدل ۽ انصاف سان هندستان تي حڪومت ڪرڻ سان انگريزي محبت ۽ صلح سانت جي انتظام جو هڪ روشن مثال ڏنو. هن جي حڪومت جو بهترين بيان ڪلڪتي ۾ جوڙيل سندس پٿر جي مـُـجسمي تي اڪريل آهي، جو تاريخ نويس ‘مي ڪالي’ جو لکيل آهي. اُن ۾ اُڪريل آهي ته: ”هن ظالماڻا رسم رواج ختم ڪيا. هن نيچ ڪري ڏيکاريندڙ معاشرتي فرق وڃايا. هن عوامي راءِ جي اظهار کي آزادي ڏني، هن جو هميشـہ اهوئي اڀياس رهيو ته ڪهڙيءَ طرح سندس آيل قومن جي ذهني ۽ اخلاقي هلت چلت بلند ڪجي“. سندس سڀني کان وڌيڪ جنهن سڌاري کي ياد ڪيو ٿو وڃي، اهو سـَـتي يا بيواهه جو باهه ۾ سڙڻ جي رسم کي بند ڪرڻ هو. هيءَ هڪ عام رسم ٿي وئي هئي، ته هڪ مئل هندوءَ جي بيواهه پاڻ کي جيئرو آڳ ۾ جلائي. بينٽينڪ جو پنهنجي هندستاني رعايا جي ڀلي لاءِ اونو هڪ عزت واري روايت ٿي وئي، جنهن تي سندس اڪثر جانشينن عمل ڪيو. (1)

 

پهرين افغان لڙائي ۽ ڪابل ۾ قتلام: (1838ع - 1842ع)

انهيءَ دور ۾ انگريزن کي افغانستان ۾ روس جي اثر جو اچي ڊپ لڳو. انهيءَ ڊپ ۾ ايندي گورنر جنرل افغان تخت تي انگلينڊ جي هڪ دوست کي ويهارڻ جو فيصلو ڪيو. ان سلسلي ۾ اٽڪل ڏيڍ لک ماڻهن جو لشڪر افغان گاديءَ جي هنڌ ڏانهن ڪاهيندو ويو. ان لشڪر کي پنهنجي مقصد حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڪابه ڏکيائي ڪانه ٿي، پر افغانستان ۾ سياري جي شروعات ۾ هڪ اوچتي بغاوت انگريزن کي پٺتي موٽڻ لاءِ مجبور ڪيو ۽ سوڙهن جابلو لڪن مان لنگهندي ذري گهٽ سڀ قتل ٿي ويا. بعد اونهاري ۾ وري ٻئي انگريز لشڪر ڪابل تي قبضو ڪيو، ۽ برطانوي لشڪر ٻيهر عزت حاصل ڪئي.

واقعا ۽ حالتون، جن هندستاني بغاوت آندي:

هندستان جو گورنر جنرل لارڊ ڊل هائوزي (1848ع - 1856ع) انهن سڀني ملڪي رسمن رواجن ۽ حالتن، جيڪي سندس نيڪي بديءَ جي انگريزي تصور کان بيجا هئا، سي نه سهي سگهندو هو. هن لارڊ بينٽينڪ جي رحمدليءَ وارن معاشرتي سڌارن جي مثال جو نقل ڪيو. جيڪو ملڪي حڪمران گورنر جنرل جي خيال ۾ خراب طرح حڪومت هلائيندو هو، تنهن کي تخت تان لاٿو ويندو هو ۽ سندس رياست کي انگريز سرڪاري جي هٿ هيٺ هلندڙ ملڪ سان ڳنڍيو ويندو هو.

ٻئي طرف هندستاني ماڻهن جي پنهنجي قديم معاشرتي ۽ مذهبي روايتن سان دل هئي. هنن کي انهيءَ ڳالهه تي غصو ٿي لڳو ته پرڏيهي حاڪمن جيئن مقامي رسم و رواج ۽ سـَـتيءَ واري رسم کي روڪيو ٿي، تنهن دراصل ڪمپنيءَ جي آفيسرن، ۽ عيسائي تبليغ ڪندڙن جي مدد ٿي ڪئي. اها ڳالهه هنن لاءِ خاص ڪري اڻ وڻندڙ هئي. انهيءَ ڪري ملڪ ۾ ريلواين ٺاهڻ ۽ ٽيليگراف جي تارن جي سلسلي قائم ڪرڻ جي خطرناڪ نتيجن بابت بيهودا افواهه اٿاريا ويا. انهن افواهن سبب سڄي آدمشماري اهڙي جوش واري عالم ۾ اچي وئي، جو ڪنهن به وقت هڪ عام بغاوت ٿي سگهي پئي.

انهيءَ عوامي جذبي کي اُڀاريندي تخت تان لٿل ملڪي حڪمرانن عوامي جوش کي ڀڙڪائڻ جي ننهن چوٽي تائين ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجن حقن کي وري حاصل ڪرڻ لاءِ منصوبا سٽڻ لڳا.

انگريزن طرفان هندستاني شهنشاهت، ملڪي لشڪر جن جي مٿان انگريز آفيسر هئا، جي مدد سان حاصل ڪئي وئي هئي. 1856ع ۾ هندستان ۾ يورپي نموني ۾ سکيا ڏنل ٽي لک هٿياربند ماڻهو هئا، انهن مان رڳو ٽيتاليهه هزار برطانوي هئا.

بغاوت جو مـُـک سبب:

1856ع ّجي شروعات ۾ بنگال جي لشڪر ۾ هڪ نئين قسم جي رائيفل آندي وئي. ”جيئن ته چرٻي سان مليل گوليون انهيءَ رائيفل جي اثرائتي استعمال لاءِ ضروري هيون، تنهن ڪري اهي پڻ لشڪر کي انهيءَ هٿيار سان گڏ ڏنيون ويون. ان سلسلي ۾ هڪدم هڪڙو افواهه اٿيو ۽ هر هنڌ ڦهلجي ويو ته انهن گولين جي ٺاهڻ جي لاءِ جيڪا چرٻي استعمال ڪئي وئي آهي، سا ڳئون ۽ سوئر جي چرٻيءَ مان تيار ٿيل آهي. انهن جانورن مان پهريون هندن لاءِ پوڄا جي  شيءِ هئي ۽ ٻيو مسلمانن لاءِ حقارت جي“.  انگريزن طرفان انهيءَ افواهه کي غلط ثابت ڪرڻ ۽ سپاهين (ملڪي سپاهين) کي ماٺ ڪرائڻ جون ڪوششون بيڪار ويون. جلدئي بغاوت جو نعرو سڀني علائقن ۾ هڪ جهنگلي باهه وانگر پکڙجي ويو. (1)

 

هندستاني بغاوت (1857ع - 1858ع):

ڪجهه وقت لاءِ ايئن پئي معلوم ٿيو، ته هيءَ بغاوت هندستان ۾ برطانوي حڪومت کي ختم ڪندي. انگريز رهاڪن جو ڀيانڪ قتلام، (جن ۾ زالون ۽ ٻار پڻ شامل هئا) پرڏيهين جون پاڙون پٽي ڪڍڻ جي حڪمت عمليءَ جو رڳو هڪ حصو هو. بهرحال انهيءَ نازڪ وقت ۾ انگريز عجيب طرح سان صبر ۾ رهيا. هڪ طرف ست هزار ماڻهن جي لشڪر سان هندن دهليءَ جي شاهي ديوار واري شهر تي بمباري ڪئي، جنهن جو بچاءُ پرڏيهي نموني ۾ سکيا ورتل هڪ لک سپاهين ٿي ڪيو. ٻئي طرف لکنؤ ۾ هڪ ننڍي برطانوي قلعي جي بچاءَ واري لشڪر ٽن مهينن تائين اٿاهه لشڪر جو مقابلو ڪيو، آخرڪار ٻئي سال کان پوءِ بغاوت جا آخري آثار ڊهي ويا.

هندستان جي حڪومت انگريزي تاج جي هٿ هيٺ:

هندستان جي راڻي وڪٽوريه

1858ع ۾ بغاوت جي نتيجي جي ڪري پارليامينٽ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي حڪومتي اختياريءَ کي ختم ڪيو. لنڊن ۾ انگريز وزارت ۾ هڪ سيڪريٽري آف اسٽيٽ فار انڊيا يعني هندستان لاءِ ملڪي وزير شامل ڪيو ويو. ان سان گڏ هڪ هندستاني ڪائونسل پڻ ٺاهي وئي، جنهن ۾ اهي ماڻهو اچي ٿي ويا جن کي هندستاني معاملن ۾ تجربو هو. هاڻي گورنر جنرل کي سڌيءَ طرح برطانوي حڪومت مقرر ڪندي هئي. 1877ع ۾ ته راڻي وڪٽوريا کي هندستان جي مهاراڻيءَ جو خطاب ڏنو ويو.

افغان لڙائي: (1878ع - 1880ع)

1878ع ۾ جڏهن انگريز سرڪار قسطنطنيه ڏانهن روس جي پيشقدميءَ کي روڪيو، تڏهن روس افغانستان جي امير ڏانهن هڪ ايلچي موڪلي انگريزن سان هڪ مقابلي واري حڪمت عملي اختيار ڪئي. انهيءَ روسي چال جي جواب ۾ هڪدم هندستان جي وائسراءِ پڻ هڪ ايلچي افغانستان ڏانهن موڪليو، پر افغان امير کيس سرحد کان ئي پٺتي موٽايو. افغانستان ۾ برطانوي مفاد جو چڱي طرح بچاءُ ٿي سگهي، انهيءَ کان اڳ افغانستان ۾ ٽن فوجن کي وڃڻو هو. انهيءَ انگريزي ۽ روسي صورتحال سان گڏ ڪابل جي تخت نشينيءَ جي ڇڪتاڻ سبب مسئلو مونجهاري ۾ اچي ويو. جنهن ۾ آخرڪار فتح اُن امير جي ٿيڻي هئي، جو برطانيا جو دوست هو.

ٿٻيٽ ۾ انگريزن ۽ روسين جي رقابت:

1901ع ۾ سينٽ پيٽرزبرگ ۾ روسي زار هڪ ٿٻيٽي سفارت کي ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏني. چيو وڃي ٿو ته ان ملاقات ۾ روسي سرڪار دلائي لامه جي مذهب جي بچاءَ جو واعدو ڪيو. بهرحال انهيءَ کانپوءِ ٿٻيٽ وارن هندستان سان پنهنجي واپاري معاهدي جي بجا آوري ڪرڻ جو ايترو خيال نه ڪيو. روس ۽ جاپان جي وچ ۾ ٿيل لڙائيءَ دوران انگريز سرڪار دلائي لامه جي رهڻ جي جاءِ گاديءَ جي هنڌ لهاسا ڏانهن هڪ هٿياربند لشڪر ڏياري موڪليو. ان موقعي تي دلائي لامه اتر ڏانهن ڀڄي ويو، پر سندن نمائندن (چيني رهاڪو) سان هڪ معاهدو ڪيو ويو. هن معاهدي مطابق انگلينڊ کانسواءِ ٻين سڀني طاقتن لاءِ ٿٻيٽ بند رهيو. انگريزي مهم سبب ٿٻيٽ تي چيني تسلط وڌيڪ مضبوط ٿيو.

هندستان ۾ صلح جا ڪم:

1857ع واري بغاوت جي ڏينهن کان وٺي انگريز سرڪار خبردار ٿي ته جيئن اها ماڻهن جي جذبن کي زخم نه رسائي. ان سلسلي ۾ ڪيترن ئي موقعن تي، خاص ڪري وچڙندڙ مرض کي روڪڻ لاءِ صحت جي حفاظت جي ڪم ۾، انگريز آفيسرن جون نيڪ نيتون ملڪي رسم و رواج ۽ ڀرمن جي ڪري مٽيءَ ۾ ملي ويون آهن.

محمد علي جناح، گانڌي ۽ جواهر لعل نهرو

بهرحال اها حقيقت آهي ته انگريز سرڪار جي دَور ۾ ملڪ جي مالي ترقيءَ ۾ گهڻو واڌارو ٿيو آهي. ريلواين، رستن، واهن ۽ زراعتي ڪمن، هندستان جي مال ۽ دولت کي وڌايو آهي. آمدرفت جي سڌريل وسيلن جي ڪري ڏڪار ۽ اهي مصيبتون جي بي اعتبار آبهوا ۽ ڳتيل آدم شماريءَ جي ڪري ماڻهن جي مٿان عذاب بڻجي نازل ٿينديون هيون، گهٽجي ويون. عدالت وڌيڪ انصاف واري بڻجي وئي آهي ۽ سڌريل قانوني ڪورٽن جي حفاظت هيٺ ملڪيت وڌيڪ محفوظ آهي. تعليم ڪجهه ترقي ڪئي آهي، جيتوڻيڪ هندستان جا ڪروڙين ماڻهو اڃا تائين انهيءَ کان وانجهيل آهن. سراسري طرح هندستان سندس اڳئين طويل تاريخ ۾ ڪڏهن به ايترو وڌيڪ آسودو نه رهيو آهي، جيترو انگريز حڪومت جي هٿ هيٺ.

هندستان جي قومي تمنا:

هندستان جي ذهني بيداري تعليم يافته طبقي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ نئون قومي جذبو پيدا ڪيو. هيءُ جذبو پهريائين سرڪاري عهدن تي انگريز نوڪرن سان برابريءَ جي گـُـهر ۾ ظاهر ٿيو. هندستاني ديواني نوڪري اعليٰ شعبن کانسواءِ سڀني ملڪي ماڻهن لاءِ کليل آهي.

ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ هڪ قومي هندستاني پارليامينٽ جي گـُـهر گهڻو ڪري ٻڌي وئي آهي. پارلياماني راڄ جي ڏس ۾ پهريون قدم 1885ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس جي قائم ڪرڻ سان کنيو ويو. هيءَ ڪانگريس هر سال هڪ وڏي شهر ۾ ڪجهه ڏينهن لاءِ اجلاس ڪندي آهي ۽ مختلف عوامي مسئلن تي بحث ڪندي آهي. ان جي هٿ ۾ ڪاروباري معاملا هلائڻ يا قانون سازيءَ جي طاقت ڪانهي، پر سندس بحث مباحثا حڪومت لاءِ قدر وارا آهن.

هينئر تازو (1906ع - 1907ع) هڪ بنيادي قومي پارٽي طرفان انهيءَ پروگرام ڏيڻ سان، ته سڀني پرڏيهين کي هندستان مان هڪاليو وڃي ۽ هڪ خودمختيار هندستاني قوم جو بنياد رکيو وڃي، تنهن ڪجهه بي آرامي پيدا ڪئي آهي. خوش قسمتيءَ سان اهي جوش پيدا ڪندڙ پڙهيل طبقي جو هڪ ننڍو حصو هئا. انهيءَ مسئلي جي سڀني غير جانبدار اڀياس ڪندڙن جي راءِ ۾ پرڏيهي رهنمائي جو پٺتي هٽڻ هندستان لاءِ جوکي وارو ثابت ٿيندو. هندستاني هڪ واحد قوم نه آهي پر ڪيترائي هڪٻئي سان اختلاف رکندڙ عنصر منجهس شامل آهن، جن جي وچ ۾ اتفاق رڳو مضبوط انگريز حڪمراني رکي سگهي ٿي. مثال طور: هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ گڏجي هڪ واحد قومي مقصد جي حاصلات لاءِ ڪا ثابتي نه ڏني آهي. ان جي ابتڙ سندن رقابت، آخرڪار نا اتفاقي يا گهرو ويڙهه آڻيندي.

آسٽريليا جو آباد ٿيڻ:

انگريزن طرفان آسٽريليا کي شروع ۾ ڏوهارين لاءِ هڪ بيٺڪ ڪري استعمال ڪيو پئي ويو. جڏهن کين اها خبر پئي ته آسٽريليا جا چراگاهه رڍن پالڻ لاءِ بهترين هئا، تڏهن سٺا آبادگار آئرلينڊ ۽ اسڪاٽ لينڊ مان لڏي اتي آيا. انهن انگلستان جي ڏوهارين کي وڌيڪ جهازن ۾ ڀري آسٽريليا ڏانهن موڪلڻ واري حـُـڪومتي پاليسيءَ تي اعتراض ورتو. بعد ۾ 1851ع ۾ دولت وارن سون جي ميدانن لڀڻ ڪري بيٺڪ وجهندڙ ماڻهن جو هڪ وڏو ۽ اوچتو انبوهه آندو. انهيءَ کان جلدئي پوءِ انگريزي ڏوهارين جوآسٽريليا ڏانهن موڪلڻ ممنوع ڪيو ويو. 1860ع ڌاري آسٽريليا جون جدا جدا ست بيٺڪون هيون، جن ۾ تئسمينيا ۽ نيوزيلنڊ شامل هئا. نيوزيلنڊ کانسواءِ ٻيا سڀئي علائقا 1901ع ۾ آسٽريليا جي دولت مشترڪه ۾ شامل ٿيا. دولت مشترڪه جو صدر هڪڙو گورنر جنرل آهي جنهن کي انگريز سرڪار مقرر ڪندي آهي. آسٽريليا فيڊرل پارليامينٽ ٻن اسيمبلين جي آهي. پر سندن بحال ڪيل قانون لاءِ گورنر جنرل جي اجازت ضروري آهي. جنهن طرفان عملاً قانون سازيءَ ۾ هن جي رڪاوٽ وجهڻ جو امڪان ڪونهي. آسٽريلين فيڊريشن عملي طرح هڪ خودمختيار قوم آهي، جنهن جو پنهنجي اصل ملڪ يعني انگلينڊ تي مدار جو بنياد جبر تي نه پر وفاداريءَ تي ٻڌل آهي.

ڏور اوڀر ۾ انگلينڊ:

انگريزن پاران سنگاپور جي نو آبادي (ڪالوني) 1819ع ۾ قائم ڪئي وئي. ٻيون بيٺڪون، جي واپاري هنڌن لاءِ مناسب هيون، تن کي آهستي آهستي ملائي اپٻيٽ جي لڳ قائم ڪيو ويو. انهن سڀني کي گڏي ”ڳچي سمنڊ واريون نوآباديون“ ڪوٺجي ٿو، جن جي گاديءَ جو هنڌ سنگاپور آهي.

1842ع ۾ چين سان ”آفيمي لڙائي“ (1) جي نتيجي ۾ هانگ ڪانگ مليو. 1898ع ۾ چين اها ڳالهه مڃي ته نوانوي سالن لاءِ ڪولون جو سامهون واري اپٻيٽ جو انگريزن کي مقاطعو ڏجي. وڪٽوريا جو شهر، جنهن کي عام طرح هانگ ڪانگ سڏيو ويندو هو، سو اوڀر ۾ سڀ کان وڌيڪ اهميت رکندڙ هڪ مال ورڇيندڙ بندر ٿي پيو. هي هڪ ”فري پورٽ“ (Free Port) يا آزاد بندر آهي، يعني هن مان لنگهندڙ مال تي ڪو محصول ڪونه ورتو ويندو آهي.

انگريز جاپاني اتحاد:

اڻويهين صديءَ جي دوران چين، برطانوي ٺهيل شين جو وڌندڙ کاپائو (Consumer) ٿي پيو. ملڪ جي ترقي پذير سڌاري سان گڏ پرڏيهي مال جي طلب ضرور تيزيءَ سان وڌڻي هئي. ان حوالي سان برطانيا چين ۾ پنهنجي ٺهيل شين ۽ واپارين جي تجارت کي محفوظ رکڻ لاءِ چين ۾ کليل دروازي (Open Door) واري پاليسيءَ تي زور ڏنو. انهيءَ جو اهو مطلب آهي ته سڀني ملڪن کان درآمد ٿيل شيون ساڳين شرطن تي چين داخل ٿيڻون آهن.

”کليل دروازي واري پاليسي“ روس جي منچوريا ۾ اڳتي وڌڻ ڪري خطري ۾ پئجي وئي. انگلينڊ ۽ جاپان روس جي اڳتي وڌڻ کي روڪڻ لاءِ منتظر هئا، تنهنڪري 1902ع ۾ هڪ بچاءَ واري اتحاد ۾ شامل ٿيا. ٻنهي مان هر هڪ انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته جيڪڏهن هڪ کان وڌيڪ طاقتن منجهانئن ڪنهن هڪ تي حملو ڪيو ته ٻيو سندس مدد ڪندو. اهو اتحاد جلدئي تاريخي اهميت وارو ثابت ٿيو. انهيءَ عهدنامي روس ۽ جاپان جي وچ ۾ لڙائي انهن ٻن قومن تائين محدود رکي ۽ جاپان کي ٻئي ڪنهن به ممڪن دشمن کان پوري طرح حفاظت ۾ رکيو. ٻئي طرف وري جاپان جي سڄي طاقت منچوريا واري لڙائيءَ ۾ وقف ڪيل هئي.

انگريز - جاپاني اتحاد جي تجديد:

انگريز - جاپاني اتحاد 1905ع ۾ وڌايو ۽ مضبوط ڪيو ويو. هيءَ حقيقت آهي ته نه رڳو برطانوي شهنشاهت ۽ جاپان، پر چين ۽ ڪنهن طرح روس پڻ هن معاهدي کي پنهنجن تاريخن ۾ هڪ فيصلائتو واقعو ڪري سمجهندا. معاهدي جي مهاڙَ ۾ چيل آهي، ته ان جا مـُـک مقصد هي آهن:

(الف) مشرقي ايشيا ۽ هندستان جي ملڪن ۾ عام صلح جي حالت مضبوط نموني ڪرڻ ۽ قائم رکڻ.

 (ب) چين ۾ چيني شهنشاهت جي خودمختياري، سالميت ۽ کليل دروازي (Open Door)  جي پاليسي لاڳو ڪندي سڀني طاقتن جي عام مفادن جي حفاظت ڪرڻ.

(ث) انگلينڊ جا هندستان ۾، ۽ جاپان جا ڏور اوڀر ۾ مـُـفاد قائم رکڻ.

انهن مٿي ذڪر ڪيل حقن يا مفادن جي بچاءَ ۾ انهيءَ معاهدي تي عهد ڪندڙ طاقتون انهيءَ ڳالهه تي اتفاق ڪن ٿيون ته جيڪڏهن ڪابه ٽين پارٽي ”بنا ڪنهن چرچ ڏنل حملي يا اڳرائي ڪيل قدم جي منجهانئن ڪنهن خلاف جارحيت ڪندي ته ٻي پارٽي مدد لاءِ ايندي.

هن معاهدي جا وسيع نتيجا تاريخ کان وڌيڪ جديد دور ۽ مستقبل جي سياست سان لاڳاپيل آهن. تنهنڪري انهيءَ جا شرط هر ان شاگرد کي ياد رکڻ گهرجن جيڪو پنهنجي زماني کي سمجهڻ جي تمنا رکي ٿو(1).

 

جديد ايران:

اسان انگلينڊ ۽ روس جي وچ ۾ قسطنطنيه کان وٺي ايشيا جي هن پار پئسفڪ وڏي سمنڊ جي ڪناري تائين طاقتور ڪشمڪش جو مطالعو ڪيو آهي. هن خطي جي هڪڙي حصي يعني ايراني حصي کي اڃا ويچار ۾ آڻڻو آهي.

جديد ايراني تاريخ خاص طرح روس ۽ انگريزي مفاد جي هڪٻئي سان مقابلي جي ڪري جـُـڙي آهي. 1797ع کان 1828ع واري دور ۾ ايران ڪيترا ملڪ روس وٽ وڃائي ويٺو ۽ کيس ڪئسپين سمنڊ تي روس جي جنگي جهازن کي پهري ڏيڻ لاءِ اجازت ڏيڻي پئي. ايران ۾ مقرر انگريزي ۽ روسي ايلچين پنهنجي مختلف سرڪاري مقصدن کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نت نوان ناٽڪ رٿيا. ٻنهي مـُـلڪن جي وچ ۾ ٿيل هن سفارتي مقابلي ۾ روسين کي فتح حاصل ٿي. انهن افغانستان کي چرچ ڏئي ٻه ڀيرا ايران تي حملا ڪرايا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو انگريزن ۽ افغانن جي وچ ۾ پهرين لڙائي لڳي. ايران جو ڪجهه سالن تائين سڄو سرڪاري ڪاروبار روسي اثر هيٺ هو. شاهه ايران ٻه دفعا افغانستان ۾ هرات جو مـُـک شهر فتح ڪيو، پر هر دفعي ايراني نار ۾ انگريزن جي حملن کيس پنهنجي فتح (1852ع - 1857ع) موٽائي ڏيڻ لاءِ مجبور ڪيو. هن صورتحال جا انگلينڊ کي وڌيڪ فائدا حاصل ٿيا، پر 1900ع ۾ روس ايران کي هڪ وڏو قرض ڏنو، جنهن ايران کي پنهنجي اتر واري طاقت (روس) جو مالي طرح تعبيدار بنائي ڇڏيو. انهيءَ وقت کان وٺي ٻنهي مقابلي ڪندڙ طاقتن معاهدي جي ذريعي ايران جي خودمختياري ۽ سالميت جو يقين ڏياريو آهي. 1906ع ۾ ايران جي شاهه هڪ جمهوري جوڙجڪ واري حڪومت بحال ڪري پنهنجي رعيت جي جديد جذبي اڳيان آڻ مڃي.

 انگريز - روسي ٺاهه:

1907ع ۾ انگريزي ۽ روسي حڪومتن ايشيا ۾ پنهنجي مفادن مطابق مختلف ڳالهين تي هڪ ٺاهه ڪيو. چيو وڃي ٿو ته هن ٺاهه ايندڙ ڪيترن سالن تائين طويل ۽ تلخ رقابت جو خاتمو ڪيو.

انگلينڊ مصر ۾:

مصر ۾ سئيز ڪئنال جي تڪميل سندس ٺاهيندڙن کي مصر ۾ هڪ خصوصي دلچسپي ڏياري، ڇوته ان ملڪ ۾ اُٿيل ڪابه سياسي بي آرامي شايد آزاد جهاز رانيءَ کي خطري ۾ وجهي ڇڏي ها. فرانس ۽ انگلينڊ گڏجي مصري حڪومت جي راهنمائيءَ جو ڪم پاڻ تي کنيو. 1882ع ۾ مصر ۾ پرڏيهي مداخلتن جي خلاف ٿيل هڪ بغاوت جي دوران فرانس مصري معاملن مان پاڻ کي الڳ رکيو ۽ اڪيلي انگلينڊ کي صلح سانت آڻڻ جي اجازت ڏني. انهيءَ وقت کان وٺي انگريز لشڪر ان ملڪ ۾ رهندو آيو ۽ سرڪاري ڪاروبار جي رهنمائي برطانوي آفيسر ڪندا آيا.

مصر ۾ مقرر لارڊ ڪرومر مصري حڪومت جي هڪ عجيب نئين سر تشڪيل ڪري مشهوري حاصل ڪئي. خاص طرح اسوان نديءَ تي نيل نديءَ تي ٻڌل بند برطانوي قابليت جو هميشـہ يادگار رهندو. نيل نديءَ جو پاڻي، جيڪو ٻوڏ جي وقت ۾ وڌيڪ بچي ٿو، ان بند ۾ جمع ڪيو وڃي ٿو ۽ افلاحين (مصري آبادگارن) کي زمين ۾ پوکيءَ ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جن جي زمين تي اڳي ڪوبه فصل ڪونه ٿيو هو. دراصل انگريزي تسلط مصر کي ڪيترن ئي نمونن ۾ فائدو پهچايو آهي، تنهن هوندي به ڪيترا مصري هڪ عوامي جذبي جي اثر هيٺ، جو ملڪي حڪومت جي قيام کي پرڏيهي انصاف تي ترجيح ڏئي ٿو، انهيءَ ڳالهه کي نه ٿا چاهين.

برطانوي ڏکڻ آفريڪا ۾:

ڪيپ ڪالونيءَ تي انگلينڊ ۽ فرانس انقلابي لڙائين جي دوران اُن وقت وڃي قبضو ڪيو، جڏهن سندس (ڏکڻ آفريقا جو اڳيون) مالڪ هالينڊ فرانس سان اتحاد ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو هو. ملڪ جا اصلي وسائيندڙ ڊچ هاري هئا، جن کي بوئر ڪري ٿي سڏيائون. هنن انگريز حڪمرانيءَ هيٺ رهڻ جو خيال تسليم نه ڪيو، ۽ اڳتي وڌي ٻن نين رياستن آرينج فري اسٽيٽ ۽ ٽرانسوال جمهوريت جو ملڪ ۾ بنياد وڌائون. 1885ع ۾ قيمتي سون جون کاڻيون ٽرانسوال ۾ لڌيون ويون. جنهنڪري مـُـلڪ ۾ لڏي ايندڙ وڏي تعداد ۾ انهن کاڻين ڏانهن جمع ٿيڻ لڳا ۽ جلدئي ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو اصلي بوئر آبادگارن کان ڇهوڻا ٿي ويا. بوئرن انهيءَ نئين هنر ۾ ڪو چاهه ڪونه ورتو، سواءِ انهيءَ جي ته ان تي ڳرو محصول وجهي ٻاهريان آيلن جي ترقيءَ کي روڪڻ جي ڪوشش ڪيائين.

”اُو اِٽ لئنڊرن“ (ڊچ زبان ۾ اجنبين لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ) ٽرانسوال جا شهري ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بوئرن هٺ سان کين حڪومت ۾ ڪنهن به حصي ڏيڻ کان انڪار ڪيو. جيئن ته ”او اِٽ لئنڊرن“ مان گهڻا ماڻهو انگريز هئا، ان ڪري آخر انهن برطانوي سرڪار کان مدد گهر ڪئي.

بوئر لڙائي: (1899ع - 1900ع)

ڏکڻ آفريڪا ۾ وڙهندڙ مقامي ۽ غير مقامي ماڻهن جي وچ ۾ ٿيندڙ ٺاهه جي ڳالهين مان ڪو نتيجو ڪونه نڪتو ۽ آخرڪار انگلينڊ لڙائيءَ جو اعلان ڪيو. بوئر فطرتي طرح سپاهي هئا، تنهنڪري وڙهندڙ فوج جي مدد لاءِ هنن لڙائيءَ لاءِ بارود ڪـَـٺو ڪري رکيو جڏهن ته انگريزن نامڪمل تياريءَ سان لڙائي شروع ڪئي. شروع ۾ انگريز مهندارن کي بريون شڪستون آيون، پر بعد ۾ ڀر واري ملڪ کان نوان انگريز لشڪر موڪليا ويا ۽ باقاعدي جنگين جي ذريعي بوئرن کي آڻ مڃڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو، آخرڪار آرينج فري اسٽيٽ ۽ ٽرانسوال ٻئي انگلينڊ جي اختياريءَ شامل ڪيا ويا. بوئرن کي تمام وڏيءَ دل سان سندن نقصان جو ڏنڊ ڀري ڏنو ويو ۽ انهن مان ڪيترا برطانوي ڏکڻ آفريڪا جا شهري بنجي ويا.

ڪئناڊا جي حڪومت:

ڪئناڊا جي تاريخ اڪثر ڪري صلح واري داخلي ترقيءَ جي تاريخ آهي. مختلف علائقن گڏجي 1867ع ۾ ڪئناڊا جي ڊومينين يا حڪومت ٺاهي. هيءَ ڊومينين يا حڪومت خود حڪمران آهي ۽ کيس پنهنجي پارليامينٽ آهي، جيڪا اوٽاوا ۾ اجلاس ڪندي آهي. گورنر جنرل جي مقرري (انگلينڊ جو) بادشاهه ڪندو آهي. ڪئناڊا کي وڏا زرعي وسيلا آهن. جي نين ريلواين جي رستي لڳ مستقل نون آبادگارن جي ذريعي سڌاريا وڃن ٿا.

هاڻوڪي برطانوي سرڪار هڪ محدود بادشاهت آهي، جا عملي طرح جمهوريت جي ويجهو آهي. بادشاهي، انگريز مرد يا زال جي نسل جي ذريعي موروثي آهي، پر بادشاهه جو پروٽيسٽنٽ هئڻ ضروري آهي. 1707ع کان وٺي بادشاهه (يا راڻيءَ) ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن به تجويز کي رد ڪرڻ جي اختياري استعمال نه ڪئي آهي ۽ ٻيون سڀ اختياريون رڳو وزيرن جي صلاح مصلحت سان استعمال ڪيون وينديون آهن. سڀني وزيرن کي گڏي ڪئبينيٽ يا وزيرن جي جماعت ڪوٺيو وڃي ٿو. حقيقت ۾ ڪئبينيٽ کي بادشاهه جي مشاورتي ڪائونسل جي ٽيڪ حاصل آهي. بهرحال انهيءَ کي منسٽري يا وزارت، گورنمينٽ يا سرڪار ڪونه ٿو سڏجي.

وزارت جو اڪثريت تي مدار:

برطانيا ئي وزيراعظم هميشـہ هائوس آف ڪامنس ۾ اڪثريت واري پارٽيءَ جو اڳواڻ هوندو آهي ۽ وزارت جي ٻين ميمبرن کي هو پنهنجي پارٽيءَ جي قابل ترين پوئلڳن مان چونڊيندو آهي. وزارت جو اجلاس وزير اعظم جي صدارت هيٺ ٿيندو آهي ۽ وزارت پارليامينٽ اڳيان پيش ڪرڻ لاءِ رٿون ۽ تجويزون ٺاهيندي آهي. جيڪڏهن ڌر سرڪاري اڪثريت رد ٿي يعني کيس ووٽن جي اڪثريت حاصل نه ٿي، ته وزارت کي استيعفا ڏيڻي پوندي. البت ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سندن موقف رد ٿيڻ کان پوءِ به وزيرن کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ ڪو سبب هجي ته سندن پاليسي پارليامينٽ کان ٻاهر قوم جي اڪثريت مطابق آهي. انهيءَ حالت ۾ هو بادشاهه کي چئي سگهن ٿا ته هو پارليامينٽ کي برخواست ڪري ۽ نئين چونڊ ٿيڻ جو حڪم ڏئي، ان اميد سان ته هو نون چونڊيل ميمبرن ۾ گهربل اڪثريت حاصل ڪري سگهندا. مطلب ته ايئن سمجهيو وڃي، ته وزارت هميشـہ قوم جي گهڻائي واري حصي جي مرضيءَ جو اظهار ڪري ٿي.

انگريز پارليامينٽ ۾ نامزد ٿيل هائوس آف لارڊس جي قانون سازيءَ جي اختياري مخصوص آهي. اها نون قاعدن جوڙڻ جي اڳواٽ تجويز نه ٿي ڏئي سگهي ۽ نه ئي مالي بل ۾ درستگي آڻي سگهي ٿي. تجربي اهو پڻ ڏيکاريو آهي ته هائوس آف لارڊس ان بل جي پاس ٿيڻ کي نه روڪي سگهيا، جنهن جي پاس ٿيڻ تي هائوس آف ڪامنس ۽ قوم زور ڏنو. هائوس آف ڪامنس کي حڪمرانيءَ جي اختياريءَ جو وڏي ۾ وڏو حصو آهي. هن فورم لاءِ ڇهه سو پندرهن ميمبر ڳجهي ووٽ جي رستي پنجن سالن لاءِ چونڊيا وڃن ٿا، هر شهري چونڊ جي لائق آهي ۽ کيس چونڊجڻ کان پوءِ عوامي خدمتن لاءِ سال ۾ چار سؤ پائونڊ ملن ٿا.

جوزف چيمبرلين

شهنشاهي ٻڌيءَ جون تجويزون:

انگريزن وٽ عام طرح ايئن خيال ڪيو ويندو هو ته وڏيون خود حڪمران بيٺڪون، خاص طرح ڪئناڊا ۽ آسٽريليا، آهستي آهستي وڌيڪ خودمختيار ٿي وينديون ۽ مـُـمڪن آهي ته وقت گذرندي ترقيءَ سان آخر ۾ شايد مڪمل خودمختياري حاصل ڪن. آخرڪار اڻويهينءَ صدي عيسويءَ جي آخري چوٿائيءَ ۾ هڪ وسيع شهنشاهي تخيل جي حمايت ڪئي وئي. ان سلسلي 1884ع ۾ ”فيڊريشن“ يعني شهنشاهي اتحادي جماعت (Imperial Federation League) جو بنياد پيو. ان جو مقصد هڪ ”عظيم برطانيا“ جي حصول لاءِ ڪم ڪرڻ هو، يعني مادر وطن ۽ بيٺڪن جي وچ ۾ هڪ ويجهڙائيءَ واري سياسي ٻڌي ڪرڻ.

1893ع کان وٺي ڪيتريون ئي ليگون يا جماعتون قائم آهن، جي ڪجهه شهنشاهي بچاءَ جي عام تجويز لاءِ ۽ ڪجهه شهنشاهت جي اندر ”محصولي اتحاد“ لاءِ ڪم ڪن پيون. 1903ع ۾ آزمودگار سياستدان جوزف چيمبرلين پنهنجي طاقت واري تحريڪ سان سڄي انگلينڊ جو هن مسئلي ۾ چاهه جاڳايو. هن صلاح ڏني ته انگلينڊ کي گهرجي ته پرڏيهي ملڪن مان ايندڙ کاڌي جي شين تي محصول وڌو وڃي ۽ ٻئي طرف وري بيٺڪن مان ايندڙ کاڌي جي شين کي بنا محصول جي اندر اچڻ ڏجي. بيٺڪون وري بدلي ۾ انگريزي ٺهيل شين کي ٿورڙي محصول سان يا بغير محصول جي پنهنجي ملڪ ۾ اندر اچڻ ڏين ۽ پرڏيهي شين تي ڳرو محصول وجهن. اهڙي طرح شهنشاهت هڪجهڙن واپاري مفادن جي ذريعي هڪٻئي سان ٻڌل رهندي، جهڙيءَ طرح 1830ع کان پوءِ جرمن محصول وارو اتحاد ٺاهيو ويو. جيڪڏهن گهڻين مشڪلاتن سان انهيءَ تجويز جي راهه ۾ غلبو حاصل ٿي سگهيو ته آئيندي ۾ ”عظيم برطانيا“ تاريخ ۾ شاندار ترين سياسي تخليق ٿيندي.

فرانس جي جديد بيٺڪي شهنشاهت:

جيتوڻيڪ فرانس بيٺڪي شهنشاهت لاءِ انگلينڊ جي مقابلي ۾ زوال پذير ٿي ويو، پر هنن پنهنجيون تمنائون ڪڏهن به ڪونه وساريون. سترهين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري هنن آفريقا جي الهندي ڪناري وارا ڪجهه حصا والاريا. اڻويهين صدي عيسويءَ جي وچ ۾ هنن الجزائر جي فتح شروع ڪئي ۽ 1881ع ۾ تيونس کي فرينچن جي بچاءَ واري انتظام هيٺ رکيو ويو. ڀونوچ سمنڊ ۽ ڪانگو نديءَ جي وچ وارو مغربي آفريقا جو وڏو حصو هينئر فرانس جي قبضي ۾ آهي. 1889ع ۾ مڊنماسڪر جي وڏي ٻيٽ لاءِ فرينچ حفاظتي حڪومت جو اعلان ڪيو ويو.

1862ع ۾ ڪن فرينچ مسيحي پرچارڪن جي خون جي بدلي وٺڻ خاطر انام (Annam) جي بادشاهه وڃي سائبان تي قبضو ڪيو ويو. ان وقت انام چيني قبضي هيٺ هو. فرينچ پـُـروشيا لڙائيءَ کان پوءِ فرينچن انام ۽ ٽونڪانگ جي علائقي ۾ پنهنجي فتحن کي اڳتي وڌائڻ وارو سلسلو جاري رکيو. ٽونڪانگ جي حفاظتي حڪومت چين سان جنگ شروع ڪئي، جا 1885ع واري معاهدي ۾ ختم ٿي، جنهن مطابق انهيءَ علائقي تي فرينچن جي حڪمراني قائم ڪئي وئي. ٽونڪانگ، انام، گنيوليا ۽ ڪوچنگ چين کي هند چين جي انتظام هيٺ ڏيئي سائبان سندس گاديءَ جو هنڌ ڪري گڏايو ويو.

فرانس ۾ بيٺڪي پارٽيءَ جي اها پڻ مرضي هئي ته سڄي ٿائيلينڊ/ سيام کي ڳنڍي ڇڏڻ گهرجي، پر 1896ع ۾ انگلينڊ سان هڪ معاهدي انهيءَ ملڪ جي وچئين حـصي جي خود مختياريءَ جو يقين ڏياريو. 1902ع ۾ سيام ميڪوم نديءَ جي لڳ ڪجهه ملڪ ڏنو.

جرمن بيٺڪ سازي:

جڏهن جرمنيءَ پنهنجو اتحاد حاصل ڪيو ۽ پنهنجي ان عجيب طاقت کي وڌائڻ شروع ڪيائين، جا کيس هڪ بيٺڪي زندگيءَ لاءِ چڱيءَ طرح قابل بنائيندي ته ان وقت تقريباً سڀ پوئتي پيل ملڪ اڳي ئي والارجي ويا هئا. سندس وڌيل آدمشماري اتر ۽ ڏکڻ آفريقا ڏانهن لڏي وئي ۽ قومي جهنڊي جي پاڇي هيٺان نڪري وئي. جرمنيءَ جي واپارين ۽ جهاز وارن سڄي قديم ۽ جديد دنيا ۾ سندس نالو مشهور ڪري ڇڏيو، پر هو پنهنجي انگريز پيشروئن وانگر نوان ملڪ حاصل ڪري نه سگهيا. رڳو آفريقا ۾ گرم آبهوا وارن ملڪن جا وڏا حصا، جي اڪثر سفيد فام آبادگارن جي لاءِ موزون نه هئا، سي اڃا تائين بنا ڪنهن بيٺڪي والار جي موجود هئا. انهن مان جرمني جيترا کڻي سگهيو، سي پنهنجي پاڙيسيرين سان جهڳڙي کان سواءِ کڻي ويو ۽ آفريقا کي مختلف يورپي طاقتن جي وچ ۾ ورهاڱي لاءِ اشارو ڏنائين. 1895ع ۾ چيني جاپاني لڙائيءَ کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ايئن پئي نظر آيو ته شايد چين وڏين طاقتن جي وچ ۾ ورهائجي وڃي. جرمنيءَ نه ٿي چاهيو ته ان ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي وڃي، تنهن ڪري جرمن مسيحي پرچارڪن جي خون جي سزا جو بهانو ڪري شنتونگ ۾ ”ڪيائون پائو“ بندر تي قبضو ڪيائون. 1897ع ۾ چين مجبور ٿي نوانوي ورهين لاءِ انهيءَ هنڌ جو مقاطعو جرمنيءَ کي لکي ڏنو ۽ انهيءَ کان سواءِ شنتونگ علائقي ۾ ڪي خاص حق ڏنا.

مراڪش ۾ فرينچ ۽ جرمن رقابت:

مراڪش جي فتح ۽ فرينچ - آمريڪي شهنشاهت مغربي آفريقا جي سڀ کان وڌيڪ دلپسند حـصي سان گڏ پوري ٿئي ها. فرينچن طرفان انگريزن جي حقن کي قبول ڪرڻ جي بدلي ۾ انگلينڊ جي حڪومت فرانس کي مراڪش ۾ آزاديءَ سان هٿ چراند ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. اهڙيءَ طرح انهيءَ ملڪ کي آخر ۾ فرانس سان شامل ڪرڻ ڄڻ فيصلو ٿي ويو هو. اوچتو ئي جڏهن فرانس جو اتحادي روس، منچوريا پنهنجي ملڪ ۾ جاپانين سان لڙائي ڪرڻ ۽ انقلاب آڻڻ ۾ رُڌل هو، تڏهن جرمن شهنشاهه مراڪش جي سلطان کي بچاءَ جو واعدو ڏنو. ڪجهه وقت تائين ايئن محسوس پئي ٿيو، ته فرينچِ جرمن لڙائي اڄ لڳي يا سڀاڻي. بيٺڪي آفيسر جنگ جي ميدان لاءِ پنهنجو سامان ٻڌي ويٺا. پر منچوريا واري لڙائيءَ جا خوفائتا نظارا، حڪومتن اڳيان تمام چٽا بيٺا هئا. هر هڪ جي صلح واري ٺاهه جي لاءِ تمنا هئي. هڪ بين الاقوامي ڪانفرنس ۾، جيڪا جبرالٽر جي ڀرسان اسپين جي هڪ ننڍي شهر الجزيراس ۾ ٿي (1906ع)، هڪ ٺاهه ڪيو ويو، جنهن مطابق مراڪش کليل ملڪ رکيو ويو. هن ملڪ کي پنهنجي خودمختياري حاصل آهي. پوليس ۽ خزانو يورپي اثر هيٺ رهيا. فرانس جي صلح سانت رکڻ جي جوابداري مشڪل ۽ نازڪ بڻجي ويئي.

ننڍين طاقتن جون بيٺڪون:

اسپين ۽ پورچوگال کي اڃا تائين آفريقا ۾ ڪجهه بيٺڪون آهن. 1907ع ۾ جڏهن انهيءَ کنڊ جو عام ورهاڱو ٿيڻ وارو هو، تڏهن بيلجيم جو بادشاهه ليوپول وڏين طاقتن جي مرضيءَ سان ڪانگو فري اسٽيٽ (ڪانگو آزاد ملڪ) ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيو. هيءُ غير جانبدار ۽ خودمختيار ملڪ هو، جيڪو سڀني قومن جي واپارين لاءِ کليل رهيو. پر اُتي وڪيل جي بدانتظاميءَ ڪجهه گلا ڪرائي وڌي ۽ ان جي نتيجي ۾ بيلجيم کيس پاڻ سان ڳنڍي ڇڏيو.

هوڏانهن اٽليءَ وارا ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي آبادي ڪري ويٺا ۽ جهنگلي حبشين سان مقابلي ۾ اچي ويا. اٽليءَ وارن کي شڪست آئي ۽ کين حبشي شهنشاهه جي خودمختياري مڃڻي پئي.

جڏهن ته ڊچ جون مشرقي هند واريون بيٺڪون پهريائين 1670ع ۾ ”ڊچ ايسٽ انڊيا ڪمپني“ قائم ڪيون. ملڪي ماڻهن جي ڪڏهن ڪڏهن بغاوتن کان سواءِ سندن ملڪيت تي خاص اعتراض ڪونه آندو ويو. سندن قيمتي پيداوار، جهڙوڪ: ڪافي، مصالحو، تماڪ ۽ رٻڙ کين هندستان کان ٻاهر ٻين سڀني گرم ملڪن وارن بيٺڪن کان وڌيڪ قيمتي ڪري ٿي.

 

باب ڇٽيهون

اُڻويهين صدي عيسويءَ ۾ آمريڪي ملڪ

1. آمريڪا جون گڏيل رياستون

واشنگٽن جو سرڪاري نظام: (1789ع-1797ع)

آمريڪي صدر جارج واشنگٽن

صدر جارج واشنگٽن ڪاغذي حڪومت جي جوڙجڪ (ڏسو باب 28 جي پڇاڙي) کي عملي استعمال ۾ آڻڻ جو مسئلو تمام سهڻي نموني ۾ حل ڪيو. حڪومت جي ڪيترن کاتن ۾ هي اهڙا مثال قائم ڪري سگهيو، جن جي اڄ ڏينهن تائين بجا آوري پئي ٿئي. انهيءَ مشڪل ڪم ۾ ڪن قابل وزيرن سندس مدد ڪئي. خاص طرح ملڪي پرڏيهي سيڪريٽري ٿامس جيفرسن ۽ مالي سيڪريٽري اليگزينڊر هئملٽن عجيب انتظامي قابليت جو اظهار ڪيو. هئملٽن خزاني کي تمام نااميديءَ جي حالت ۾ سنڀاليو. رپورٽن جي هڪ سلسلي ۾، (جي اڃا تائين عوامي خزاني جا شاهڪار ڪري ساراهيون وينديون آهن) هن هڪ سالم قومي اقتصادي قناعت جو رستو ڏيکاريو.

پنهنجي مڙني ڪاميابين باوجود جارج واشنگٽن ٽيون ڀيرو صدر ٿيڻ کان انڪار ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح آمريڪي سياست ۾ هڪڙو مثال قائم ڪيائين، جنهن جي کانئس پوءِ ايندڙن صدرن پڻ پيروي ڪئي آهي. صدارت ڇڏڻ کان اڳ هن پنهنجي ”الوداعي خطاب“ ۾ چيو ”اها اسان جي حقيقي پاليسي آهي ته ڪنهن به پرڏيهي قوت جي حيثيت سان دائمي اتحاد ڪرڻ کان پاسو ڪريون.....“ ۽ وري چيائين: ”ميٺ محبت ۽ ٻين قومن سان هڪ آزاداڻو طريقئه ڪار اختيار ڪرڻ واري سوچ هڪ پاليسي جي حوالي سان توڙي انسانيت ۽ مفاد جي خيال کان سٺا آهن.“ پهرئين صدر جو هي مشورو هاڻوڪي وقت تائين آمريڪا جي گڏيل رياستن جي پرڏيهي پاليسين جي ڪنجي آهي.


(1) 1798ع ۾ لارڊ مارننگٽن (Lord Mornington)، بعد ۾ مارڪيز ويلزلي (Marquis Wellesley)، هندستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. ويلزلي، جنرل ويلزلي جو وڏو ڀاءُ هو، جنهن جنرل ويلزلي هندستان ۾ مرهٽن ۽ ٽيپو سلطان کي شڪست ڏني ۽ 1815ع ۾ واٽرلو (Waterloo) جي جنگ ۾ نيپولين بوناپارٽ کي شڪست ڏني. اهو جنرل ويلزلي بعد ۾ ڊيوڪ آف ويلنگٽن (Duke of Wellington) ٿيو. (سنڌي ايڊيٽر)

(2) انگلينڊ جي تاريخ از: سي نائيٽ (History of England by:See Knight)

(1) ياد ڪرڻ کپي، ته انگريز شاهي رتبن ۽ القابن ۾ سڀ کان مٿي بادشاهه يعني King ، پوءِ شهزادو يعني پرنس (Prince) ، پوءِ ڊيوڪ (Duke) ، ان کان هيٺ مارڪيز (Marquis) ۽ ان کان به هيٺ ارل (Earl) ، پوءِ لارڊ (Lord) ۽ آخر ۾ نائيٽ (Knight) جنهن کي سـَـر (Sir) جو خطاب ملندو آهي. (سنڌي ايڊيٽر)

(1) تاريخ نويس جي تاريخ (The Hisndustian's History) جلد 22، ص 168 (سي مئڪفارلين ۽ ٽاسن جي انگلينڊ جي مفصل تاريخ (The Comprehensive History of England) تان نقل ڪيل). (مترجم)

(1) ڏسو باب 37.

(1) انگريز جاپاني اتحاد: جولاءِ 1911ع ۾ ڏهن سالن لاءِ انگريز - جاپان اتحاد کي ٻيهر تازو ڪيو ويو. جولاءِ 1920ع ۾ انهيءَ کي اڳتي جاري رکڻ لاءِ ٺاهه جون ڳالهيون شروع ٿيون. ٻنهي ملڪن ۾ انهن ڳالهين لاءِ سخت سرگرمي هـُـئي پر اڳڀرائي نه ٿيڻ جا هيٺيان سبب هـُـئا: ته 1. جن حالتن اصل ۾ انهيءَ اتحاد کي آندو هو، سي ختم ٿي چڪيون هيون. 2. ليگ آف نيشنس جي بـُـنياد ان اتحاد کي جاري رکڻ کي موزون بڻايو هو. 3. انهيءَ اتحاد کي وري تازي ڪرڻ واري عمل کي آمريڪا هڪ غير دوستاڻو عمل سمجهندو هـُـئو، پر ان کي رسمي ”نندڻ“، (جنهن جي معاهدي ۾ ضرورت هئي)، جوعمل نه ڪيو ويو. تنهن ڪري هن وقت اهو برابر وجود ۾ آهي پر ان مان زندگي نڪتل آهي. (انگريزي ايڊيٽر)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org