29 April 2009

 

 

Search(General)

  

sindhiadabiboard

 

 

 

 ٻين پبلشرن جا ڪتاب

 

 هن ڪتاب جي فهرست

 

 

 

سنڌي ادبي بورڊ بابت

  بورڊ جي تاريخ

  بورڊ جو آئين

  خبرنامو

  بورڊ جا چيئرمين

  بورڊ جا سيڪريٽري

  بورڊ جا ميمبر

  بورڊ بابت ڪجهه وڌيڪ

  بورڊ جي ويب ٽيم

 

سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: عالمي تاريخ جو مختصر خاڪو

باب: --

صفحو :27

12 فيبروري 1912ع تي چين جي ٻار شهنشاهه جو تخت تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ هڪڙو فرمان جاري ڪيو، جنهن مطابق وڏي يوئان شيڪاءِ کي ڪل اختيار ڏنا ويا ته مـُـلڪ ۾ هڪ جمهوريت قائم ڪري. هن يوئان نمايان قابليت ۽ بلند عوامي جذبي سان مـُـلڪي مـُـفادن جي حفاظت ڪرڻ واري نيتيءَ تي عمل ڪرڻ شروع ڪيو. سندس هن وڏي مهم جي سر انجاميءَ تي کيس اتفاق راءِ سان صدر ڪري چونڊيو ويو، جيڪو عهدو هن 1916ع ۾ افسوس جوڳي موت تائين ماڻيو. هي انقلاب جيتوڻيڪ عجيب طرح ۽ بنا ڪنهن زور ظلم جي آندو ويو هو، تڏهن  به انهيءَ انقلاب يورپي قومن کي تمام زبردست ٿرٿلي ۾ وڌو، جن کي پنهنجي معاصرن جي قسمت ۽ پنهنجي واپار کي جاري رکڻ جو گهڻو فڪر هو. هيڏانهن وري پنهنجي ملڪ جي ويجهو جرمنيءَ جي حاڪمن جي ناراضپي هوندي به اٽليءَ جو طرابلس تي قبضو رهيو. اٽليءَ حملو ڪري نه رڳو ترڪيءَ کي ڪمزور ۽ بي عزت ڪيو (ترڪي اها طاقت هئي جنهن کي زور وٺائڻ  ۽ مٿي چاڙهڻ لاءِ جرمنيءَ ۽ آسٽريا وارن کي گهڻو فڪر هو.) پر انهيءَ ٽه - طرفي اتحاد جي ايندڙ خاتمي کي نمايان ڪري ڏيکاريو. ڇو ته انهيءَ کان اڳ ۾ ڪڏهن به اٽليءَ ايڏو خودمختياريءَ سان ڪم نه ڪيو هو، ۽ نه وري پنهنجي ٻن اتحادين جي ظاهر مفادن ۽ ڄاڻايل مرضيءَ جي برخلاف ڪو قدم کنيو هـُـئائين. اٽليءَ جي ايتري وڏي ضد ۾ اچڻ ڪري جرمني ۽ آسٽريا ٻئي ڏاڍي غصي ۾ اچي ويا. انهيءَ کان پوءِ پهرئين بلقان واري لڙائي لڳي. هي دراصل ڪمزور ۽ ڇڙوڇڙ ٿيل ترڪيءَ تي يونان، بلغاريه، سربيا ۽ ماٽينيگرو جو گڏيل حملو هو. اهو حملو ڏاڍو ڪامياب ٿيو. ترڪن کي سندن قبضي ۾ آيل يورپي ملڪن مان تڙي ڪڍيو ويو، سواءِ قسطنطنيه ۽ ان جي پٺيان ملڪ جي هڪ سنهي ليڪ جي. فتحياب بلقاني اتحادي، پنهنجي اڳي تجويز ڪيل منصوبي مطابق مال غنيمت کي ورهائڻ لاءِ اڳتي وڌيا. هي قدم وچ وارن شهنشاهن جي عزت وارن پروگرامن لاءِ هڪ ٻيو موتمار ڌڪ هو. هن جنگ جي نتيجي برلن کي بغداد سان ڳنڍڻ واري منصوبي جي بلڪل بربادي آندي ۽ ويجهي اوڀر تي جرمن تسلط کي ختم ڪيو. تنهن ڪري آخرڪار آسٽريا وچ ۾ پيو. پهريائين هن اعلان ڪيو، ته ايڊيارٽڪ جي ڪناري وارن ملڪن مان ڪنهن تي به سربيا جو قبضو نه ٿيڻ گـُـهرجي. ٻيوته هن بلغاريا کي چـُـرچ ڏني ته غنيمت جي مال مان هڪ وڏي حـصي جي گهر ڪري ۽ جيڪڏهن ان کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿئي، ته بلقان ليگ جي ٻين ميمبرن خلاف جنگ جو اعلان ڪري. اهڙيءَ طرح 1913ع ۾ بلقان واري ٻي جنگ شروع ٿي. پر ٿورن هفتن ۾ اها ختم ٿي ويئي. 10 آگسٽ 1916ع ۾ بلقاني اتحاد وارا شڪست کائي چپجي وڃي بخارسٽ جي معاهدي جا (مصيبت وارا) شرط قبول ڪرڻ تي مجبور ٿيا. وچ وارن شهنشاهن جي حيثيت اڳي کان وڌيڪ خراب هئي. هنن ڏٺو ته هنن کي ان لاءِ خود پوءِ قدم کڻڻو پوندو، ته مشرق طرف رستي کي روڪڻ لاءِ سربيا نه ٺهي. بخارسٽ جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ کان هفتو اڳ آسٽريا اٽليءَ کي چرچ ڏني، ته هو سربيا تي هڪدم حملو ڪري، پر اٽليءَ انڪار ڪيو.  سبب اهو ڏنائين، ته ٽه - طرفو اتحاد خالص بچاءَ وارو اتحاد هو. تنهن ڪري وچ واريون شهنشاهتون مجبور ٿيون ته اهي ڪجهه وقت لاءِ خاموش رهن، جيئن کين سربيا سان جنگ واسطي ٻيو ڪو عذر ملي. اهڙو عـُـذر ملڻ لاءِ کين گهڻو وقت ترسڻو نه پيو.

سرائيوو جي فوجن جو ڏوهه ۽ انهيءَ جو نتيجو:

28 جون 1914ع تي آسٽريا جي هيپسبرگ تخت جي ولي عهد ڊيوڪ فرانسس فرڊيننڊ کي بوسنيا جي علائقي جي گاديءَ جي هنڌ سرائيوو جي گهٽين ۾ قتل ڪيو ويو. بوسنيا کي آسٽريا اڳُ 1908ع ۾ پاڻ سان ملائي ڇڏيو هو. هيءُ ڏوهه آسٽريا جي رعيت ڪيو هو، پر هو قومي حوالي کان سرب (Serb) هئا ۽ ايئن چيو ويو، ته هنن جي منصوبي (ڊيوڪ کي مارڻ) جي سازش بلغاريه ۾ ڪئي وئي هئي ۽ کين سربيا جي هٿيارن سان مسلح ڪيو ويو هو. انهن ڏوهن مڙهڻ جو ڪو ثبوت ڪونه ڏنو ويو ۽ نه وري اهي ڏوهه ثابت ٿي سگهيا آهن. اهي الزام ڪوڙا هئا يا سچا هئا، تڏهن به انهن الزامن گهڻي وقت کان سوچيل لڙائيءَ لاءِ بهاني جو ڪم ڏنو. 23- جولاءِ تي آسٽريا جي حڪومت جرمنيءَ سان گڏجي خبرداريءَ سان سربيا کي هڪ چتاءُ ڏنو. جنهن جو مطلب هو ته سندس لاءِ لڙائيءَ کان بيزاريءَ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه هو. جيڪڏهن سربيا انهيءَ کي قبول ڪري به ها ته ٻيون ۽ وڌيڪ زوردار گهرون هنن (آسٽريا ۽ جرمنيءَ) جي کيسي ۾ پيون هيون، جن جي ڪري سربيا جي ملڪ جي بربادي اچي وڃي ها.(1)

 

آسٽريا واري چتاءَ جي پڌري ٿيڻ نه رڳو سربيا پر سڀني ٺاهه وارن ملڪن ۾ وڏو ولوڙو وجهي ڇڏيو. ڪنهن جي به مرضي نه هئي ته لڙائي ٿئي. ڪوبه لڙائيءَ واسطي تيار نه هو. سربيا وارن کي خبر هئي ته اڪيلي طرح هو وچ وارين شهنشاهتن جو مقابلو گهڻي وقت تائين ڪري نه سگهندا. روس هڪ هنر ۽ ڪاريگريءَ واري ڪشمڪش جو شڪار ٿيل هو، جنهن اڳتي هلي هڪ حقيقي انقلاب جي صورت اختيار ڪئي هئي. فرانس پڻ فوجي نوڪريءَ جي وقت ۾ ٻن ورهين تائين توسيع ڪرڻ جي ڪري هڪ گهروُ نازڪ دور مان لنگهي رهيو هو. برطانيا پڻ هڪ هنري فساد جي وچ ۾ هو ۽ آئرلينڊ طرفان شروع ڪيل گهرو ويڙهه جي وڪڙ ۾ آيل هو. اهڙين حالتن ۾ انهن چئني طاقتن جي پرڏيهي وزارتن ڏاڍا هٿ پير هنيا ته جيئن انهيءَ مسئلي جو ڪو صلح سانت وارو پرامن حل نڪري اچي. جيڪڏهن آسٽريا يا جرمنيءَ ۾ صلح لاءِ ذري جيتري به خواهش هجي ها ته جيڪر ڏاڍي سولائيءَ سان صلح ٿي سگهي ها. سربيا تمام نوڙت سان پيش پوڻ لاءِ پنهنجي آمادگي ظاهر ڪئي، رڳو انهيءَ شرط سان ته کيس خودمختيار ڪيو وڃي. روس بحث ڪرڻ خاطر وقت لاءِ عرض ڪيو، فرانس ٺاهه جي ڳالهين جي تجويز ڏني، برطانيا هڪ يورپي اجتماع  سڏائڻ تي زور ڏنو - پر اهي سڀ بيڪار هئا. پنهنجي برتري ثابت ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ جو وقت اچي ٺيڪ بيٺو هو. اهو وقت ان عظيم ڏينهن جي بلند روشنائيءَ وارو هو، جنهن جي لاءِ قيصر ۽ سندس عظيم فوجي عملدار ايترن سالن تائين بي صبريءَ سان انتظار ڪندا رهيا. 28 جولاءِ تي آسٽريا، سربيا جي خلاف لڙائيءَ جو اعلان ڪيو ۽ هڪ هفتي اندر روس (پهرين آگسٽ)، فرانس (3 آگسٽ) ۽ برطانيا (4 آگسٽ) به ان گندي سيلاب ۾ ڇڪجي ويا.

مهاڀاري لڙائي:

اهو جيترو ناممڪن آهي، اوترو غير ضروري آهي، ته هن عالمي تاريخ جي خاڪي جي پئماني ۾ انهيءَ عظيم مقابلي، (جو آگسٽ 1914ع ۾ شروع ٿيو ۽ بنا ڪنهن وقفي جي سوا چئن سالن تائين جاري رهيو، يعني جڏهن 11 نومبر 1918ع تي ٿڪل ۽ ختم ٿيل جرمنيءَ صلحنامي تي صحيح ڪئي) جو تفصيلي ذڪر ڪري سگهجي. هتي رڳو ڪـُـجهه شقن جو ذڪر ڪري سگهجي ٿو: پهريون، انهيءَ ڪشمڪش ۾ تقريباً سڄي انسان ذات جو سڀني جنگين کان وڌيڪ ڀاري لڙائيءَ ۾ جذب ٿيڻ ۽ ٻيو، انهيءَ ڪشمڪش جو اڳتي هلڻ ۽ وڌڻ جو ٿلهي ليکي بيان (The broad course and process of the conflict) جيڪي خطري وارا مسئلا هئا، انهن جي ڳالهه ڪجي. نئين جـُـڙيل صورتحال سان سڀني تعلق رکندڙن هڪدم اهو محسوس ڪيو ته جيڪا ڳالهه نبيرڻي آهي، سان انهيءَ سوال کان ته آيا سربيا، پنهنجي خودمختياري قائم رکي يا آسٽريا جي قبضي ۾ رهي. هن معاملي ۾ ڏٺو ويو ته پهريون، موقف جمهوريت يا آزاد قومن جي خودمختياريءَ جو بحال هـُـجڻ يا حق فوجي آپيشاهيءَ سان موت واري ڪشمڪش ۾ رهڻ هو. ٻيو، منظم ۽ خودشناس قومن جي خودمختيار ترقيءَ جو اصول هڪ ڪنهن اڪيلي طاقت جي انهيءَ دعويٰ سان ٽڪراءَ ۾ ٿي آيو، ته هڪ رعيتي راڄ تي تسلط قائم ڪجي ۽ پنهنجي تهذيب مٿانئس زوريءَ مڙهجي، ٽيون، يورپ جي دولت مشترڪه پنهنجي اجتماعن ۽ بين الاقوامي قانون جي قاعدن مطابق ڪنهن به هڪ غالب سپر اسٽيٽ يا اعليٰ ملڪ جي غير اخلاقي طريقي اسرڻ جي خلاف هئي. چوٿون، سمنڊ جي آزادي، جا برطانوي ۽ اتحادي بحري ٻيڙن وجود ۾ آندي ۽ قائم رکي، تنهن کي غير قانوني ۽ بي رحميءَ سان ڀريل حملي آور ٻيڙن چئلينج ٿي ڏنو، ۽ پنجون هيگل  جو حڪومت جو نظريو، (جهڙيءَ طرح ٽراٽسڪي ۽ بٽن هارڊي وڌايو، سو) جيڪو ڪانٽ جي پراڻن ۽ وڌيڪ انساني آدرشن سان هڪ موت واري ويڙهه وڙهي رهيو هو. سچ پچ، ته هيءَ لڙائي بنيادي ۽ اصولي طرح اصولن ۽ آدرشن جي لڙائي هئي، حق جي ظلم جي خلاف ۽ چڱائيءَ جي برائيءَ جي خلاف ويڙهه هـُـئي.

هنن مسئلن جي وسعت جي عام ۽ جذباتي احساس جو هڪ خاص سبب هو، جنهن هڪٻئي پٺيان دنيا جي تقريباً سڀني قومن کي انهيءَ ڪشمڪش ۾ آندو. مهاڀاري لڙائيءَ جي ابتدا ۾ ٻن آپيشاهي وچ وارين  شهنشاهتن جي طرفان ترڪي (نومبر 1914ع) ۽ بلغاريه (آڪٽوبر 1915ع) لڙائيءَ ۾ داخل ٿيا.  انهن چئن طاقتن سان گڏ جن مـُـخالفت ۾ لڙائي شروع ڪئي هئي، تن ۾ سربيا، روس، فرانس، برطانيا ۽ بيلجيم (4 آگسٽ 1914ع)، مانٽينيگرو (7 آگسٽ 1914ع)، رومانيا (آگسٽ 1916ع)، آمريڪا جون گڏيل رياستون (اپريل 1917ع)، يونان (جون 1917ع)، سيام (جولاءِ 1917ع)، برازيل (آگسٽ 1917ع) ۽ چين (آگسٽ 1917ع) شامل هـُـئا، انهن وڏين طاقتن کان سواءِ دنيا جي باقي رهيل ملڪن کليءَ طرح پاڻ کي اتحادين جي طرف ظاهر ڪيو يا غير جانبداريءَ جو اظهار ڪيو.

لڙائيءَ جو شروع ٿيڻ:

اتحادين جي عدد ۽ سازو سامان آخر وچ وارن شهنشاهتن (آسٽريا ۽ جرمني) ۽ سندن ٻن غلام ساٿين جي شڪست يقيني ڪري وڌي. پر اها حالت ايستائين نه پيدا ٿي جيستائين جنگ اٽڪل ٽن سالن تائين پئي جوش ڏيکاريو ۽ اوائلي حالتن ۾ اتحادي ڌر ڪيترن موقعن تي برباديءَ جي ڪناري تي پهتي. ڇو جو جرمني ۽ آسٽريا انهن طاقتن کان، (جي بچاءَ جي واسطي انهن جي مقابلي ۾ ٿي بيٺيون) وڌيڪ زبردست سازو سامان ۽ تياريءَ سان جنگ جي ميدان ۾ آيا هئا. سندن لڙائيءَ جون تجويزون ذري پرزي تفصيلوار ٺاهيون ويون. سندن ماڻهو ۽ سازو سامان جنگ لاءِ تيار هئا. هنن هڪ ٿورڙي عرصي واري ۽ سولائيءَ سان ڪامياب لڙائيءَ جا چار مهينا ٿي ڳڻيا. هنن کي اها اميد هئي ته 1914ع جي ختم ٿيڻ کان اڳ ئي اُهي گهر موٽي اچي هڪ سوڀارو ناتال ملهائيندا. سندن انهن اندازن جو بنياد جرمن ريلوي سرشتي جو روسي ريلوي سرشتي کان بهتر هئڻ تي هو. هنن ايئن پئي شمار ڪيو ته هڪ سڄو مهينو گذرندو، جنهن کان پوءِ روسي لشڪر کي آهستي آهستي ڪٺي ڪرڻ جو ڪم تڪميل کي پهچندو. انهن ايئن پئي سمجهيو ته هڪ مهيني ۾ هو فرانس تي غالب پئجي پئرس تي قبضو ڪندا ۽ پاڻ کي مغربي يورپ جو مالڪ بنائيندا. پر انهيءَ لاءِ هنن ضروري سمجهيو ته بيلجيم جي غيرطرفداري ءَ کي بگاڙي، فرانس تي بنا بچاءَ واري سرحد کان حملو ڪري سگهن. هنن کي اها اميد نه هئي ته برطانيا ايترو جلدئي لڙائيءَ ۾ گهڙي هنن جي پئرس ڏانهن هلان ۾ مداخلت ڪندو. هنن جي نيت هئي ته هو پئرس تي قبضو ڪري ۽ فرانس کي ڪنڌ نوڙائڻ لاءِ مجبور ڪري، پنهنجا سوڀارا لشڪر مشرقي محاذ ڏانهن منتقل ڪن ۽ روسي لشڪر کي ختم ڪري ڇڏين.

اها حقيقت به آهي ته محوري قوتن جون چالاڪ ۽ تمام خطرناڪ تجويزون ذري گهٽ ڪاميابيءَ جي حد کي پهتيون. هن کان اڳ خير ڪو ايئن ٿيو هوندو، جو انسانيت جي آزاديءَ جو اصول انهيءَ کان وڌيڪ خطري ۾ هجي جيترو 1914ع جي شروع ۾ هـُـئو. تنهن هوندي به جرمنيءَ وارن کي آخر ۾ سندن اميد ڪيل فتح کان نراس ڪيو ويو. سندن ناڪاميءَ جا مـُـک سبب هي هئا: 1. سندن شرير ۽ حملي آور لڙائيءَ ۾ ساڻن شامل ٿيڻ کان اٽليءَ جو انڪار 2. بيلجيم جي طرف کان غير طرفداريءَ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري غير متوقع صورتحال ۽ تمام اهميت واري مخالفت. اها مخالفت جنهن جرمنيءَ وارن جي تجويز کي عمل ۾ آڻڻ ۾ ڏهن ڏينهن جي دير لڳائي ڇڏي ۽ فرينچن کي پنهنجن بدترين گهٽتائين جي اصلاح ڪرڻ ۾ مدد ڪئي. 3. برطانيا جو چستيءَ سان لڙائيءَ ۾ داخل ٿيڻ، سندس کاريءَ جي مٿان هڪدم قبضو قائم ڪرڻ، ڪمڪ ڏيندڙ لشڪر کي تيزيءَ سان روانو ڪرڻ ۽ فرانس ۽ بيلجيم جي ساحلن جو پراڻو بچاءُ ڪرڻ 4. روس جو چستيءَ سان لڙائي ۾ داخل ٿيڻ، اسان کي سـُـڌ هوندي ته روسي حڪومت طرفان 7 - آگسٽ تائين، عام لشڪر ۾ داخل ٿيڻ جي حڪم ملڻ کان پوءِ هفتي اندر، روس جو هڪ مضبوط لشڪر مشرقي پـُـروشيا  داخل ٿيو ۽ قيصر جي زمينن ۽ جرمن اميرن جي جاگيرن ۾ ايترو ويل مچائي ڏنو، جو لشڪر جو اهم پاسيرو رکيل حصو، (جو فرانس کي آخري ڌڪ هڻڻ لاءِ رکيو ويو هو) تنهن کي پـُـروشيا جي فوجي ڌڙن جي ملڪيت کي برباديءَ کان بچائڻ لاءِ اُڀرندي محاذ ڏانهن ڦيرائڻو پيو. اهڙيءَ دير ۽ بدانتظاميءَ وارين حالتن ۾ جرمن لشڪر کي سيپٽمبر 1914ع جي پهرئين هفتي ۾ پئرس جي بلڪل اتر اولهه ۾ مارني (Marne) جي فيصلائتي جنگ لڙڻي پئي. دنيا جي تاريخ ۾ اها هڪ وڏي اهميت واري جنگ هئي. چئن ڏينهن جي لڙائيءَ کان پوءِ، جا انسان ذات اڳي ڪڏهن نه ڏٺي هئي، جرمن حملي کي ٽوڙيو ويو. قيصر جي لشڪر کي پٺتي ڀڄايو ويو، فرانس ۽ انسان ذات کي تباهيءَ کان بچايو ويو.

لڙائيءَ جون آخري حالتون:

جرمني وارن پنهنجي پهرين حملي ۾ نااميد ٿي نين تجويزن ٺاهڻ ۽ انهن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ عجيب هوشياري ۽ پڪو ارادو ڏيکاريو. انهن پڻ لڙائيءَ جي مختلف طريقن ۾ بي رحميءَ ۽ وحشيپڻو ڏيکاريو، جهڙيءَ طرح زهريلي گئس جو استعمال ۽ واپاري جهازن کي ڏسندي ئي ٻوڙڻ جي پاليسي، جيڪي ڳالهيون بين الاقوامي قانون ۽ مهذب ماڻهن جي ضمير جي سخت خلاف ڳالهيون هيون. انهن قدمن کين هڪ وقتي فائدو ڏنو، پر اتحادين جي وڌندڙ فني هوشياري ۽ خطرناڪ ۽ شيطاني دشمن کي شڪست ڏيڻ ۾ وڌندڙ پڪي ارادي ذريعي آخرڪار کين چٿيو ويو.

1915ع ۾ وچ وارين طاقتن پنهنجين مـُـک ڪوششن جو رخ مشرقي محاذ ڏانهن ڦيرايو. آخر ۾ هو روس جو لشڪر ٽوڙڻ ۽ پولينڊ کي والارڻ ۾ ڪامياب ٿيا. 1916ع ۾ بلقان لڙائيءَ جو مـُـک ميدان هو. سربيا ۽ رومانيا ٻئي ختم ٿي ويا ۽ گهڻي وقت کان وٺي تمنا ڪيل برلن کان بغداد تائين رستو کوليو ويو. 1917ع  ۾ آسٽريا ۽ جرمنيءَ اٽليءَ تي هڪ گڏيل حملو ڪيو، جنهن دشمن کي وينس جي بلڪل ويجهو آندو. آخر 1918ع ۾ جڏهن آمريڪا جي لشڪر اتحادين جي طرف پنهنجي حاضر هئڻ جو احساس ڏيڻ جي شروعات پئي ڪئي، تڏهن جرمن لشڪر مغربي محاذ تي هڪ آخري ۽ بيباڪ حملو ڪيو. حملي ۾ هن ڪجهه وقت لاءِ کين هڪ وڏي ڪاميابي حاصل ٿي فرينچ ۽ انگريز لشڪر جي وچ ۾ لاڳاپو ٽٽي پيو، جنهنڪري فرينچن کي مجبور ٿي ۽ وري مارني (Marne) ڏانهن موٽڻو پيو ۽ انگريز مجبور ٿي ڪناري کي بلڪل ويجهو اچي پهتا. هيءُ واقعو سيپٽمبر 1914ع  جي نازڪ واقعي کان پوءِ اهميت ۾ ٻيو نمبر هو. خطري جي انتها اتحادين کي مجبور ڪيو ته هو لشڪر جي مهندارن جو اهڙو ايڪو قائم ڪن، جو اڳي ڪڏهن وجود ۾ڪونه هو. جنرل فوش، جو سڀني کان وڌيڪ طاقتور، ٿڌي دماغ وارو ۽ فرينچ جنگي ماهرن مان سڀني کان وڌيڪ قابل هو، تنهن کي سڀ کان اعليٰ اختياري ڏني وئي. هن حالتن کي چڱيءَ طرح سنڀالي ورتو. هن نه رڳو جرمن پيشقدميءَ کي روڪيو، پر جولاءِ ۾ هنن کي سنڌائتي ڌڪ هڻڻ لاءِ به تيار هو پوءِ جڏهن هن هڪ دفعو حملو شروع ڪيو ته وري صحتمند ٿيڻ تائين بند نه ڪيائين.

هنن شڪست کاڌل ۽ همٿ هاريل جرمني جي لشڪر کي ٻيهر صحتمند ٿيڻ جو وقت ئي نه ڏنو. پهريائين فرينچن، پوءِ انگريزن ۽ ان کان پوءِ آمريڪين جرمنيءَ جي لشڪر کي ٽوڙڻ ۽ کين پـُـٺتي هڪالڻ جو مـُـک ڪم پاڻ تي کنيو. هڪٻئي پٺيان محاذن کي ترڪ ڪرڻ لاءِ جرمني کي مجبور ڪيو ويو، نتيجي ۾ جرمن فوجي بيشمار قيدي ۽ بي عدد بندوقون ڇڏي ڀڄي ويا. دُنيا جي لڙائين ۾ اڳ ڪڏهن به اهڙي ڀاڄ ڪانه ٿي هئي. ان ڀاڄ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ لتاڙ کي روڪڻ لاءِ ۽ جرمنيءَ کي حملي کان بچائڻ لاءِ جرمن اعليٰ اختياريءَ وارن صلح لاءِ هڪ ذلت جهڙو عرض ڪيو ۽ فتحياب اتحادين 11 نومبر 1918ع تي وڏيءَ دل سان سندن عرض قبول ڪيو. شهنشاهه وليم ٻيو ان برباديءَ کي ڏسڻ لاءِ، (جا پنهنجي ملڪ تي آندي هئائين) نه ترسيو ۽ معاهدي کان ٻه ڏينهن اڳ ۾ تخت تان دستبردار ٿيو ۽ پنهنجي وڏي پـُـٽ سان هالينڊ ڀڄي وڃي پناهه ورتائين. جنهن کان پوءِ جرمنيءَ ۾ جمهوريت جو اعلان ڪيو ويو.


(1) سرائيوو: جنهن وقت اهو بيان لکيو ويو هو ان وقت کان پوءِ سرائيوو جي جوابداريءَ متعلق هڪ وڏو بحث شروع ٿيو آهي. مسئلو اڃا تائين فيصلي تائين پهتل نه ٿو خيال ڪجي. انگريزي زبان ۾ ميسر ثبوت جا ٻه بهترين اختصار آهن:

مس ايم. اي. ڊرهام (M.E. Durham) جو ڪتاب The Serajevo Crime (1925ع) ۽ پروفيسر R.W. Setan-Watson جو ڪتاب Serajevo، a Study in the Origin of the Great War (1926ع). (انگريزي ايڊيٽر)

صلح جو ٺاهه:

طاقتور جرمن شهنشاهت جي بربادي ڪي قدر انهيءَ  ڳالهه ڪري به هئي ته يارهين نومبر 1918ع جي قطعي ڏينهن کان اڳ ۾ وچ واري چؤياريءَ (Axis Powers) جا ٻيا سڀئي ميمبر صلح جي آڇ لاءِ مجبور ڪيا ويا هئا. 30 سيپٽمبر تي بلغاريه بغير شرط شروط جي آڻ مڃي هئي، 20 آڪٽوبر تي ترڪيءَ ٺاهه جون ڳالهيون شروع ڪيون، 3 نومبر تي آسٽريا وڙهڻ ڇڏي ڏنو. اهڙيءَ ريت جرمني اڪيلو ٿي پيو. چوڌاري فتحياب دشمن، (جن جي برباديءَ جي هن سازش ڪئي هئي، جي) دنيا تي غلبي حاصل ڪرڻ جون سندس ڪوششون ناڪام بڻايون ويون. جرمن شهنشاهه جي حڪمت عمليءَ سان انهيءَ حسرت جي پورائي لاءِ اٽڪل سورنهن لک مردن جان قربان ڪئي ۽ چاليهه لک زخمي ٿيا. انهيءَ کان سواءِ هن سمنڊ پار پنهنجا سڀ ملڪ وڃايا، جيڪي هن مختلف مهمن ذريعي برطانوي شهنشاهت ۽ جاپان کان فتح ڪيا هئا.

11 نومبر تي ڪيل صلح جي شرطن مطابق جرمنيءَ کي اهي سڀ ملڪ خالي ڪرڻ هئا، جن تي هنن حملو ڪيو هو. لڙائيءَ  ۾ ڏنڊ واري رقم، جيڪا هنن زوريءَ ٻين کان ڪڍي هئي، سا موٽائي ڏيڻ، بحري فوجي  هٿيارن جو وڏو حصو اتحادين آڏو پيش ڪرڻ ۽ رائين نديءَ وارن علائقن تي اتحادي لشڪر جي قبضي جي اجازت به شرطن ۾ شامل هئا. هن صلح نامي صلح ڪانفرنس لاءِ، (جا جنوري 1919ع ۾ وارساءِ ۾ ويٺي) رستو تيار ڪيو. اٽڪل ٽيهه طاقتن جا نمائندا انهيءَ ڪانفرنس ۾ موجود هئا. ڇهن مهينن جي انتظار ۽ سخت بحث مباحثن کان پوءِ جرمني اڳيان صلح جا شرط قبول ڪرڻ لاءِ رکيا ويا. جيڪي جرمنيءَ طرفان مـُـختلف اعتراض ڪندي 29 جون 1919ع قبول ڪيا ويا.

وارساءِ ڪانفرنس جو پهريون ۽ سڀ کان وڌيڪ اميد ڀريل ڪارنامو
ليگ آف نيشنس يا قومن جي جماعت جو قيام هو، جنهن جو مقصد مستقبل ۾ امڪاني وڏي لڙائي ڇيڙڻ کي روڪڻ، هٿيارن ۾ گهٽتائي ڪرڻ ۽ بين الاقوامي قانون کي عمل ۾ آڻڻ هو.(1) جيستائين جرمنيءَ جو تعلق آهي، ان کي ٻين ڳالهين سان گڏ هنن ڳالهين تي به مجبور ڪيو ويو: پهريون، السيس ۽ لورين فرانس کي، پوزين ۽ مغربي پـُـروشيا جا ٽڪرا پولينڊ کي ۽ پنهنجي سڄي بيٺڪي شهنشاهت اتحادين مان ڪنهن کي پيش ڪري.  ٻيو، پنهنجي بحري ۽ فوجي لشڪر کي اتحادين جي مقرر ڪيل پيماني مطابق محدود ڪرڻ لاءِ ذمو کڻي. ٽيون، زمين ۽ سمنڊ تي جيڪا هن بربادي ڪئي هئي، انهيءَ سڄيءَ تباهيءَ جو نقصان ڀري ڏئي.

جرمنيءَ سان معاهدي کان پوءِ آسٽريا (سينٽ جرمين، سيپٽمبر 1919ع) بلغاريه (نيولي، نومبر 1919ع) ، هنگري (وارساءِ، جون 1920ع) ۽ ترڪي (سيور، آگسٽ 1920ع) سان معاهدا ڪيا ويا، پر لڙائيءَ جي ڪري دنيا ۾ ايترو ٿرٿلو پئجي ويو هو جو انهن معاهدن جي ڪري تڪليف ۾ ورتل دنيا ۾ خير ڪو صلح سانت وري موٽي آيو.

نوان ملڪ:

دنيا جي ٻي ڪابه اهڙي لڙائي ماڻهن جي علم ۾ ڪانهي، جنهن کان پوءِ ايتريون اهميت واريون سياسي تبديليون ٿين، يا ايڏي وڏي پيماني تي ملڪن جي وري ٺاهه ٺوهه ٿئي. خود هينئر (1938ع)  اهو ناممڪن آهي جو اڳڪٿي ڪجي ته انهيءَ ڦيرڦار جو آخري نتيجو ڇا ٿيندو؟ سڀ کان اول ۽ اڳري ڳالهه اها آهي ته ٽي آپيشاهي شهنشاهتون، جي لڙائي ۾ گهڙيون، سي سڀ ٺپ ٿي ويون.

پهريون: فيبروري 1917ع ۾ روس ۾ هڪ انقلاب آيو، جنهن زار نڪولس ٻئي کي استعيفا ڏيڻ ۽ هڪ عوامي جمهوريت کڙي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو. نومبر 1917ع ۾ هڪ ٻيو انقلاب آيو، جنهن عوامي جمهوريت کي به ختم ڪيو ۽ هڪ اشتراڪي ٿورن ماڻهن جي گروهه، يعني بالشويڪن کي اختياري ڏني. روس جي شهنشاهت ٽٽي پئي ۽ انهيءَ جي ٽڪرن مان ننڍيون رياستون ٺهي پيون، جنهن مان سڀ کان مـُـک هئا: فن لينڊ، اسٽونيا، لئٽفيا، لئونيا، يوڪرينيا، جارجيا ۽ آرمينيا.

ٻيو: نومبر 1919ع ۾ آسٽريا طرفان لڙائي کان نڪرڻ کان پوءِ شهنشاهه جارج تخت تان دستبردار ٿيو ۽ هئپسبرگ حڪومت وارا ملڪ ٽڪر ٿي ويا. هڪ ڪٽيل آسٽريا ۽ ننڍي ٿيل هنگري الڳ رياستون بڻجي پيون. بوهيميا ۽ هنگريءَ جي اڳيان سلواڪي علائقا ڳنڍي چيڪو سلوواڪيا جي جمهوريت ٺاهي وئي. ٽرينٽيو اٽليءَ ڏانهن منتقل ڪيو ويو. گئليسيا پولينڊ ڏانهن ۽ بوڪووينا رومانيا ڏانهن ويا، سربيا ۽ مانٽينيگرو (پاڻيءَ ۾ ڳنڍيل ۽ يوگوسلاويا جي نالي سان مشهور) هنگريءَ جا اڳيان سلووين ۽ ڪروزين علائقا حاصل ڪيا.

ٽيون: جرمنيءَ ۾ قيصر جي 9 نومبر 1818ع تي تخت تان دستبرداريءَ کان پوءِ سڀني ننڍن بادشاهن، اميرن ۽ ٻين ننڍن سردارن، جن قيصر جي ٺلهي وڏائيءَ کي اڀاريو هو، تن يا استعيفا ڏني يا کين هڪاليو ويو. جيئن اسان اڳي ذڪر ڪيو آهي، شهنشاهت جي جڳهه هڪ گڏيل جمهوريت ورتي.

چوٿون: عثماني شهنشاهت جي ملڪ جو اهو حال هو ته اُن ۾ يورپي ترڪيءَ وارو قسطنطيه جو شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ وڃي بچي. باقي بچيل ڀاڱو يونان، سربيا ۽ البانيا ۾ ورهايو ويو. اناطوليه ايشيا ۾ ترڪن لاءِ ڇڏي وئي. شام کي فرينچن جي قبضي ۾ ڏنو ويو. فلسطين ۾ ميسوپوٽيميا برطانيا جي قبضي ۾، عربستان جو حجاز وارو خطو، (جنهن ۾ مسلمان مذهب وارن جون پاڪ جايون آهن) خود مختيار عرب ملڪ ڪري مڃيو ويو.

پنجون: پولينڊ، روس، آسٽريا ۽ پروشيا، اڳئين غلاميءَ ۾ پنهنجن علائقن مان وري ملڪ ٺاهي يورپ جي ملڪن ۾ پنهنجي جڳهه حاصل ڪئي.

صلح واري ٺاهه جو نتيجو:

مهاڀاري لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ويهن ورهين جي دوران چار بلڪل ظاهر ظهور دور هڪٻئي کان جدا ڪري سگهجن ٿا. هي دور اسرڻ ۽ زوال خوشي ۽ غم، اڀرندڙ اميدن ۽ وري ايندڙ نااميديءَ وارا هڪٻئي پٺيان ايندڙ دور هئا. ٿلهي ليکي سندن نالا ۽ تاريخون هي آهن: 1. اميدن ڀريو مـختصر دور (1918ع- 1920ع)
2. اقتصادي بربادي ۽ سياسي انڌ ڌنڌ وارا چار سال (1920ع-1924ع) 3. اميدن ڀرئي ٺاهه ۽ اقتصادي نئين زندگيءَ وارا پنج سال (1924-1929ع) ۽ 4. هڪ طويل مدت وارو بحراني دور (1929-1938ع) جنهن جي شروعات واپار ۽ هنر ۾ اڳ ڪڏهن به نه ٿيل ڪساد بازاريءَ سان ٿي ۽ انهيءَ کي مسلسل انقلابي سياسي هيٺ مٿاهين جي طويل سلسلي قائم ۽ دائم رکيو. انهن ويهن سالن جي ڪهاڻيءَ کي تفصيل ۾ بيان ڪرڻ لاءِ هڪ وڏو ڪتاب گهرجي. هتي جيڪي ڪجهه لکي سگهجي ٿو، سو ڳالهين جو مختصر خاڪو آهي.(1)

اميدن ڀريو دور (1918ع-1920ع):

جڏهن 11 نومبر 1918ع تي صلح جو اعلان ڪيو ويو، تڏهن لاڳاپيل سڀني قومن جي ماڻهن جو پهريون جذبو هڪ ٿڌي ساهه ڀرڻ وارو جذبو هو. جنهن ۾ بي مثال خوف ۽ خطري وارو دور جو خاتمو ڪيو ويو. اهو سچ آهي ته فاتحن ۽ مفتوحن ٻنهي کي ڀيانڪ وسعت وارا مسئلا درپيش هئا، ڇو ته کين بيشمار لشڪرن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻو هو، قرضن جي ادائگي ڪرڻي هئي، غير منظم واپار کي وري زندهه ڪرڻو هو ۽ برباد ٿيل هنرن کي وري قائم ڪرڻو هو. پر جڏهن انهن بارن جي انهن عذابن سان ڀيٽ پئي ڪئي وڃي، جي گذريل لڙائيءَ جي چئن سالن ۾ سٺا ويا هئا، تڏهن اهي ڪم تمام ننڍا ۽ هلڪا پئي نظر آيا.

يورپ ۾ مـُـک فاتح قومن فرانس، بيلجيئم ۽ برطانيا جو خاص فڪر لڙائيءَ کان ٿيل نقصان جي تلافي ۽ سندن اجتماعي زندگيءَ جي وچ ۾ ٽٽل سلسلي جو وري ڳنڍڻ هو جڏهن ته شڪست کاڌل قومن کي ان کان به وڌيڪ سخت ۽ وڌيڪ ڏکيا مسئلا حل ڪرڻا هئا. ڇو ته انهن سڀني کي پنهنجي ملڪ جي نقصان کي تسليم ڪرڻو هـُـئو. انهن مان گهڻن مـُـلڪن ۾ ته حڪومت جي جوڙجڪ وارو انقلاب جاري هو، خاص ڪري جرمني، جنهن کي قيصر ۽ سڀئي اميرڙا ڇڏي ڀڄي ويا هئا، ان کي ته حڪومت جو نئون نمونو ٺاهڻو هو.

هيءُ ڪم جرمنيءَ 1929ع ۾ وائمار ۾ ڪيو ۽ هڪ انتها پسند عوامي راڄ واري گڏيل جمهوريت (Wiemner Republic) قائم ڪئي. بي رحميءَ واري بري ۽ بحري لڙائيءَ دوران مٿس جيڪا زبردست بربادي آئي هئي، کيس تنهن جي ڏنڊ ڀرڻ واري مهم کي پڻ منهن ڏيڻو هو. انهيءَ ڏنڊ جي رقم انگريزي ناڻي مطابق 660 ڪروڙ پائونڊ هئي، جيڪا هڪ اٿاهه رقم ۽ برباد ۽ غريب ٿيل جرمنيءَ جي ڀرڻ کان بلڪل پري هئي. (جيتوڻيڪ لڙائيءَ جي دور ۾ جيڪي ملڪيتون برباد ٿيون هيون، سي انهن جي قيمت کان گهڻو گهٽ هيون) آسٽريا، جنهن جي قبضي ۾ پسگردائيءَ وارا سڀ ملڪ کانئس کسيا ويا، سا هڪ ننڍي جمهوريت ٿي پئي، جنهن جا اقتصادي ذريعا سندس گذاري واسطي ڪافي نه هئا. هنگريءَ ۾ بادشاهي راڄ کي وڌيڪ پسند ڪيو ويو، پر کيس اجازت نه ڏني وئي ته بادشاهه، هئپسبرگ چارلس، کي موٽائي گهرائي، تنهن ڪري هن پاڻ کي قائم مقام بادشاهه جي ماتحت منظم ڪيو. ترڪي، جنهن کان يورپي قبضي ۾ ٿيل سڀ ملڪ کسجي ويا ۽ جنهن کي ايشيا ڪوچڪ واري ملڪ جي هڪ حـصي جي کسجي وڃڻ جو دڙڪو ڏنو ويو هو، تنهن پاڻ کي وري وسارڻ لاءِ هڪ فوجي ۽ سياسي طور بيدار مغز انسان، يعني مصطفيٰ ڪمال جي هٿ هيٺ منظم ڪيو. جيستائين روس جو تعلق آهي، اهو ديو، جو نه فاتحن جي، نه مفتوحن جي طبقي ۾ شمار ڪري سگهجي ٿو، تنهن کي هن اوائلي دور ۾ گهرو ويڙهه جي ڏکيءَ آزمائش مان لنگهڻو پيو. ڇو ته 1917ع ۾ لينن جي قائم ڪيل بالشويڪ ڊڪٽيٽر شپ کي اميرالبحر ڪولچڪ مشرق ۾ چئلينج ڪيو، جنرل ڪارلينوق ۽ جنرل ڊينيڪنگ ڏکڻ ۾ ۽ جنرل يوڊيخ اتر ۾، پر 1920ع جي پڇاڙيءَ کان اڳ ۾ لينن جي مـُـک همراهه ليئان ٽراٽسڪي جي تشڪيل ڏنل ”سرخ“ لشڪر پنهنجي سڀني ”سفيد“ دشمنن کي چيٿاڙي ڇڏيو. ڏور اوڀر ۾ جاپان، جيڪو لڙائيءَ واري زماني ۾ اتحادين کي هٿيار ڏيڻ واري وڪري مان دولتمند بنجي ويو هو، سو پئسفڪ سمنڊ ۾ ليگ آف نيشنس وارن سندس انتطام هيٺ ڏنل ٻيٽن جي ڪاروبارجي انتظام ۾ مشغول هو. چين پنهنجي ليکي 1916ع ۾ يوئان شيڪاءِ جي موت کان پوءِ پيدا ٿيل وڳوڙ مان اڃا صحيح سلامت نه نڪتو هو. 1920ع ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار مقابل حڪومتون وجود ۾ هيون، يعني پهريون اتر ۾ ٽوانچي جوئي، ٻيو ڏکڻ ۾ لي يوان هنگ، ٽيون منچوريا ۾ چانگ ٽسولين ۽ چوٿون ڪئنٽن ۾ سنيات سين. چين ۾ اڃا انهيءَ کان بدتر حالت اچڻي هئي. چين جي بدانتظامي فطرتاً روس ۽ جاپان ٻنهيءَ جي لالـچ کي ڀڙڪايو.

ڊاهه وارو دور (1920-1924):

ايڊولف هٽلر ۽ مسوليني

صلح کان پوءِ ٻن سالن تائين جو اميد ڀريو تخيل هو، سو تخيل ئي ثابت ٿيو. لڙائيءَ جي ڪري دنيا ايتري جهنجهوڙجي چڪي هئي، جو سندس لاءِ ٻيهر توازن حاصل ڪرڻ مشڪل هو. کيس لڙائيءَ ايترو گهڻو غريب ڪري ڇڏيو هو جو وري آسودگي حاصل ڪرڻ هن لاءِ مشڪل ڪم هو. 1920ع واري سال سچ پچ ته واپار ۾ هڪ وڏي ۽ عام ڪساد بازاري ڏٺي، جنهن سان گڏ هنر جو زوال ٿي ويو، سڪي جو قدر گهٽجي ويو ۽ بي روزگاري خوفائتي نموني ۾ وڌي وئي. اهي اقتصادي مظاهرا ملڪ ۾ ڦهليل معاشرتي ۽ سياسي بي آراميءَ سان تمام گهريءَ طرح ڳنڍيل آهن، تنهن ڪري 1920ع کان 1924ع تائين وارا سال عجيب طرح ڏکوئيندڙ ۽ پريشانيءَ وارا سال هئا. انهن سالن جا مـُـک سبب هيٺيان هئا:

1. جرمني، جنهن جي وائمار سلطنت واري جوڙجڪ مٿس ڀوت وانگر سوار هئي، تنهن کي ڪميونسٽ بادشاهه پسند ۽ هڪ نئين لشڪر يعني نام نهاد نيشنل سوشلسٽن 1923ع ۾ ايڊولف هٽلر جي هٿ هيٺ طاقت جي واڳن کي قبضي ۾ آڻڻ جي پهرين ڪوشش ڪئي.

انهن بغاوتن کي عارضي طرح دٻايو ويو، پر فاتح اتحادين جي 1921ع تائين فيصلو ڪيل ڏنڊ ڀري ڏيڻ جي گهـُـرن کي دٻائڻ گهٽ آسان هو. 660 ڪروڙن پائونڊن جي زبردست رقم، جا انهيءَ وقت مقرر ڪئي وئي هئي، تنهن مان جرمنيءَ ساڳي سال 5 ڪروڙ ڏئي ڇڏيا ۽ تنهن کان پوءِ وڌيڪ ڏيڻ کان پنهنجي ڏيوالي جو اعلان ڪيو. 1923ع ۾ جرمنيءَ جي مسلسل ڪوتاهيءَ جي ڪري فرانس ۽ بيلجيم جي لشڪرن وڃي جرمنيءَ جي مـُـک هنرن واري خطي رُووَر تي قبضو ڪيو. جرمنيءَ وري پنهنجي سڪي جي قيمت گهٽائي ان هلان جو جواب ڏنو، تان جو جرمنيءَ جو سڪو بلڪل بيڪار ٿي ويو. هن عمل نه رڳو اتحادين جي ڪجهه وڌيڪ ڏنڊ جي رقم حاصل ڪرڻ جي اميدن جو خاتمو ڪري ڇڏيو، پر جرمنيءَ جي وچ واري سڄي طبقي کي بنهه نادار ڪري ڇڏيو. 1924ع ڌاري جرمنيءَ جي اقتصادي حالت نااميديءَ جهڙي هئي.

2. اٽلي ڪجهه بهتر حالت ۾ هو. صلح وارن معاهدن جي فائدن کي ناڪافي سمجهندي ۽ تمام تلخيءَ سان نااميد ٿيندي، هنري ۽ واپاري ڪساد بازاريءَ جي تڪليف سهندي، اشتراڪين ۽ سرمائيدارن جي مخالف طاقتن جي ٽٽي ڌار ٿيڻ ڪري هي ملڪ وڳوڙ جي حالت ۾ ڪرندو ويو. سينور جيولٽي جي جمهوري وزارت امن امان رکڻ لاءِ بي طاقت هئي. تنهن ڪري آڪٽوبر 1922ع ۾ بينيٽو مسوليني ، جيڪو ٽن سالن تائين ميلان ۾ پنهنجي فاشسٽ پارٽي منظم ڪري رهيو هو، سو روم تي ڪاهي آيو ۽ پاڻ کي وزيراعظم ڪري ٺهي ٺڪي اقتدار جي منجيءَ تي ويٺو. هن فورن حڪومت جي جوڙجڪ کي بهتر بڻو ۽ اٽليءَ کي هڪ مضبوط حڪومت ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌيو، جنهن جي اٽليءَ کي تمام سخت ضرورت هئي. 1924ع تائين اهو سلسلو تمام ڏکائتو هليو.

ٽراٽسڪي

3. گهڻو ڪري ساڳين سببن ڪري اسپين جي به اٽليءَ واري ساڳي حالت ٿي، پر اتي بادشاهه الفنسو تيرهين رهنمائي ڪئي. پنهنجي ڪابينا جي چسپائيءَ کان تنگ ٿي ۽ ڪورٽيس (Cortes) جي جهڳڙن کان بيزار ٿي، مراڪش تي تازي مهم جي ناڪاميءَ کان پڻ غصي ۾ اچي، هن حڪومت جي جوڙجڪ کي معطل ڪيو ۽ (سيپٽمبر 1923ع) ميگوئيل پرائيمو ڊيريوپرا، مارڪوئس دوايسٽيلا کي اقتدار جون واڳون ڏنائين، جو هڪدم هـُـل هنگامي مان صلح سانت آڻڻ جي ڪم کي لڳي ويو.

روسي سربراهه اسٽآلن

 4. روس ٻن سالن جي تلخ گهرو ويڙهه کان ڪمزور ٿي، 1921ع ۾ هڪ اهڙي ڏڪار جو شڪار ٿيو، جو اڳي ايتري سختيءَ سان ڪونه آيو هو، جنهن ۾ سندس لکين بدنصيب انسان مري ويا. هيءُ ڏڪار ڪنهن فطرتي سبب ڪري نه هئو، پر رڳو لينن جي ان ڪوشش ڪري ته هارين تي اشتراڪيت مڙهجي، يعني کين فصلن واري اُن خانگي ملڪيت کان محروم رکجي، جي هنن پنهنجي زمينن تي پوکيا هئا. هن مصيبت کان جند ڇڏائڻ جي خيال کان هن شديد اشتراڪيت ۾ نرمي آندي ۽ نئين اقتصادي پاليسيءَ کي شروع ڪرڻ لاءِ مجبور ٿيو، جنهن پاليسيءَ محنتي ڪولاڪ يا هاريءَ (Kulak) کي پنهنجي محنت ۽ ڪاميابيءَ جي اجوري وٺڻ جي اجازت ڏني. نئين اقتصادي پاليسيءَ جي ٻي خاص ڳالهه اها هئي، ته جنيوا ۾ سرمائيدارن جي ڪانفرنس (اپريل 1922ع) ۾ سوويت نمائندا موڪليا ويا، جرمنيءَ سان راپلو وٽ (اپريل 1922ع) هڪ دوستاڻي ٺاهه ڪرڻ ۽ اتحادين وٽ قبوليت ماڻڻ لاءِ اشتراڪي پروپيگنڊا ترڪ ڪرڻ جي واعدي تي (هيءُ اهو واعدو هو جو عام طرح غير مڪمل طرح پورو ڪيو ويو.) عمل جو يقين ڏياريو ويو. جنوري 1924ع ۾ لينن مري ويو ۽ سندس عهدي هٿ ڪرڻ لاءِ هڪ زبردست مقابلو شروع ٿيو، جنهن ۾ سندس ڪامريڊ ٽراٽسڪي (Trotsky) ، جيڪو نئين اقتصادي پاليسيءَ جو حامي هو ۽ اسٽالن (Stalin)، جيڪو نئين اقتصادي پاليسيءَ جو حامي هو، سي مـُـک مقابلو ڪندڙ هئا. مغربي طاقتن سان اتحاد ڪرڻ، ليگ آف نيشنس يا اقوام عالم جي جماعت ۾ وري ٻيهر داخل ٿيڻ ۽ روس جي نئين سر زندهه ڪيل قوميت سبب اسٽالن جي قسمت ۾ کٽڻ لکيل هو، تنهنڪري هوئي سوڀارو ٿيو.

لينن

5. ترڪي 1920-1924ع وارن سالن ۾ ماهر ۽ قابل مصطفيٰ ڪمال جي هٿان بلڪل تبديل ٿي چڪي هئي. هن 1922ع ۾ ايشيا ڪوچڪ مان يونانين کي هڪالي ڪڍيو، سلطان کي تخت تان لاٿو ۽ پاڻ کي آڪٽوبر 1923ع ۾ ترڪي جمهوريت جو صدر بنائڻ جو اعلان ڪيو. هن خلافت واري نظام کي ختم ڪيو، ترڪيءَ جي سڄي سرڪاري انتظام کي دنيوي بنايو ۽ اتحادين کي جنگ جو دڙڪو ڏئي سيورسڪ جي سخت معاهدي کي رد ڪرڻ، ۽ ان جي جڳهه تي لوزان (Lausanne) جي وڌيڪ نرميءَ واري معاهدي ڪرڻ لاءِ مجبور ڪيو.


(1) ليگ جي تاريخ اڳتي هلي ڏسو.

(1) هن دور جي تاريخ جو بهترين خاڪو پروفيسر اي. ايڇ ڪار (E.H Carr) جي ڪتاب انٽرنيشنل رليشنس، سـِـنس دي پيسٽريز (مئڪملئن) ۾ ڏنل آهي ڊاڪٽر ايف. ايل. بينس (Benus) جو يورپ سـِـنس 1914ع (ڇپيل بيل 1930ع) ۽ ايل ايل هسلڪ (Hisluck) جو فارن افيئرس 1919-1937ع (ڇپايل سي. يو. پريس 1938ع) پڻ تمام ڪارائتا ڪتاب آهن. (مترجم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24  25  26 27 28

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org