سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :11

جملن جي ڇيد جو هڪ ٻيو طريقو به آهي جنهن کي صورت بدل ڇيد (Transformational Analysis) سڏجي ٿو. ڇيد جو اِهو  نمونو گهڻو ڪري يورپي ٻولين سان لاڳو آهي، جنهن ۾ جملن جي صورت کي معنوي تبديل کان سواءِ بدلائي سگهجي ٿو. انهن ٻولين ۾ وڏن جملن جي نحو کي ترت جزن جي ذريعييا صورت بدل حصن جي وسيلي چڱي طرح سان سمجهائي سگهجي ٿو يا ٻنهي طريقن سان؛ بلڪه ڪي گول مول يا مبهم اصول، جي ترت جزن وارن ڇيد سان سُلجهائي نٿا سگهجن، سي صورت بدل ڇيد سان حل ٿي وڃن ٿا (10). مگر هي طريقو ايڏو ڪارگر ڪونهي، جيڏو ترت جزن وارو.

جملن جا جوڙجڪ ۽ نمونا-:  اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته جملو هڪ لفظ يا هڪ نحوي ميڙ آهي، جنهن کي هڪ ڍار سان ڳالهائجي ٿو. انهيءَ لحاظ کان جملن جا ٻه نمونا آهن: هڪڙا هڪلفظي ۽ ٻيا گهڻ _ لفظي. جيڪي گهڻ _ لفظي جملا آهن تن ۾  ڪانڪا بناوت هوندي آهي. اڳ ۾ ئي ٻڌايو ويو آهي ته ميڙن جون بناوتون ٻن قسمن جون هونديون آهن: هڪڙيون بي مرڪز ۽ ٻيون بامرڪز (ص _ 30) جملن جا اُهي بنيادي نمونا جيڪي گهَٽائي نه سگهجن تن جي بناوت بي مرڪز ٿيندي آهي(11). مثلاً ”ڪير آهي؟“ فقير آهي“ . اِهي ٻئي جملا بي مرڪز بناوت ۾ آهن ڇو ته انهن کي گهٽائي نٿو سگهجي. ”ڪير آهي؟“ کي گهٽائي سگهجي ٿو جيئن ته ”ڪير؟“ مگر اِهو هڪ لفظي جملو آهي، تنهن ڪري منجهس بناوت ڪانهي. بناوت لاءِ هڪ کان وڌيڪ لفظن جي ضرورت آهي. اِنهن جملن کي جيڪڏهن وڌائبو ته سندس بناوت بامرڪز ٿي پوندي؛ جيئن ته ”هو ڪير آهي؟“ ، ”هو فقير آهي.“ انهن جي ترت جزن ۾ پويون جزو ’ڪير آهي‘ يا ’فقير آهي‘ سردار جزو آهي ۽ ٻيو جزو ’هو‘ ان جي تابع آهي. دنيا جي سڀني ٻولين ۾ بي مرڪز بناوت وارن جملن جو تعداد تمام ٿورو ٿيندو آهي. گنجائش جي لحاظ کان هڪڙن جملن جي بناوت کليل هوندي آهي ۽ ٻين جي بنديل. ڪن بي مرڪز جملن جي بناوت کليل هوندي اهي ۽ ڪن جي بنديل. جن بي مرڪز جملن جي بناوت کليل هوندي آهي سي عام مروج ۽ عام مقبول (favourite) جملا هوندا آهن جيئن ته -:

(1) هو ويو.

(2) تو ماني کاڌي.

اهڙن جملن کي وڌائي سگهجي ٿو جيئن ته:-

        (1) هو اڄ ويو.

(2) هو اڄ ڪراچيءَ ويو.

(3) هو اڄ ڪار ۾ ڪراچيءَ ويو.

جن بي مرڪز جملن جي بناوت بنديل هوندي آهي تن کي گهٽ مقبول يا اقليتي جملا (Minority sentences) سڏبو آهي. انهن جا ٻه قسم ٿيندا آهن؛ هڪڙا ندائي جملا، جهڙوڪ ياالله، يا رسول، يا علي، يا حسين، اڙي رم، او ڀڳوان؛ ڀيڄ قلندر، ڀيڄ ڀٽائي؛ ڀيڄ پاڳارا وغيره. ٻيا پهاڪا ۽ چوڻيون هونديون آهن، جيئن ته ”ٻه ته ٻارنهن“، ”بک بڇڙو ڏول چڱن کي چريو ڪري“، ڪڏهن ڀريءَ ۾، ڪڏهن ڀاڪر ۾“ ، ”سنگ تاري ڪسنگ ٻوڙي“، کيتي سر سيتي“ وغيره.

جملا اڪيلا ٿي به ڪم ايندا آهن ۽ ٻه ٻه، ٽي ٽي، چار چار يا اڃا به وڌيڪ ٿي گڏ ڪم ايندا آهن. اهي سڀ  يا هڪجهڙي حيثيت رکندا آهن ۽ خودمختيار هوندا آهن يا انهن مان هڪ مک (Main) ۽ سردار هوندو آهي ۽ ٻيو زبردست ۽ پيٽي (Subordinate) هوندو آهي. انهن جملن جي بناوت به باسردار وندي آهي. بشرطيڪه سندن هڪ لفظ يا هڪڙو جزو انهن جهڙو نحوي ڪارج ڪري. مثلاً

1) جيڪڏهن هو آيو ته ڪراچيءَ هلنداسون.

2) هن جي اينديئي ڪراچيءَ هلنداسون.

پهرئين ۾ ”ڪراچيءَ هلنداسون“ مُک جملو آهي ۽ ”جيڪڏهن هو آيو“ زبردست يا پيٽي جملو آهي، اِهي ٻئي جملا هڪ ٻئي جي جڳهه والاري نٿا سگهن. ٻئين ۾ ”هن جي اينديئَي“ اُهو نحوي ميڙ آهي جو خود جملو ناهي مگر هڪ پيٽي يا زيردست جملي جي برابر آهي. خودمختيار جملا هڪٻئي جي جڳهه وٺي سگهن ٿا؛ جيئن ته:

(1) ساجن آيو ۽ قادن هليو ويو.

(2) قادن هليو ويو ۽ ساجن آيو.

صوتياتي ڍنگ جي لحاظ کان جملا چئن قسمن جا آهن؛ هڪڙا بياني، ٻيا امري، ٽيان سوالي، چوٿان تمنائي. بياني جملن ۾ حقيقت، ڳالهه يا واقعو بيان ٿيل هوندو آهي. انهن مان ڪي هاڪاري هوندا آهن ۽ ڪي ناڪاري. جهڙوڪ

(1) ٻائو ويڌومل سنت هوندو هو.

(2) آچر چور نه هو.

امري جملن مان حڪم يا منٿ ظاهر ٿيندي آهي؛ جهڙوڪ

(1) اڙي، مارڪيٽ مان مڇي وٺي اچ.

(2) سائين، مهرباني ڪري پوليس کان بچايوم.

سوالي جملن ۾ سوال سمايل هوندو آهي؛ جهڙوڪ-:

(1) در تي ڪير آيو هو؟

(2) تون حيدراباد وڃين ٿو؟

تمنائي جملن ۾ اميد، آس يا تمنا سمايل هوندي آهي؛

جهڙوڪ:

(1) شل، ائين ٿئي!

(2) جيڪر مون وٽ پيسا هجن!

بنيادي جزن جي بناءَ تي جملن جون بناوتون-: اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته هڪ لفظ به جملي جو ڪم ڏيئي سگهي ٿو جيئن ته وڃ، آڻج وغيره. اهڙن جملن کي هڪ لفظي جملو سڏبو آهي. بناوت جي لحاظ کان اُهو فعلي جملو آهي. فعلي جملو ميڙ وارو به ٿي سگهي ٿو جيئن ته

(1) اُس ۾ بيهجي ته چڱو.

(2) تنهن ڏينهن ڏاڍو ماريو مانس.

انهن ٻنهي جملن ۾ نڪو فاعل آهي ۽ نڪو مفعول. ٻئين جملي جي فعل ۾ فاعل ۽ مفعول ٻئي سمايل آهن؛ انهن کي ڪو به پنهنجو الڳ وجود فعل کان ٻاهر ناهي. تنهنڪري اُهو جملو جنهن ۾ فعل ظاهر هجي ۽ فاعل يا مفعول يا ٻئي ظاهر نه هجن تنهن کي فعلي بناوت وارو جملو سڏجي ٿو.

دنيا جي سڀني ٻولين جي عام  مقبول جملن ۾ فاعل _ فعل واري بناوت عام آهي، جيئن ته:

        (1) هو آيو.    (2) ڪير ويندو؟

ان کانپوءِ فاعل _ مفعول _ فعل واري بناوت عام آهي جيئن ته:

        (1) هن پکي ماريو.

        (2) توهان خط لکو ٿا.

        لفظن جا نحوي ڪلاس -: جملن جا آخرين جزا سالم لفظ آهن، جملن ۾ اُهي جيڪا جڳهه والارين ٿا تنهن مان انهن جو نحوي عمل معلوم ٿئي ٿو. انهيءَ بناءَ تي لفظن جا ڪلاس مقرر ٿين ٿا. دنيا جي مختلف ٻولين کي الڳ الڳ جوڙجڪ آهن، تنهن ڪري انهن جي لفظن جا ڪلاس به الڳ الڳ آهن (12). مثلاً چيني زبان ۾ حرف جر وارو ڪلاس الڳ ڪو نه ٿئي ۽ فعل جي ڪلاس ۾ سمايل آهي؛ اهڙي  طرح سان جاپاني زبان ۾ فعل جي ڪلاس ۾ ڪي صفتون سمايل آهن(13). تگلاگ زبان ۾ فقط ٻه ڪلاس آهن؛ هڪڙا پورا لفظ ۽ ٻيا اڌڙ لفظ يا حرف (Particles) . پوري لفظن جا وري ٻه ڪلاس آهن: هڪڙا غير متحرڪ (Static) ۽ ٻيا متحرڪ يا چرندڙ(Transient)  (14). سامي ٻولين ۾ لفظن جا ٽي ڪلاس آهن ته آريائي ٻولين ۾ ٽن کان مٿي آهن (15).

لفظن جي ڪلاسن جون جڳهون مختلف ٻولين جي جملن ۾ ٻيون ٻيون ٿين ٿيون؛ مثلاً سنڌي، اردو، پنجابي، بنگالي، پارسي وغيره زبانن ۾ فعل جي جڳهه عام طرح سان جملن جي پڇاڙيءَ ۾ هوندي آهي، عربي ۾ منڍ ۾ هوندي آهي ۽ انگريزي زبان ۾ وچ ۾ هوندي آهي. ائين اسمن، ضميرن، صفتن، فعلن وغيره جون جايون الڳ الڳ آهن.

دنيا جي ڪن ٻولين جهڙوڪ چيني، ويٽنامي وغيره ۾ صرفي سٽا ڪو نه ٿئي. اهڙين ٻولين ۾ لفظن جا ڪلاس سندس نحوي عمل آهر ٿين ٿا. مگر جن ٻولين ۾ صرفي سٽا آهي تن ۾ اڪثر ڏٺو ويو آهي ته لفظن جون صرفي صورتون سندن نحوي عمل سان ٺهڪي اچن ٿيون، تنهن ڪري اهڙن لفظن جي ڪلاسن مقرر ڪرڻ لاءِ نحوي عمل سان گڏ سندن صرفي صورت کي به ڌيان ۾ ڌرجي. جتي جتي انهن ٻنهي جي وچ ۾ ٽَڪَر ٿيو پوي  اُتي نحوي عمل کي وڌيڪ وزن ڏبو (6).

اِهو به ڏٺو ويوآهي ته اُهي لفظ، جن جون صورتون ڦيرو نٿيون کائين، سي هڪ کان وڌيڪ نحوي ڪارج ڪن ٿا؛ اُهي ڪٿي اسم، ته ڪٿي صفت، ته ڪٿي فعل ٿي ڪم اچن ٿا. منجهانئن ڪن ڪلاسن جا دروازا نون ۽ ڌارين ٻولين جي لفظن جي داخلا لاءِ هميشہ کليل هوندا آهن ۽ ٻين ڪلاسن جا دروازا بند هوندا آهن (17)؛ مثلاً اسمن جي ڪلاس جو دروازو تمام ڪشادو کليل آهي، ان کان پوءِ صفتن وارو وڌيڪ ڪشادو آهي؛ فعلن وارو تمام گهٽ ڪشادو آهي ۽ ضميرن وارو گهڻو ڪري بند هوندو آهي. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ساڳئي ڪلاس جا لفظ به مختلف صورتون رکندا آهن. ان جا ٽي سبب هوندا آهن: هڪ عدد جو، ٻيو جنس ۽ ٽيون حالت يا زمان جو. دنيا ۾ جيڪي به ٻوليون هونديون آهن تن مان گهڻن ۾  ٻه، ڪن ۾ ٽي ۽ تمام ٿورڙين ۾ چار عدد آهن. عدد جو تعلق اسمن ۽ ضميرن سان آهي مگر ڪن ٻولين ۾ عدد جو تعق صفتن ۽ فعلن سان به آهي جيڪي لاڳاپيل اسمن ۽ ضميرن سان مواقفت (Concord) ڏيکارڻ لاءِ عدد ڏيکارين ٿا؛ جيئن ته

(1) اها سٺي راند ناهي.

(2) اهي سٺيون رانديون ناهن.

جنس جو تعلق به اسمن سان آهي. ڪن ٻولينجي ضميرن مان جنس جو پتو نه پوندو آهي مگر صفتن ۽ فعلن مان لااپيل اسمن سان موافقت رکڻ لاءِ جنس جو پتو پوندو آهي؛ جيئن ته:

(1) ڇتو ڪتو  اچي ٿو.

(2) ڇتي ڪتي اچي ٿي.

پارسي ۽ انگريزي ٻولين جي صفتن ۽  فعلن مان جنس جو ڪو به پتو ڪو نه پوندو آهي. عام طرح سان جنس جا ٻه قسم آهن؛ هڪڙي جنس مؤنث ۽ ٻي جنس مذڪر؛ مگر ڪن ٻولين ۾ بيجان شين لاءِ نڪي جنس مؤنث ۽ نڪي جنس مذڪر استعمال ٿئي. انهن لاءِ وچئون ٽين جنس غير جانبدار (Neutral) استعمال ٿيندي آهي.

حالت (Case) جو تعلق به اسمن ۽ ضميرن سان آهي، تنهن ڪري ان جو اثر لاڳاپيل صفتن تي به ٿئي ٿو جيئن ته

(1) سٺو ڇوڪر آيو (حالت فاعلي)

(2) سٺي ڇوڪري کي سڏيائين. (حالت مفعولي)

(3) سٺي ڇوڪري جو نالو ڇا آهي؟

دنيا جي مختلف ٻولين ۾ حالتن جو تعداد الڳ الڳ آهي. لاطيني زبان ۾ انهن جو عدد ڇهه هو، قديم يوناني ۾ پنج ۽ سنسڪرت ۾ اَٺ هو. فِني زبان ۾ انهن جو تعداد پندرنهن آهي (19) . سنڌي زبان ۾ انهن جو تعداد پراڻي گرامر موجب پنج آهي مگر جديد لسانيات جي روشنيءَ ۾ انهن جو تعداد شايد وڌي وڃي.

زمانن جو تعلق رڳو فعلن سان آهي، تنهنڪري ظرف زمان سان اُهي موافقت ڏيکارين ٿا جيئن ته

(1) هو ڪالهه آيو.

(2) هو هينئر اچي ٿو.

(3) هو سڀاڻي ايندو.

زمانن جو تعداد جدا جدا ٻولين ۾ مختلف آهي.

موافقت (Concord) ۽ انتظام (Government) -: مٿي ٻڌايو ويو آهي ته فعل ۽ صفتون لاڳاپيل اسمن ۽ ضميرن سان ضرورتن ۾ موافقت ڏيکارين ٿا ۽ ڪي ظرف فعلن سان اهڙي موافقت ڏيکارين ٿا. انتظام جو مطلب هي آهي ته ڪن ڪلاسن جا لفظ، ٻين ڪلاسن جي لفظن تي اثر انداز ٿين ٿا ۽ انهن کي پنهنجي ضابطي هيٺ آڻين ٿا. مثلاً حرف جر، حرف اضافت ۽ حرف ندا جا لفظ لاڳاپيل اسمن ۽ ضميرن تي پنهنجو اثر وجهن ٿا، جيئن ته ڪتي کي، منهنجو او دوستو، ڪن ٻولين ۾ فعل پنهنجي مفعولن تي اثر وجهن ٿا جيئن عربي زبان ۾ آهي، سنڌي زبان ۾ جنهن نموني فعل، فاعل ۽ مفعول سان مواقفت رکي ٿو تنهن کي پريوگ چئجي ٿو. ان جا ٽي قسم آهن: ڪرتري، ڪرمڻي ۽ ڀاوي. جيڪڏهن فعل، فاعل سان عدد جنس ۽ ضمير ۾ موافقت ڏيکاري ته اُن جو ڪرتري پريوگ سڏبو جيئن ته:

(1) ڇوڪري   اچي ٿو.

(2) ڇوڪرا     اچن ٿا.

(3) ڇوڪري   اچي ٿي.

(4) ڇوڪريون اچن ٿيون.

(5) آءٌ          اچان ٿو.

(6) اسين      اچون ٿا.

(7) تون        اچين ٿو.

(8) توهان      اچو ٿا.

(9) هُو         اچي ٿو.

(10) هوءَ       اچي ٿي.

(11) اُهي      اچن ٿا.

(12) اُهي      اچن ٿيون.

جيڪڏهن فعل مفعول سان عدد ۽ جنس ۾ موافقت ڏيکاري ته ان جو ڪرمڻي پريوگ سڏبو. جيئن ته:

(1) مون ڇوڪرو ڏٺو.

(2) مون ڇوڪرا ڏٺا.

(3) تو ڇوڪري ڏٺي.

(4) هنن ڇوڪريون ڏٺيون.

جيڪڏهن فعل، نڪي فاعل سان ۽ نڪي مفعول سان موافقت ڏيکاري ته انجو ڀاوي پيڍوگ سڏبو؛ جيئن ته:

(1) مون ڪتي کي پڪڙيو.

(2) اسان ڪتي کي پڪڙيو.

(3) تو ڪتي کي پڪڙيو.

(4) هنن ڪتن کي پڪڙيو.

روپوار گرامر (Gormal grammar) -: گرامر جو تعلق علم صرف ۽ علم نحو ٻنهي سان آهي مگر ڪن ٻولين ۾ علم صرف ڪونه ٿئي ۽  انهن جي گرامر جو تعلق رڳو علم نحو سان آهي. پراڻين تهذيبن جي عالمن پنهنجي ٻولين جا جيڪي گرامر لکيا تن جو بنياد علمي ۽ منطقي هو. انهن تهذيبن جو اثر جڏهن ڌارين ٻولين تي پيو تڏهن انهن جو گرامر علمي ۽ منطقي طور نه لکيو ويو مگر پراڻين تهذيبن جي عالمن جي انڌي پوئواري ۾ لکيو ويو. نتيجو اهو نڪتو جو اُهي گرامر غلط انداز ۾ لکيا ويا. يوروپي ٻولين جا گرامر لاطيني ۽ قديم يوناني ٻولين جي تقليد ۾ لکيا ويا؛ ترڪي، پارسي وغيره ٻولين جا گرامر، عربي گرامر جي پوئلڳيءَ ۾ لکيا ويا. پراڪرت  ٻولين جا گرامر، سنسڪرت گرامر جي روشنيءَ ۾ لکيا ويا. انگريزن جي اچڻ کان پوءِ ڏيهي ٻولين جا گرامر انگريزي گرامر جي طرز تي لکيا ويا، اِهو ئي سبب آهي جو گهڻو ڪري سڀني ٻولين جا روايتي گرامر (Traditional grrammsrs) ، جديد لسانيات جي ڪسوٽيءَ تي غلط  ثابت ٿيا آهن.

هر ٻوليءَ کي پنهنجو پنهنجو وياڪرڻي دستور آهي. روايتي گرامر جا ٻه وڏا گناهه اِهي هئا ته اُن، معنيٰ کي بنياد قرار ڏيئي، پوءِ ٻوليءَ کي بيان ڪيو ۽ ڌاري ٻوليءَ جي اڻ سونهائيندڙ اصطلاحن کي ان لاءِ استعمال ڪيو (20).

جديد لسانيات، ڪنهن به ٻوليءَ جي گرامر مرتب ڪرڻ لاءِ، ان جي مختلف روپن جي جاچ پڙتال ۽ ڇيد کي بنياد قرار ڏنو آهي. اهي لساني روپ ئي آهن جي ڏسي سگهجن ٿا، ڇيد ٿي سگهن ٿا ۽ بدلجي سگهن ٿا؛ تنهنڪري انهنجو بيان علمي ۽ سائنسي ٿي پوي ٿو. هر ٻوليءَ جا صرفيا، لفظ، لفظي ميڙ ۽ جملا منظم روپ رکن ٿا. سندن سٽا ٻطرفي جاچي سگهبي آهي، هڪ صرفوار نموني (Paradigmatic) ۽ ٻي نحووار نموني (Syntagmatic) (21). صرفوار نموني واري سٽا کي عمودي ليڪن موجب جاچبو آهي ۽ ڏسبو آهي ته ڪهڙا عنصر هڪٻئي جي جاءِ وٺي سگهن ٿا. مثلاً / اَدا/ لفظ جي /اَ/ واري جاءِ تي /گَ، صَ، مَ/ وغيره اچي سگهن ٿا جيئن ته

اَدا

گَدا

صَدا

مَدا

اهڙيءَ طرح سان ميڙن جا مثال هي آهن:

(الف) ڪتن کي

ڪتن سان

ڪتن مان

ڪتن تان

ڪتن جو

ڪتن وارو

ڪتن وانگر

(ب)    ڪتن جا ڪَن

        ٻلن جا ڪن

        ٻارن جا ڪن

اهڙي طرح سان جملن جا مثال هي آهن:

        جهازَ آيا.

        ماڻهو آيا.

        ڪير آيا؟

        احمد ۽ ارجن آيا.

نحو وار نموني واري تنظيم کي سنئين ليڪ موجب جاچيو آهي ۽ ڏسبو آهي ته ڪهڙا عنصر هڪٻئي جي اڳيان يا  پٺيان اچي سگهن ٿا. /ادا/ لفظ ۾ اول /اَ/، پوءِ /د/ ۽ پوءِ /آ/ صوتيا اچن ٿا. اهڙي طرح سان ’هٿ سان‘ ميڙ ۾ اول اسم آهي ۽ پوءِ حرف جر آهي يا ’ڊگهو هٿ‘ ميڙ ۾ اول صفت ۽ پوءِ اسم آهي. ”اسان ڪالهه ڪراچيءَ جي  طرف ويا هئائسون.“ جملي ۾ اول ضمير، پوءِ ظرف،پوءِ لفظي ميڙ (ڪراچيءَ جي طرف) ۽ پوءِ فعل آهي.

انهن ٻن طرفن کان  ٻوليءَ جي جرن جي تنظيم جو جائزو ورتو ويندو آهي ۽ پوءِ ان جو گرامر مرتب ڪبو آهي. اهڙي قسم جي ٺاهيل گرامر کي روپوار ويا ڪرڻ سڏبو آهي جو اڄڪلهه روايتي گرامر جي جڳهه والاري رهيو آهي.

(1) R. H Robins: General Linguistics. P 206

(2) B.Bloch and G.L. Trager: An outline of Linguistic Analysis. P. 54.

(3) L. Bloomfield: Language, P.185

(4) ميشرس بلاخ ۽ ٽرئگر جو ڪتاب: ص _ 76

(5) Roberr A. Hill Jr. , Introductory Linguistics p. 196

(6) بلوم فيلڊ جو ڪتاب: ص _ 197

(7) رابنس جو ڪتاب : ص _ 224

(8) H. A. Gleason: Descriptive Linguistics, Holt, Rinehart and Winston, New yark, 1961, P. 134-135

(9) Ibid, P.145

(10) رابنس جو ڪتاب : ص _ 253

(11) رابنس جو ڪتاب : ص _ 235

(12) بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص_ 199

(13) رابنس جو ڪتاب : ص _ 228

(14) بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص _200

(15) بلوم فيلڊ جو ڪتاب : ص _ 198

(16) رابنس جو ڪتاب : ص_ 226

(17) رابنس جو ڪتاب : ص_ 230

(18) رابنس جو ڪتاب : ص_ 247

(19) رابنس جو ڪتاب : ص_ 249

(20) رابنس جو ڪتاب : ص_ 183

(21) رابنس جو ڪتاب : ص_ 48

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org