سنڌي آوازن جو خاڪو
(ب) جديد صوتيات موجب سر_ آواز
وينجن اوازن جي بيان ڪرڻ جو نمونو:_
جديد صوتيات موجب وينجن اوازن جي بيان ڪرڻ جو هڪ
خاص انداز آهي، جنهن موجب سندن ذاتي خصوصيتن کي
ڌيان ۾ رکبو آهي ۽ اضافي خصوصيتن کي نظرانداز ڪبو
آهي. اول آوازي ڦڙڪن جو عمل ٻڌائبو؛ ان کان پوءِ
ان جو مخرج ڏسبو ۽ آخر ۾ ان جو قسم ٻڌائبو. گويا
هيٺين چئن سوالن جو گڏي جواب ڏيڻو آهي.
1)
ڇا اِهو ڀڻڀڻو آهي يا بي ڀڻو؟
2)
ڇا اِهو وسرڳ آهي يا اوسرڳ؟
3)
ان جو مخروج ڪهڙو آهي؟
4)
ان جو قسم ڪهڙو آهي؟
[ب]
-:
ڀڻڀڻو، اَوسرڳ، ٻچپائون ۽ ڌماڪيدار (يا بندشي).
[ک]-:
بي ڀڻو، وسرڳ، نرم تارون وارو، ڌماڪيدار (يا
بندشي).
[ڻ]
-:
ڀڻڀڻو، اَوسرڳ، مورڌني (يا ڏندن وارو)، نڪ وارو.
[ز]
-:
ڀڻڀڻو، اَوسرڳ، مهارن وارو (يا ڏندن وارو)،
گهسڪيدار.
اوزان ذريعي آوازن جي جاچ پڙتال-:
انساني آوازن جي جاچ پڙتال لاءِ اڄڪلهه سائنسي
اوزارن ۽ مشينن کان به ڪم ورتو وڃي ٿو اگرچ اُهي
’ڪَنَ‘ جهڙو ڪم ڏيئي نٿا سگهن. ٻوليءَ جي اوازن
معلوم ڪرڻ لاءِ ڪن جهڙو ٻيو ڪو به اوزار ڪونهي.
انهيءَ هوندي به باريڪ تفاوتن کي معلوم ڪرڻ لاءِ
ڪَن کان سواءِ سائنسي اوزارن ۽ مشينن جي به ضرورت
پوي ٿي. پوئين صديءَ ۾ سائنسدانن ٽيونگ فارڪ
(Tuning fork)
۽ ريزونيٽر
(Resonatior)
اوزار ٺاهيا هئا جن جي ذريعي سُر آوازن جي سٽا
پوريءَ طرح معلوم ٿي سگهي (23).
موجوده صدي ۾ بجلي جي ذريعي مئَڪروفون
(Microphone)،
آسيلوگراف
(Oscillograph)،
فلٽر
(Filter)،
اِسپيڪٽوميٽر
(Spectometer)
وغيره اوزارن جي ذريعي ٻولين جي آوازن جو پوري
پوري جاچ پڙتال ڪري سگهجي ٿي. انهن جي هوائي لهرن
کي رڪارڊ ڪري جاچيو وڃي ٿو.انهن اوزارن کان سواءِ
ڪمو گراف سلينڊر
(Kymograph Cylinder)
هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن جي ذريعي ڄڀ، چپن، نرم
تارون ۽ ساهه جي چرپر کي ڪاري پني تي گراف جي صورت
۾ حاصل ڪجي ٿو، جنهن جو پوءِ پورو پورو جائزو وٺي
سگهجي ٿو. ڪموگراف سلينڊر جي ذريعي مئڪروفون،
گرائموفون ۽ ٽيپ رڪارڊ جي آوازن جو به گراف وٺي
جاچ سگهجي ٿو، ۽ آوازن جي ادائگي وارو وقت، توڙي
آوازي ڦڙڪن جي جنبش (تيز ۽ ڍري) به معلوم ڪري
سگهجي ٿي. آواز جي مخرج معلوم ڪرڻ لاءِ وري هٿراڌو
ڄاڙي
(artificial palate)
کان ڪم ورتو ويندو آهي. دندان_ ساز هٿراڌو ڄاڙيون
ٺاهيندا آهن. اهڙي هڪ مٿين ڄاڙي ٺاهي، ان کي چاڪ
جهڙي اچي پائوڊر سن اڇو ڪري، وات ۾ وجهي، گهُربل
آواز اجاربو آهي. اُنَ اُچار سببان زبان ڄاڙي کي
جتي لڳندي، اُتان پائوڊر لهي ويندو ۽ مخرج معلوم
ٿيندو.
انهيءَ طريقي تي سڌارو آڻي تازو سنيما کان به ڪم
ورتو ويندو آهي. ڇا ٿيندو آهي جو ڳالهائيندڙ
ماڻهوءَ جي ايڪس _ري
(X-ray)
ذريعي فلم ورتي ويندي آهي، جا تصوير سان گڏ آواز
به رڪارڊ ڪندي آهي. اهڙي فلم کي سنيما جي پردي تي
ڏسي سگهجي ٿو.
ماري
(Marey)
جي ايجاد ڪيل ڪئَپسول(Capsule)
۽ ربر ميمبرين
(Rubber membrane)
جي ذريعي سر آوازن، ندشي آوازن ۽ گهسڪيدار آوازن
جي وچ ۾ بندني تفاوت کي معلوم ڪري سگهجي ٿو.
ازانسواءِ انهن جي ذريعي آوازي ڦڙڪن جي جنبش ۽
آوازن جي گهڻائپ
(nasalization)
به معلوم ڪري سگهجي ٿي (24).
علم آواز ۽ علم صوتيه ۾ فرق-:
علم آواز
(Phonetics)
موجب فقط هيءُ ڏسڻو پوندو آهي
ته ڪل ڪيترا آواز ڪنهن خاص ٻوليءَ ۾ استعمال ٿين
ٿا ۽ اُهي ڪهڙي قسم جا آهن؛ انهن جون ذاتي ۽ اضافي
خصوصيتون ڪهڙيون آهن.گويا انهن آوازن کي ٻوليءَ
کان الڳ ڪري پوءِ علم طبعي ۽ علم بدن موجب بيان
ڪيو ويندو آهي. هر ٻوليءَ ۾ انهن آوازن جو تعداد
مختفل آهي.پر اُهي ٻين ٻين ٻولين ۾ ڪيئن ملي لساني
ڪارج ڪن ٿا ۽ معنوي اختلاف پيدا ڪن ٿا، اهڙي قسم
جي علم کي علم صوتيه سڏجي ٿو.اِها علمي شاخ صوتيات
کي لسانيات سان ملائي ٿي.
صوتيو ڇا آهي؟-:
اگرچ ٻوڌڻ جي لهاظ کان ٻولين جي آوازن جو تعداد
محدود آهي پر باريڪين جي لحاظ کان هر آواز جا ڪئين
قسم آهن، مثلاً ڪِنو ۽ ڪُنو ۾ ڪ جو آواز هوبهو
ساڳيو ناهي. ڪِنو ۾ [ڪ] آواز، نرم تارونءَ جي
اڳياڙيءَ کان ظاهر ٿئي ٿو ۽ ڪُنو ۾ [ڪ] آواز، نرم
تارون جي پڇاڙيءَ کان ظاهر ٿئي ٿو. وري مرد
ماڻهوءَ جو [ڪ] آواز اهڙو ناهي جهڙو زال ماڻهوءَ
يا ٻار جو [ڪ] آواز. جيڪڏهن اهڙن باريڪ تفاوتن کي
ڌيان ۾ رکبو ته پوءِ ڏسبو ته هر ٻوليءَ جي اوازن
جو تعداد سَو کان مٿي چڙهي ويندو. ٻوليءَ جي عملي
ڪارروائيءَ ۾ آوازن جي اهڙن تفاوتن کي ڪا به اهميت
ڪا نه آهي ڇو ته مردن، زالن ۽ ٻارن جي اُچاريل
”ڪِنو“ ۾ ڪو به معنوي فرق ڪو نه آهي. مگر اهي آواز
جيڪي معنوي تبديلي پيدا ڪن ٿا تن کي صوتيه سڏجي
ٿو. مٿين ٻن لفظن /ڪِنو ۽ / ڪُنو/ ۾ معنوي فرق
آهي، /ڪِنو/ ۾ هيٺيان آواز آهن:
[ڪ]
-:
بي ڀڻو، اوسرڳ، نرم تارون وارو ڌاڪيدار وينجن.
[ اِ ] ڇوٽو اڳيون سوڙهو سر.
[ن]
-:
مهارن وارو نَڪئون وينجن.
[ او ]
-:
پويون اڌ سوڙهو سر.
/ڪُنو/ ۾ اڳئين ڇوٽي سوڙهي سُر جي بجاءِ پويون
ڇوٽو سوڙهو سر آهي ۽ باقي آواز ساڳيا آهن. انهيءَ
هڪڙي آواز جي تبديليءَ سببان لفظ ۾ معنوي ڦير اچي
وڃي ٿو تنهنڪري سنڌي زبان ۾ / اِ / ۽ / اُ / ٻه
صوتيا آهن. انهن ٻن صوتين جي آوازن بجاءِ [ اَ ]
آواز استعمال ڪبو ته لفظ / ڪَنو/ ٿي پوندو، جنهن
جي معنيٰ به ڦريل آهي. تنهنڪري سنڌي زبان / اَ /
به صوتيو آهي. انهيءَ مان اصول اهو نڪتو ته جيڪڏهن
ڪنهن به ٻوليءَ جي ڪنهن لفظ مان هڪ آواز ڪڍِي، ان
جي جاءِ تي ٻيو آواز آڻجي ۽ اُهو ڦري ٻي معنيٰ
وارو لفظ ٿي پوي، ته پوءِ اُهو آواز اُن ٻوليءَ ۾
صوتيو سڏبو.
اهو ضروري ناهي ته جنهن ٻوليءَ ۾ جيترا آواز هجن
اوترا صوتيا به انهيءَ ٻوليءَ ۾ هجن. انگريزي زبان
۾ [ڦ]، [ٺ] ۽ [ک] آواز موجود آهن، جهڙوڪ /ڦُل
(Pull)،
/ ٺِل/
(Till)
۽ / کٽ/
(Kit)
لفظن مان ظاهر آهن.اسان سنڌي، انهن لفظن جو غلط
اُچار ڪريون ٿا ۽ چئون ٿا پُل، ٽِل ۽ ڪِٽ. صحيح
اُچار ائين آهن جيئن مٿي ڏسيا ويا آهن. انگريزي
زبان جو صوتياتي سرشتو ائين آهي ته جڏهن به [پ]
(P)
، [ٽ]
(t)
۽ [ڪ]
(k)
آوازن پٺيان سُر( آواز ايندو تڏهن اهي اچارڻ ۾
وسرڳ آواز ٿي پوندا. انهيءَ ڪري انگريزي زبان ۾ پ،
ٽ / ۽ / ڪ/ صوتيا آهن مگر [ڦ]، [ٺ] ۽ [ک] انهن جا
ٻيا عيوضي آواز
(allophones)
آهن.اِهي پنهنجي مٿي ڪو به الڳ لساني ڪارج ڪو نه
ٿا ڪن.
سنڌي زبان ۾ /گ / ۽ /ڱ/ ٻه صوتيا آهن، جيئن هيٺين
لفظن مان ظاهر آهي:
/سنڱ / ۽ / سنگ/
مگر ڪڏهن ڪڏهن هڪ صوتيي جا ٻه آواز [گ] ۽ [ڱ] به
آهن. مثلاً،
/منگتو / ۽ / منڱتو/
انهن ٻنهي لفظن جي معنيٰ ۾ ڪو به ڦير ڪو نه آهي.
اهڙيءَ طرح سان سنڌي زبان ۾ /ي / ۽ / اَي / ٻه
صوتيا به ٿي سگهن ٿا ۽ هڪ صوتيي جا ٻه آواز به
آهن.
/غير/ ۽ / غَير / ۾ هڪ صوتيي جا ٻه آواز آهن مگر /
سير (پاءُ جي چَوئوڻ) ۽ /سَير/ ۾ اِهي ٻن صوتين جا
آواز آهن. ساڳي طرح سان /غور / ۽ / غَور/ ۾ [ او ]
۽ [ اَو ] هڪ صوتيه جا ٻه آواز آهن، مگر / اور/ ۽
/ آور / ۾ / او/ ۽ / اَو / به مختلف صوتيا آهن.سچ
پچ ته [سَير] جو ٻيو اچار [سير] آهي ۽ [اور] جو
ٻيو اچار [اور] آهي، تنهن ڪري [اي]، [اَي] جو ۽
[او]، [اَو] جو آزاد بدل
(Free variants)
آهي.
جاپاني ٻوليءَ ۾ هڪ صوتيه / هه / آهي، جنهن جا ٽي
آواز آهن؛ هڪ [هه]، ٻيو [ش] ۽ ٽيون [ف] (25). تامل
زبان ۾ هڪ اهڙو به صوتيه آهي، جنهن جا پنج آواز
[ڪ] ،[گ] ،[خ]، [غ] ۽ [ش] آهن (26). جرمني زبان ۾
[خ] ۽ [ش]، هڪ صوتيي جا ٻه آواز آهن. اهڙيءَ طرح
سان دنيا جي مختلف زبانن ۾ صوتين ۽ انهنجي اوازن
جو تعداد الڳ الڳ آهي. تنهن ڪري لسانيات جي عالمن
۽ صاحبن ڪنهن ٻوليءَ جي انهن سڀني اوازن کي هڪ
نوعيت جو صوتيو سڏيو آهي، جيڪي ان ٻوليءَ ۾ ساڳيو
ڪارج ڪن ٿا مگر ٻين هنڌن تي مَٽجي ٻيا ٻيا اواز ٿي
پون ٿا.
صوتيي جي قطعي ۽ منطقي تعريف
(definition)
پيش ڪرڻ ۾ لسانيات جا عالم متفق ٿي نه سگيا آهن.
مگر ان جي واضح ۽ چٽي مفهوم پيش ڪرڻ ۾ سڀني جو
اتفاق آهي(27). اهو مفهوم هيءُ آهي ته لفظن ۾ انهن
جي تبديليءَ سان معنيٰ ڦري ويندي؛ پر جي معني نه
ڦِري ته پوءِ مَٽيل آواز صوتيو نه سڏبو. مثلاً ڪوٽ
(Coat)
انگريزي لفظ آهي، جنهنجو صحيح اُچار کوٽ آهي. ڪو
به انگريز ڪوٽ ڪو نه، چوندو. پر جي ڪو سنڌي انگريز
سان گفتگو ڪندي ان کي ڪوٽ چوندو ته انگريز ان کي
کوٽ ڪري سمجهندو ڇو ته سندس زبان ۾ [ک] ۽ [ڪ]، هڪ
ئي صوتيي جا ٻه آواز آهن ۽ منجهن ڪو به لساني فرق
ناهي. انهيءَ لحاظ کان صوتيه اهو آواز يا آوازن جو
گروهه آهي جو ٻوليءَ جي لفظن ۾ معنوي فرق پيدا ڪري
ٿو. گويا اهو هڪ خاص لساني عمل ڪري ٿو جو ٻيو
صوتيو ڪري نٿو سگهي. انهيءَ ڪري بلوم فيلڊ
(Bloomfield)
صوتيي کي معنوي فرق پيدا ڪندڙ
(distinctive)
آوازي نوعيت جو ايڪو
(Unit)
سڏي ٿو (28).
مٿئين بيان مان هيءَ ڳالهه کُلي ظاهر ٿئي ٿي ته هڪ
صوتيي جا ٻه _ ٽي آواز ٿي سگهن ٿا جيئن تامل زبان
۾ آهي هڪ صوتيي سان لاڳاپيل سڀني آوازن کي لسانيات
۾ عيوضي آواز
(allophones)
يا بدل آواز
(Varlants)
سڏبو آهي. انهن کي ۽ ٻن آوازن کي لسانيات جي ڪتابن
۾ وڏين ڏنگين جهڙوڪ [] جي اندر رکبو آهي ۽ صوتين
کي ٻن پاسيرين ليڪن جهڙوڪ / ..../ جي وچ ۾ لکبو
آهي. اِهو هڪ فني طريقو آهي. |