سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :5

اڳيون اڌ سوڙهو سر (Front half close vowel) جهڙوڪ /کيل/ ۾ [اي] آواز يا انگريزي لفظ /ريل (Rail) ۾ [اي] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت زبان جو اڳيون حصو [ اِ ] جي آواز ڪرڻ وقت جيترو مٿي هوندو آهي، تنهن کان هيٺڀرو ٿيندو آهي، وات اڌ سوڙهو ٿيندو آهي ۽ چپ  اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن. هن کي مٿڀرو وچ _ آڳاڙي سر (Higher mid front vowel) به سڏبو آهي.

مٿين سڀني اڳين سرن ۾ چپ گول نه ٿيندا آهن. مگر گول چپانوان (Lip-rounded) به ٿيندا آهن (6).

هن شڪل ۾ اڳين سرن لاءِ ڄڀ جون ڌار ڌار بيهڪون ڏيکاريون ويون آهن. اڳئين کليل سر لاءِ زبان هيين ليڪ تائين مٿي وڃي ٿي؛ اڳئين اڌ کليل سر لاءِ زبان هيٺين ليڪ کان مٿي ٻي ليڪ تائين وڃي ٿي؛ اڳئين اڌ سوڙهي سر لاءِ زبان مٿي ٽين ليڪ تائين وڃي ٿي. انهن اڳين سرن جي اچارڻ وقت زبان جي پڇاڙي هيٺ رهي ٿي ۽ اڳياڙي مٿي اڀري ٿي.

اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته جڏهن ڳالهائڻ وقت زبان جو پويون حصو نرم تارون جي سامهون هيٺ يا مٿي ٿيندو آهي ۽ هوا جو لنگهه ڪشادو هوندو آهي تڏهن [ اُ ] ، [ اُو ] ، [ او ] وغيره نڪرندا آهن، (ص _42). انهن کي صوتيات ۾ پويان سر (Back vowel) سڏبو آهي. انهن جا به چار قسم آهن:_ (ڏسو تصوير نمبر 2)

1) پويون کليل سر (Back open vowel) جهڙوڪ انگريزي لفظ /بار/ (Bar) ۾ [ آ ] گَهرو آواز، جنهن کي اسان سنڌي، آڳاڙي کليل سر ڪري اچاريندا آهيون. انگريزَ، انهيءَ سر جي اچارن وقت زبان جي پوئين حصي کي بلڪل هيٺ ڪندا آهن، وات کليل هوندو  اٿن ۽ چپ اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن. هن سر کي هيٺيون پيون سر (Low back vowel) به سڏبو آهي.

2) پويون اڌ کليل سر (Back half open vowel) جهڙوڪ انگريزي لفظ بال/ (Ball) ۾ گول چپن وارو [ اَ ] آواز. اهو آواز، [ آ ] گَهِري ۽ [ او ] جي وچ ۾ هوندو آهي. سنڌيءَ ۾ / َغور/ لفظ ۾، [ آو ] آواز به اهڙي قسم جو آهي، جيئن تجربيگاه ۾ ڏٺو ويو آهي. فرق صرف ايترو آهي ته اهو ٿورڙو اڳڀرو آهي ۽ نه پوئڀرو. هن اواز جي اچارڻ وقت زبان جو پويون حصو بنهه هيٺ کان ٿورو مٿڀرو ٿيندو آهي، وات اڌ کليل هوندو آهي ۽ چپ گول هوندا آهن. هن سر کي ٿيٺڀرو وچ_ پاڇاڙي سر (Lower mid back vowel) به سڏبو آهي.

3) پويون سوڙهو سر (Back close vowel) . هن جا به ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ ڊگهو (Long) جهڙوڪ /نُور/ ۾ [ اُو ] آواز، يا /بُوٽ/ (Boot) ۾ [ اُو ] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت زبان جو پويون حصو نرم تارونءَ جي ويجهو مٿي ويندو آهي مگر ايترو مٿي نه، جو هوا جي گذر ۾ روڪ يا سوڙهه پيدا ٿئي. وات بنهه سوڙهو ٿيندو آهي ۽ چپ گول ٿيندا آهن. هن سر جو ٻيو قسم ڇوٽو (Short) ٿيندو آهي جهڙوڪ / نڪ / ۽ / بڪ / لفظن ۾ [ اُ ] آواز. ان وقت زبان جو اڳيون حصو  ڪجهه ٿورڙو هيٺ هوندو آهي، چپ اُئين گول هوندا آهن. هن سر کي مٿيون پويون سر (high back vowel) به سڏبو آهي.

4) پويون اڌ سوڙهو سر (Back half- close vowel) جهڙوڪ / نوڪَ / لفظ ۾ [ او ] آواز.هن سر جي اچارڻ وقت زبان جو پويون حصو، [ اُ ] آواز اچارڻ وقت جيترو مٿي هوندو آهي، تنهن کان به ڪجهه هيٺڀرو ٿيندو آهي. وات اڌ سوڙهو هوندو آهي ۽ چپ گول هوندا آهن.

هنن پوين سرن ۾ چپ گول ٿيندا آهن، مگر ڪِن زبانن جهڙوڪ ترڪي ۽ فرينچ ۾ اهي پويان سر کل_ چپوان (Lip-spread) به ٿيندا آهن.

هن تصوير ۾ پوين سرن لاءِ ڄڀ جون ڌار ڌار بيهڪون ڏيکاريل آه. پوئين کليل سر لاءِ زبان  هيٺين ليڪ تائين مٿي وڃي ٿي؛ پوئين اڌ کليل سر لاءِ زبان هيٺين ليڪ کان ٿورو مٿي ٻي ليڪ تائين وڃي ٿي؛ پوئين اڌ سوڙهي سر لاءِ زبان مٿي ٽين  ليڪ تائين وڃي ٿي ۽ پوئين سوڙهي سرن لاءِ زبان مٿي نرم تارون کي ويجهو  وڃي ٿي. انهن پوين سرن جي اچارڻ وقت، زبان جي پڇاڙي مٿي اڀري ٿي ۽ اڳياڙي هيٺ رهي ٿي.

نوٽ: _ اڳين سرن کي سخت تارونءَ وارا (Palatal) ۽ پوين سرن کي نرم تارونءَ وارا (Velar) سر به سڏبو آهي (7).

مٿي بيان ڪيل سرن کان سواءِ هڪ ٻيو سر به ٿيندو آهي، جنهن کي وچولو سر (Central vowel) سڏبو آهي ۽ اُهو اڳين ۽ پوين سرن جي بنهه وچ ۾ هوندو آهي. انهيءَ سُر جي اچارڻ وقت زبان پنهنجي اصلوڪي دائمي حالت ۾ هوندي آهي يا سندس وچون حصو ڪجهه مٿي ٿيندو آهي. ڪن زبانن جهڙوڪ انگريزيءَ ۾ انهيءَ سر جا ٻه يا ٽي قسم ٿيندا آهن؛ وچولي سر جو اواز آهي [ آ ] ، جنهن ۾ چپ بلڪل اصلوڪي حالت  ۾ هوندا آهن. ڪن ٻولين ۾ انهيءَ سر اچارڻ وقت چپ ٽڙيل يا گول به ٿيندا آهن. چپ جڏهن اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن يعني نه ٽڙيل ۽ نه گول، ته انهيءَ حالت ۾ کين غير جانبدار (Neutral) به سڏبو آهي.

مُک معياري سرن (Cardinal vowels) جو بيان:_ جدا جدا ٻولين ۾ سُر آوازن جو مخرج هوبهو ساڳيو ناهي پر ٿورو گهڻو اڳي پوءِ ۽ هيٺ مٿي هوندو آهي. ان ڪري انهن جي صحيح بيان ڪرڻ لاءِ جڙتو سر قائم ڪيا ويا آه جن کي مک سر (Cardinal vowels) سڏيو وڃي ٿو؛ انهن کي معياري سر (Srandard vowels) به سڏبو آهي. انهن جون چار انتهائي پڄاڻيون آهن:

تصوير نمبر 2.

1_ [ اِيَ ] لاءِ زبان جي اڳئين حصي ۽ سخت تارونءَ جي وچ ۾ انتهائي سوڙهي جڳهه؛ نمبر1.

2_ [ اَ ] (چِٽي) لاءِ زبان جي اڳئين حصي ۽ سخت تارونءَ جي وچ ۾ انتهائي کليل جڳهه؛ نمبر 4.

3_ [ آ ]  (گَهِري) لاءِ زبان جي پوئين حصي ۽ نرم تارونءَ جي وچ ۾ انتهائي کليل جڳهه؛ نمبر 5.

4_ [ اُو ] لاءِ زبان جي پوئين حصي ۽ نرم تارونءَ جي وچ ۾ انتهائي سوڙهي جڳهه؛ نمبر 8.

مٿين چئن پڄاڻين مان اڳين سرن [ اِ ۽ اَ ] ۽ پوين سرن [ اُو ۽ آ ]جي وچ ۾ برابر وڇوٽين تي ٻه ٻه  ٻيا هنڌ مقرر ڪيا ويا آهن. اڳين سرن جي وچ ۾ هڪ هنڌ اڳئين اڌ سوڙهي سر [ اي ] لاءِ نمبر 2. ٻيو هنڌ اڳئين اڌ کليل سر [ اَي ] لاءِ نمبر 3 مقرر ڪيو ويو آهي. پوين سرن جي وچ ۾ هڪ هنڌ پوئين اڌ سوڙهي سر [ او ]  لاءِ نمبر 7 ۽ ٻيو هنڌ پوئين اڌ کليل سر [ اَو ]  لاءِ نمبر 6 مقرر ڪيو ويو آهي. وچين سر [اَ] لاءِ خاڪي جي وچ ۾ جڳهه مقرر ڪئي ويئي آهي؛ نمبر 9 يا 10 يا 11.

دنيا ڀر جي ٻولين جا مختلف سر انهن معياري سرن جي لڳ ڀڳ هوندا آهن.

اِهي معياري سر، ڄڻ ته مقرر ڪيل ماپا آهن، جن جي ذريعن ٻين ٻين ٻولينجي سرن جو پورو پورو مخرج بيان ڪبو آهي. اسان جي ملڪ ۾ ماپڻ لاءِ انچ، فوٽ ۽ وال مقرر ماپا هئا ۽ هاڻي ميٽر آهي ۽ شين تورڻ لاءِ رتي، ساسو، تولو، آنو، پاءُ، سير ۽ مڻ مقرر وزن هئا ۽ هاڻي گرام ۽ ڪلو آهن. جيئن ڪپڙي جي ٽڪر کي ماپي چئي سگهبو آهي ته اُهو ٽي ميٽر يا ذري گهٽ ٽي ميٽر يا، سوا ٽي ميٽر وغيره آهي. تيئن ڪنهن شيءِ کي توري چئي سگهبو آهي ته اُها ڪُسڪا ٻه ڪلو يا، پختا ٻه ڪلو يا، سواءِ ٻه ڪلو وغيره آهي. بنهه اهڙيءَ طرح ڪنهن ٻوليءَ جي هڪ سر کي معياري سر سان ڀيٽي چئبو آهي ته اُهو فلاڻي مُک سر کان ٿورو اڳڀرو يا پوئڀرو يا مٿڀرو يا هيٺڀرو آهي. انهن معياري سرن کي نمبرن موجب جهڙوڪ پهريون، ٻيون، ٽيون، چوٿون، پنجون وغيره به سڏيو ويندو آهي.

سنڌي سرن جو خاڪو:_ شڪل نمبر 2 کي ڌيان ۾ رکو انهيءَ شڪل ۾ سنڌي  سرن جا مخرج X نشان سان ڏيکاريا ويا آهن.

اِي، نمبر (1)، معياري سر نمبر 1 کان ٿورو هيٺرو ۽ ڪجهه پوئڀرو آهي.

اِ، نمبر (2) ، معياري سر نمبر 1 کان ڪافي هيٺڀرو ۽ ڪافي پوئڀرو آهي.

اي، نمبر (3)، معياري سر نمبر 2 کان ٿورو هيٺ ۽ ڪجهه پوئڀرو آهي.

اَي، نمبر (4)، معياري سر نمبر 3 کان ٿورو مٿي ۽ پوئڀرو آهي.

آ، نمبر (5) ، معياري سر نمبر 4 ۽ 5 جي لڳ ڀڳ وچ تي ٿورو اڳڀرو آهي.

اَو، نمبر (6)، معياري سر نمبر 6 کان ٿورو هيٺڀرو ۽ اڳڀرو آهي.

او، نمبر (7)، معياري سر نمبر 7 کان ٿورو هيٺڀرو ۽ ڪجهه اڳڀرو آهي.

اُ، نمبر (8)، معياري سر نمبر 7 ۽ 8 جي وچ ۾ ڪافي اڳڀرو آهي.

اُو، نمبر (9)، معياري سر نمبر 8 کان ڪجهه هيٺڀرو آهي.

اَ، نمبر (10)، معياري سر نمبر 10 کان ٿورو مٿڀرو آهي.

گڏيل سُر (Mixed vowels) :_ مٿي جن سرن جو بيان ڪيو ويو آهي سي هڪ _ سرا آواز (Monothongs) آهن. جيڪڏهن ٻَه سر اهڙيءَ طرح ادا ڪيا وڃن جو زبان هڪ سر جي مخرج ڏانهن اُڀري، هڪدم بيهڪ بنان ٻئي سر جي مخرج ڏانهن وڃي، ان کي اچاري تڏهن اهڙي گڏيل سُر کي ٻِسُرو آواز (Diphthong) سڏبو آهي. سنڌيءَ جي ٻن سرن جهڙوڪ اَي ۽ آو لاءِ گمان ڪيو ويندو آهي ته اُهي ٻه_ سرا آهن مگر لسانياتي تجربيگاهن ۾ جاچي ڏٺو ويو آهي ته اُهي هڪ _سرا آهن. اَي ۽ اَئي جي آوازن ۾ فرق آهي. پوئين آواز ۾ منهن کُلي نٿو ۽ زبان اَ کي ادا ڪرڻ واري حالت ۾ اڳيئي هوندي آهي مگر اَي کي اچارڻ لاءِ منهن کولڻو پوي ٿو. ساڳيءَ طرق واري حالت اَو ۽ اَئو جي اچارن ۾ آهي.

جيڪڏهن ٻَه سر اهڙيءَ طرح اچارجن جو پهريون پورو. پورو ادا ڪري پوءِ ٻيو ادا ڪجي ته اُهو مرڪب (Compound) آواز ٿيندو؛ مثلاً ”چئَوس“ ۾ پهريائين اَ جو آواز پورو ڪجي ٿو ۽ پوءِ او جو، تنهن ڪري اِتي ٻه سر ڌار ڌار آهن؛ انهن کي ٻه_ سرو (Diphthong) سڏي نه سگهبو؛ مگر ٿئَي، کاءُ، لاءِ، پوءِ، پيءُ، سيءُ، سرءَ لفظن جي آخر ۾ ٻه _ سرو آواز آهي، جيئن ڳالهائڻ وقت محسوس ٿئي ٿو. سنڌي لفظن جي آخر ۾ جيڪڏهن همزو ايندو ته پوءِ ان جو آواز اڳئين سر آواز سان ملي ٻه_ سرو ٺاهيندو؛ ٻيءَ حالت ۾ نه ٺاهيندو.

ڪن ٻولينجهڙوڪ انگريزي ۾ ٽِسرو آواز (Triphthong) به ٿيندو آهي جهڙوڪ چيئَر (Chair) x وغيره لفظن ۾ (8) . انهن لفظن جي پڇاڙيءَ واري ر جو آواز ڪو نه اچاربو آهي.

سرن جون اضافي خصوصيتون : _ سرن جو جيڪو بيان مٿي ڏنو ويو آهي سو سندن ذاتي خصوصيتن کي ظاهر ڪري ٿو، جن جي بناءَ تي کين تقسيم ڪري جدا جدا ڪلاسن ۾ رکيو ويو ۽ سندن قسم ٻڌايا ويا. انهن ذاتي خصوصيتن کان سواءِ سندن ٻيون به خصوصيتون آهن جي عام ناهن مگر ڪن خاص ٻولين ۾ نظر اچن ٿيون؛ مثلاً سنڌي زبان ۾ سر گُهڻا (Nasalized) به ٿيندا آهن، جيئن هيٺين لفظن ۾ ظاهر آهن:

مان، تون، سَنئين، مِيان، منئين، تنهان.

انگريزي ۾ گهُڻا سر گهڻو ڪري ڪو نه ٿين؛ پر جي ڪن لفظن ۾ ٿين به جهڙوڪ پوليس_ مين (Police-man) ۾، ته اُهي پوءِ ايندڙ نڪ واري وينجن جي اثر ڪري ٿيندو آهي. فرينچ زبان ۾ گهُڻا سر جهجهي تعداد ۾ آهن. انهيءَ خصوصيت کي گهُڻائپ (Nasality & Nasalization) سڏبو آهي.

مٿي ٻڌايو ويو آهي ته اڳين سرن جي ٺهڻ وقت زبان جو اڳيون حصو ۽ پوين سرن جي ٺهڻ وقت زبان جو پويون حصو چرپر ڪندو آهي. مگر ائين ٿي سگهي ٿو ته ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڻ، ڙ وغيره آوازن جي اُچارڻ وقت ساڻن گڏ ڪم ايندڙ سرن جي حالت ۾ زبان جي نوڪ مٿي موڙ کائي. اوٽَ،ڪاٺُ، ڪنڊَ، ڏاڍُ، آڻِ وغيره لفظنجي آخرين سر جي اچارڻ وقت زبان جي چوٽي پوئتي موڙ ڪري سگهي ٿي. دنيا جي ڪن ٻولين جهڙوڪ سئيڊن، ناروي ۽ امريڪي انگريزي زبان ۾ ائين ٿئي ٿو (9). انهيءَ خصوصيت کي زبان_ موڙ (Retrofiection) سڏجي ٿو.

ٻين ٻين ٻولين جي سرآوازن مان ڪي سخت (Tense) ٿين ٿا ته ڪي نرم (Lax) . انهيءَ جو مطلب اهو آهي ته انهن جي اچارڻ وقت زبان جي مُشڪ سخت ٿئي ٿي يا نرم. انگريزي زبان جي اِي Feel) ۾) ۽ اُو fool) ۾) جا آواز سخت ٿين ٿا ۽ اِ fill) ۾) ۽ اُ full) ۾) جا اواز نرم ٿين ٿا. فرينچ زبان جا سر عام طرح سان سخت ٿين ٿا (10).

عام طرح سان سر آوازن ۾ آوازي ڦڙڪا جنبش ڪن ٿا مگر ڪن ڪن ٻولين ۾ اِهي بي بڻا (Voiceless) به ٿين ٿا خاص ڪري ان وقت جڏهن انهن کي نرگهٽ (Glottis) مان اچاريو ويندو آهي (11).

وينجن آوان جي تقسيم:_ ٻوليءَ جي آوازن پيدا ٿيڻ واري طريقي ۾ اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته آوازن پيدا ٿيڻ جا پنج طريقا آهن (ص 37). انهن مان پنجين طريقي بابت ٻڌايو ويو آهي ته ڪن آوازن جي اچارڻ وقت ڪا به رنڊڪ يا روڪ نٿي ٿئي. انهن کي سر سڏبو آهي، جن جي قسمن جو  بيان مٿي ٿي چُڪو. باقي چئن طريقن موجب جيڪي آواز پيدا ٿين ٿا تن کي وينجن يا مصمت (Consonnts) سڏجي ٿو. ”مُصمّت“ لفظ جي معنيٰ آهي گنگو ٿيل. سچ پڇ ته اِهي آواز الڳ حالت ۾ سرن يا مصوڌن کان سواءِ اُچاري نٿا سگهجن. ڄڻ ته چُپ يا ماٺ ۾ آهن. ”مُصّوت“ لفظ جي معنيٰ آهي صوت (Voice) وارو. انهن وينجنن جا آواز يا منهن جي خال مان اچاري سگهجن ٿا يا نڪ جي خال مان. اِهي جڏهن نڪ جي خال مان نڪرن  ٿا تڏهن ساڳئي وقت انهن جي هوا منهن جي خال مان به نڪري ٿي. پر جڏهن منهن جي خال مان ڪڍجن ٿا تڏهن نڪ جي خال ڏانهن ويندڙ گهَٽُ، نرم تارونءَ جي مٿي ٿيڻ سان بند رهي ٿو. وينجن جي اچارڻ جا چار طريقا اڳيئي ٻڌايا ويا آهن. انهن مان بندشي طريقي جا ٻه نمونا آهن؛ هڪ وات مان اچارڻ جو؛ ٻيو نڪ مان اچارڻ جو. اهڙيءَ طرح سان وينجن جا پنج قسم ٿين ٿا.

1_ بندشي يا ڌماڪيدار (Stops or plosives)

2_ نڪوان يا نڪ وارا (Nasals)

3_ پاسائتا (Laterals)

4_ لرزيدار (Trills)

5_ گهسڪيدار (Fricatives)

بندشي يا ڌماڪيدار وينجن:_ هنن اوازن جي خصوصيت هيءَ آهي ته هنن لاءِ هوا جي ٻاهر نڪرندڙ جوهي کي منهن ۾ ڪٿي نه ڪٿي گهڙي کن لاءِ بند ڪجي ٿو؛

1) اِها بندش ٻن چپن کي پاڻ سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي، جيئن ته پ، ڦ، ب ۽ ڀ جي آوازن ۾.

2) اها بندش زبان جي مٿياڙي کي مٿين ڏندن سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي جيئن ته ت، ٿ، د ۽ ڌ جي آوازن ۾، جيئن تصوير نمبر 5 ۾ ڏيکاريل آهي.

3) اها بندش زبان جي چوٽيءَ کي مهارن يا سخت تارونءَ سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي جيئن ته ٽ، ٺ، ڊ ۽ ڍ جي آوازن ۾، جيئن شڪل نمبر 6 ۽ 7 ۾ آهي.

(زبان جي چوٽي مهارن سان لڳل)  (زبان جي چوٽي سخت تارن سان لڳل

4) اها  بندش زبان جي اڳئين حصي (اڳياڙي) کي سخت تارونءَ سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي جيئن ته چ، ڇ، ج ۽ جهه جي آوازن ۾؛ جيئن تصوير نمبر 8 ۾ ڏيکاريل آهي. 

5) اها بندش زبان جي پوئين حصي (پڇاڙي) کي نرم تارونءَ سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي جيئن ته ڪ، ک، گ ۽ گهه جي آوازن ۾؛ جيئن تصوير نمبر 9 ۾ ڏيکاريل آهي.

6) اها بندش زبان جي پاڙ کي ڪاڪڙي سان يا نڙيءَ سان ملائي به ڪري سگهجي ٿي، جيئن عربي ق جي آواز ۾.

7) اها بندش نرگهٽ ۾ اوازي ڦڙڪن سان به ڪري سگهجي ٿي جيئن عربي ء جي آواز ۾.

انهن بندشي آوازن جي پٺيان جيڪڏهن سر آواز شامل ٿيندو ته اُهي ڌماڪيدار (Plosives) ٿي پوندا، جيئن ته ”پٺتي هٽ“ ۾ [پ] آواز ڌماڪيدار آهي؛ ٺ کي زير ڏبي ته ڌماڪيدار آواز ٿي پوندو، پر جي اُن تي جزمڏبي ته ساڪن يعني غير متحرڪ ٿيندي ۽ ان حالت ۾ سندس اواز بندشي (Stop) ٿي پوندو؛ [ت] ڌماڪيدار آواز آهي. ٽ جو آواز زير جي حالت ۾ ڌماڪيدار ٿيندو، نه ته بندشي. مٿيون جملو جيئن عام ڳالهائڻ ۾ استعمال ٿئي ٿو، ان موجب ٺ ۽ ٽ جا آواز بندشي آهن.

مٿين ڌماڪيدار آوازن ۾ هڪڙا اُهي آواز آهن جن جي ڌماڪي سان گڏ هوا جي ڌوڪ (Puff) شامل ٿئي ٿي ۽ ٻين ۾ نٿي ٿئي. پ / ڦ جوڙي مان پ ۾، ب / ڀ جوڙي مان ڀ ۾، ت / ٿ جوڙي مان ٿ ۾، د/ڌ جوڙي مان ڌ ۾، ٽ/ ٺ جوڙي مان ٺ ۾، ڊ/ڍ جوڙي مان ڍ ۾، چ/ڇ جوڙي مان ڇ ۾، ج/ جهه جوڙي مان جهه ۾، ڪ/ ک جوڙي مان ک ۾ ۽ گ/ گهه جوڙي مان گهه ۾ هوا جي ڌوڪ ڌماڪي سان گڏ شامل آهي. انهن آوازن کي وسرڳ (Aspirated) سڏبو آهي. جن اوازن ۾ اِها وسرڳائي (aspiration) نه هوندي آهي تن کي اَوسرڳ سڏبو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org