اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته آوازي ڦڙڪن مان هوا
لنگهندي جيڪڏهن اُهي جنبش ڪندا ته ڀڻڀڻو آواز پيدا
ٿيندو. ڌماڪيدار آوازن جا جيڪي جوڙا مٿي ٻڌايا ويا
آهن تن مان هڪ نه ٻئي ۾ ڀڻڀڻو آواز سمايل آهي.
پ ڦ
۾ نه مگر
ب ڀ
۾ آهي.
ت ٿ
۾ نه مگر
د ڌ
۾ آهي.
ٽ ٺ
۾ نه مگر
ڊ ڍ
۾ آهي.
چ ڇ
۾ نه مگر
ج جهه
۾ آهي.
ڪ ک
۾ نه مگر
گ گهه
۾ آهي.
جن آوازن ۾ ڀڻائپ ناهي تن کي بيڀڻا
(Voiceless)
۽ جن آوازن ۾ ڀڻ ڀڻ آهي آهن تن کي ڀڻڀڻا
(Voiced)
سڏبو آهي. ڀارت جي آڳاٽن نحوين صوتدار آوازن کي
ڳرو آواز ۽ بيصوت آوازن کي هلڪو آواز سڏيو آهي.
ڀڻائتن آوازن کي عربيءَ ۾ ’مُصَيّت‘ ۽ بي ڀڻن
آوازن کي ’غير مُصَيّت‘ سڏبو آهي.
بندشي ۽ ڌماڪيدار وينجن جا قسم ۽ مخرج
آواز |
بي ڀڻا |
ڀڻڀڻا |
وسرڳ |
اوسرڳ |
مخرج |
1_ پ |
= |
= |
= |
= |
چپ |
2_ ڦ |
= |
= |
= |
= |
= |
3_ ب |
= |
= |
= |
= |
= |
4_ ڀ |
= |
= |
= |
= |
= |
5_ ت |
= |
= |
= |
= |
ڏند |
6_ ٿ |
= |
= |
= |
= |
= |
7_ د |
= |
= |
= |
= |
= |
8_ ڌ |
= |
= |
= |
= |
= |
9_ ٽ |
= |
= |
= |
= |
مهارون يا سخت تارن |
10_ ٺ |
= |
= |
= |
= |
= |
11_ ڊ |
= |
= |
= |
= |
= |
12_ ڍ |
= |
= |
= |
= |
= |
13_ چ |
= |
= |
= |
= |
سخت تارون |
14_ ڇ |
= |
= |
= |
= |
= |
15_ ج |
= |
= |
= |
= |
= |
16_ جهه |
= |
= |
= |
= |
= |
17_ ڪ |
= |
= |
= |
= |
نرم تارن |
18_ ک |
= |
= |
= |
= |
= |
19_ گ |
= |
= |
= |
= |
= |
20_ گهه |
= |
= |
= |
= |
= |
|
|
|
|
|
|
|
نوٽ 1 :_ دنيا جي ڪن ٻولين ۾ وسرڳ آواز ٿين ئي
ڪونه، تنهن ڪري انهن جي قسمن بيان ڪرڻ ۾ وسرڳ يا
اوسرڳ جو نالو نه وٺبو آهي.
نوٽ 2 : _ ڪن ٻولين ۾ پ، ت، ج ۽ ڪ جا آواز ڌڪيندڙ
(Ejeetives)
ٿيندا آهن، انهن جي اچارڻ مهل آوازي ڦڙڪا بند ٿي
کين ڌڪو ڏيندڙ محسوس ٿيندا آهن. گويا عربي ء جو
آواز منجهن سمايل آهي (12).
نوٽ 3 : _ ايهن ڌماڪيدارن وازن کي مارڪيداجڌ خالي
(Explosives)
به سڏبو آهي.
داخلي ڌماڪيدار آواز
(Implosives)
:_
دنيا جي ڪن ٻولين جهڙوڪ سنڌيءَ ۾ ڌماڪيدار يا
بندشي آوازن جو هڪ ٻيو قسم به ٿيندو آهي، جنهن جي
آوازن ۾ ڌاڪي يا بندش وقت نرگهٽ کي ٿورو هيٺ ڪجي
ٿو ۽ هوا ٻاهر کان اندر وڃي ٿي. ڌماڪيدار آوازن ۾
نرگهٽ هيٺ نٿو ڪجي ۽ هوا اندر کان ٻاهر وڃي ٿي.
ڇاڪاڻ ته مٿين اوازن جي اچارڻ وقت هوا ٻاهر کان
اندر وڃي ٿي، تنهن ڪري انهن کي داخلي ڌماڪيدار
آواز سڏجي ٿو. سنڌيءَ ۾ اِهي چئن قسمن جا آهن؛
اِهي سڀ صوتيدار آهن ۽ اوسرڳ، تنهنڪري انهن جو فقط
مخرج هيٺ ڏجي ٿو.
1_ نڪوان آواز
(Nasals)
:_
بندشي آوازن جي ڌماڪي کان اڳ هوا جو زور يا داٻ
منهن ۾ پيدا ٿئي ٿو ۽ نڪ وارو رستو بند رهي ٿو؛ پر
جي هوا جو داٻ منهن ۾ پيدا نه ڪبو بلڪه ان کي
نڙيءَ کان نڪ جي خال مان خارج ڪبو ته آوازي ڦڙڪن
جو آواز يعني صوت معلوم ٿيندو؛ پوءِ جي روڪ جي
هنڌان زبان کي پري ڪبو ته هوا ساڳئي وقت منهن جي
خال مان نڪرندي ۽ ڌماڪيدار آواز پيدا ڪندي. اهڙي
قسم جي آوازن کي صوتيات ۾ نڪوان
(nasals)
يعني نڪ وارا سڏجي ٿو. اِهي سڀ بندشي_ ڌماڪيدار ۽
ڀڻڀڻا آهن. منجهانئن ڪي جهڙوڪ مُهه ۽ نههوسرڳ ٿين
ٿا جي سنڌي، اردو وغيره زبانن ۾ آهن مگر دنيا جي
تمام گهڻين زبانن ۾ اِهي موجود نه آهن. علم طرح
سان انهن جو تعداد پنج آهي ۽ سندن مخرج هيٺينءَ
ريت آهي:
1_ [م]، مخرج چپ (ٻئي چپ).
2_ [ ن ]، مخرج مهارون.
نوٽ 1:_ ڪن زبانن جهڙوڪ فرينچ ۾ [ ن ] آواز جو
مخرج ڏند آهن (13).
نوٽ 2 :_ گهُڻن آوازن ۾ ڌماڪو هلڪو ٿيندو آهي.
نوٽ 3 :_ مٿي ٻڌايو ويو آهي ته نڪوان آواز سڀ
ڀڻڀڻا آهن پر جي ڪنهن لفظ جي آخر ۾ بي ڀڻا وينجن
جي پٺيان ايندا ته بي ڀڻا ٿي پوندا (14). جيئن ته
”اِسم“ لفظ ۾ س_ آواز بي ڀڻو آهي، جيئن اڳتي ٻڌايو
ويندو.
پاسائتا آواز
(Laterals)
:_ هنن آوازن جي اچارڻ وقت زبان جي چوٽي ڏندن يا
مهارن سان اهڙيءَ طرح ملي ٿي جو ان جا پاسا کليل
رهن ٿا، جنهن ڪري هوا جي گذر ۾ بلڪل بندش نٿي رهي
مگر رنڊڪجي پاسن کان لنگهي ٿي؛ پوءِ جڏهن زبان پري
ڪجي ٿي تڏهن هلڪي ڌماڪي سان ل جو آواز پيدا ٿئي
ٿو. (ڏسو تصوير نمبر 6 ۽ 7)
جدا جدا ٻولين ۾ ل جو آواز جدا جدا قسمن جو ٿئي
ٿو (15). ان جي اچار جا ٻه طريقا آهن: هڪ اُهو
جنهن ۾ هوا جو گذر بنه سوڙهن پاسن مان ٿئي ٿو؛
اهڙي کي گهسڪيدار پاسائتو آواز
(Lateral Fricative)
سڏبو آهي. انهيءَ جا خود ٻه قسم ٿيندا آهن: هڪ بي
ڀڻو ۽ ٻيو ڀڻڀڻو. بروهڪي زبان مهرٽي ۽ گجراتي ۾
اهڙو آواز موجود آهي.
ٻيو طريقو اُهو آهي جنهن ۾ هوا جو گذر خلاصو ٿئي
ٿو. ان جا ٻه مخرج ٿيندا آهن: هڪ مهارون ۽ ٻيو سخت
تارون سخت تارون وارو آواز اڪثر زبان _ موڙ
(Retrofiex)
ٿي پوندو آهي. ڪن ڪن زبانن جهڙوڪ فرينچ ۽ اسپينوي
۾ ان جو مخرج نرم تارون به هوندو آهي (16).
لرزشي يا لرزيدار آواز
(Trills)
:_ جڏهن زبان جي چوٽي مهارن سان لڳي، هوا جي گذرڻ
سببان جنبش ڪري ٿي تڏهن ر جو آواز پيدا ٿئي ٿو.
اهڙو جنبشي آواز ان وقت به پيدا ڪري سگهجي ٿو جڏهن
ڪاڪڙي جي چوٽي زبان جي پوئين حصي سان لڳي لرزش ڪري
ٿي. اهڙيءَ طرح ر_ آواز جا ٻه قسم ٿين ٿا: هڪ
مهارن وارو ۽ ٻيو ڪاڪڙي وارو.
لرزش جي حالت ۾ زبان ٻه _ ٽي دفعا مخرچ سان لڳندي
آهي؛ تنهن ڪري اهڙي آواز کي گهڻ ڏ ڌڪو
(Rolled)
سڏبو آهي. ”رهبر“ لفظ ۾ پهريون ر جو آواز گهَڻَ ڏ
ڍَڪو آهي؛ مگر پويون ر جو آواز هڪ ڌڪو
(Flapped)
آهي. يورپ جي ڪيترين ٻولين جهڙوڪ فرانس، جرمني،
ناروي، سئيڊن وغيره جي زبانن ۾ ر _ آواز جا ٻئي
قسم، گهڻ _ ڌڪو ۽ هڪ _ ڌڪو، ڪاڪڙي وارا آواز آهن
(17).
هڪ ڌڪو جنبشي آواز، زبان جي نوڪ سان سخت تارون جي
مخرج مان به ظاهر ٿيندو آهي، جيئن ته ڙ جو آواز ڪن
ٻولين ۾ انهيءَ آواز اچارڻ وقت زبان جي چوٽي پوئتي
موڙ کائي ٿي.
ر_ آواز جو ٽيون قسم به ٿيندو آهي، جنهن ۾ زبان جي
اڳياڙيءَ جا ٻئي پاسا مهارن سان لڳن ٿا ۽ سندس وچ،
نوڪ تائين هيٺ ٿي، هوا جي نيڪال لاءِ سوڙهو لنگهه
ٺاهي ٿو. اهڙيءَ حالت ۾ ر جو آواز گهسڪيدار
(Fricative)
سڏجي ٿو ۽ نه جنبشي گهَڻ _ ڌَڪو يا هڪ _ ڌڪو. (ڏسو
تصوير نمبر 20)
نوٽ 1 : _ ر جو آواز گهڻو ڪري ڀڻڀڻو ٿيندو آهي؛ ڪن
ڪن ٻولين ۾ بي ڀڻو به آهي (8).
نوٽ 2 :_ ل ۽ ر جي آوازن کي گڏي پٽڙا آواز
(Liquids)
به سڏبو آهي (19). اِهي عام طرح ڀڻڀڻا ٿيندا آهن؛
پر جڏهن لفظن جي آخر ۾ ايندا آهن ۽ سندن اڳيان بي
ڀڻا وينجن هوندا آهن ته پوءِ بي ڀڻا ٿي پوندا آهن
(20). جيئن ته ’قَتُل‘ ۽ ’سَتُر‘ ڪري اچاريندڙ
آهيون جو اِها اسان جي پراڻي لساني عادت آهي ۽
اِها سنڌي ٻوليءَ جي لساني سٽا به آهي. اهڙيءَ طرح
اسان ‘اِسُم‘ کي ’اِسم‘ ’فَضل‘ کي ’فَضُل‘، ’عَدل‘
کي ’عَدُل‘، شَرم‘ کي ’شَرَم‘ ۽ ’شُغُل‘ کي
’شُغُل‘ ڪري اچاريندا آهيون؛ ائين ٻيا ڪئين لفظ
آهن.
گهسڪيدار آواز
(Fricatives)
: _ جڏهن زبان جو ڪو حصو پنهنجي مقابل مخرج سان
ائين لڳي ٿو جو زبان جي وچان سوڙهو لنگهه هوا جي
گذر لاءِ ٿئي ٿو ته پوءِ جيڪي اُچارجن ٿا تن کي
گهسڪيدار چئجي ٿو. انهن آوازن جي اُچار وقت نڪرندڙ
هوا سوڙهي لنگهه مان گهسڪجي نڪري ٿي. مخرج ۽ آواز
جي لحاظ کان انهن جا جيڪي قسم آهن سي هيٺ ڏجن ٿا؛
منجهن وسرڳ آواز ڪو نه ٿين. سڀ آوسرڳ آهن.
آواز بي ڀڻا ڀڻڀڻا مخرج
1_ ف
=
=
چپ _ ڏند
2_ و
=
=
چپ _ ڏند
3_ س
=
=
ڏنديا
مهارون يا سخت تارون (اڳيون
حصو)
4_ ز
=
=
ڏند يا مهارون يا سخت تارون (اڳيون
حصو)
5_ ش
=
=
سخت تارون (پويون حصو)
6_ ي
=
=
سخت تارون (پويون حصو)
7_ خ
=
=
نرم تارون
8_ غ
=
=
نرم تارون
9_ هه
=
=
نرگهٽ
[س/ز] آوازن لاءِ زبان جي [س/ز] آوازن لاءِ
زبان جي
هڪ بيهڪ، جا عام ناهي؛ ٻي بيهڪ، جا عام آهي.
عرلي [ث] آواز لاءِ زبان جي
بيهڪ ائين آهي.
تصوير نمبر 19. تصوير نمبر
20.
[ش/ي] آوازن لاءِ زبان
[خ/غ] آوازن لاءِ زبان
جي بيهڪ. جي
بيهڪ.
ڪن ٻولين ۾ ف يا و جو آواز ٻن چپن وارو به ٿيندو
آهي، ۽ [پ] يا [ب] آواز وانگر معلوم ٿيندو آهي.
بنگالي زبان ۾ و جو آواز ٻن چپن وارو گهسڪيدار
هوندو آهي. عربي ث جو آواز، ڏندن وارو هوندو آهي،
(جيئن تصوير نمبر 17 ۾ڏيکاريو آهي) ۽ خ ۽ غ جا
آواز ڪاڪڙي يا نڙيءَ مان ڪڍبا آهن. انگريزيءَ ر جو
آواز گهسڪيدار به ٿيندو آهي جيئن ربر
(Rubber)
۾ پهرين ر جو آواز، فارسيءَ جو ز جو آواز، ڀڻڀڻو،
سخت تارون وارو آهي ۽ ش جي آواز سان جوڙ کائي
ٿو.عربيءَ ۾ ح ۽ ع جا آواز نرگهٽ وارا گهسڪيدار
آهن.
بنان گهسڪي مسلسل آواز
(Frictionless Continuants)
: و ۽ ي جا آواز اهڙا به ٿي سگهن ٿا جو سندن اچار
وقت هوا جو لنگهه ڪجهه ڪشادو هجي ۽ اُهي بنان رنڊڪ
ادا ٿي سگهن؛ جيئن وُٺو ۾ و جو آواز ۽ يا ڪي ۾ ي
جو آواز هنن آوازن کي نيم سر
(Semi0vowels)
به سڏبو آهي. ڍڪو ۾ ي جو آواز ۽ وري ۾ و جو آواز
نيم سر نه آهن مگر گهسڪيدار آهن.
بندشي گهسڪيدار آواز
(Affricates)
: دنيا جي ڪن ٻولين ۾ ڪي وينجن مرڪب معلوم ٿيا آهن
جن ۾ پهريون وينجن بندشي هوندو آهي ۽ ٻيون
گهسڪيدار. جرمن زبان ۾ هڪ اهڙو آواز تز
(ts)
آهي جو لکڻ ۾ انگريزي زيڊ
(Z)
جهڙو هوندو آهي.انگريزي ٻوليءَ ۾ چ ۽ ج جا آواز،
جيئن چرچل ۽ جارج ۾، مٿئين قسم جا آهن. چيو وڃي ٿو
ته انگريزي چ ۾ ٽ_ ش جا آواز گڏيل آهن ۽ ج ۾ ڊ _ ز
جا آواز
(21)
. اسان وٽ چ ۽ ج جا آواز بندشي يا ڌماڪيدار آهن.
معياري سنڌي ۾ اهڙي نموني جا ٻه آواز آهن: هڪ [ٽ _
ر] جو مرڪب آواز /پٽَ/ ۾، ۽ ٻيو [د_ر] جو / ڊُ ڪَ/
۾. انهن آوازن کي بندشي لرزيدار سڏڻ بهتر آهي ڇو
ته منجهن گهسڪيدار آواز جي بجاءِ ر جو لرزيدار
آواز سمايل آهي. لاڙي سنڌيءَ ۾ اِهو مرڪب آواز ڪو
نه ٿو اُچارجي.
وينجن جون اضافي خصوصيتون : _ وينجن جي قسمن بيان
ڪندي جيڪي صوصيتون ٻڌايون ويون آهن سي سندن ذاتي
آهن. سندن ڪي اضافي خصوصيتون به آهن. ڪن زبانن ۾
وسرڳ آواز ذاتي طور ڪو نه ٿين مگر اضافي طرح ٿين
ٿا، مثلاً انگريزيءَ ۾ پ
(P)
، ٽ
(t)
۽ ڪ
(K)
جا آواز ڪن حالتن ۾ وسرڳ ٿي پوندا آهن؛ يعني اُهي
[ڦ]، [ٺ] ۽ [ک] ٿي پوندا آهن. تنهن ڪري وسرڳائي
(aspiration)
انگريزي آوازن ۾ اضافي خصوصيت آهي ۽ نه ذاتي.
سنڌيءَ ۾ اها ذاتي آهي ۽ نه اضافي.
سمورا وينجن هڪجهڙي زور سان نٿا اُچاريا وڃن. ڪن
جي اچارڻ وقت زور لڳي ٿو ۽ ٻين جي اچارڻ وقت نٿو
لڳي جن جي اچارڻ وقت زور لڳي ٿو تن کي سگهارو
(Fortes)
سڏجي ٿو ۽ ٻين کي ڪمزور
(Lenes)
سڏجي ٿو. انگريزي زبان جا پ ، ٽ ، ڪ، ف، س، ش، م،
ن، ل ۽ ر جا آواز سگهارا آهن ۽ ب، ڊ، گ، و
(V)
۽ ز جا آواز ڪمزور آهن (22).
وينجن سان گڏ ڪم ايندڙ سرن سببان، انهن سرن جون ڪي
ذاتي خصوصيتون، وينجن جون اضافي خصوصيتون ٿي
پونديون آهن؛ مثلاً روح لفظ ۾ ر جي آواز ۾ چپ گول
ٿي پون ٿا ڇو ته ان جي پويان پويون مٿيون سر [اُو]
اچي ٿو جنهن جي هڪ ذاتي خصوصيت چپن جي گولائي
آهي.اهڙي طرح سان اڳين سرن سببان نرم تارون وارا
ذري گهٽ وينجن سخت تارون وارا ٿي پون ٿا، ۽ پوين
سرن سببان سخت تارون وارا وينجن ذري گهٽ نرم تارون
وارا ٿي پون ٿا، جهڙوڪ ڪينو ۾ ڪ جوآواز عام طرح
سخت تارون وارو ٿي پوي ٿو ۽ چُور ۾ چ جو آواز عام
طرح سان نرم تارون ٿي پوي ٿو. انهن ٽنهي خصوصيتن
کي گول _ چپن _ اثر
(Labialization)
سخت _ تارونءَ اثر
(Palatalization)
۽ نرم تارون اثر
(Velarization)
سڏجي ٿو. ڪن ٻولين ۾ بي ڀڻا ڌماڪيدار آوازن سان گڏ
نرگهٽ وارو بندشي آواز به شامل ٿيندو آهي جو ان
آواز جي اضافي خصوصيت ٿي پوندو آهي، ان کي نرگهٽ_
اثر
(glottalization)
سڏبو آهي.
|