سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :8

عيوضي آواز ٻن قسمن جا ٿيندا آهن: هڪ آزد بدل (Free variants) جهڙوڪ منگتو  ۽ منڱتو ۾ [گ] ۽ [ڱ] آواز، آزاد بدل آهن؛ ٻيا شرطي ٿيندا آهن جن لاءِ ماحول جو شرط لازمي آهي، جيئن ته انگريزي زبان ۾ /پ/. /ٽ/ ۽ / ڪ صوتين جا آواز، سرصوتين کان اڳ ۾ وسرڳ يعني [ڦ]، [ٺ] ۽ [گ]  ٿي پوندا نه ته [پ]، [ٽ] ۽ [ڪ] وهندا. اهڙن شرطي عيوضي آوازن کي پورائي واري ورڇ (Complementary distribution) ۾ سڏبو آهي.اهڙا عيوضي آواز ساڳئي ماحول ۾ هڪٻئي سان تبديل ٿي نه سگهندا آهن.

صوتيتي ڇيد (Phonemic Analysis) :- اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته ٻوليءَ ۾ جيترا آواز جا نمونا هوندا آهن اوترا هروڀرو صوتيا  نه هوندا آهن. اوترا به ٿي سگهن ٿا ۽ انهن کان گهٽ به مگر وڌ ٿي نٿا سگهن ڇو ته هڪ ئي آواز جا هڪ کان وڌيڪ صوتيا ٿي نٿا سگهن. ان جي ابتڙ هڪ صوتيي جا هڪ کان وڌيڪ آواز ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري لازمي آهي ته ڪنهن زبان ۾ جيترا اواز هوندا اوترا صوتيا ٿيندا يا انهن کان گهٽ. عربي زبان ۾ جيترا آواز آهن اوترا ئي صوتيا آهن. عربي زبان ۾ /ث/، /ص/ ۽ / س/ ٽي مختلف صوتيا آهن ۽ انهن جا ٽي آواز آهن. سنڌي زبان ۾ ت ص ۽ س هڪ آواز جون ٽي مختلف تحريري صورتون آهن. انهن جو سنڌيءَ ۾ اواز هڪ آهي، تنهن ڪري انهن جو صوتيو به ساڳيو آهي ۽ هڪ آهي. اهڙي طرح سان سنڌيءَ ۾ ذ، ز، ض ۽ ظ جو آواز ۽ صوتيو ساڳيو آهي.ت ۽ ط جو به ساڳيو آهي، هه ۽ ح جو به ساڳيو آهي؛ ا، ء ۽ ع جو به ساڳيو آهي، ڪ ۽ ق جو به ساڳيو آهي.

ڪنهن ٻوليءَ جا ڪهڙا اواز صوتيا ٿين ٿا ۽ ڪهڙا نٿا ٿين ۽ رڳو عيوضي آواز رهن ٿا، تنهن لاءِ لفظن جي آوازن کي ڇيد ڪري انهن کي معنوي فرق معلوم ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ بدلائڻو پوندو آهي. اهڙي قسم جي ڇيد کي صوتيتي ڇيد سڏبو آهي. انهيءَ جو آسان طريقو اهو آهي ته لفظن جا اهڙا جوڙا ڳولي لهجن جن ۾ فقط هڪ آواز تبديل ٿئي ۽ سڳئي هنڌ تي تبديل ٿئي. پوءِ، جي لفظن جي معنيٰ ۾ ڦير ٿي پوي ته اهي ٻه صوتيا سڏبا مثلاً سنڌيءَ ۾،

بار ۽ ٻار مان /ب/ ۽ /ٻ/ صوتيا ملن ٿا.

پَلو ۽ ڀَلو مان /پ / ۽ / ڀ/ صوتيا ملن ٿا

تاِ ۽ ٺارِ مان /ت/ ۽ / /ٺ/ صوتيا ملن ٿا.

ٽوڪ ۽ ٿوڪ مان /ٽ/ ۽ /ٿ/ صوتيا ملن ٿا.

فڪر ۽ نڪر مان /ف/ ۽ /ن/ صوتيا ملن ٿا

ڦَرُ ۽ گَرُ مان /ڦ/ ۽ / گ/ صوتيا ملن ٿا

ڳر ۽ کر مان /ڳ/ ۽ / ک/ صوتيا ملن ٿا.

مُنڱ ۽ مُنڃ مان /ڱ/ ۽ / ڃ/ صوتيا ملن ٿا.

دَرُ ۽ ڏَرُ مان /د/  ۽ / ڏ/ صوتيا ملن ٿا.

ڍُڪ ۽ ڊُڪ مان /ڍ/ ۽ /ڊ/ صوتيا ملن ٿا.

جَر ۽ ڄَر مان /ج/ ۽ /ڄ/ صوتيا ملن ٿا.

چِلڪو ۽ ڇِلڪو مان /چ/ ۽ /ڇ/ صوتيا ملن ٿا.

خِلاف ۽ غِلاف  مان /خ/ ۽ /غ/ صوتيا ملن ٿا.

رُت ۽ ڪُت مان /ر/ ۽ /ڪ/ صوتيا ملن ٿا.

زارِي ۽ مارِي مان /ز/ ۽ /م/ صوتيا ملن ٿا.

پَڙُ ۽ پَڙهه مان /ڙ/ ۽ /ڙهه/ صوتيا ملن ٿا.

گهارو ۽ سارو مان /گهه/ ۽ /س/ صوتيا ملن ٿا.

ماڻي ۽ ماڻهين مان /ڻ/ ۽ /ڻهه/ صوتيا ملن ٿا.

ڪاش ۽ ڪاڻ مان /ش/ ۽ / ڻ / صوتيا ملن ٿا.

هار ۽ جهار مان /هه / ۽ / جهه/ صوتيا ملن ٿا.

ڪَلَ ۽ ڪَلهه مان /ل/ ۽ /لهه/ صوتيا ملن ٿا.

سَمي ۽ سُمهي مان /م/ ۽ /مهه/ صوتيا ملن ٿا.

سَنا ۽ سَنها مان /ن/ ۽ /نهه/ صوتيا ملن ٿا.

يار ۽ وار مان /ي/ ۽ /و/ صوتيا ملن ٿا.

ڌاڳو ۽ راڳو مان /ڌ/ ۽ /ر/ صوتيا ملن ٿا.

مٿين مثالن مان هيٺيان وينجن صوتيا مليا: -

/ب، ٻ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ٿ، ف، ڦ، گ، ڳ، ڱ، ک، ي، د، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، ج، ڄ، ڃ، چ، ڇ، خ، غ، ر، ز، ڙ، م، مهه، ن، نهه، ل، س، ش، ڻ، هه، جهه، گهه، ڙهه، لهه، و، ڪ ۽ ڻهه/.

نوٽ : سِڙيلي ۽ لاڙِي سنڌيءَ ۾ ”ر“ وارا /ٽ/ ۽ /ڊ/ صوتيا ڪو نه ٿين.

سُر صوتين لاءِ هيٺيان مثال پيش ڪجن ٿا:-

مَنُ ۽ مانُ مان [اَ] ۽ [اَ] جا صوتيا ملن ٿا.

تِرُ ۽ نِيرُ مان [اِ] ۽ [اِي] جا صوتيا ملن ٿا.

گهُرَ ۽ گهُورَ مان [اُ] ۽ [اُو] جا صوتيا ملن ٿا

سيرُ ۽ سَيرُ مان [اي] ۽ [اَي] جا صوتيا ملن ٿا.

اورَ ۽ اَورَ مان [او] ۽ [اَو] جا صوتيا ملن ٿا.

وَٺي ۽ وَٺين مان [اي] ۽ [اين^] جا صوتيا ملن ٿا.

تاروُ ۽ تاروُن مان [اُو] ۽ [اُون^] جا صوتيا ملن ٿا.

ٿئي ۽ ٿئين مان [اي] ۽ [اين^] جا صوتيا ملن ٿا.

ڪَنجهو ۽ ڪِنجهو مان [اَن^] ۽ [اِن^] جا صوتيا ملن ٿا.

لُنگُ ۽ لونگُ مان [اُن] ۽ [اون  يا اَون] جا صوتيا ملن ٿا.

مٿين مثالن مان هيٺيان سُر صوتيا مليا:

/اَ، آ، اِ، اِي، اُ، اُو، اي، اَي، او، اَو، اَو، اَن، اَن^، اِن^، اِين^، اَين^، اُن^، اُون^، اين^، اَون/.

صوتيتي ڇيد رڳو صوتين معلوم ڪرڻ لاءِ نه ڪبو آهي مگر اُن لاءِ به ڪبو آهي ته اُهي ڪهڙن ڪهڙن هنڌن تي وارد ٿي سگهن ٿا ۽ ڪهڙا ڪهڙن جي اڳيان ۽ پويان اچن ٿا، ڪيئن گڏجي لفظ ۽ پد ٺاهين ٿا. ان مان ٻوليءَ جي صوتيتي سٽا معلوم ٿيندي آهي ۽ صوتياتي نظام جو پتو پوندو آهي. مٿين مثالن مان معلوم ٿو ٿئي ته سنڌيءَ ۾ /ڙ/، /ڙهه/، /ڻ/، /ڃ/، ۽ /ڱ/ وغيره. صوتيا لفظن جي منڍ ۾ نٿا اچن، صوتياتي سرشتي کي پوءِ بيان ڪبو.

آوازن جو مقدار (Quantity) :- دنيا جي مختلف ٻولين ۾ آوازن جو مقدار مختلف ٿيندو آهي. سر آواز ڊگها به ٿي سگهن ٿا ۽ ڇوٽا به اهڙي طرح سان وينجن به ڊگها ٿي سگهن ٿا ڇوٽا پڻ. ڪن ٻولين ۾ انهيءَ مقدار کي صوتيتي اهميت هوندي آهي. انگريزي زبان ۾ [ آ ] آواز ڊگهو به آهي ۽ ڇوٽو به. مثلاً /Bird/ جو اچار بَد^ آهي، جنهن ۾ /اَ/ آواز ڊگهو ڪبو آهي؛ /Bud/ جو اچار بَد^ آهي، جنهن ۾ /ا/ جو آواز ڇوٽو ڪبو آهي. عربي زبان موجب ”عبدالرحيم“ نالي ۾ /ر/ تي شد آهي، تنهن ڪري ان کي ڊگهو ڪبو ۽ ٻيڻي /ر/ جو آواز ڪڍبو. سنڌي زبان ۾ آوازن جي مقدار کي ڪا به صوتيتي اهميت ڪا نه آهي. ڪهڙي به سنڌي آواز کي ڊگهو يا ڇوٽو ڪري سگهجي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان معنيٰ ۾ ڦيرو ڪو نه ايندو.

پد (Syllable):- صوتيا پاڻ ۾ ملي پد ٺاهين ٿا ۽ پد پاڻ ۾ ملي لفظ ٺاهين ٿا. پدن ۾ صوتين جو ملڻ سٽا موجب ٿيندو آهي. جدا جدا ٻولين ۾ اِها سٽا ٻي ٻي ٿيندي آهي. انهيءَ سٽا معلوم ڪرڻ کان اڳ اهو ڄاڻن ضروري آهي ته پد چئجي ڇا کي ٿو. پد جي ٺيڪ تعريف پيش ڪرڻ ۾ لسانيات جي عالمن جو پاڻ ۾ اختلاف آهي (29). ڇو ته هر هڪ  جو نقطہُ نگاهه نرالو آهي، مگر مڙيوئي متفق آهن ته لفظن ۾ پد موجود آهن. هر هڪ سمجهدار شخص پنهنجي ٻوليءَ جي ڪنهن جملي يا لفظ جا پد ٻڌائي سگهي ٿو ڇو ته سندس ڪَنَ پنهنجي ٻوليءَ جي راڳ سان هِريا پيا آهن. راڳ جو سارو  بنياد انهن جي سٽاءُ تي رکيل آهي. لفظن کي ڇيد ڪري  پدن ۾ ورهائڻ لاءِ لازمي آهي ته ڪَنن کان ڪم وٺجي ۽ لفظن جي اکري صورت کي نه سڏجي. آواز جي اها چٽائي (Sonority) ٿي آهي جا ڪن صوتين کي ملائي پد بنائي ٿي. سُر آواز وينجن آوازن کان وڌيڪ چٽا آهن ڇو ته کين اُچارڻ ۾ ڪا به روڪ رنڊڪ ڪا نه ٿئي ٿي ۽ ڀڻڀڻا آهن.سُرن ۾ وري کُليل سُر چٽا آهن ۽ انهن کان  پوءِ اڌ کليل، پوءِ اڌ سوڙها ۽ پوءِ سوڙها سُر چٽا آهن. سرن کان پوءِ نيم سر وڌيڪ چٽا آهن.انهن کان پوءِ پٽڙا آواز ۽ پوءِ نڪوان نمبر وار چٽا آهن. انهن کان پوءِ ڀڻڀڻا گهسڪيدار، پوءِ ڀڻڀڻا بندشي، پوءِ بي ڀڻا گهسڪيدار ۽ آخرين ۾ بي ڀڻا بندشي آواز چٽا آهن. چٽائي جي لحاظ کان آوازن جي قسمن  کي نمبروار هيٺ لکجي ٿو: (30).

1) کليل سر (اول اڳيان پوءِ پويان) اول اڳيان پوءِ پويان)

2) اڌ کليل سر (اولاڳيان پوءِ پويان (اول اڳيان پوءِ پويان)

3) اڌ سوڙها سر

4) سوڙها سر

5) نيم سر

6) لرزيدار

7) نڪوان ۽ پاسائتا

8) ڀڻڀڻا گهسڪيدار

9) صوتدار بندشي

10) بي ڀڻا گهسڪيدار

11) بي ڀڻا بندشي

عام طرح سان هيءَ ڳالهه مڃي  ويئي آهي ته سرُ اڪيلي سِر يا وينجن سان ملي پد ٺاهي ٿو مگر ڪي اهڙيون زبانون به آهن جن ۾ چٽو وينجن هلڪي وينجن کان پوءِ اچي پد  ٺاهي ٿو ۽ سر جو ڪم  ڏئي ٿو. مثلاً بٽن (Button) جو صحيح اچار ’بَٽُن^‘ آهي، جنهن ۾ ٻه پد آهن هڪ /بٽ^/ ۽ ٻيو /ن^/، جيڪو [ٽ] کان پوءِ اچي پد ٺاهي ٿو؛ اهڙي وينجن کي پدائتو وينجن سڏجي ٿو. اسان جي سنڌي زبان ۾ اها حالت ناهي. وينجن پنهنجي مٿي ڪو به پد نٿو ٺاهي، مگر اڳئين سر سان ملي هڪ پد ٺاهيندو آهي، بشرطيڪه کانئس پوءِ سر آواز نه اچي. انهيءَ اصول موجب سنڌيءَ ۾ هيٺين سٽائن وارا پد ٺهن ٿا: -

نوٽ -: و معني وينجن

س ”ڇوٽو سُر

س ”ڊگهو سُر

VVowel

VLong vowel

CConsonant

1) س = V؛ جهڙوڪ آ، اُو وغيره. ۾

2) و س C V =؛ جهڙوڪ ته، به، نه، م وغيره ۾.

3) و س C V =؛ جهڙوڪ مان، تون، هو وغيره ۾.

4) و س س C V V =؛ جهڙوڪ لاءِ هوءَ، ماءُ وغيره ۾.

5) و و س C C V =؛ جهڙوڪ جهڙوڪ ٿيو، ڪيا وغيره ۾.

6) وو س و C C V C =؛ جهڙوڪ پريم، فريم، ٿيوم، قياس، ٽرين وغيره ۾.

7) و س و C V C =؛ جهڙوڪ ڄام، خان، ڌوم وغيره ۾.

8) و س و و C V C C =؛ جهڙوڪ نرس، پرس، هرج وغيره ۾.

مٿين مثالن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته هر هڪ پد ۾ گهٽ ۾گهٽ هڪ سُر موجود آهي ۽ وڌ ۾ وڌ ٻه سر موجود آه، جن مان پويون ڇوٽو سر آهي جو ڊگهي سر کان پوءِ اچي ٿو ۽ کانئس پوءِ وينجن نٿو اچي.  ٻي ڳالهه ته پد جي پڇڙي يا ته سر سان ٿئي ٿي يا ته وينجن سان. جيڪو پد سر سان ختم ٿئي ٿو ان کي کليل پد (Open syllable) سڏبو آهي. ۽ جيڪو  پد وينجن سان ڄاڻي ڪري ٿو، ان کي بنديل پد (Closed syllable) سڏجي ٿو (31). و س س يا ان کان وڌيڪ سٽا وارو پد سنڌي ۾ ٿي نٿو سگهي.

اڄڪلهه مشينن جي وسيلي به پد معلوم ڪري سگهجي ٿو. مشينن جي اڳيان بيهي ڳالهائبو ته اُها پني تي ليڪ ڪڍندي ويندي جا هيٺ مٿي هوندي، آواز جيترو چٽو هوندو اوترو ليڪ مٿي ويندي ۽ جيترو جهڪو هوندو اوترو. هيٺ ليڪ ايندي؛  ٻن وينجن_ آوازن جي وچ ۾ جيڪڏهن سر ڇوٽو هوندو ته ليڪ جي هيٺين ٻن وڪڙن جي وچ ۾ فاصلو ننڍو ٿيندو مگر ڊگهي سر جي  حالت ۾ فاصلو وڏو ٿيندو. مشين جي ذريعي نڪتل ليڪو هيٺ ڏيکاريل آهي.

پهرين نڪتل ليڪ ڪنهن راڳ جي هڪ سِنٽ جي نمائندگي ڪري ٿي، جنهن ۾ پدن جي ترتيب نظر اچي ٿي. ڏسو ته ليڪ جو اُڀرڻ ۽ لهڻ ڪهڙو نه ترتيب موجب آهي!

ٻي ليڪ ڪنهن ڳالهايل جملي جي نمائندگي ڪري ٿي جا بي ترتيب پدن کي ظاهر ڪري ٿي. مٿي اُڀريل ڪنڊون پدن جون چوٽيون ڏيکاريين ٿيون. هيٺيون ڪنڊون ڏيکارين ٿيون ته اُتي هڪڙا پد ختم ٿي  ٻيا شروع ٿين ٿا.

انهيءَ مشاهدي جي بناءَ تي هاڻي هيءَ اصول مڃيو ويو آهي ته پد هڪ آوازي لهر آهي، جا بلندي جي طرف اڀري ٿي ۽ هيٺاهين تي لهي ٿي ۽ وري جڏه بلندي جي طرف اڀري ٿي تڏهن ٻيو پد ٺاهي ٿي.

پد جي حد -: جڏهن ڳالهائڻ ۾ گهڻا پد اچن ٿا تڏهن اِهو فيصلو ڪرڻ مشڪل معاملو ٿي پوي ٿو ته اندريان پد ڪٿان شروع ٿين ٿا ۽ ڪٿي ختم ٿين ٿا. اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سر، وينجن سان ملي پد ٺاهي ٿو؛ پر جي ان سر پٺيان اڪيلو وينجن ايندو ته اُهو به ملي هڪ پد ٺاهيندو جهڙوڪ /ڄام^/ ۾. اهڙي پد جي پٺيان ٻيا صوتيا اچي به هڪ لفظ ٺاهي سگهن ٿا جو ٻن پدن جو هجي جهڙوڪ /ڄامان/ . هن لفظ ۾ ٻه پد آهن؛ مگر پهريون پد ڪٿي  پورو ٿئي ٿو ۽ ٻيو ڪٿان شروع ٿئي ٿو سو فيصلو ڪرڻ مشڪل معاملو آهي. جديد  لسانيات جي ڪن عالمن جي راءِ موجب پهريون پد /ڄام/ آهي ۽ ٻيو پد /آن/ آهي ڇو ته بنيادي پد /ڄام/  آهي. ازانسواءِ پد جي حد اُهو ميلاپي هنڌ (Jnnction) آهي، جتي هڪ آواز اچي سوڙهو ٿئي ٿو ۽ جتان ٻيو کليل آواز شروع ٿئي ٿو (32). ٻين عالمن جي راءِ موجب پهريون پد /ڄا/ آهي ۽ ٻيو پد /مان/ آهي ڇو ته پد گهڻو ڪري وينجن سن شروع ٿئي ٿو ۽ ڪَنن تي اثر به ائين ٿئي ٿو. ٽين عالمن جو چوڻ آهي ته /م/ ٻنهي پدن جو وچون وينجن آهي؛ ڇو ته ڳالهائڻ ۾ پهرئين پد کان پوءِ رُڪجي ڪو نه ٿو ۽ مسلسل ٻئي ڏانهن وڃجي ٿو تنهن ڪري پهرئين پد جي پڇاڙي ٻئي پد جي اڳياڙي آهي.

دنيا جي ڪن ٻلين جهڙوڪ انگريزي ۾ لفظ جي ڪنهن آواز تي زور (Stress) اچي ٿو ۽ نئون پد اتان شروع ٿئي ٿو؛ مثلاً مِسٽيڪ (Mistake) ۾ شدت /س/ تي اچي ٿي تنهن ڪري ان لفظ جو پهريون پد / ِم/ آهي ۽ ٻيو پد / ^سيٽڪ/ آهي (33). سنڌي ٻوليءَ جي مزاج موجب ان جو پهريون پد ٿيندو /س/ ۽ ٻيو ٿيندو /ٽيڪ/. انگريزي زبان ۾ /^سڪول/ (School) هڪپدو لفظ آهي، مگر سنڌيءَ ۾ اِهو ٻِپدو آهي ڇو ته سنڌيءَ ۾ ان جو اچار يا /اسڪول/ آهي يا /سِڪول/ آهي؛ ٻنهي حالتن ۾ منجهس به پد آهن. عربيءَ ۾ / عِلم^/ هڪپدو لفظ آهي، مگر سنڌي صوتيات موجب اهو ٻپدو لفظ آهي ۽ اُچار اٿس /عِلِم^/ . ان مان اِهو ثابت ٿئي ٿو ته پدن جي سٽا ۾ ٻولين جي صوتياتي مزاج کي وڏو دخل آهي. ٻين ٻولين تان اُڌارا ورتل لفظ مادري زبان جي مزاج موجب تبديل ٿيندا آهن.

هاڻي اچو ته سنڌي جي گهڻپد لفظن جو جائزو وٺون. /هلڪو/ ۾ ٻه پد آهن: هڪ /هَل^/ ۽ ٻيو /ڪو/. سنڌي ٻوليءَ جي صوتياتي مزاج موجب ان لفظ کي، /ههَ/ ۽ /لُڪو/ پدن ۾ ورهائڻ غلط آهي (34). ڇو ته /ل/ تي زور (Stress) ڪو  نه ٿو اچي ۽ نه وري سنڌي پدن جي شروعات ۾ ٻه وينجن اچي سگهن ٿا سواءِ هن حالت  جي ته پهرئين وينجن کان پوءِ [ي] وينجن يا [ر] يا [ڙ] اچي؛ جهڙو /مُڙو/ ، /ڪاڻياري/ ۽ / پريتم/ ۾. /ڪاڻياري/ ۾ ٽي پد آهن: هڪ /ڪا/ ٻيو /ڻيا/ ۽ ٽيون /ري/. اتي ٻئي نمبر پد جي منڍ ۾ [ڻ] کان پوءِ [ي] آواز اچي ٿو. /پريتم/ ۾ ٻه پد آهن: هڪ /پري/  ۽ ٻيو /تم/ . اتي پهرئين پد جي منڍ ۾ [پ] کان پوءِ [ر] آواز اچي ٿو. انهن ٽنهي حالتن کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن به صورت ۾ سنڌي پد جي منڍ ۾ ٻه وينجن اچي نٿا  سگهن. اهڙيءَ طرح سان /ڌرتي/ جا ٻه پد / ڌَر^/ ۽ /تِي/ آهن؛ ۽ نه /ڌ/ ۽ /رتي/ . ساڳي طرح سان هيٺين لفظن ۾ ٻه پد آهن:

لفظ                            پد

/چمڪو /             =      / چم + ڪو /

/ مڪتب/            =      / مڪ + تب /

/ مطلب /             =      / مط + لب /

/ هَڪل/              =      / ههَ + ڪل /

/ ڏياري/              =      / ڏيا + ري /

/ پڙهو/                        =      / پ + ڙهو /

/ نِبُ/                 =      / نِ + بُ /

/ سَتَ/                        =      / سَ + تَ /

/ کَٽَ/                =      / ک + ٽ /

/ کَٽو/         =      / ک + ٽو /

/ کَٽَر/         =      / ک + ٽر /

هيٺين لفظن ۾ ٽي پد آهن:-

پالڻهار                 =   / پا + لڻ + هار/

سڏائينس      =   / س + ڏا + ئينس/

هيٺين لفظن ۾ چار پد آهن-:

صداقتَ        =    /ص + دا + ق + ت/

سدائيندو       =    / س + ڏا + ئين + دو/

هيٺين لفظن ۾ پنج پد آهن-:

چوارائيندو      =   / چ + وا + را + ئين + دو/

هيٺين لفظن ۾ ڇهه پد آهن:

چورائيندوسانس =   /چ + وا + را + ئين + دو + سانس/

آوازي زور (Stress) -: اڳيئي چيو ويو آهي ته دنيا جي ڪن ٻولين ۾ لفظن جا پد مختلف ڍنگ سان شروع ٿين ٿا هڪڙا زور سان شروع ٿين ٿا ۽ ٻيا معمولي طرح سان. جن ٻولين ۾ اهو اختلاف معنوي فرق پيدا ڪري ٿو تن ٻولين لاءِ چئبو ته انهن ٻولين ۾ آوازي زور کي صوتيتي (Phonemic) اهميت آهي. مثلاً انگريزي زبان ۾ پَرمِٽ (Permit) لفظ ۾ ٻه پد آهن هڪ /پر/ ۽ ٻيو /مِٽ/. پر ۾ ر جو اچار نه ٿيندو بلڪه آ کي ڊگهو ڪبو آهي. اِها انگريزي زبان جي خصوصيت آهي. جيڪڏهن پهريون پد زور سان شروع ٿيندو ته پوءِ اهو لفظ (پَرمِٽ)، اسم ٿي ڪم ايندو ۽ معنيٰ ٿيندس ”اجازتنامون پر جي ٻيو پد زور سان شروع ٿيو ته پوءِ اهو لفظ فعل ٿي ڪم ايندو ۽ معني ٿيندس ”اجازت ڏي“.

فرينچ زبان ۾ سڀ پد زور سان شروع  ٿين ٿا تنهنڪري زور کي ان صوتيتي اهميت ڪانهي (35). لاطيني زبان ۾ پويون پد زور سان شروع ٿئي ٿو ۽ اُن کي به صوتيتي اهميت ڪانهي. هنگاري زبان ۾ پهريون پد زور سان شروع ٿئي ٿو ۽ ان کي به صوتيتي اهميت ڪانهي.اِهو انهن ٻولين جو فطرتي مزاج آهي. ان مان رڳو لفظن جو پتو پوندو آهي (36).

عام طرح سان زور جا به قسم ڄاڻا ويا آهن: هڪ ڏاڍو زور (Strong stress) ۽ ٻيو هلڪو زور (Weak stress) مگر ڪن ٻولين ۾ ٽيون قسم، وچولو (Intermediate) به معلوم ڪيو ويو آهي. سنڌي زبان ۾ هلڪو زور موجود آهي جو ڪڏهن پهرئين پد تي، ڪڏهن ٻئين تي ۽ ڪڏهن ٽئين پد تي ڪڏه چوٿين تي، ڪڏهن پنجين  تي ۽ ڪڏهن ڇهين پد تي اچي ٿو. /کاتو/ ۾ پهرئين پد / کا/ تي، /نظارو/ ۾ ٻئي پد /ظا/ تي، /چيومانس/ ۾ ٽئين پد /مانس/ تي، / چوندوسانس/ ۾ چوٿين پد /سانس/ تي، /چوائيندو هو/ ۾ پنجين پد /هو/ تي، /چوارائيندوسانس/ ۾ ڇهين پد /سانس/ تي زور آهي، مگر کيس صوتيتي اهميت ڪانهي. ٻين زبانن وانگر سنڌيءَ ۾ جنهن لفظ تي خاص زور (emphasis) ڏبو آهي، تنهن جي پهرئين پد تي ڏاڍو زور ڏبو آهي. مثلاً ”اسان سڀاڻي ڪراچيءَ وينداسون“، ۾ جيڪڏهن /اسان/ لفظ تي زور ڏبو ته پهرئين پد / آ / تي ڏاڍو زور ايندو ۽ جملي جي معنيٰ ٿيندي ته ”اسان کان سواءِ ٻيو ڪو به سڀاڻي ڪراچيءَ جي وڃڻ وارو ڪونهي“. پر جي /سڀاڻي/ تي زور ڏبو ته ان جي پهرئين پد /سُ/ تي ڏاڍو زور ايندو ۽ جملي جي معنيٰ ٿيندي ته ”اسان اڄ نه مگر سڀاڻي ڪراچيءَ وينداسون“. پر جي / ڪراچيءَ/ تي زور ڏبو ته پوءِ سندس پد /ڪَ/ تي ڏاڍو زور ايندو ۽ جملي جي معنيٰ ٿيندي ته ”اسان سڀاڻي ٻئي پاسي نه مگر ڪراچيءَ وينداسون“ . پر جي / وينداسون/ تي زور ڏبو ته ان جي پهرئين پد / وين/ تي ڏاڍو زور ايندو ۽ جملي جي معنيٰ ٿيندي ته ”اسان کي سڀاڻي ڪراچيءَ وڃڻ جو پڪو ارادو آهي.“ هن طريقي سان ڏاڍي زور جو استعمال سڀني ٻولين ۾ عام آهي.

زور جو استعمال لفظن ۽ پدن جي ميلاپي هنڌ (juncture) کي به ظاهر ڪري ٿو. مثلاً ”چَو، رَس ڪڍي ڪو نه ڄاڻان“ ۾ /چَو/ کان پوءِ /رَ/ تي زور اچي ٿو مگر ”چَورَسُ ڪڍي ڪو نه ڄاڻان“ ۾ /چَورس/ هڪ لفظ معلوم ٿئي ٿو ڇو ته /چَو/ تي زور اچي ٿو.

لساني ڍنگ (Tone) ۽ ڍار (Intonation) -: دنيا جي ڪن ٻولين ۾ لفظ ۽ پد  ساڳئي ڍنگ سان نٿا اُچارجن. ڪي آواز بلنديءَ سان شروع ٿين ٿا ۽ لاهي تي ختم ٿين ٿا؛ لسانيات ۾ ان لاءِ نشان آهي /...../. ڪي آواز هيٺاهين کان شروع ٿين ٿا ۽ بلندي تي ختم ٿين ٿا؛ ان لاءِ فني نشان آهي /....../ . ڪي آواز شروع کان آخر تائين بلندي قائم ڪن ٿا، ان لاءِ نشان آهي /....../ . ڪي آواز شروع کان آخر تائين معمولي سطح قائم ڪن ٿا ۽ ان لاءِ نشان آهي /     / چيني زبان ۾ هڪ ئي لفظ مختلف ڍنگن سان اچاريو ته ان جي معنيٰ ڦري ويندي، تنهنڪري چيني زبان ۾ آوازي ڍنگ (Tone) کي صوتيتي اهميت آهي. مثلاً /ما/ کي اواز جي بلندي سان شروع کان آخر تائين اچاربو ته معنيٰ ٿيندي ’ماءُ‘؛ پر جي آواز جي هيٺاهين سان شروع ڪري بلندي تي ان کي ختم ڪبو ته معنيٰ ٿيندس ’ڄاردر ٻوٽو‘؛ پر جي اواز جي هيٺاهين سان شروع کان بلندي سان شروع ڪري هيٺاهين تي ان کي ختم ڪبو ته معنيٰ ٿيدس ’ڇڙٻ‘ (37). سنڌي ۽ ٻين ڪيترين زبانن ۾ آواز جي مختلف سطحن (Pitches) کي صوتيتي اهميت ڪانهي مگر جن ۾ آهي تن کي لهجوي زبانون (Tone-languages)_ سڏبو آهي. چيني زبان کان سواءِ ٿاءِ ۽ ويٽنامي وغيره زبانون لهجوي آهن.

لفظن ۽ پدن کان سواءِ مختلف جملن کي به جدا جدا ڍنگ سان ادا ڪبو آهي جنهن کي ڍار (intonation) سڏبو آهي. عام طرح سان جملن جا ٽي قسم آهن: بياني، سوالي ۽ تعجبي. اِهي ٽيئي الڳ الڳ ڍنگ سان ادا ڪبا آهن. اگرچ انهن جا لفظ ساڳيا هوندا آهن. مثلاً

1)     تون  وڃين ٿو.

2)    تون وڃين ٿو؟

3)    تون وڃين ٿو!

هي ٽيئي مختلف جملا آهن اگرچ سندن لفظ ساڳيا آهن. انهن ٽنهي جملن جي پڇاڙي مختلف ڍار سان ختم ٿئي ٿي. پهرئين جملي جي پڇاڙي هموار ڍار سان ٿئي ٿي ٻئي جي اڀرندڙ ڍار سان ٿئي ٿي ۽ ٽئين جي لهندڙ سان ٿئي ٿي، اهڙيءَ طرح سان شرطي جملي جي پڇاڙي به اڀرندڙ ڍار سان ٿئي ٿي. مثلاً

”جيڪڏهن تون ويندين، ته ٽوٽو پائيندين.“

هن جملي ۾ ”ويندين“ وٽ اواز جي ڍار اڀري ٿي ۽ خود  ”جيڪڏهن“ به آواز جي مٿاهين سطح سان شروع ٿئي ٿو. ڍار جي بدلجڻ سان ڇاڪاڻ ته مطلب ڦري وڃي ٿو، تنهنڪري انهيءَ کي صوتيتي اهميت آهي. انهيءَ لحاظ کان لسانيات جي عالمن دم /./ ، اڌ دم /؛/ ، ٿورو دم /، / سوال جي  نشاني /؟/ ۽ عجب جي نشاني /!/ کي صوتيي جو درجو ڏنو آهي(38).

ڍار جا عموماً چر نمونا آهن: هڪ  چڙهندڙ (Rising) ، ٻيو ڪِرندڙ (Falling) ، ٽيون چڙهندڙ/ ڪرندڙ ۽ چوٿون ڪِرندڙ_ چڙهندڙ. ڍار جا اهي نمونا جملي ۾ مختلف هنڌن تي واضغ ٿين ٿا ۽ معنيٰ ۾ فرق پيدا ڪن ٿا. انهن مان هر هڪ جي سطح جا ٻٽي قسم ٿين ٿا. مثلاً چڙهندڙ ڍار جي شروعاتي سطح، مٿاهين به ٿي سگهي ٿي، معمولي به ٿي سگهي ٿي ۽ هيٺاهين به ٿي سگهي ٿي.

آوازن جو ميلاپي هنڌ (Juncture) -: مٿي ٻڌايو ويو آهي ته جملا مختلف ڍار سان ختم ٿين ٿا. جنهن هنڌ تي هڪ جملو ختم ٿئي ٿو ۽ وري ٻيو جملو شروع ٿئي ٿو تنهن هنڌ کيپڄاڻي وارو ميلاپيءَ هنڌ (Terminal juncture) سڏبو آهي (39). آوازن جو ميلاپي هنڌ لفظن ۽ پدن جي وچ ۾ به ٿيدو آهي. مثلاً ”چورس“ هڪ لفظ آهي مگر ”چَو، رس“ ۾ ٻه لفظ آهن ۽ انهيءَ ٻنهي جي وچ ۾ ميلاپي هنڌ آهي جو ’ٿوري دم‘ مان ظاهر آهي، هن قسم جي ميلاپيت کي واڌو (Plus) سڏيو ويو آهي (40). لسانيات جي ماهرن انهن ميلاپي هنڌ (Juncture) جي به صوتيتي اهميت معلوم ڪئي آهي ڇو  ته اها جملن ۾ معنوي ڦير پيدا ڪري  وجهي ٿي. اهڙي ثابتي هيٺئين نقل مان ملي ٿي. ڳالهه ٿا ڪن ته ڪنهن زماني ۾ هڪڙو شخص ٻانڀڻ وٽ ويو ۽ چيائينس ته منهنجي گهر اميدواري آهي؛ ٻڌاءِ ته ڇا ڄمندو؟ ٻانڀڻ پني تي لکي ڏنس ته ”ڌي نه پٽ.“ اُهو شخص اهي لفظ پڙهي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ سمجهياڻين ته ”ڌيءَ نه، پٽ“ خدا جي قدرت، جو انهيءَ شخص کي ڌيءَ ڄائي، سو وڃي ٻانڀڻ کي چيائين ته ”تنهنجي ڳالهه ڪوڙي نڪتي، جو مون کي پٽ بدران ڌيءَ ڄائي آهي“. ٻانڀڻ چيس ته ”مون وارو لکيل پنو اٿئي؟“ چيائين ته ”هائو“ ۽ هڪدم ڪڍي ڏڌيکاريائينس. تنهن تي ٻانڀڻ چيس ته ”ڏس، مون لکيو آهي ته ڌيءَ، نه پٽ. سو منهنجي ڳالهه سچي نڪتي.“ هن ڳالهه مان ثابت ٿو ٿئي ته گفتگو ۽ ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آواز جي ميلاپي هنڌ کي صوتيتي اهميت آهي.

ادغام يا سَنڌي (Assimilation) -: گفتگو يا ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۾ آوازي وڏا ايڪا ڪم اچن ٿا جن کي ’جملا‘ چيو وڃي ٿو. انهن جملن ۾ ڪڏهن ڪڏهن هڪ لفظ جو پويون آواز، ٻئي لفظ جي پهرئين آواز ۾ سمائجي ويندو آهي يا هڪ ئي لفظ جي اندر هڪ آواز، ٻئي ڀر واري آواز جي اثر سببان ادغام يا سَنڌي (Sandhi) ۽ ٻيو خارجي (External) . داخلي ادغام (سَنڌي)، لفظ جي اندر واقع ٿيندو آهي؛ مثلاً عربيءَ ۾ ’اَل^ + الاه‘  ميلاپ کائي ’الله‘ (اَلاهه) ٿيو آهي. اهڙيءَ طرح سان سنسڪرت جو لفظ ’سَمڌي‘ ڦري ’سَمڌي‘ ٿيو آهي ڇو ته [ڌ] جو مخرج مٿين ڏندنجو اندريون پاسو آهي، جنهن جي اثر سببان [م] ، جنهن جو مخرج  ٻه چپ آهن، ڦري [ن] ٿيو آهي، جنهن جو مخرج وري مهارون (Gums)  يا مٿين ڏندن جو اندريون پاسو آهي. انگريزي زبان ۾ /Impossible/ اصل ۾ /In+possible/ آهي، جنهن مان [p] جي اثر سببان [n] بدلجي [m] ٿي ويئي آهي. سنڌي زبان ۾ /انب/ جو اچار [امب] آهي، جنهن ۾ [ب] جي اثر سببان، [ن] ڦري [م] ٿي پوي ٿو. /گنگا/ جو اُچار [گڱُگا] آهي، جنهن ۾ [گ] جي اثر سبب [ن] ڦري [ڱ] ٿي پوي ٿو. /سڀاڻي/ لفظ به اصل ۾ /صبح + آڻي/ آهي، جنهن ۾ [ب + ح] ملي، [ڀ] ٿي  پيئي آهي، جنهن سان وري [ آ ] ملي [ڀا] ٿيو آهي. سڀڪو جو عام اچار [سبڪو] آهي؛ [ڪ] اوسرڳ آواز آهي، جنهن جي اثر سببان وسرڳ [ڀ] ڦري، اوسرڳ [ب] ٿي پيئي آهي. سنگتڙو اچارڻ ۾ [سنڱتڙو] آهي. /س/ تي گهُڻي زبر آهي، جنهن جي اثر سببان [گ] ڦري [ڱ] ٿيو پوي. هي سڀ مثال داخلي ادغام جا آهن. خارجي ادغام جملي اندر ٻن لفظن جي وچ ۾ واقع  ٿيندو آهي. عربن ادغامن جا ٽي قسم ڄاڻايا آهن:

1) مِثلَين، 2) مُتَجانِسَين 3) مُتَقاربَين

1) جڏهن جملي ۾ هڪ لفظ جو آخرين آواز اهڙو هجي جهڙو پويان ايندڙ لفظ جو پهريون آواز، تڏهن اهو پوئين ۾ مُدغم ٿي ويندو يعني سمائجي ويندو. اهڙي ادغام کي ’مثِلَين‘ سڏبو آهي. مثلاً:

(الف) ڀت تي چڙهه.

(ب) چيڪ ڪٿي آهي.

(ٻ) شيخ خوشيءَ مان ايندو.

مٿيان جملا عام گفتگو ۾ هيٺين ريت چئبا آهن:

(الف) ’ڀِتّي‘ چڙهه.

(ب) ’چيڪّٿي‘ آهي.

(ٻ) ’شيخُوشي‘ مان ايندو.

هن ادغام موجب / ست+ تار/ لفظ ڦري، /سَتار/ ٿيو آهي ۽ /ديد+ دار/ ڦري، /ديدار/ ٿيو آهي.

2) جڏهن جملي ۾ هڪ لفظ جو آخرين آواز ۽ انجي پويان ايندڙ لفظ جو پهريون آواز، ساڳئي جنس يا قسم جا هوندا آهن تڏهن پهريون آواز ٻئي ۾ جذب ٿي گم ٿي ويندو آهي.اهڙي ادغام کي متجانسين سڏبو آهي. مثلاً:

(الف) ديڳ گهلي وٺ.

(ب) لٺ ٽڪر ٿي پيٿي.

(ٻ) انب ڀلي کاءُ.

عام ڳالهائڻ موجب پهرئين جملي مان /ڳ/، ٻئي مان /ٺ/ ۽ ٽئين مان /ب/ گم ٿي ويندي آهي.

3) جڏهن جملي ۾ هڪ لفظ جو آخرين آواز ۽ انجي پويان ايندڙ لفظ جو پهريون آواز قريبي مخرج جا هوندا آهن، تڏهن پهريون آواز ٻئي ۾ سمائجي گم ٿي ويندو آهي. اهڙي ادغام کي ’متُقاربين‘ سڏبو آهي. مثلاً:

(الف) رئيس شمس الدين خان آيو آهي.

(ب) هُنَ دف ڦاڙي وڌو.

مٿين جملن مان [س]،[ش] ۾ ۽ [ف]،[ڦ] ۾ سمائجي وڃي ٿي. ادغام جڏهن ٻوليءَ جي تاريخ ۾ واقع ٿيندو آهي تڏهن ان کي تاريخي ادغام سڏبو آهي. مثلاً، سامي صاحب جي سلوڪن ۾ هڪ سٽ آهي ته:

مَنيائون محبوب جي سامي سڀ رَجا.

اهو ’مَنيايون‘ هِن وقت مڃيائون آهي ۽ [ي] جي اثر سبب [ن] ڦري [ڃ] ٿي پيو آهي /ڄاٽي/ لفظ، اصل ۾ /ڏَياٽي/ هو ۽ [ي] جي اثر سبب [ڏ] ڦري [ڄ] ٿي پيئي؛ پوءِ /ي/ گم ٿي ويئي اِهي مثال تاريخي ادغام جا آهن.

صوتياتي سرشتو: آوازن ۽ صوتين جي جاچ پڙتال ڪندي ڏٺو ويو آهي ته اُهي پدن ۽ لفظن ۾ هڪٻئي جي پٺيان سڌي ليڪوار اچن ٿا، مگر ٻيون صوتيتي خصوصيتون جهڙوڪ زور، ڍنگ، ڍار ۽ ميلاپ، صوتين جي اڳيان يا پويان واقع نٿيون ٿين، مگر ساڻن گڏ پدن لفظن يا جملن تائين نمودار ٿين ٿيون، تنهنڪري انهن کي غير منتقسيم يعني ٽڪرا _ نه _ ٿيندڙ (Suprasegmental) سڏيو ويو آهي ۽ سُرن توڙي وينجنن کي  منتقسيم (Segmental) سڏيو ويو آهي. غير منتقسيم خصوصيتن کي عَروضي خصوصيتون (Prosodic Features) به سڏيو ويو آهي (40). منتقسيم صوتين لاءِ اڳيئي ٻڌايو ويو آهي ته اُهي معنوي فرق سببان هڪ ٻئي کان ڌار ڌار آهن. انهيءَ معنوي فرق کي نمايان خصوصيت (Distinctive Feature) سڏبو آهي. انهن نمايان خصوصيتن کي ٻيو نالو صوتياتي جز (Phonological Components) ڏنو ويو آهي (41).

سُر صوتين جون عموماً نمايان خصوصيتون  ٻه آهن: هڪ ڄڀ جي بلندي ۽ ٻي زبان جي اڳياڙي _ پڇاڙي. انهن ٻن خصوصيتن کان سواءِ ٻيون به ٿي سگهن ٿيون؛ جهڙوڪ چپن جي گولائپ، گهُڻائپ (nasality) ۽ ڊگهائپ. وينجن صوتين جون لازمي خصوصيتون ٽي آهن: هڪ مخرج، ٻيو تَلَّفُظي طريقو يعني اچارڻ جو نمونو ۽ ٽيون صوت (Voice) ان مان معلوم ٿو ٿئي ته ٻولين جي سُرَ سرشتي (Vowel system) ۾ عموماً ٻطرفو اختلاف (Two  dimentional contrast) هوندو آهي ۽ وينجن _ سرشتي (Consonant system) ۾ ٽِطرفو (Three dimentional)

جن ٻولين جي سُرن ۾ ٻطرفو صوتيتي اختلاف هوندو آهي تن جي سُر_ سرشتي جو خاڪو، يا ٽڪنڊو ٿي پوندو آهي يا مستطيل. ڪِري (Cree) ٻولي جي سر_ سرشتي جو خاڪو هيٺين ريت آهي(42).

هن خاڪي ڏسڻ مان معلوم ٿيندو ته /اِي/ جو اختلاف /اُو/ سان اڳ _ پوءِ وارو آهي ۽ / آ / سان ٻنهي جو اختلاف هيٺ_ مٿي وارو آهي. اهو ٻطرفو جيڪڏهن هيٺ به ٻن سُرن جي وچ ۾ ٿي پوي ته پوءِ خاڪو مستطيل ٿي پوندو.اتر ۽ ڏکڻ آمريڪا جي ڪن اصلوڪين ٻولين ۾ سُر _سرشتي جو خاڪو هيٺين ريت آهي (43).

جيڪڏهن ڪن ٻولين ۾ انهيءَ ٻطرفي اختلاف سان زبان جي بلندي ٽن سطحن واري آهي ته پوءِ سندن سر _شتي جا خاڪا هيٺين طرح ٿيندا:

(الف) خاڪو روسي، اسپيني ۽ جاپاني ٻولينجو آهي ۽ (ب)  خاڪو يوڪريني ۽ پارسي ٻولين جو آهي (44):

ڪن ٻولين ۾وري زبان جي بلندي چئن سطحن واري هوندي آهي، تنهن ڪري سندن سُر _سرشتي جو خاڪو هيٺين مان ڪو به هڪ هوندو آهي.

 

(ٻ) خاڪو اٽلي ٻوليءَ جو آهي ۽ (پ) خاڪو پولش ٻوليءَ جو آهي (45):

ڪن ٻولين ۾ صوتياتي اختلاف ٽِطرفو (Three dimentional) هوندو آهي يعني زبان جي اڳي _ پوءِ ۽ هيٺ _ مٿي سان گڏ، چپنجي گولائي _ ٽيڙ به هوندي آهي. عام طرح سان اڳين سرن جي ادائگي وقت چپ پکڙيل يا ٽڙيل هوندا آهن ۽ پوين سُرن جي ادائگي وقت چپ گول هوندا آهن. پر جي ڪن اڳين سُرن جي ادائگي وقت چپ گول ٿيندا ۽ ڪن پوين جي ادائگي وقت چپ پکڙيل هوندا ۽ ساڳئي وقت معنوي اختلاف پيدا ڪندا ته پوءِ اهو ٽيون طرف اختلاف جو سڏبو. ان حالت ۾ سُر _ سرشتي جي خاڪي اندر هڪ کان وڌيڪ ٽڪنڊا ٺهندا. مثلاً جرمن زبان ۾ ٽڙيل چپن واري /اِي/ سان گڏ، گول چپن واري / اِي/، ۽ ٽڙيل چپن واري /اي/ سان گڏ، گول چپن واري /اي/ به موجود آهي. تنهنڪري سندس سُر _ سرشتي جو خاڪو هيٺين ريت آهي. (46):

رومانيه زبان ۾ وري ڪي پويان سُر ٽيڙيل چپن وارا آهن، سندس سُر _ سرشتي جو خاڪو هيٺين ريت آهي (47):

ڪن ٻولين جي ٽطرفي اختلاف ۾ چپن جي گولائي _ ٽيڙ بدران آواز جي ڊگهائپ هوندي آهي. ان جو خاڪو هيٺين ريت ٿيندو (48):

انهيءَ خاڪي کي مختصر هينئن ڪيو ويو آهي.

/ : / مان مراد ڊگهائپ آهي.

ڪن ٻُلين ۾ اختلاف جو ٽيون طرف، آواز جي ڊگهائپ بدران گهُڻائپ جو هوندو آهي، جيئن فرينچ ۽ سنڌي زبان ۾ آهي. ان حالت ۾ / : / جي بجاءِ / َ/ جي نشاني ڏبي آهي.

اسان کي معلوم آهي ته سنڌي زبان ۾ ڏهه سر آهن. مگر سر _ صوتيا اَٺ آهن؛ [اي] ۽ [اَي] جي  وچ ۾ صوتيتي اختلاف ڪونهي. ساڳي طرح سان [ او ]۽ [ اَو ] جي وچ ۾ به اهڙو اختلاف ڪونهي. ازانسواءِ سنڌي سُرن ۾ گهڻائپ  کي صوتيتي اهميت آهي، تنهن ڪري سنڌي زبان ۾ سُر _ سرشتي جو خاڪو هيٺين ريت آهي:

نوٽ: هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته /اِ/ ۽ /اِي/ ٻئي اڳيان سوڙها سر آهن؛ / اُ / ۽ / اُو/ ٻئي پويان سوڙها سر آهن، تنهنڪري / اِ / ۽ / اُ/ کي خاڪي ۾ داخل نه ڪبو آهي.

سُر ڏ سرشتي سان گڏ ٻولين ۾ وينجن سرشتو به آهي، جنهن ۾ گهڻو ڪري ٽِطرفو اختلاف هوندي آهي، جيئن اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي: هڪ مخرج وارو ۽ ٻيو ادائگي وارو. مگر سنڌي زبان جي وينجن _ سرشتي ۾ اهو اختلاف، جزوي طرح سان پنجطرفو (Five dimentionai) آهي.اختلاف جا ٻه وڌيڪ طرف هي آهن: وسر ڳائي وارو ۽ داخلي ڌماڪي وارو. اهي ٻئي پهلو ڌماڪيدار صوتين ۾ نمايان آهن ۽ وسر ڳائي وارو پهلو ڪن نڪ وارن ۽ پٽڙن صوتين ۾ نمايان آهي، جيئن هيٺيئين خاڪي ۾ نظر اچي ٿو.

سنڌي زبان ۾ وينجن _ سرشتي جو خاڪو

 صوتين جي محدود واردات: - صوتين جو لفظن ۾ وارد ٿيڻ ٽن هنڌن واقع ٿي سگهي ٿو: هڪ منڍ ۾،ٻيو وچ ۾ اندر ۽ ٽيون آخر ۾. سنڌي  ٻوليءَ جا سڀ صوتيا ٽنهي هنڌن تي ظاهر نٿا ٿين.

 

صوتيو         منڍ ۾                 وچ ۾          آخر ۾

/ پ /         پَٽ             سِپَ            __

/ ت /         تَپ             سَتَ            __

/ ٽ /         ٽڪو           پٽو             __    

/ چ /         چٽ            مَچُ             __

/ ڪ /        ڪَپ           رُڪُ            __

/ ب /         بَلا             رَبُ             __

/ د /          دل             ادو             __

/ ڊ /          ڊبل            بُنڊَ             __

/ ج /         جَت            هاجَ            __

/ گ /         گڏهه           ننگُ           __

/ ڦ /         ڦيٿو            ٻڦَ            __

/ ٿ /         ٿَڪُ.           هَٿُ            __

/ ٺ /         ٺِڪر           ڏاٺ            __

/ ڇ /         ڇڪو          مُڇَ             __

/ ک /         کٽ            مَکِ           __

/ ڀ /         ڀلو             اُڀو             __

/ ڌ /          ڌَڪُ            ڏُڌُ              __

/ ڍ /          ڍڳو            ڳنڍو           __

/ جهه /               جهڪو         اُجهو           __

/ گهه /                گهڻو           اَگهو           __

/ ٻ /         ٻَڌو             رَٻَ             __

/ ڏ /          ڏنڊو            گڏو            __

/ ڄ /         ڄڀ            اَڄُ              __

/ ڳ /         ڳائو            ڍڳو            __

/ م /         مک           سِمَ            __

/ ن /          نڪ            مَنُ             __

/ ڻ /          __             وَڻُ              __

/ ڃ /         __             مُڃَ             __

/ گ /         __             سَڱُ           __

/ مهه /                __             سمهي         __

/ نهه /                __             سنهي         __

/ ٽهه /                __             ماڻهو          __

/ ف /         فن             وفا             صَدَف

/ س /         سڏ             آسا            سرس

/ ش /         شفا            تماشو          بخش

/ خ /         خدا             سيخ           چرخ

/ هه /         هادي           اُهو             ناگاهه

/ و /          وڏو             دوا             __

/ ز /          زور             سزا             فرض

/ ي /         يڪو           پيو             __

/ غ /         غصو           دغا             فارغ

/ ر /          رضا            کارو            گذر

/ ڙ /          __             ماڙي           __

/ ڙهه /                __             پڙهه            __

/ ل /          لاک            گلا             داخل

/ لهه /                __             مُلههُ           __

مٿين مثالن مان معلوم ٿيندو ته سڀ ڌماڪيدار صوتيا /پ/ کان وٺي /ڳ/ تائين لفظن جي آخر ۾ واقع نٿا ٿين ڇو ته اُهي آخر ۾ بندشي (Stops) ٿي ٿا پون تنهنڪري اُچاري نه سگهبا. مگر اِهي صوتيا لفظن اندر پدن جي آخر ۾ اچي سگهندا. مثلاً

ٽپڪو          =      / ٽَپ^ +  ڪو

جتڪو         =      / جَت^ +  ڪو

دٻلي           =      / دَٻ^         +  لي

آبدار           =      / اَب^  +   دار/

انهن کان اڳ ڏنل مثالن مان ائين به معلوم ٿيندو ته نڪ وارن صوتين (Nasals) مان فقط / م/ ۽ / ن / ، لفظن جي منڍ، وچ ۽ آخر ۾ واقع ٿين ٿا ۽ باقي ٻيا فقط وچ ۾ اچنٿا. گهسڪيدار صوتين مان فقط / و / ۽ /ي / جا صوتيا لفظن جي آخر ۾ نٿا اچن ڇو ته اُهي نيم _ سُر صوتين جو به ڪم ڏيندا آهن. پٽڙن صوتين (Liquids) مان /ر/ ۽ /ل/ ٽنهي هنڌن تي واقع ٿين ٿا ۽ باقي ٻيا وچ ۾ اچن ٿا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org