سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :15

شري تيرت وسنت پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي ۽ لپي ۾ لکيو آهي ته سنڌ_ پنجاب جا آريه اصل ايراني شاخ جا هئا. سڪندر جي حملي کان اڳ سنڌ ايراني سلطنت جو حصو هئي. راجپوتن مان پهريائين پرمار ۽ پوءِ سما سنڌ ۾ آيا. ان وقت سنڌ جون حدون ڪشمير، سرحدي علائقي، پنجاب، موجوده سنڌ، ۽ ملتان طرف هلمند نديءَ تائين هيون. ايامن کان سنڌين جي اصل نسل، ٻولي ۽ سڀيتا تي هندي خواه ايراني خواه سامي قومن جو گهرو ۽ جٽادار اٿر پيو آهي. پهلوي پارسيءَ جي ماءُ آهي ته سنڌي ۽ بلوچي ان جون ڀينر آهن. ساڳئي وقت ايراني ۽ هندي ٻولين جي وچ ۾ سنڌي هڪ نهايت اهم ڪڙي آهي (28).

ان کان پوءِ پروفيسر پوپٽي هيراننداڻيءَ ”ڀاشا نشاستر“ نالي هڪ ڪتاب 1960ع ۾ لکيو جنهن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت ٻين جا رايا ڏيئي لکي ٿي ته ”هاڻي اچو ته ٿڌي دماغ سان حقيقت جي ڇنڊڇاڻ ڪريون (ص_ 237). سنڌي سنسڪرت مان نڪتل ناهي پر سنڌي ۽ سنسڪرت ٻنهي جو بنياد ساڳيو آهي. ٻنهي جو سرچشمو سنڌو ماٿر جي اصلي آريائي ٻولي آهي (ص _ 225).

آخر ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بنياد بابت لکيو آهي (سماهي مهراڻ 1967ع) ۽ هن نتيجي تي پهتو آهي ته سنڌي ٻولي سنسڪرت جي شاخ ناهي پر سنڌي، سنسڪرت ۽ لهندا ٽنهي جو اصلي بنياد قديم پراڪرت جي هڪ لهجي اڌيچه جو  هڪ محاورو وراچنڊ اپڀرنش آهي (ص _92). اها ڳالهه عقل کان بعيد آهي ڇو ته سنسڪرت عيسوي سنه کان اٽڪل 400 يا 500 ورهيه اڳ عام ڳالهائڻ کان بند ٿي ويئي ۽ وراچنڊ اپڀرنش ڪم از ڪم عيسوي اٺين صديءَ تائين چالو هئي. اهو نظريو به غلط ثابت ڪيو اٿم (رسالو ’ڌرتي‘ نومبر 1970) ان بعد وري هيءَ  راءِ قائم ڪئي اٿس ته سنڌي ٻولي دراوڙي ٻولين سان هڪجهڙائي رکي ٿي (28A) بهرحال اڄ سڀ هن ڳالهه تي متفق آهن ته سنڌي سنسڪرت مان نه نڪتي آهي. خود وراچنڊ اپڀرنش کي موجوده سنڌيءَ جي ماءُ سڏڻ به شڪ گاڏئون ٿي پيو آهي، جيئن شري جيرامداس دولترام ثابت ڪري ڏيکاريو آهي. تنهنڪري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ صحيح اچي بيٺي آهي ته سنڌي نه وراچنڊ اپڀرنش جي ڄائي آهي ۽ نه وري سنسڪرت جي بُڻ مان آهي.

سنڌي زبان جي بڻ بنياد معلوم ڪرڻلاءِ اڄ تائين ڪنهن به لسانياتي اصولن موجب ڪوشش ڪوانه ڪئي آهي. رڳو ڊاڪٽر ٽرمپ انهن لسانياتي اصولن موجب ڪوشش ڪئي جي هن وقت  ترميم ٿي چُڪا آهن. ڇو سنڌي زبان سنسڪرت مان نه ڄائي آهي سو جديد لسانياتي اصولن موجب نه ڄاڻايو ويو آهي. جيڪڏهن سنڌي زبان سنسڪرت مان نڪتي آهي ته پوءِ ٻنهي ٻولين جي بنيادي روزمرهه وارن لفظن کي جاچي ڏسڻو پوندو ته اُهو ذخيرو ساڳيو آهي؟ جي نه ته پوءِ اُهي ڪهڙا لفظ آهن جي سنسڪرت ۾ آهن مگر سنڌي ۾ نه آهن ۽ انهن جي بجاءِ سنڌيءَ ۾ جيڪي آهن سي پوءِ پارسي عربي زبانن مان ته نه آيا آهن؟ پر جي اُهي اصلوڪا ۽ آڳاٽا آهن ته پوءِ سمجهبو ته سنڌي زبان سنسڪرت مان نه نڪتي آهي بلڪه ڪنهن آڳاٽي زبان مان نڪتي آهي. اسان کي معلوم آهي ته نج آڳاٽن سنڌي لفظن جو ذخيره هزارن ۾ آهي جن جو سنسڪرت سان واسطو ڪونهي. انهن جو وجود ثابت ڪري ٿو ته سنسڪرت کان به ڪا آڳاٽي زبان هئي، جنهن جا هيترا سارا لفظ اڄ به اسان وٽ موجود آهن. ان کان پوءِ اسان کي ڏسڻو پوندو ته ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ جيڪي عام لفظ آهن تن جي وچ ۾ باقاعدي منظم مطابقت اهي يا نه؟ ان بعد اسان کي ٻنهي ٻولين جي وچ ۾ نوعيتي ڀيٽ ڪرڻي پوندي ۽ ڏسڻو پوندو ته ٻنهي ٻولين جا صوتياتي، صرفياتي ۽ نحوياتي نظام ڪيتري قدر هڪٻئي کي ويجهو آهن.

سنڌي ۽ سنسڪرت جي وچ ۾ هيٺيان صوتياتي، صرفياتي ۽ نحوياتي اختلاف آهن:

(الف) سنسڪرت ۾ [ل] ۽ [ر] جا آواز نيم سُر آهن مگر اُهي سنڌيءَ ۾ وينجن آهن.

(ب) سنسڪرت ۾ /ش/  جا به آواز آهن مگر سنڌيءَ ۾ هڪ آهي.

(ٻ) سنڌيءَ ۾ [مهه، نهه، ڻهه،لهه ۽ ڙهه] وسرڳ آواز آهن، جيڪي سنسڪرت ۾ ڪينهن. ازانسواءِ [ٻ، ڏ، ڄ، ڳ] آواز به سنسڪرت ۾ ناهن. اِهي آواز عربي ۽ فارسي مان به نه آيا آهن مگر آڳاٽا آهن.

(پ) سنسڪرت ۾ گُهڻا سُر [م] سان ٿين ٿا ۽وسرڳ سُر به آهن. سنڌيءَ ۾ وسرڳ سُر ڪونه آهن ۽ گُهڻا سُر [ن] سان ٿين ٿا.

(ڀ) سنسڪرت جي ڪن لفظن جي آخر ۾ وينجن ٿئي ٿو جهڙوڪ وَڻِڪ (واڻيو)، واڪ (گفتو)، تَپَش (رياضت). سنڌيءَ جي نج سنڌي لفظن جي آخر ۾ ڪونڪو سُر ضرور ٿئي ٿو.

(ت) سنسڪرت جي لفظن جي منڍ ۾ ٻهَ وينجن عام جام آهن، مگر سنڌيءَ ۾ اِهو امڪان بلڪل گهٽ آهي جو پونين 50 سالن کان اڳ به نه هو. سنسڪرت جا اهڙا لفظ جڏهن سنڌيءَ ۾ آيا تڏهن پهرئين وينجن کان پوءِ ان تي زبر جو آواز اچي ويو جيئن ته ڪُرشن مان ڪِرشن. سنسڪرت جي لفظن جهڙوڪ ڌ^ما (Blow)، سٿا (بيهڻ)، سُتري وغيره وانگر ٻن وينجنن جو منڍ ۾ اچڻ سنڌيءَ ۾ ٿي نٿو سگهي.

(پ) سنسڪرت ۾ 3 جنسون آهن: مونث، مذڪر ۽ بيجنس مگر سنڌيءَ ۾ ٻهَ آهن: مونث ۽ مذڪر.

(ٿ) سنسڪرت ۾ [ اَ ]۽ [ اِ ]پڇاڙي وارا اسم مذڪر عدد واحد ۾  ٿيندا آهن جهڙوڪ / اَسوَ/، /ڪَوِ/ وغيره مگر سنڌيءَ ۾ انهن پڇاڙين وارا اسم، مذڪر نه مگر مونث ٿيندا آهن، جهڙڪ کَٽَ، باههِ.

(ف) سنڌيءَ ۾ ڪن ظرفن جو عدد ۽ جنس موجب ڦيرو ٿيندو آهي، جيئن ته /تڪڙو ويندس، تڪڙا وينداسون، تڪڙي ويندي/ وغيره. سنسڪرت ۾ ڪنهن به ظرف جو ڦيرو ائين نه ٿيندو آهي.

(ڦ) سنسڪرت ۾ حالت جري واريون نشانيون گهڻو ڪري فعلن ۽ ظرفن ۾ سمايل هونديون آهن. سنڌيءَ ۾ ائين ناهي.

(گ) سنسڪرت ۾ اسم مصدر جي صورت جو هڪ  نمونو ڪونهي مثلا /نَم^/ (عزت ڪرڻ)، / اِش^/ (خواهش ڪرڻ) وغيره. انهن جا پويان آواز وينجن يعني حرف صحيح وارا آهن. ان جي ابتڙ سنڌي ۾ اسم مصدر جي صورت هڪ نموني آهي، جيئن ته لکڻ، پڙهڻ، ترڻ، تارڻ وغيره. اِها صورت فارسي، جرمني ۽ پراڻي انگريزي جي  مصدري اسمن سان ميل کائي ٿي:

گفتن آمدن؛ Gehen, Walken

(ڳ) سنسڪرت ۾ عربي وانگر ٽي عدد آهن ۽ منجهن شد (تشديد) کي صوتيتي اهميت آهي. سنڌيءَ ۾ عدد ٻه آهن ۽ شد کي صوتيتي اهميت ڪانهي.

(ک) سنسڪرت ۾ اسمن وغيره جون اَٺ حالتون ٿينديون آهن مگر سنڌيءَ ۾ پنج آهن.

(ڱ) سنڌيءَ ۾ بي فاعل فعل ٿيندو آهي، جيئن ته /اُس ۾ بيهبو ته گرمي لڳندي/.اهڙي قسم جو فعل سنسڪرت ۾ ڪونهي.

(د) سنڌيءَ ۾عربي فارسي وانگر فعلن ۾ فاعل ۽ مفعول واريون ضميري نشانيون اچي سگهن ٿيون جيئن ته هاريومانس، ڪشتمش قتلتہ؛ مگر سنسڪرت ۾ ائين ڪونهي ۽ نه وري ٻين ڀارتي ٻولين ۾ آهي.

اِهي مٿيان اختلاف اهڙا آهن، جي يقين ڏيارين ٿا ته سنڌي سنسڪرت مان نه نڪتي آهي.

هڪ ٻي ڳالهه جا خاص توجهه جي لائق آهي، سا هيءَ آهي ته اثر پذير ٻولي جڏهن اثرانداز بوليءَ جا لفظ پنهنجي اندر جذب ڪنديآهي تڏهن انهن کي پنهنجي سٽا ۽ سرشتي موجب تبديل ڪندي آهي. اسان سڀني کي معلوم آهي ته عربي، پارسي ۽ انگريزي زبانون سنڌيءَ تي اثرانداز ٿيون آهن ۽ انهن جا گهڻا لفظ سنڌيءَ ۾ جذب ٿي ويا آهن. جنهن نموني ۾ اُهي لفظ سنڌيءَ ۾ سمائجي ويا آهن بلڪل اُئين سنسڪرت جا لفظ به سنڌيءَ ۾ سمائجي ويا آهن. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته جيئن سنڌي، عربي پارسي ۽ انگريزي مان نڪتل ناهي  تيئن  سنسڪرت مان به نڪتل ناهي. جن به ڌرين لفظن جي آخر ۾ /ن/ آهي تن جي /ن/ کي سنڌي زبان اول /ڻ/ ۾ تبديل ڪيو آهي ۽ پوءِ /ن/ کي به قبول ڪيو آهي مثلاً انگريزي جا لفظ: اِنجن_ انجڻ، بٽن _ بٽڻ، لنڊن _ لنڊڻ؛ فارسي جا لفظ: دربان _ درواڻ، صابن _ صابڻ، جوان _ جُئاڻ؛ سنسڪرت جا لفظ: ساجن _ سڄڻ، گُن_ گڻ يا ڳڻ، دان _ ڏاڻ، برهمن_ ٻانڀڻ، ونگن _ واڱڻ، بُن _ بڻ. ائين سنڌي زبان /ب/ کي /ٻ/ ۾ تبديل ڪيو آهي؛ مثلاً انگريزي لفظ: بوتل _ ٻاٽلي، فارسي جا لفظ: بچه _ ٻچو، بانگ _ ٻانگ، بند_ ٻنڌ، سنسڪرت جا لفظ: برهمن_ ٻانڀڻ، بال_ ٻار، بيج_ ٻج، بيجڪ_ ٻيجڪ، جن لفظن جي منڍ ۾ ٻٽا وينجن آيا آهن تن جي پهرئين وينجن اڳيان سنڌيءَ / اِ / وڌي آهي يا اُن تي زير جو آواز آندو آهي، جيئن ته انگريزي لفظ: سڪول_ سِڪول يا اِسڪول، سٽيشن _ سِٽيشن يا اَسٽيشن؛ سنسڪرت جا لفظ: سُتري _ استري، سنان _ سَنان يا اِشنان. جڏهن به ڌارئي لفظ جي آخر ۾ ڊگهي / اَ/ جو آواز آيو آهي تڏهن سنڌيءَ ان کي /او/ ۾ تبديل ڪيو آهي. مثلاً فارسي جا لفظ: پياده _ پيادو، بنده _ بندو، آئينه _ آئينو؛ عربي جا لفظ: مطرقه _ مترڪو، مدرسه _ مدرسو، خطره_ خطرو، قطره _ قطرو يا ڳترو؛ انگريزي لفظ: رڪشه _ رڪشو يا رڪشا؛ سنسڪرت جا لفظ: مهارڳ مهانگو، ديو آليه _ ڏيورو، اويله _ اويلو يا اويرو، کاڌيه _ کاڌو وغيره.

جن به سنسڪرت لفظن جي منڍ ۾ /د/ يا /ڌ/ جو آواز آهي، ان کي سنڌي زبان /ڏ/ ۾ تبديل ڪيو آهي مثلاً دامن_ ڏاوڻ، دربل _ ڏٻرو، دن _ ڏڻ، دوش _ ڏوهه وغيره جن به سنسڪرت لفظن جي منڍ ۾ /ج/ جو آواز آهي، ان کي سنڌيءَ زبان [ڄ] ۾ تبديل ڪيو آهي؛ مثلا جال_ ڄار،  جاماتر_ ڄاٽو، جنيه _ ڄڃ، جَنن_ ڄڻڻ، جوالا_ ڄيرو، جمب _ ڄمو وغيره جن به سنسڪرت لفظن جي منڍ ۾ /گ/ جو آواز آهي، ان کي سنڌي زبان [ڳ] ۾ تبديل ڪيو آهي؛ مثلاً گئو_ ڳئون، ڳرڀ _ ڳڀ، گُن _ ڳڻ، گيت _ ڳيچ، گُرنٽ _ ڳنڍ وغيره. خود فارسيءَ جي لفظ گور کي سنڌيءَ ۾ تبديل ڪري ور ڪيو.  ائين ڪيئن مثال ملن ٿا. مٿين مثالن مان ثابت ٿو ٿئي ته جنهن زبان مان سنڌي  ٻولي نڪتي آهي، تنهن سنسڪرت جي لفظن کي پنهنجي مزاج موجب تبديل ڪيو آهي ۽ سنڌيءَ به اَئين عربي، فارسي ۽ انگريزي لفظن کي ڦيريو آهي.

حوالا

(1)  R- H- Robins: General Linguistics- p 299

(2) Ibid-

(3) Scott, Carr Wilkinson: Language and Its Growth: Scott, Foresman & Company; Chicago: 1935: p. 16

(4) Ibid, p. 31

(5)  (167) Ibid p. 31

(6) (169 ص) Robert A. Hill: Introductory LinguisticsL p 67

(7) Bertil Malmberg. Phonetics: P. 40

(8) Winfred P.Lehmann: Historical Lihguistics, Holf Rinehart and Winston. New Yark, July 1963, P. 72

(9) Ibid.

(10)         Ibid, p. 74

(11)L. Bloomfield: Language London, P. 296

(12)                      Bharatiya Vidya, vol,XVII, nos. 3-4 p. 58

(13)                      W. P. Lehmann: Historical Linguistics, p. 17

(14)         Ibid-

(15)           بلوم فيلڊ جو ڪتاب ص _ 217

(16)          بلوم فيلڊ جو ڪتاب ص _ 207

(17)          بلوم فيلڊ جو ڪتاب ص _ 297

(18)          بلوم فيلڊ جو ڪتاب ص _ 297

(19)          رابنس جو ڪتاب: ص_ 296

(20)         رابنس جو ڪتاب: ص_ 312

(21)          رابنس جو ڪتاب: ص_ 309

(22)         رابنس جو ڪتاب: ص_ 310

(23)                    John T. waterman: Perspectives in Linguistics: Phoenix Books, Chicago, 1963, P. 23

(24)        Dr. E TrumpL Grammar of Sindhi Languake, Leipzig, 1872, P. 1

(25)         Ibid, p III

(26)                    The Linguistie Survey of India, wol. I, P. 136

(27)         ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ؛ 1962ع؛ ص _ 3، 4، 18 ۽ 19

(28)         The Ancertry of Sindhi Bheraty A Vidya of Valm. 17

[A28] سنڌي ٻوليءَ جو بڻ بنياد، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد سنڌ.

باب اٺون

 

ٻولين جي لکڻ جو طريقو

جڏهن ٻه ماڻهون پاڻ ۾ گفتگو ڪندا آهن تڏهن اُهي آوازن جي تنظيم کي اهڙيءَ طرح ته استعمال ڪندا آهن جو هڪٻئي کي سمجهي سگهندا آهن. پر جي اُهي هڪ ٻئي کان ايترو دور هجن جو هڪ ٻئي جو آواز ٻڌي نه سگهن ۽ پاڻ ۾ گفتگو ڪرڻ گهرن ته پوءِ ضرور کين اهڙو طريقو اختيار ڪرڻو پوندو، جنهن جي استعمال سان هو هڪ ٻئي سان خيالي گفتگو ڪري سگهن. اسڪائوٽ وارا اهڙي گفتگو جهنڊين جي ذريعي ڪري سگهندا آهن. پر جيڪڏهن هو هڪ ٻئي کان بلڪل پري هجن جو نه هڪ ٻئي کي ٻڌي سگهن ۽ نه هڪ ٻئي کي ڏسي ۽ هڪ ٻئي کي حال احوال ڏيڻ گهرن ته پوءِ هنن لاءِ لازمي ٿيندو ته هڪ ٻئي کي خط لکن. چئبو ته تحرير، ٻوليءَ جي نمائندگي ڪري ٿي. اها تحرير ئي آهي، يڪا ڪنهن به ٻوليءَ جي ماضيءَ کي محفوظ ڪري ۽ ان جي تاريخ جا مرحلا ڏيکاري ٿي. جيڪي ٻوليون لکت ۾ نه آيون تن جي ماضيءَ کي معلوم  ڪرڻ ائين آهي، جيئن تصوير يا فوٽي بنان ڪنهن ماڻهوءَ جي ننڍپڻ واري شڪل شباهت کي معلوم ڪرڻ.

ٻولين کي قلمبند ڪرڻ جو هنر ڪيئن وجود ۾ آيو تنهن بابت  ماهرن ۽ عالمن کوجنا ڪئي آهي ۽ هاڻي ان بابت قطعي راءِ قائم ٿي چُڪي آهي ۽ ڌڪيبازيءَ کان ڪم نه ورتو ويو آهي.

اسان کي معلوم آهي ته قومن جون ثقافتي سرگرميون هميشہ ارتقائي اصولن موجب منزلون طي ڪنديون رهيون آهن. تحريرن جو طور طريقو به ائين منزلون طي ڪندو آيو آهي ۽ ان جو سڻٻنڌ به ثقافت سان آهي.

مثال مشهور آهي ته ”ضرورت ايجاد جي اَمان (ماءُ) آهي.“ انهيءَ اصول موجب انساني سوسائٽي به تڏهن تحرير جي طريقي کي ايجاد ڪيو، جڏهن کيس ان جي ضرورت محسوس ٿي. انسان مذهبي تعليم کي يا تاريخي واقعن کي منظوم بڻائي ياد ڪري سگهيو ٿي مگر هن لاءِ اهو آسان نه هو ته ڏيتي ليتي جي معاملن کي بر زبان ياد ڪري. آخر انسان پنهنجن ڪيل واعدن، فيصلن ۽ خرچن پکن کي ڪيئن محفوظ ڪن جو اڳتي هلي مونجهارو پيدا نه ٿئي ۽ ڪاروبار کي صحيح طريقي سن قابو ڪن؟ لکڻ جو  فن ان ضرورت جي پورائي لاءِ وجود ۾ آيو.

تحرير شناسي جي فن جا ماهر هن راءِ تي متفق آهن ته پهرين قوم جيڪا سچ پچ پهريائين لکڻ جي فن ۾ ڪامياب ٿي سا هئي ”سميري قوم،. (1) سندن تحرير جو ارتقائي طور طريقو ڏاڪي به ڏاڪي معلوم ٿيو آهي ۽ ٻئي ڪنهن به قوم جي تحريري فن جون منزلون ائين معلوم ٿي نه سگهيون آهن (1).

جڏهن انساني سماجي گروهه، گهرن جي حدن کان وڏي، قبيلن جي دائرن تائين ڪشادا ٿيا  تڏهن به گهر جي پرئي مڙس وانگر قبيلي جو پريو مڙس قبيلي جي ساري ملڪيت جو مالڪ هوندو هو ۽ قبيلي جا سمورا شخص ان ۾ هڪ جهڙا حقدار هوندا هئا. پريو مڙس مرڪزيت جو ڪم ڪندو هو ۽ سمورن جا معاملا درست ڪندو هو. پر جڏهن مختلف قبيلن جو پاڻ ۾ تعلق پيدا ٿيو يا گڏجي زندگي بسر ڪرڻ شروع ڪيائون  تڏهن ملڪيت جي نشاندهي جو معاملو پيدا ٿيو. اُن قبائلي زندگيءَ ۾ هر قبيلي پنهنجا پنهنجا نشان مقرر ڪيا جن جي ذريعي هو پنهنجي ملڪيت جو اظهار ڪندا هئا، چوپائي مال جي رانن تي خاص نشان جا ڏنڀ ڏيندا هئا. (اهو رواج اڄ به موجود آهي).

ياد رهي ته اوائل ۾ انساني قبائلي ٽولا پيٽ پالڻ لاءِ هميشہ لڏائي هوندا هئا؛ هڪ وقت هڪ هنڌ ته ٻئي وقت ٻئي هنڌ. پر پوءِ دريائن جي ڪنارن تي ديرو دمائي هڪ هنڌ رهڻ جي زندگي گذارڻ لڳا ڇو ته اهڙن ئي هنڌن تي ويهي پوکي راهي به ڪرڻ لڳا، مال ڌارڻ چارڻ لڳا ۽ وڻج واپار هلائڻ لڳا. ائين شهري زندگي دريائن جي ڪنارن وٽ وجود ۾ آئي ۽ اوائلي تهذيبون اتان اڀريون.

شهري زندگي ۾ شين کي مٽڪن ۾ بند ڪري ان جي ڍڪڻ تي، يا ڪنهن ڪپڙي ۾ ٻڌي ان جي ڳنڍ تي چيڪي مٽي هڻي، ان تي مهر هڻي ڇڏبي هئي (2). مقصد اهو هو ته هي ملڪيت فلاڻن جي آهي. ان مهر جو معنيٰ سان ڪو به تعلق ڪونه هوندو هو. اهو مهر جو نشان ڪنهن وڻ يا جانور يا ٻي ڪنهن ٻي شئي جو هوندو هو.

جڏهن سميري قوم جي شهري رياست قائم ٿي تڏهن ان جو خدا يا ديوتا ان جو مالڪ هو. ان جي عبادتگاه جو نالو هو سوريه (سج) ديوتا جو گهر (3). ديوتا جي ملڪيت جيڪا عبادتگاهه ۾ رکي ويندي هئي، ان جي حساب ڪتاب رکڻ جي سخت ضرورت هئي، تنهن ڪري پروهتن (Priests) ڪي طريقا ايجاد ڪيا، اوائل ۾ جانورن ۽ شين جو شڪليون ڪڍي ان جي عدد لاءِ ان جي اڳيان ٽٻڪا يا گول نشان ڪڍي ڇڏيائون (4). ائين لکندا ويا ڳايون  هيتريون، اٺ هيترا، ٻڪريون هيتريون، رڍون هيتريون، ان جا سنگ هيترا وغيره اهو سارو حساب ڪتاب ڳوهيل چيڪي مٽيءَ جي تاڪن تي ڇاپي انهن کي پچائي پڪو ڪري رکيائون. اهڙيون پڪيون تختيون عراق جي کنڊرن جي کوٽائي مان لڌيون آهن (4). ائين عبادتگاهه جي ملڪيت جو حساب حساب رکيو ويندو هو. اها منزل به اڃان ٻوليءَ جي لکيت واري منزل نه آهي مگر ان طرف ويجهو قديم آهي.

اهڙي طريقي کي ايجاد ڪرڻ ۽ ڪم ۾ آڻڻ لاءِ انسان کي ڪا به تڪليف درپيش نه آئي ڇو ته ان ۾ گهڻي سوچ ۽ ويچار جي ضرورت ڪا نه هئي. اهو طريقو ٻين هنڌن، ٿوري ٿوري ڦير ڦار سان وجود ۾ آيو مگر بعد ۾ بنا ترقي ڪرڻ جي ختم ٿي ويو. ان جي اوليت جو شرف صرف سميرين کي آهي، ۽ انهن ئي ان کي ترقي وٺائي، ٻوليءَ جي نمائندگي واري منزل تي آندو (5). ٻين پوءِ انهن وٽان اها واٽ ورتي ته ڪيئن صورتن مان صورتخطي پيدا ڪري سگهجي ٿي جا ٻوليءَ جي نمائندگي ڪري. ٻين قومن سميرين کان خيال (Idea) هٿ ڪيو ۽ پوءِ پنهنجو دستور (System) پيدا ڪيو.

سميرين جو اهو ابتدائي حساب ڪتاب محض رڪارڊ آهي ۽ نه تحرير (6) . اهي آڳاٽيون تصويري مهرون رڳو شين جون علامتون يا نشان آهن مگر منجهائن ٻولي ظاهر نٿي ٿئي، تنهن ڪري انهن کي تحرير چئي نٿو سگهجي. هيتري حقيقت ضروري آهي ته اهي تصويرون تحرير جو بنياد مهيا ڪن ٿيون (7) ۽ انهن مان ئي تحرير جي فن جنم ورتو (7). تحرير جي فن جي ابتدا تڏهن ٿي جڏهن انهن تصويرن کي لساني عنصر (Linguistic Elemcnt) عطا ٿيو ۽ کين آوازي ملهه (Phonetic Value) مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org