چيني طرز جون تحريرون وري مٿي کان هيٺ لکيون وڃن
ٿيون جن ۾ پني وغيره کي مٿي سورڻو پوي ٿو.
مغرب يا هند جون تحريرون کاٻي ساڄي ڇو ٿيون لکيون
وڃن، تنهن جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي، البت
ايترو معلوم ٿيو آهي ته هومر جي زماني ۾ يوناني
تحرير جي پهرين سٽ کاٻي کان ساڄي لکي ويندي هئي، ۽
ٻي سٽ ساڄي کان کاٻي لکبي هئي، ٽين سٽ وري کاٻي
کان ساڄي ۽ چوٿين سٽ وري ساڄي کاٻي لکبي هئي؛ ائين
ٻيون سٽون لکبيون هيون. ان کي ”هر جي اوڙ“
(Boustrophedon)
وارو نمونو سڏبو هو (35). هر ڪاهڻ جون اوڙون ائين
ٿينديون آهن. ان مان زراعتي دور جو گهرو پتو پوي
ٿو.
اڄڪلهه جيڪي به تحريرون موجود آهن تن مان ٽن کان
سواءِ ٻين سڀني جا نمونا صوتي نظام موجب ناقص آهن؛
لاطيني، سنسڪرت ۽ عربي زبانن جون تحريرون سندن
صوتي نظام موجب آهن ۽ بلڪل درست آهن. باقي ٻيون
سڀ غير درست آهن. انگريزي زبان جي تحرير بري طرح
ناقص آهي ۽ سڀ کي معلوم آهي.
But
بَٽ ته
Put
پُٽ؛
C
جو آواز انگريزيءَ ۾ ڪٿي [ڪ] آهي ته ڪٿي [س] ؛
يورپ جي ڪيترن ئي ٻولين ۾ ان جو آواز [چ] آهي،
اسان جي سنڌي ۾ /ث/، /س/ ۽ /ص/ اکرن جو آواز ساڳيو
آهي، مگر عربيءَ ۾ الڳ الڳ آهي. ائين ٻيا اکر به
آهن. بنگلا زبان ۾ به ائين آهي. مثلاً [ش] آواز
لاءِ ٽي اکر_ تالبو شو، مرڌنو شو ۽ دنتو شو _ آهن.
اهڙو حال دنيا جي سڀني زبانن جي تحريرن جو آهي.
هاڻي سوال هيءُ ٿو اُٿي ته ائين ڇو ٿيو آهي ۽ ڇا
انهن کي سڌاري سگهجي ٿو يا نه؟ جواب هيءُ آهي ته
جن ٻولين لاطيني اکرن کي تحرير لاءِ پنهنجو ڪيو تن
۾ صوتي آوازن جو تعداد ۽ نظام ٻيو آهي. لاطيني اکر
اها اوڻائي پوري ڪو نه ٿا ڪن. ازانسواءِ ڪيترائي
لاطيني لفظ اڌاري طور انهن ٻولين ۾ داخل ٿي ويا جن
جي اصلوڪي صورت کي برقرار رکيو ويو، حالانڪه انهن
جو اچار مادري زبانن ۾ مختلف هو. مثلاً انگريزي
لفظ
(Knight)
(نائيٽ) رومن زبان مان ورتل آهي، جنهن ۾ ان جو
اچار
(Knight)
ڪنائيٽ هو (36) ازانسواءِ ٻولي ثقافت جي اثر هيٺ
مختلف دورن ۾ پئي تبديل ٿئي مگر ان جي تحرير جو
طور طريقو گهڻو ڪري ساڳيو رهي ٿو ڇو ته ان ۾ لکيل
ڪتابن جو وجود قائم رهي ٿو جنهن کي ڪا به قوم
تبديل ڪرڻ لاءِ تيار نٿي ٿئي. ائين ڪرڻ سان پراڻو
علم ادب ضايع ٿي ويندو ۽ نئي صورتخطي کي عوام ۾
مقبول بنائڻ ۾ ورهه درڪار آهن ۽ پوءِ به پڪ ناهي
ته اُها ڪامياب ٿئي يا نه ٿئي. برنارڊشا انگريزي
جي مشهور اديب ۽ فلسفي انگريزي لکيت کي سڌارڻ لاءِ
ڪئين لک پائدنڊ وقف طور ڇڏيا آهن ته حڪومت اهو ڪم
سرانجام ڏئي؛ مگر انگريزي قوم چاهت هوندي به اڄ
تائين ائين ڪري نه سگهي آهي، ڇو ته هوءَ مشڪلاتن
تي قابو پائڻ کان پاڻ کي قاصد سمجهي ٿي. خود
برنارڊشا جا ڪتاب موجوده انگريزي لکيت ۾ ڇپيا ۽
پيا ڇپجن. امريڪا وارا به ان ۾ هڪ سيڪڙو به تبديلي
ڪري ڪو نه سگهيا آهن. رڳو محض درجن کن لفظن ۾
تبديلي آندي اٿن؛ باقي اصل مسئلو اڄ به پنهنجي
جاءِ تي موجود آهي، جپان جي نوجوانن تحريڪ هلائي
ته سندن تحرير کي سڌاريو وڃي مگر بري طرح ناڪام ٿي
(37).
سنڌي زبان جي موجوده عربي صورتخطي ڪلهوڙن جي دور
کان موجود آهي ۽ ان ۾ ڪيترائي سو ڪتاب اڄ به قلمي
صورت ۾ موجود آهن. ان عربي صورتخطي ۾ سڌ جي مختلف
ماڳن ۾ ٿوري ٿوري ڦير گهير هئي. انگريزن انهن سڀني
صورتن کي سامهون رکي هڪ معياري صورتخطي هتان جي
عالمن هٿان مقرر ڪئي ۽ ان کي ساري سنڌ جي اسڪولن ۽
مڪتبن ۾ جاري ڪيو. تجربي مان معلوم ٿيو ته ان ۾
معمولي خاميون هيون، جي بعد ۾ سرڪاري اعلان سان
دور ڪيون ويون. اُها صورتختي اڄ تائين قائم آهي.
سنڌ جي ڪن ماڻهن 1932_1933ع ڌاري مطالبو ڪيو ته ان
صورتخطي کي سڌاريو وڃي؛ ث، س ۽ ص لاءِ؛ ت ۽ ط
لاءِ؛ ن، ز، ظ ۽ ض لاءِ؛ ح ۽ هه لاءِ هڪ اکر هئڻ
گهرجي. حڪومت ان مطالبي کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئي.
پوءِ هڪ اخبار سنسار سماچار ان تبديل سان ڇپجڻ
شروع ٿي مگر هڪ هفتو به هلي نه سگهي ۽ وري ساڳي
صورتخطي سان جاري ٿي ۽ مطالبو پنهنجي موت سان مري
ويو.
صورتخطين جو واسطو ثقافت جي تاريخ سان نهايت گهرو
آهي. ان ڪري ان ۾ تبديلي صرف حڪومت عوام جي جهجهي
اڪثريت جي تائيد سان آڻي سگهي ٿي، بشرطيڪ ان
تبديليءَ سان ثقافت تي ڪارو ڪڪر نه ڇانئجي وڃي ۽
مفيد ثابت ٿئي. سنڌي هندن مان ڪيترن ڀارت ۾ وڃڻ
کان پوءِ به عربي سنڌي صورتخطي کي ڇڏي نه ڏنو ۽ ان
کي مفيد سمجهي برقرار رکيو آهي. ان صورتخطيءَ کي
نه ڇڏڻ لاءِ جيڪي دليل پيش ڪيا ويا آهن سي شريمتي
پوپٽي هيراننداڻي پنهنجي ڪتاب ڀاش شاستر ۾ ڏنا
آهن. انهن مان ڪي دليل پيش ڪجن ٿا (38)-:
(الف) سنڌيءَ جي لپي بدلائڻ سان سنڌي ساهت جو
خاتمو اچي ويندو، هڪ ته نئون ساهت نڪرڻ بند ٿي
ويندو، ٻيو ته اسان جي پراڻي ساهت جو خزانو اسان
کان کسجي ويندو.
(ب) دنيا جي ايڪڙ ٻيڪڙ لپيءَ کان سواءِ باقي سڀ
لپيون سمهيل نموني ۾
(Horizontally)
لکيون وڃن ٿيون. هٿ لکڻ وقت سمهيل نموني ۾ سڌو
هلندو وڃي ٿو؛ تنهنڪري جيڪا لپي، گهٽ اُڀي ۽ وڌيڪ
سمهيل نموني هوندي سا وڌيڪ سهوليت سان ۽ تڪڙي لکي
سگهبي. ديوناگري لپي ۾ سڀ اکر اُڀا
(Vertical)
آهن، ان ڪري قلم هر گهڙيءَ هيٺ مٿي ٿو ڪرڻو پوي.
پر سنڌي لپيءَ جا اکر اُڀا نه آهن، انڪري قلم کي
هلڻ ۾ گهٽ تڪليف ٿئي ٿي.
(ٻ) ديوناگري لپي اپنائڻ ڪري سنڌيءَ جي هجئبن ۾
صحيح ۽ غلط سڃاڻڻ جي تڪليف ٿيندي. مثلاً
مهل محل
ڪلو قلعو
ڪمر قمر
سدا صدا
هل حل
آر عار
(پ) ٽيليگرافي ۾، انڌن کي سيکارڻ ۾ ۽ ٻين نازڪ
حالتن ۾ اها لپي وڌيڪ ڪارگر ليکي وڃي ٿي جنهن جو
بنياد ٽٻڪي ۽ ليڪ
(Dot and Dash)
تي ٻڌل آهي. اسان جي سنڌي لپي ان لحاظ کان تمام
ڪارگر آهي.
(ڀ) لپي اُها سٺي جنهن ۾ هر لفظ صاف ۽ سولو هجي.
ان حساب سان ديوناگري اڻ چٽي ۽ ڏکي آهي، ڇاڪاڻ ته
انلپيءَ ۾ لفظ ۽ اکر هڪ ٻئي جي پيٽ، ڳچيءَ يا مٿي
تي انگڻ ونگڻ وجهيو پيا آهن. ان حساب سان سنڌي
ٻوليءَ جا لفظ صاف سولا ۽ چٽا آهن.
(ت) ديوناگريءَ ۾ گڏيل آئيويٽا ڪانهي. ان ڪري هر
هڪ حرف ۽ اکر الڳ لکڻو ٿو پوي. پر عربي سنڌيءَ
کي گڏيل آئيويٽا آهي، جنهن ڪري لڳاتار قلم هڪ حرف
کان ٻئي، ٻئي کان ٽئين تائين هلندو ٿو هلي، جنهن
ڪري وقت جي بچت هڪ پاسي ته سهوليت ٻئي پاسي ٿئي
ٿي.
(ٺ) سنڌي لپيءَ ۾ جڏهين اَچار ٿا ڪريون ”پ“، تڏهن
اول ان حرف جو اچار ٿا ڪريون ۽ پوءِ سندس لاڪنا
يعني زبر ٿا ڏيون. اهو وگيانڪ طريقو آهي. پر
ديوناگريءَ موجب اول زبر ڏينداسون ۽ پوءِ ”پ“
لکنداسين. سنڌيءَ ۾ آواز ۽ لکڻ جو سٻنڌ وگيانڪ
يعني علمي طريقي جو آهي.
(ٽ) ديوناگريءَ ۾ نڙي، چپن، تارون، ڏندن مان
نڪرندڙ آواز ترتيب سان بيهاريل آهن. ائين چوڻ ٺيڪ
ناهي ته ائين اچارڻ سکڻ ۾ سهوليت ٿئي ٿي. سنڌيءَ
جا اکر انهن کان بهتر طريقي موجب بيهاريل آهن ۽
نظر طريقي
(Sight Method)
موجب آهن. مثلاً
ب، ب، پ، ڀ، ت، ٺ، ٽ، ث، ٿ _ د، ذ، ڌ، ڏ، ڊ، ڍ_ ح
، جھ، ڄ، ڃ، ڇ، خ وغيره.
ان ڪري ٻارن کي لکاوٽ سکڻ ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي.
(ث) سنڌيءَ جو سارو ساهيته يعني ادبيات (لٽريچر)
جيڪو سترهين صديءَ کان وٺي شروع ٿيو آهي هاڻوڪي
لپيءَ ۾ اسان وٽ موجب آهي. اهڙي حالت ۾ لپي ڪيئن
بدلائبي؟
(ٿ) جنهن ٻوليءَ کي لپي نه هوندي آهي يا ان جي
لپي اڻ سڌريل يا نڪمي هوندي آهي، ان ئي ٻوليءَ جي
لپي نئين مقرر ڪبي آهي؛ پر جنهن صورت ۾ اسان وٽ
ڪارائتي ۽ سڌريل لپي آهي، تنهن صورت ۾ بدلائي ڇو
وڃي؟
سنڌيءَ کي پنهنجا نج سنڌي آواز آهن، جي عربي پارسي
۾ به ڪينهن. ناگريءَ ۾ انهن آوازن لاءِ ٽٻڪا ۽
ليڪون ڏيئي پورائو ڪرڻو پوي ٿو. سنڌي عربي لپيءَ ۾
ماترائون آسان ۽ مڪمل آهن. ديوناگريءَ ۾ ڪيتريون
ماترائون عربي لپيءَ تان نقل ڪيون اٿن ۽ اڃان به
اڌاريون پيا وٺن.
اهي آهن ڪي خيال، جيڪي هندستان جا سنڌي هندو هن
وقت ظاهر ڪري چُڪا آهن. ان مان ثابت ٿو ٿئي ته جن
عالمن موجوده سنڌي صورتخطي ۽ ان جي ”الف _ب“ کي
ترتيب ڏني تن پنهنجي تدبر جو ثبوت ڏنو آهي.
آخر ۾ تحرير جي تاريخي ارتقا کي اختصار طور هن طرح
دهرائجي ٿو: تصوير سازيءَ مان تحرير سازي پيدا ٿي
آهي ۽ اُها هيٺين پنجن مرحلن مان گذري آهي (39).
_ اول اول پوريون تصويرون بنايون ويون جن کي پوءِ
سهوليت خاطر خاڪين ۾ تبديل ڪيو ويو. پوءِ اُهي
خاڪا تبديل ٿيندا ايترو ته بدلجي ويا جو سڃاڻپ ۾
نه اچڻ لڳا ته اُهي ڪهڙين شين لاءِ ڪم آندا ويا
هئا.سميرين جي وئين ميخي تحرير اهڙي نموني جي آهي.
اُهي تصويرون ۽ خاڪا لفظن لاءِ ڪم آندا ويا هئا ۽
نه آوازن لاءِ.
2_ ان کان پوءِ خاڪن کي آوازي ملهه
(Phonetic Value)
ڏيڻ ۾ آيا ۽ پدن لاءِ ڪم آندا ويا. مصرين جي پوءِ
جي تحرير انهيءَ قسم جي آهي. ان وقت سُر آوازن
لاءِ ڪو به نشان ڪم نه آندو ويو.
3_ آخر ۾ انهن نشانن کي رڳو وينجن آوازن لاءِ ڪم
آندو ويو ۽ سر اوازن کي انهن سان شامل سمجهيو ويو.
مصرين جي آخري شڪلي تحرير انهيءَ قسم جي آهي. ائين
مصرين جي شڪلي تحرير اول لفظ نما، پوءِ پد نما ۽
آخر ۾ حرف نما ٿي پيئي.
4_ انهيءَ حرف نمايا اکر نماشڪلي تحرير مان مغربي
سامي تهرير نڪتي جا ”الف _ ب“ وار هئي. انهيءَ
تحرير ۾ به سُر آواز لاءِ ڪي به نشان ڪو نه هئا،
تنهن ڪري اُها ڏسڻ ۾ اگرچ ”الف _ ب“ هئي مگر اچار
جي لحاظ کان پد وار هئي. موجوده عربي ”الف _ ب“ به
اچار جي لحاظ کان پد وار آهي ۽ ان کي الف، با، تا،
ثا وغيره ڪري پڙهبو آهي.
تحرير جو فن اگرچ ارتقا جي مٿين پنجن مرحلن مان
گذريو آهي، تڏهن به سندن نمونو ٽن قسمن جو هئو ۽
آهي يعني لفظ نما، پد نما ۽ حرف نما. دنيا ڀر جي
موجوده تحريرن مان ڪي ڪيقدر لفظ نما، ڪي پد نما ۽
ڪي حرف نما آهن. فقط چيني تحرير نج لفظ نما آهي.
لسانيات جي عالمن جو رايو آهي ته مغربي سامي
صورتختيءَ مان سڀ آريائي ۽ جديد سامي صورتختيون
نڪتيون آهن.
Sir Leonard wooley: The Beginnings of
Civilization (wol: I Part Two of History of
Mankind, UNESCO: 1963), George Allen and Unwin
Ltd. London. P 632.
1.
Ibid: “ “
2.
Ibid: 633
3.
Ibid: “ “
4.
Ibid: 634
5.
Ibid: 633
6.
Ibid: “ “
7.
Ibid: 634
8.
Ibid: “ “
9.
Edgar H. Sturtevant: An Introduction to
Linguistic Science:
New Haven: Yale University Press: 1947: P 20
10.
Margaret Schlauch: The Gift of Tongnis:
Dover Publications: New Yark, 1955, P. 37
11.
EDGAR H. STURTEVANT: Linguistic science: P. 21
12.
Margaret Sclvauch: The gift of Tongues: P. 38.
13.
ڀوڀٽي هيراننداڻي: ڀاشا شاستر، چندن پرنٽنگ پريس
بمبئي، سال 1962ع؛ ص _ 153
14.
Sir Leonard Wooley: The Beginnings of
Civilization: P. 635.
15.“
“ “ “ p. 634
16.
“ “ “ “ p.633
17.
“ “ “ “ p.639
18.
“ “ “ “ p. 640
19.
“ “ “ “ p. 642
20.
“ “ “ “ p. 642
21.
“ “ “ “ p. 642
22.
Ibid. P. 643
23.
“ “ “
24.
“ “ “ 645
25.
“ “ “
26.
“ “ “ 647
27.
“ “ “
28.
“ “ “ 653, 54
29.
“ “ “ 655
30.
L. Bloomfield: Language; Grage Allen & Unwin
Ltd.
London: 1962: P. 288
31.
Mario Pei: The Story of Language: A
Mentor Book Publication: New Yark 1960: p. 75
32.
Ibid: p. 76
(پوپٽي جو ڪتاب ڀاشا شاستر ص 167)
33.
Ibid : p. 37
34.
Ibid : p. 76
35.
Ibid : p. 79
36.
Ibid : p. 78
37.
پوپٽيءَ جو ڪتاب ص 286 کان 292 تائين.
38.
E. H.Sturtevant: Introduction to Liginstic
Sciencel p. 21
Langustic Glossary
لسانيات جا مخصوص الفاظ
واڌ
گڏ طبقو
جوڙ
بندشي گهسڪيدار آواز
امتزاجي
عيوضي صرفيو
عيوضي آواز
مشابهت
ڇيد، تجزيو
مٿياڙي
اچار
اُچاريندڙ
وسرڳ
وسرڳائي
ادغام، سنڌي
بنياد، پيڙهه
ڦر
پابند
مک
ڪلاسبندي
تقابلي، ڀيٽوار
ڀيٽ
پورائي وارو
پيچيدو
جزو، ڀاڱو
گڏيل
موافقت
وينجن، مصمت
بناوت، اڏاوت
مسلسل اواز (لاڳيتا)
جوڙجڪ
ڏند وارو
اشتقاقي (ڦُٿ وارو)
مشتق، ڦٽي نڪتل
مقامي ٻولي يا محاورو
طرف، پاسو
ٻسرو گڏيل آواز
ڏڪندڙ، ڌوڪيل
بامرڪز
خارجي ڌماڪيدار
بي مرڪز
شباهت
هڪ ڌڪو
صورت، تمونو، خاڪو
روپوار
سگهارو
گهسڪيدار آواز
اڳياڙي
نسلي
علم نسل
نرگهٽ
لغوي شماريات
انتظاميه، انتظام
اڪيري، ليڪائون
ليڪ سازي
ميلاپي هنڌ
موقعو، ٿاڻو (جاءِ جو)
گڊو، ٻٻوليو
شخصي ٻولي
ترت
داخلي ڌماڪيدار
وچون جوڙ
گردانيل
صرفياتي
گردان
گرداني
ڪتبو
لساني ليڪون
بيلاڳي
ڍار، لاهه، چاڙهه اواز جو
چپن وارو
گول چپ اثر
زبان، ٻولي
پاسائتا آواز
نرم، ڍرو
ڪمزور
لغت سازي، لغت نويسي
لغوي عدد شمار علم
پٽڙا آواز
لساني
علم لسان، لسانيات
مکيه
ڪناري وارو
استتعارو
تقليب، ادل بدل
صرفيو
صرفيو
علم صرف، صرفيات، تشڪيلات
صرفيه صوتيه علم
صرفيه صوتيه علم
صرفيه صوتيه علم
نڪ وارو، نڪائون
گُهڻائپ
گُهڻو، نڪ مان نڪتل
گُهڻائي
غير جانبدار، غيرطرفدار
زائليت
تارون
سخت تارونءَ اثر
قديميات
روپاولي، صيغو
صرفوار
حرف، اکر
علم الفاظ
آواز، صوت
صوتيو، صوتيه
صوتيه وارو
علم صورتيه
آوازي
علم آواز، صوتيات
لفظي ميڙ، لفظي ٽولو
ڌماڪيدار
اڳياڙي، اڳيون جوڙ
عملي طريقو، ڍنگ، ڪارروائي
عُروضي
بنيادي، ابتدائي، شروعاتي
ڌوڪ، ڦوڪ (هوا جي)
قسم
مقدار
زائديت، واڌ، اجائي
ورجائڻ
باقيات
بدلائن
هڪجهڙائي
زبان موڙ، مورڌني
زبان مڙائي
گهڻ ڌوڪو
سنڌي، ادغام
ٽڪر، ڦاڪ
ٽڪرائتو، منتقسيم
علم معاني، معنيات
سادو
نشاني
واڄو (آواز)
چٽائي (آواز جي)
غير متعرڪ، محڪم
معياري
تاري نشانيل
بندشي اواز، گهٽيل آواز
زور، تشديد
سٽا، جوڙجڪ
اسلوبيات
زير دست، پيٽي
هيٺيون طبقو
ڪاٽ
پڇاڙي، پويون جوڙ
مٿيون طبقو
کوٽ ڀرائي
غير ٽڪرائق ٽڪر نه ٿيندڙ
پدائتو
پد
نشان، علامت، اهڃاڻ
علامتي، نشانبر
نحوي، ترڪيبي
نحو_ وار
علم نحو، نحويات، علم ترڪيب
سخت، شوخ، زمان
آخرين، پڄاڻي وارو
نظريو، اصول
چوٽي
ڍنگ (آواز جو)
روايتي
صورتبدل
چرندڙ، متحرڪ
چرپر
نرزيدار آواز
تسرو گڏيل آواز
نوعيتي
علم نوح
ڪاڪڙو
ڪاڪڙِ وارو
بدل، متبادل
نرم تارونءَ اثر
نفظي ذخيرو
آوازي ڦڙڪا
ڀڻ ڀڻ (ماٺو آواز)
ڀڻڀڻو
بيڀڻو
سر آواز، مصوت |
Addition
Adstratum
Affix
Affricates
Agglutinative
Allomorph
Allophone
Analogy
Analysis
Ape
Articulation
Articulator
Aspirated
Aspiration
Assimilation
Base
Blade
Bound
Cardinal
Classification
Comparative
Comparison
Complementry
Complex
Component
Compound
Concord
Consonant
Construction
Continuents
Contruction
Dental
Derivational
Derived
Dialect
Dimention
Diphthong
Ejective
Endocentric
Explosive
Exocentric
Feature
Flapped
Form
Formal
Fortis
Fricatives
Front
Genealogical
Geneology
Glottis
Glottochronology
Government
Graphic
Graphy
Junction
Juncture
Hybrid
Ediolect
Immediate
Implosive
Infix
Inflected
Inflecting
Inflection
Inflectional
Inscription
Isoglosses
Isolating
Intonation
Labial
Labiolisation
Language
Laterals
Lax
Lenis
Lexicography
Lexicostatistics
Liquids
Linguistic
Linguistics
Main
Marginal
Metaphor
Metathesis
Morph
Morpheme
Morphology
Morphonology
Morphophonemics
Morphophonology
Nasal
Nasalization
Nasaliged
Nasality
Nautral
Neutralization
Palate
Patalisation
Paleontology
Paradigm
Paradigmatic
Particle
Philology
Phone
Phoneme
Phonemic
Phonemics
Phonetic
Phonetics
Phrase
Plosive
Prefix
Process
Prosodic
Pro so
Puff
Quality
Quantity
Redundancy
Reduplication
Relics
Replacement
Resemblance
Retroflex
Retroflection
Rolled
Sandhi
Segment
Segmental
Semantics
Simple
Sign
Sonance
Soronity
Static
Standard
Starred
Stop
Stress
Structure
Stylislics
Subordinate
Substratum
Subtraction
Suffix
Superstratum
Supplition
Suprasegmental
Syllabic
Syllable
Symbol
Symbolical
Syntactic
Syntagmatic
Syntax
Tense
Terminal
Theory
Tip
Tone
Traditional
Transformational
Transient
Transition
Trills
Triphthong
Typological
Typology
Uvula
Uvular
Variant
Yelarisation
Vocabulary
Vocalcordds
Voice
Voiced
Voiceless
vowel |
Acknowlegment
I A. H. Jatoi, RtdL Professor of
sindh University, declare, with deep sense of
gratitude, that had, not received instruction
and guidance from my worthy teachers such as
prof. Scot, Mr. Robins, Mr. Mitcheal, Mrs.
Whitley and otheres, of Department of General
Linguistics and Phonctics, S. O. A. S, London
University, During 1963, I would not have been
able to write this book. Most of these teachers
of mine have now become professors I am proud of
being a student of them. |