”علم“ جي عام معنيٰ ”ڄاڻ“ آهي؛ مگر خاص معني
”اُها ترتيب ڏنل معلومات آهي، جا مشاهدن ۽ تجربن
جي بناءَ تي نڪتل نتيجن سار ڳاپل هجي.“ انهيءَ
معنيٰ ۾ علم بدن، علم طبعي، علم ڪيميا، علم نفس،
علم فلڪ، علم ڌرتي، علم بشر وغيره جهڙن مرڪب لفظن
۾ ”علم“ لفظ ڪم ايندو آهي. ”علم“ مان هتي مراد
ڪنهن خاص موضوع بابت منظم ۽ مرتب معلومات آهي،
جنهن جا اسباب
(causes)
۽ نتيجا
(Effects)،
اٽل ۽ غير مبدل، مشاهدي ۽ تجربي ذريعي يقيني طرح
سان ڏسڻ۾ اچن. اهڙيي علم کي سائنس
(Science)
سڏبوآهي.
لسانيات کي اڄڪلهه سائنس ڪري تسليم ڪيو ويو آهي.
(11). انهيءَ جو هڪ مطلب هيءُ آهي ته ٻوليءَ يا
ٻولين بابت جيڪا علمي تحقيقات ٿئي ٿي تنهن کي
باقاعدي ترتيب ۽ تنظيم ڏيئي ان جا اصول ۽ نتيجا
قائم ڪيا وڃن ٿا. انهيءَ جو ٻيو مطلب هيءُ آهي ته
جنهن به ٻوليءَ تي تحقيق ڪئي وڃي، بلڪ ٻولي جيئن
استعمال ٿئي ٿي تيئن ان کي سامهون رکي ڪري، ان جو
ڇيد
(analysis)
ڪيو وڃي ٿو؛ ان جي جدا جدا جزن جو جائزو ورتو وڃي
ٿو؛ انهيءَ جائزي کي مختلف حصن ۾ ورهائي رکيو وڃي
ٿو؛ پوءِ انهن مان اٽل اصول ورتا وڃن ٿا.
اڄڪلهه لسانيات تجرباتي سائنس به بني چُڪي آهي؛ ان
جي تحقيقات ۾ حواسن کانڪم ورتو وڃي ٿو. ٻولي جيئن
بدلجي ٿي تيئن ان جو جائزو ورتو وڃي ٿو. ڳالهائڻ
وقت ڳالهائڻ وارن عضون جي چرپر سڌي سنئين يا
اوزارن جي ذريعي جاچي وڃي ٿي.ڳالهائڻ وقت
ڳالهائيندڙ جي حسي قوت جو به اندازو ڪيو وڃي ٿو.
تحريرون جيئن ڏٺيون وڃن ٿيون ۽ پڙٿيون وڃن ٿيون
تيئن انهن جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ٿي. اهڙا تجرباتي
اوزار ايجاد ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي ٻوليءَ جي
آوازن کي گرافي
(Graphic)
صورت ۾ تبديل ڪري اکين سانڏسي سگهجي ٿو ته انهن جي
نوعيت ڪهڙي اهي.ان جو نتيجو اهو نڪري ٿو ته شڪ جي
ڪا به گنجائش نٿي رهي.
ٻين سائنسن وانگر علم زبان کان به عملي فائدو ورتو
وڃي ٿو. ٻارن کي صحيح اچارن سيکارڻ ۽ ڌارين ٻولين
کي سکڻ ۾ لسانيات وڏي مدد ڪئي آهي. جيڪي ٻوليون هن
مهل تائين تحريري صورت ۾ نه آيون آهن، تن لاءِ
صورتخطي بنائڻ ۾ مدد ڏئيٿي. ٻولين جي صحيح گرامر
مرتب ڪرڻ ۾ به جديد علم زبان نهايت مفيد ثابت ٿيو
آهي. مئل ٻولين جي ڪتبن ۽ لکيتن جي درست پڙهڻي
لاءِ پڻ مددگار ثابت ٿيو آهي. ٻولين جي رشتيداري ۽
اصل نسل معلوم ڪرڻلاءِ جديد لسانيات ضروري ذريعو
آهي. انهن سببن ڪري کيس لنگئَسٽڪس
(Liuguistics)
سڏجي ٿو. پراڻي لسانيات، جنهن کي فلالاجي
(Philology)
چيو ويندو هو، تنهن ۾ فلسفي کي زياده دخل هو. ان
ڪري اها نج سائنس ٿي نه سگهي. سچ پچ ته اُهو
لساني فلسفو هو. هِن وقت فلالاجي جو ڪم فقط هيءُ
وڃي رهيو آهي ته پراڻين ادبياتي تحريرن جي معنوي
جاچ پڙتال ڪري؛ تنهن ڪري سندس لاڳاپو تاريخي
لسانيات سان آهي. ان کانسواءِ هن علمي شاخ جو جديد
مقصد هيءُ آهي ته ڏسي ته لفظ ڪيئن اُڀريا، انهن جو
اشتقاق ڇا آهي، ان جي معنيٰ ۾ تاريخي تبديلي ڪيئن
پيدا ٿي ۽ ساڳين لفظن مختلف ٻولين ۾ مختلف صورتون
۾ معنائون ڪيئن حاصل ڪيون؟ انهيءَ سبب ڪري اها
علمي شاخ، زبان کي علم ادب سان ملائي ٿي. گويا علم
ادب ۽ زبان جي ڪڙي پيدا ڪرڻ جو ڪم جديد فلالاجي جي
حوالي آهي.
ٻين سائنسن وانگر، علم زبان جو تعلق پاڻ کان ٻاهر
ٻين سائنسن سان به آهي ۽ پنهنجي شاخن سان به آهي،
جي خود ننڍيون سائنسون آهن، جهڙوڪ صوتيات، تشڪيلات
وغيره . منجهس ٻين علومن وانگر جمود ڪونهي. انهيءَ
جو مطلب هيءُ آهي ته هيءَ سائنس ترقيءَ جي راهه تي
رمي رهي آهي ۽ سندس تحقيقات وڌندي رهي آهي. منجهس
ترميم جي گنجائش آهي ئي آهي. پونين پنجن سالن
۾لسانيات جي تجزياتي عمل ۾ ڪيتريون ئي ترميمون ٿي
چڪيون آهن ۽ اڃا به ٿين پيون (12).
7) لسانيات جو عملي دائرو ۽ سندس شاخون: _ علم
زبان جو واسطو عام انساني زبان سان آهي؛ پر دنيا ۾
انسان ذات جي عام هڪ زبان ڪانهي جنهن جو علمي
جائزو ورتو وڃي. تنهن ڪري دنيا ڀر جي زبانن جا
جيڪي عام پهلو آهن، تن سان لسانيات جو واسطو آهي.
زبان جي ظهورات جا سمورا رنگ ڍنگ سندس مطالعي جا
موضوع آهن؛ ان ڪري دنيا ڀر جون سڀ ٻوليون ۽ سندن
استعمال، ماضي خواهه حال، سندس دائري اندر داخل
آهن. سڀني جئرين ۽ مئل ٻولين جي علمي تحقيق سندس
بنيادي مقصد آهي. انهيءَ ڪري عام لسانيات جون ٽي
مکيه شاخون آهن.
1_ بياني لسانيات Descriptive
Linguistics
2_ تاريخي لسانيات Historical
Linguistics
3_ تقابلي لسانيات
Comparative Linguistics
بياني لسانيات جون وري پنج مکيه شاخون آهن:
1_ صوتيات
Phonology
2_ علم صرف يا تشڪيلات
Morphology
3_ علم نحو
Syntax
4_ معنويات يا علم معاني
Semantics
5_ لساني جاگرافي
Linguistic Gegraphy
انهن پنجن مکيه شاخن کان سواءِ هيٺيون
ننڍيون شاخون به بياني لسانيات ۾ اچي وڃن ٿيون.
1_ اسلوبيات
Stylistics
2_ علم لغت
Lexicography
3_ لساني قديمات
Linguics Paleontology
صوتيات جون وري ٻه مکيه شاخون آهن:
1_ علم آواز
Phonetics
2_ صوتيه
Phonemics
بياني لسانيات ۾ (ان کي وضاحتي لسانيات يا
توضيحي لسانيات به چئبو آهي) ڪنهن به ٻوليءَ جي
عملي طريقن جو ڪنهن به هڪ دور ۾ جائزو ورتو ويندو
آهي؛ اهو دور چاهي حال جو هجي چاهي ماضيءَ جي دورن
مان ڪو به هڪ هجي، بشرطيڪ ان دور جو لکيل رڪارڊ
موجود هجي. هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته بياني
لسانيات ۾ جڏهن ڪنهن ٻوليءَ جي هڪ خاص دور جو
جائزو ورتو ويندو آهي، تڏهن ان دور جي ماضيءَ،
چاهي مستقبل جو، ڪو به لحاظ نه رکيو ويندو آهي ۽
انهن کي بلڪل نظرانداز ڪري ڦوءِ ان دور ۾ زبان جون
خصوصيتون بيان ڪيونوينديون آهن. سڳئي وقت انهن ٻين
ٻولين کي به نظرانداز ڪيو ويندو آهي، جيڪي ان سان
گڏوگڏ چالو هونديون آهن (13) . ڪنهن به هڪ زبان کي
ٻي زبان سان ڀيٽي پوءِ بيان ڪرڻ بياني لسانيات ۾
جائز ناهي. اهو ڪم تقابلي لسانيات جو آهي. عام
لسانيات ۾ بياني لسانيات کي ٻين ٻن شاخن کان وڌيڪ
اهميت ڏني ويئي آهي، ڇو ته انهن جو دارومدار مٿس
آهي (14) . جنهن زبان جو ڇيد ڪري، ان جي سڀني
پهلوئن جو جائزو وٺي، ان جي ڪارروائيءَ جا اصول
بيان نه ڪيا ويا هن، تنهن جو تاريخي جائزو وٺڻ ڀُل
آهي، ڇو ته ٻوليءَ جي هر دور جو اول بياني ڇيد يا
تجزيو
(Analysis)
ڪرڻو پوندو ۽ پوءِ سڀني دورن جي ڪيل ڇيدن کي پاڻ
۾ ڀيٽي ملائي ڏسبو. ان کان پوءِ ئي ٻوليءَ جي
تاريخ ۽ ارتقا معلوم ڪري سگهبي.
تاريخي لسانيات
ٻولين جي انهن تبديلين جو جائزو وٺي ٿي، جيڪي
زماني گذرڻ بعد ٻولين ۾ ظاهر ٿين ٿيون. انهن
تبديلين جا اسباب ۽ نتيجا معلوم ڪري ٿي، جيڪي
ٻولين ۾ اندران ۽ ٻاهران ظاهر ٿين ٿا؛ تنهنڪري
اها زير بحث ٻوليءَ کي مختلف مسلسل دورن ۾ورهائي،
ٻن ٻن ڀر وارن دورن کي ڀيٽي ڏسي ٿي، ته تبديلين
جون لاڳيتيون ڪڙيون جوڙي سگهجن انهيءَ لحاظ کان
تقابلي لسانيات خود تاريخي لسانيات جو جزو آهي
(15).
سچ پچ تقابلي لسانيات، ٻن يا ٻن کان وڌيڪ ٻولين کي
مختلف لحاظن کان ڀيٽ ڪري انهن جو پاڻ ۾ لاڳاپو
ظاهر ڪندي اهي، ته انهن جو هڪ ٻئي سان خانداني،
تاريخي يا نوعيتي نسبت معلوم ٿئي . تاريخي لسانيات
۾ جيڪا ڀيٽ ڪئي وڃي ٿي سا ٻن مختلف ٻولين ۾ نه،
مگر هڪ ئي ٻوليءَ جي لاڳيتن دورن جي وچ ۾ ڪئي وڃي
ٿي.
تقابلي لسانيات جي ذريعي ٻولين جي وچ ۾ جيڪا ڀيٽ
ڪبي آهي سا ٻن قسمن جي ٿيندي آهي. (16). هڪ اها
جنهن ۾ هڪ ئي نسل جي ٻولين جي پاڻ ۾ ڀيٽ ڪبي آهي
ته انهن جي رشتيداري قائم ڪري سگهجي. اهڙي ڀيٽ کي
نسلي ڀيٽ
(Geneological comparison)
چئبو آهي؛ ٻي اها آهي جنهن ۾ ٻولين جي نوعيت کي
ڀيٽي ڏسبو آهي. ان کي ذوعيتي ڀيٽ
(Typologlcal Comparisou)
سڏبو آهي. ان ۾ ٻولين جي مختلف شباهتن
(Features)
جي جاچ پڙتال ڪئي ويندي اهي.
8) ٻولين جي ابتدا ۽ لسانيات: _
عام طرح سان اهو عام اعتقاد رهيو آهي ته ساري
انسان ذات جو ابو ڏاڏو هڪ ئي آهي، تنهن ڪري ساري
سنسار جون ٻوليون به هڪ ئي اصلوڪي زبان مان ڦٽي
نڪتيون آهن. يهودين، ڪرستانين ۽ مسلمانن جي مذهبي
عقيدي موجب ساري انسان ذات حضرت آدم ۽ بيبي حوا جي
اولاد آهي. هندن وٽ سڀ انسان برهما ۽ شَتَ روپا جو
اولاد آهن. گويا مذهبي عقيدي موجب هڪ ئي جوڙي مان
انسان ذات ڄائي آهي، تنهن ڪري اصل م هڪ ئي زبان
هئي، جنهن مان ٻيون ٻوليون پوءِ پيدا ٿيون. هندن
جي عقيدي موجب اِها ويدن واري زبان هئي.يهودين ۽
ڪرستانن ۾ وري اِها عربي زبان هئي!
سائنس يا علمي حقيقت جو تعلق مذهبي يا ڌرمي عقيدي
سان نه آهي، بلڪه مشاهدي ۽ تجربي سان آهي. يورپ ۾
عربن جي علومن پهچڻ کان پوءِ مذهبي اعتقاد ٽٽڻ لڳو
۽ علمي تحقيق جو چاهه وڌڻ لڳو. ڊارون
(Darwin)
جي ارتقائي تحقيق انسان ذات جي هڪ ابي ڏاڏي وارو
اعتقاد ٽوڙي وڏو، تنهن ڪري ٻولين جي هڪ بنياد
وارو عقيدو به ٽٽي پيو ۽ اِهو سمجهيو ويو ته جيئن
انسان حيوان مان ترقي ڪري پيدا ٿيو آهي، تيئن
حيواني ٻولين مان به انساني ٻوليون ترقي ڪري
نڪتيون آهن يا نڪتيون هونديون.
علمي کوجنا موجب هي ثابت ٿي چڪو آهي ته انسان ذات
ثقافت جي جدا جدا دورن مان گذري چڪي آهي.پراڻي
کانپراڻو تهذيبي دور جهونو پٿرائتو دور آهي جنهن
۾ انسان اول پٿر جا بي ڊولا هٿيار ٺاهي استعمال
ڪرڻ لڳو ۽ پوءِ ماريل جانورن جي هڏن مان ٺاهي ڪم
آڻڻ لڳو؛ باهه پيدا ڪري پڪل کاڌو کائڻ لڳو ۽ ائين
ترقي ڪندو ويو. تهذيبي ترقيءَ جو گهرو واسطو
ٻوليءَ جي ترقيءَ سانآهي، تنهنڪري يقين ٿئي ٿو ته
ثقافتي شروعات ۽ ترقي سان گڏ زبان جي شروعات ۽
ترقي ٿي هوندي. جيئن بي ڊولي ثقافت مان رنگ ڍنگ
واري تهذيب اُڀري ٿِي تيئن بي ڊولي ٻاتڪي ٻوليءَ
مان به منظم زبان اڀري هوندي. اِهو ڪيئن ٿيوهوندو
تنهن لاءِ ويهين صديءَ جي اوائلي عرصي کان اڳ وارن
علم زبان جي عالمن ڪي نظريا قائم ڪيا جن مان ڪو به
سڌو سنئون علمي ثبوت نٿو ملي. اِهو رڳو گمان ئي
گمان آهي.
ٻولين جي ابتدا بابت ڪن عالمن هيءَ راءِ قائم ڪئي
آهي ته ٻارن جي ٻولي، بنهه پٺتي پيل سماجن جي
ٻولين، باندرن، بن مانسن جي ٻولين ۽ گنگن جي
اشارا ئي ٻولين جو جائزو ورتو وڃي (17). انهيءَ ڏس
۾ ڪوششون ڪيون ويون آهن، مگر مفيد ثابت نه ٿيون
آهن.
انسان اول ڪيئن ڳالهائڻ سکيو تنهن لاءِ عالمن جيڪي
نظريا
(Theories)
قائم ڪيا آهن سي هي آهن:
1_ بَو _ ووَ وارو نظريو.
2_ ڦُوه . . . ڦُوه وارو نظريو.
3_ ڊِنگ ڊانگ وارو نظريو.
4_ يو _ هي _ هو وارو نظريو
5_ اشارن وارو نظريو.
6_ سُر_ تار وارو نظريو.
7_ ميل _ جول وارو نظريو.
بَو _ وَو وارو نظريو
(The Bow- wow theory)
:_ هن نظريي موجب اِهو گمان ڪيو ويو ته انسان منڍ
منڍ ۾ حيوانن جي آوازن جي نقل ڪرڻ سکيو هوندو ۽
اتان ڳالهائڻ سکيو. اسان جو مشاهدو آهي ته ننڍڙو
ٻار جنهن زماني ۾ ڳالهائڻ سکندو آهي، تڏهن ڪتي کي
ڏسي اشارو ڪري چوندو آهي ته ”پَنئُون ڀَنئُون!“؛
اهڙي طرح ٻليءَ لاءِ ”ميائُو“ يا ”ميُو ميُو“ ۽
ڪانوَ لاءِ ”ڪان ڪان“ چوندو آهي. اهڙي قسمجا
ڪيترائي لفظ دنيا جي سڀني ٻولين ۾ موجود آهن.
تنهن ڪري گمان ڪيو ويو ته انسان پهريائين ائين
ڳالهائڻ سکيو هوندو. ”هيءُ نظريو سمجهائي نٿو سگهي
ته ٻوليون ڪيئن اُچڇار واري سٽا حاصل ڪري سگهيون
(18)“. هيءُ نظريو صرف هيترو سمجهائي سگهي ٿو ته
ابتدائي لغت ۾ ڪجهه واڌارو ائين ٿيو هوندو ۽
اظهاري رڙين مان ڪجهه لفظن جو پيدا ٿيڻ واقع ٿيو
هوندو. انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته انسان هن سنسار جي
ڪن آوازن جي اظهار لاءِ انهن جو هوبهو نقل ڪري ٿو.
مثلاً ”هوائي جهاز ’زوُن‘ ڪري اسان جي مٿان
لامارا ڏنا،“ ”ابراهيم جي موٽرسايڪل ’ڦٽ ڦٽ‘ ڪندي
اسان جي ڀرسان لنگهي ويئي“؛ ”ڪتي کي پير ۾ سَونٽي
لڳي ته ’ڪَئون ڪَئون‘ ڪندو ڀڄي ويو“؛ ”تتر اُڏاڻو
ته ’ٺا‘ بندوق هڻي ماري وڌومانس“ اهڙن قسمن جي
جملن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اهڙن آوازن مان لغت جا
لفظ ٺهن ٿا مگر ٻولي نٿي ٺهي.
ٻولين ۾ ڪي ڪي لفظ اهڙا هوندا آهن، جن جو منڍ وارو
آواز يا پد ساڳيو هوندو آهي ۽ ساڳئي وقت اُهي لفظ
هڪ ئي معنيٰ سان لاڳاپيل هوندا آهن. مثلاً، کرڙڻ،
کيڙڻ، کوڙڻ، کڙو، کوٽڻ، کاٽ، کاٽي، کيٽ، کٽ، کڏو،
کوپو، کوهه، کورو، کرو، کيت وغيره (19) . ان مان
اهو انومان ڪڍيو ويو آهي ته ’ک‘ يا ’کر‘ جو تعلق
مٽيءَ سان آهي. اِهو غلط انومان آهي؛ صحيح تڏهن ٿي
سگهي ٿو جڏهن اُنهن سڀني لفظن جي معنيٰ ۾ ”مٽيءَ“
جو تصور موجود هجي جن ۾ ’ک‘ يا ’کر‘ موجود آهي.
مگر اسان ڏسون ٿا ته کٿو، کٽ، کسڻ، کڙ وغيره لفظن
جو مٽيءَ سان ڪو به واسطو ڪونه آهي. اهڙي قسم جا
انومان علمي نه مگر قياسي ۽ غلط هوندا آهن.
ڦُوهه _ ڦُوهه وارو نظريو
(The Pooh- pooh Theory):_
هن نظريي موجب ٻولين جي ابتدا غم ۽ خوشيءَ جي
فطرتي اظهارن وارن آوازن جهڙوڪ ’فُو، ڦُو، هُون،
هَها، آها، وَهُوا‘ وغيره سان ٿي هوندي ڇو ته اهڙا
آواز خودبخود منهن مان موقعي ۽ مهل سر نڪرن ٿا. هي
نظريو به مٿئين نظرئي وانگر ٻولين جي پيدا ٿيڻ
بابت اڻپورو آهي. وڌ ۾ وڌ هي نظريو ٻُڌائي ٿو ته
ڪيئن ٻولين ڪن آوازن کي استعمال ڪيو هوندو؛ مگر
مختلف اچارن بابت هيءُ نظريو به مدد نٿو ڏئي.
نفسياتي طرح سان اسان جڏهن به مختلف نظارا يا
حادثا ڏسون ٿا تڏهن اسان جي دل ۾ غم يا خوشيءَ جا
جذبا ۽ احساس اُڀرن ٿا ۽ خودبخود مٿئين قسم جا
اواز اسان جي زبان مان ظاهر ٿين ٿا. مختلف ٻولين ۾
اهڙن اوازن جو تعداد گهٽ وڌ آهي، تنهن ڪري اهو
گمان ڪري نٿو سگهجي ته ٻوليون انهيءَ نظريي موجب
پيدا ٿيون هونديون.
ڊنگ_ ڊانگ وارو نظريو
(The Ding- dong Theory)
؛_ هن کي ’ٽَر ٽن‘ وارو نظريو به سڏبو آهي. هن
نظريي موجب اِهو گمان ڪيو ويو ته ٻولين جي اواز ۽
مفهوم جي وچ ۾ ڳجهو تعلق آهي (20). تنهنڪري اوائلي
انسان تي ٻاهرين دنيا جا جيڪي اثرات پيدا ٿيا
هوندا، تن جي صحيح اظهار لاءِ مناسب آوازن کي
استعمال ڪيو هوندائين. گويا هر احساسي اثر، گهنڊ
جي اواز وانگر مناسب آواز پيدا ڪيو هوندو. هن
نظرئي کي عالمن بلڪل گهٽ اهميت ڏني آهي.
يو _ هي _ ه وارو نظريو
(The yo – he- ho Theory)
؛_ هيءُ نظريو 19 صديءَ جي عالم نوئري
(Noire)
پيش ڪيو هو (21). هن نظريي
موجب ٻولين جي ابتدا هن طرح سان ٿي هوندي ته جڏهن
به ڪن ماڻهن گڏجي ڪو ڪم ڪيو هوندو تڏهن خاص قسم جا
اواز اُچاريا هوندائون، جهڙوڪ ’هي_ هو‘، ’ها_ هو‘،
’هُون_ ها‘ وغيره. جهازن ۽ ٻيڙن تي ڪم ڪندڙ، کاٽي
کڻندڙ، سرن ٺاهيندڙ، ڳوڻين کڻندڙ وغيره ڪامي ماڻهو
اڄ به گڏيل ڪم ڪندي، اهڙا آواز اُچاريندا رهندا
آهن. سچ پڇ ته زور لڳائڻ وقت اسين نرگهٽ ۾ آواز
ڦڙڪن
(Vocal cords)
وٽ ساهه کي گهُٽيون ٿا ۽ جڏهن زور لائڻ ڇڏيون ٿا
تڏهن هونگ سان گڏ ساهه کي هڪدم ٻاهر ڪڍون ٿا ۽
پوءِ وري ڊگهو ساهه کڻي، ان کي گهُٽي وري زور
لڳايون ٿا. انهيءَ وچ ۾ جيڪڏهن آواز ڪڍبا ته ضرور
سُر
(Vowels)
۽ وينجن
(Consonants)
پيداٿيندا. هن نظريي ۾ به خوبيون آهن. (72) . هڪ
هيءَ ته هيءُ نظريو وينجن. سر واري سٽا سان ٺهڪي
ملي ٿو ۽ ٻي هيءَ ته هيءُ نظريو انساني سماجي
تعاون کي ٻولين جي پيدا ڪرڻ ۾ مدد گار تصور ڪري
ٿو.هيءُ نظريو هن ڳالهه جي به پٺڀرائي ڪري ٿو ته
پهريان لفظ، جي استعمال ۾ آيا هوندا سي امري
هوندا، جهڙوڪ آ (ءُ)، کا (آءُ) ، پا(ءِ) وغيره.
سر_ تار وارو نظريو
(The Musical Theory)
؛_ هيءُ نظريو انسانياٿ جي مشهور ڊينمارڪي عالم
اوڏو ييسپرسن
(Otto jesperson)
پيش ڪيو هو (24) . سندس چوڻ هو ته بَو_ وَو، ڦوهه
_ڦوهه ۽ يو_ هي _ هو وارا نظريا ٻولين جي ڪن حصن
جي ابتدا بابت ٻڌائين ٿا، مگر ساري ٻولي ڪيئن وجود
۾ آئي، تنهن بابت ڪجهه به ڪو نه ٿا ٻڌائين. سندس
خيال موجب ابتدائي زبان ۾ وڏا ۽ ڊگها لفظ موجود
هئا، جي سرن جي ذريعي ظاهر ڪيا ويندا هئا. اِهو ئي
سبب آهي جو ابتدائي تحرير به نظرم ۾ هئي ۽ ن نثر
۾. انسان اوئل ۾ ڳائڻ سکيو ۽ پوءِ ڳالهائڻ.
اِهو نظريو هن ڪري قبول نه ڪيو ويو جو اڄ به
ڪيتريون ٻوليون دنيا ڀر ۾ آه، جي اڃا تائين لکيت ۾
نه آيون آهن ۽ ثقافت جي بلڪل ابتدائي مرحلي ۾ آهن.
انهن ۾ شعر و شاعري يا بنهه ڪانهي يا بلڪل ٿوري ۽
معمولي، تنهن ڪري ڪيئن چئجي ته زبانن جي ابتدا سر
يا راڳ سان ٿي هوندي!
لڳ لاڳاپي وارو نظريو
(The Contact Theory)
:_ هيءُ نظريو ائسٽرڊام جي پروفيسر جي _ ريويس
(J Reves)
پيش ڪيو جو تازي ۾ تازو آهي (25). سندس چوڻ هو ته
هر انسان ۾ ٻن انسانن سان ميل ميلاپ پيدا ڪرڻ جو
قدرتي جذبو آهي، جنهن جي ڪري ٻوليون پيدا ٿيون ۽
تبديل ٿينديون ترقي ڪنديون ويون. هن انهن جون
منزلون به بيان ڪيون؛ انهن مان پهرين هئي آوازن
سان لاڳاپي واري منزل، انهيءَ منزل ۾ انسان حيوان
سان ساڳئي پد تي هو. ٻي هئي رڙ واري منزل جنهن ۾
رڙ جو تعلق ماحول سان هو ۽ نه هڪ هڪ شخص سان. ٽين
هئي سڏ واري منزل جنهن جو تعلق شخصن سان هو ۽ ان ۾
مدد جي طلب موجود هئي. انهيءَ سڏ سان ئي اول ڳائڻ
۽ پوءِ ڳالهائڻ شروع ٿيو. ان بعد لفظن جي پيدا ٿيڻ
جي منزل آئي. هن پروفيسر جي چوڻ موجب به ابتدائي
زبان امري نموني جي هئي، جهڙوڪ“ آءٌ، کاءُ، ڳاءِ“
وغيره؛ مگر هو ٻڌائي نه سگهيو ته الڳ الڳ اچار
ڪيئن پيدا ٿيا.
سائنس ۽ مذهب يا ڌرم هن ڳالهه ۾ متفق آهن ته
انسان جون جبَلتون
(Instincts)
تبديليءَ جي لائق آهن. مگر ٻين حيوانن جون ائين نه
آهن. انسان ۾ تقليد يا نقالي
(Imitation)
۽ تفڪر
(Thinking)
جو گڻ موجود آهي، جنهن ڪري هو هر قن، هر هنر ۽ هر
علم سکي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري هاڻُڪي وقت جي ڪن
عالمن ٻولين جي ابتدا بابت هيءَ راءِ قائم ڪئي آهي
(26) :_
عام طرح سان ڏٺو ويو آهي ته حيوان غم، خوشي خوف ۽
سڏ وارن موقعن تي خاص قسم جا اواز ڪن ٿا. ڪڪڙ،
ڪڪڙَ کي سڏ ڪرڻ لاءِ هڪ خاص قسم جو آواز ڪندي آهي،
آني لاهڻ لاءِ ٻئي قسم جو، آني لاهڻ بعد ٽئين قسم
جو، آري واري عرصي ۾ وٽس ويجهي وڃڻ وقت چوٿين قسم
جو، ٻچن کي سڏڻ وقت پنجين قسمجو ۽ سِرڻ يا ڪانو کي
ٻچن تي حملي ڪندي ڏسڻ وقت ڇهين قسم جو آواز ڪندي
آهي ته سندس ٻچا لڪي وڃن. اهڙي طرح هر قسم جا
جانور مختلف موقعن لاءِ جدا جدا قسمن جا اواز ڪندا
آهن. اوائل ۾ انسان جڏهن شڪار تي گذر ڪندو هو تڏهن
اهڙي قسم جيا آواز نقل ڪرڻ سکيو هوندو. مثلاً هرڻ
کي پڪڙڻ يا شڪارڪرڻ لاءِ هرڻن کي سڏ ڪرڻ وارو
سندن آواز سکيو هوندو تان ته سندس اواز تي ڀلجي
هرڻ ڏانهس اچن ۽ شڪار ٿين. اڄ به گهڻا شڪاري ائين
ڪندا آهن. بگهڙن چراخن وغيره خوفناڪ جانورن کي
ڊيڄاري ڀڄائڻ لاءِ شينهن جي گجگوڙ ڪرڻ سکيو هوندو.
ساڳئي وقت ٽولن ۾ رهڻ سببان پنهنجن تجربن ۽ واقعن
کي بيان ڪرڻ لاءِ اوازن ۽ اشارن کي ملائي زبان جو
ڪم ورتو هوندو. مثلاً ڪنهن شخص جهنگ ۾ شينهن ڏٺو
۽ ڊوڙي وڻ تي چڙهي ويو. مگر شينهن جي چنبي جي رهڙ
اچي ويس. پوءِ جڏهن گهر آيو تڏهن ڪنجهڻ لڳو. گهر
وارن ۽ ٻين جي ميڙ تي کين شينهن جي رڙ ٻڌائي هٿن
سان اشارا ڪري سمجهايائين ته ڪيئن شينهن کي ڏسي وڻ
تي چڙهي ويو مگر اُن جي چنبي کان رهڙجي پيو.
اهڙيءَ طرح هر هڪ پنهنجي پنهنجي نموني ۾ واقعن کي
ظاهر ڪرڻ جو طريقو اختيار ڪيو هوندو. پوءِ هر هڪ
هڪٻئي جي طريقي کي نقل ڪرڻ شروع ڪيو هوندو، ۽
ساڳين شين ۽ ساڳين واقعن لاءِ ساڳيا آواز ۽ مختلف
شين ۽ واقعن لاءِ مختلف مناسب آواز اختيار ڪيا
هوندائين. ائين شين ۽ واقعن کي مناسب آوازن سان
لاڳاپيو ويو هوندو. آوازن جي سٽا ائين وود ۾ آئي
هوندي. آوازن جي ساڳي سٽا پهريئاين گهرن تائين
محدود ٿي هوندي، پوءِ محلي تائين ۽ پوءِ ڳوٺ تائين
ڪشادي ٿي هوندي. پوءِ سندس دائرو اڃان به وسيع ٿي
وڌيو هوندو. ائين ٻوليون وجود ۾ آيون هونديون ۽
پوءِ ويون بدلبيون ۽ ترقي ڪنديون. هيءَ راءِ
منطقي
(Logical)
۽ عقلي
(Pational)
معلوم ٿئي ٿي مگر ان جو به علمي ثبوت نٿو ملي
جيستائين تجربي طور ائين ڪري ڏسجي.
مٿين نظرين مان هيءُ ثابت ٿو ٿئي ته ٻولين جي پيدا
ٿيڻ لاءِ اصلي اسباب ڳولي لهڻ، علمي ۽ يقيني طور
مشڪل آهن. انهيءَ ڪري اڄ جو لسانيات جو عالم
انهيءَ مسئلي تي غور ڪرڻ فضول سمجهي ٿو ڇو ته هو
ڄاڻي ٿو ته ان جو صحيح حل سندس پهچ کان پري آهي
(27). پراڻي کان پراڻيون لکيل ٻوليون به تحريري
تحقيات موجب چار يا پنج هزار ورهين جون جهونيون مس
آهن، حالانڪه ڳالهايل ٻوليون انهيءَ عرصي کان به
تمام گهڻيون آڳاٽيون آهن. اهڙين حالتن اندر ٻولين
جي ابتدا کي تحقيقي طور ڳولي لهڻ اجايو آهي. |