سيڪشن؛ لسانيات

ڪتاب:علم لسان ۽ سنڌي زبان

 

صفحو :4

قديم قياسن ۽ گمانن کي درگذر ڪرڻ بعد به اڃان ڪن عالمن جو رايو آهي ته ٻارن جي ٻوليءَ ۽ اڻ سڌريل انساننجي ٻولين جو اڀياس ڪيو وڃي تان ته ٻولين جي شروعات جو پتو پئجي سگهي. ڇو ته انهن تي تهذيب۽ تمدن جو اثر ڪو نههوندو آهي. پر انهن ٻنهي مان به مطلب ملي ڪو نه سگهندو ڇو ته ٻار اُنهيءَ ماحول ۾ رهي ڪري ٻولي سکي ٿو جنهن ۾ اتان جي ٻولي اڳيئي قبضو ڪيو ويٺي آهي، جنهن کي ٻڌي ٻار خودبخود بنان رنڊڪ جي سکي وٺي ٿو. سندس ماحول اُهو ناهي جيڪو ابتدائي انسان کي هو جڏهن هو ڳالهائڻ سکيو پئي جنهن ۾ کيس ڪيئن ورهه لڳي ويا.

ٻيءَ حالت ۾ هيءُ گمان ڪيو وڃي ٿو ته اڻ سڌريل  قومن جي ٻولي شروعاتي درجي تي آهي. اهڙو گمان غلط آهي. ”انسانيات جي لحاظ کان ڪا به ٻولي اوائلي يا ابتدائي ڪانهي (28). “ قومن يا سماجي گروهن جي ثقافت ابتدائي مرحلي تي ٿي سگهي ٿي مگر اهڙي حالت سندن زبان جي ناهي. دنيا جي زبانن جي جائزي مان معلوم ٿيو آهي ته سٽا جي لحاظ کان  ٻوليون ثقافت جي مختلف مرحلن تي به ساڳيون پئي رهيون آهن. ٻولين مرندي گهڙيءَ تائين پنهنجي بنيادي سٽا کي نه بدليو آهي. اُهي قومون جيڪي تهذيب جي بنهه پهرئين پد تي پهتل آهن، تن جون ٻوليون صوتيات توڙي گرامر جي لحاظ کان ترقي ڪيل قومن جي ٻولين کان گهٽ منظم ۽ گهٽ پيچيديون نه آهن (29). ٻولين جي تبديلين جو طريقو سڀني ۾ ساڳيو ڏٺو ويو آهي. تنهن ڪري اِها راءِ رکڻ ته نه لکيل ٻولين جي مطالعي مان ٻولينجو پتو پوندو اجائي آهي.

حوالا

(1) Edgar H. SturtevantL An Introduction to linguistic science, New Haven:  Yale University Press, 1947: P. 2.

(2) B. Bloch & G. L. Trager: Outline of linguistic aualysis, lingnistic society of America, Baltimore Md: 1942: P. 5

(3) Ibid.

(4) Ibid.

(5) ڀيرومل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ؛ سنڌي ادبي بورڊ وارو پهريون ڇاپو؛ ص _ 19.

(6) بلاخ ۽ ٽريڊر جو ميون ڪتاب؛ ساڳيو صفحو.

(7) R. H . Robins: General lingnistics, Longmans, London, 1964, P. 13.

(8) F. De saussure: Course in Geuel Lingnistics (Eng. Tran.), Peter Owen Ltd. London, 1960, P 88.

(9) ڊاڪٽر شيخ عنايت الله خان؛ رساله معارف، اعظم ڳڙهه (ڀارت) جنوري 1960ع؛ ص_ 5.

(10) ڊاڪٽر محي الدين قادري ”زور“: هندستاني لسانيات؛ نسيم بوڪ ڊيپو؛ لکنو (ڀارت)؛ مارچ 1960ع؛ ص_ 7.

(11) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 7.

(12) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 1. 

(13) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 5.

(14) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 5.

(15) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 6.

(16) رابنس جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 6.

(17) C.L. Barber: Thc story of language, pan Books Ltd. (E.L B.S., Edition), London, 1965, P. 28.

(18) Ibid P. 31.

(19) سراج: سنڌي ٻولي؛ پهريون ڇاپو ص _ 56.

(20) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 33.

(21) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 33.

(22) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 34.

(23) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 35.

(24) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 37.

(25) باربر جو مٿيون ڪتاب؛ ص_ 38.

(26) اسٽرٽونٽ وارو مٿيونڪتاب؛ ص _ 45_ 50.

(27) رابنس جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب؛ ص _ 15.

(28) رابنس جو مٿي ڄاڻايل ڪتاب؛ ص_ 16.

(29) رابنس جو ڄاڻايل ڪتاب؛ ص _ 16

باب ٻيون

 

صوتيات (Phonology)

صوتيات جي تعريف: _ ”صوت“ عربي لفظ آهي،جنهن جي معنيٰ آهي ”آواز“، پوءِ اُهو تمام هلڪو هجي يا چٽو. ٻُليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پهلو آوازن سان تعلق رکي ٿو. آواز انساني به ٿيندا آهن 7 غير انساني به. انهن جو علمي اڀياس علم طبعي (Physics) ۽ علم بدن جو جز آهي.ان ڪري  ٻولين جي آوازن جي اڀياس لاءِ اسان کي علم طبعي ۽  علم بدن (Physiology) جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. ٻوليءَ جي اوازن جو اڀياس هن وقت علمي صورت اختيار ڪري چڪو  آهي، جنهن کي علم اواز (Phonetics) سڏجي ٿو. اِهو علم لسانيات لاءِ مفيد ثابت ٿي چڪو آهي.ان ۾ ٻولين ۾ ڪم ايندڙ آوازن جو پورو پورو جائزو ورتو وڃي ٿو ۽ آوازن جي نوعيت، ادائگي، تقسيم ۽ مخرج جي جاچ پڙتال ڪئي وڃي ٿي. انهن آوازن جي لساني ڪارروائي ۽ سٽا وري علم صوتيه (Phonemics) جي ذريعي بيان ڪئي وڃي ٿي. تنهن ڪري صوتيات جون ٻه مکيه شاخون آهن: هڪ علم آواز (Phonetics) ۽ ٻي علم صوتيه (Phonemics) . انهن ٻنهي کي گڏي صوتيات سڏجي ٿو. ان کانسواءِ ان ۾ اوازن جي ڊگهائپ، بلندي، تيزي ۽ لاهه چاڙهه يعني ڍار جو به جائزو ورتو ويندو آهي.

آوازن جي اڀياس جو طريقو:_ ٻولين جي آوازنکي ٽن لحاظن کان اڀياس ڪري سگهجي ٿو: هڪ تَلَّفُظ يعني اُچارن جي لحاظ کان، ٻيو هوائي لهرن جي لحاظ کان ۽ ٽيون سماعت يعني سُڻڻ جي لحاظ کان. انهن ٽنهي مان اُچارن وارو ٻين ٻن کان لسانيات ۾ وڌيڪ اهميت رکي ٿو (1) ، ڇو ته ان جي ذريعي اوازن جو جائزو ذري پرزي بيان ٿي سگهي ٿو؛ ازانسواءِ ان جو تعلق علم بدن (Physiology) سان آهي ۽ هر هڪ شخص پنهنجي بدن جي عضون ۽ انهن جي چرپر کان ٿورو گهڻو واقف آهي، تنهن ڪري انهن جي بيان کي سڀ ڪو سمجهي سگهي ٿو.

ڳالهائڻ ڪري جيڪي هوائيي لهرون وات اڳيان پيدا ٿين ٿيون تن جي نوعيت کي سمجهائڻ ڏکيو ڪم آهي، ڇو ته اهڙي قسم جي بيان جو تعلق علم طبعي ۽ علم رياضي (Mathematics) سان آهي. (2). جنهن کي سڀڪو سمجهي نٿو سگهي.ان هوندي به اسپيڪٽروگرافي (Spectrography) ۽ ڪموگرافي (Kymography) جي ذريعي اوازن جي لهرن کي گراف (Graph) يعني ليڪ سازي جي صورت ۾ آڻي سندن نوعيت کي جاچيو وڃي ٿو. سماعت يا سڻڻ جي لحاظ کان آوازَ ائين معلوم ٿين ٿا، جيئن اُچارجن ٿا؛ البت؛ ان لاءِ ڪن. تربيت (Ear-training) جي سخت ضرورت آهي. هر انسان پنهنجي مادري زبان جي آوازن سان ننڍپڻ کان هريل هوندو آهي، تنهن ڪري ڌارين ٻولين جي اجنبي آوازن کي سمجهڻ جهٽڻ ۽ اُچارڻ لاءِ کيس تڪليف محسوس ٿيندي آهي. اِهو ئي سبب آهي جو صوتيات جي شاگردن لاءِ ڪَنَ تربيت نهايت ضروري سمجهي ويئي آهي.

سڻڻ جي لحاظ کان لساني اوازن جي اڀياس جو مقصد انهن جي اُچارن کي صحيح طور بيان ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪونهي؛ هوائي لهرن جي لحاظ کان سندن اڀياس جو مقصد اُنهن باريڪين کي جاچڻ آهي جي ٻيءَ طرح مشڪل سان معلوم ڪري سگهجن ٿيون يا بنهه ڪري نٿيون سگهن. تنهن ڪري اِهي ٻئي طريقا پنهنجي مٿي لسانيات لاءِ اهم نه آهن مگر اچارن واري طريقي لاءِ مددگار ۽ معاون آهن، تنهن ڪري انهن کي نظرانداز ڪري نٿو سگهجي.

لساني آوازن پيدا ٿيڻ جو طور طريقو:_ اسان جڏهن ساهه هيٺ مٿي کڻون ٿا تڏهن ڪو به اواز ڪو نه ٿو نڪري، مگر جڏهن پيٽ_ ڇهه (Diaphragm) جي مدد سان زور سان هوا کي ٻاهر ڪڍون ٿا تڏهن اواز پيدا ٿئي ٿو. هوا جڏهن به زور سان سوڙهي گَهٽ مان گذرندي آهي يا لَنگهه مان لنگهندي آهي، يا منجهس بند ٿي هڪدم کُلندي آهي، تڏهن آواز پيدا ڪندي آهي. بينن، باجن، نڙن ۽ شرنانين مان اواز به ائين نڪرندو آهي. تندن يا پردن کي تحرڪ ڏيڻ سان به آواز  نڪرندو آهي، بشرطيڪه ان جي آسپاس يا ڀر ۾ هوا بند ٿيل هجي، يا هوا جو پولار هجي؛ سُرندن، سارنگين، دُهلن، ڌُڪڙن يا دِلن وغيره مان آواز انهيءَ اصول موجب نڪرندو آهي. بولين جا اواز به انهن اصولن موجب پيدا ٿيندا آهن. هوا جڏهن  پيٽ _ ڇهه جي مدد سان ٻاهر زور سان ڪڍون ٿا تڏهن اُها آوازي ڦرڪن جي وچان نرگهٽ منجهان گذري نڪ ۽ وات جي رستي ٻاهر نڪري ٿي ۽ آواز پيدا ڪري ٿي. اِهي آواز پنجن طريقن سان پيدا ٿين ٿا:

(الف) هڪڙا اُهي اواز جنهن ۾ هوا جي گذر کي سندس گذرگاهه ۾ ڪٿي بند ڪيو وڃي، جهڙوڪ ڪ، گ، ڱ، د، ڊ، ڻ، ڀ، م وغيره جا آواز.

(ب)  ٻيا اُهي اواز جنهن ۾ هوا جو گذر، تمام سوڙهي لنگهه مان ٿئي؛ جهڙوڪ هه، غ، خ، ش، س، ف وغيره جا اواز.

(ٻ)  ٽيان اُهي اواز جنهن ۾ گذرگاه جو وچون حصو بند ڪيو وڇي مگر ان جو هڪ يا ٻئي پاسا هوا جي لنگهه لاءِ کليل هجن، جهڙوڪ ل وغيره جو آواز.

(پ) چوٿان اُهي آواز جنهن ۾ هوا جي گذر وقت ڳالهائڻ جو  عضوو جنبش يا حرڪت ڪري ٿو، جهڙوڪ ر وغيره جو آواز.

(ڀ) پنجان اُهي اواز جنهن ۾ هوا جي گذر کي ڪٿي رنڊڪ يا روڪ نه ٿئي مگر منهن جو پولار چپن ۽ ڄڀ جي وسيلي مختلف ٿيندو رهي، جهڙوڪ اُ، آ، اِ، آون وغيره جا آواز.

ڳالهائڻ جا عضوا: _ (ڏسو تصوير نمبر 1) بدن جا اُهي حصا جيڪي ڳالهائڻ يا اوازن اچارڻ وقت استعمال ٿين ٿا تن کي ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي (3)، هڪڙن کي اُچاريندڙ (Articulators) سڏيو وڃي ٿو؛ اِهي اُهي عضوا آهن، جيڪي چرپر ڪري سگهن ٿا ۽ ٻي ٻي جڳهه والاري سگهن ٿا. ٻين کي مخرج (Points of articulation) سڏجي ٿو؛ اِهي اُهي هنڌ آهن جن کي اچاريندڙ عضوا يا ڇُهن ٿا يا وٽن ويجهو وڃن ٿا. زبان جي چوٽي اُچاريندڙ آهي ڇو ته اُها اوازن اُچارڻ وقت، هيٺ مٿي ۽ اڳي پوءِ، ٿئي ٿي؛ ڏندن جون مهارون مخرج آهن ڇو ته آوازن اچارڻ وقت زبان جي چوٽي ان سان لڳي ٿي يا ويجهو وڃي ٿي. ڳالهائڻ جي اچاريندڙ عضون ۽ مخرجن جو بيان هيٺ ڏجي ٿو.

1. هيٺيون چپ: هيءُ اچاريندڙ عضوو آهي، جو مٿئين چپ سان ملي پ، ڦ، ب، ڀ، ٻ، ۽ م جا آواز پيدا ڪري ٿو؛ مگر مٿين ڏندن سان ملي ف ۽ و جا آواز پيدا ڪري ٿو.

2. زبان: هيءُ اچاريندڙ عضو آهي جو ٻين سڀني اچاريندڙن کان وڌيڪ چُرڻو ڦِرڻو آهي. سندس ٽي حصا آهن، جي مختلف مخرجن سان ملي يا سامهون ٿي الڳ الڳ آواز پيدا ڪن ٿا، تنهن ڪري جديد صوتيات ۾ انهن ٽنهي حصن کي ڌار ڌار نالن سان سڏبو آهي. اهي ٽي حصا ۽ ساڻن لاڳاپيل مخرج هيٺ بيان ڪيا وڃن ٿا.

(الف) زبان جي مٿياڙي (Apex): زبان جو مٿيون حصو چوٽي کان وٺي هڪ آڱر کن جي فاصلي تائين زبان جي مٿياڙي سڏجي ٿي. اها مٿين ڏندن جي اندرئين حصي سان ملي ت، ٿ، د، ڌ، ن وغيره جا آواز پيدا ڪري ٿي، مگر ان جي چوٽي (Tip) مهارن سان ملي ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڏ، ڻ، ڙ وغيره جا آواز ڪڍي ٿي. جيڪڏهن مٿين مخرجن سان اهڙيءَ طرح ملي جو سندس ٻئي پاسا يا هڪ پاسو کليل رهي جتان هوا لنگهي وڃي ته پوءِ ل     

1_ چپ جو هنڌ 2_ ڏندن جو هنڌ 3_ مٿين ڏندن جي مهارن جو هنڌ 4_ سخت تارونءَ جو هنڌ 5_ نرم تارون جو هنڌ 6_ ڪاڪڙو 7_ زبان جي مٿياڙي وارو حصو 8_ زبان جي اڳياڙيءَ وارو حصو 9_ زبان جي پڇاڙيءَ وارو حصو 10_ نڙي جو هنڌ 11_ نرگهٽ جي ڍڪڻي 12_ آوازي ڦڙڪن وارو هنڌ.  جو آواز پيدا ٿيندو. پر جي هوا جي گذر وقت هيٺ مٿي چُري ڦُري ته ر جو آواز ٿيندو. مٿين سڀني حالتن ۾ زبان جي مٿياڙي مخرجن سان لڳل رهندي، جيڪڏهن اُها لڳل نه، پر ٿوڙو هيٺ رهي ۽ هوا جو لنگهه مٿانئس سوڙهو ٿيو ته پوءِ س ۽ ز جا آواز اُتان نڪرندا.

    زبان جي انهيءَ  اڳئين حصي کي، صوتيات ۾ ڦر (Blade) به سڏبو آهي. اهڙي حالت ۾ ٽ، ٺ، ڊ، ڍ، ڏ، ڙ، ڻ، ل ۽ ر وارن آوازن جو تعلق چوٽيءَ سان آهي ۽ باقي ٻين جو ڦر سان آهي. ٽ، ٺ وغيره جو مخرج سخت تارون با ٿئي ٿو جڏهن زبان جي نوڪ پوئتي موڙ کائي ٿي.

(ب) زبان جي اڳياڙي (Front): زبان جي چوٽي ۽ ڦر يعني مٿياڙيءَ کان پوءِ اٽڪل ڏيڍ کن انچ تائين پوئتي جيڪي زبان جو حصو آهي، تنهن کي صوتيات موجب زبان جي  اڳياڙي (Front of the tongue) چئجي ٿو. انهيءَ سان تعلق رکندڙ مخرج عموماً سخت تارون (Hard palate) آهي، جو مٿين ڄاڙي ۾ مهارن کان پوءِ شروع ٿئي ٿو ۽ وڃيو نرم هنڌ وٽ پورو ٿئي، جنهن هنڌ کي نرم تارون سڏجي ٿو. زبان جي اڳياڙي جڏهن سخت تارون سان ملي هوا جو لنگهه رڳو بند ڪري ٿي يا پوءِ ان کي ڌماڪي سان آواز ڪري ٿي تڏهن چ، ڇ، ج، جهه، ڃ ۽ ڄ جا آواز پيدا ٿين ٿا؛ پر جي لنگهه کي سوڙهو ڪري ٿي ته پوءِ س، ز جا آواز به نڪري سگهن ٿا ۽ ش، ي جا به. هوا جو  لنگهه جيڪڏهن ڪشادو ٿيو ته پوءِ اِ، اِي، اي، اُي ۽ آ وارا سر آواز (Vowels) پيدا ٿيندا.

(ٻ) زبان جي پڇاڙي (Back): زبان جي مٿياڙي ۽ اڳياڙيءَ کان پوءِ باقي جيڪو حصو آهي ان کي صوتيات ۾ زبان جي پڇاڙي (Bak of the tongue) سڏجي ٿو. انهيءَ سان تعلق رکندڙ مخرج نرم تارون آهي، جو هيٺ مٿي ٿي سگهي ٿو ۽ جنهن جي آخر ۾ ڪاڪڙو هيٺ لڙڪيل هوندو آهي. نرم تارون جڏهن هيٺ ٿيندو آهي تڏهن هوا جو گذر نڪ مان ٿيندو آهي. اِهو ئي سبب آهي جو زڪام جي حالت ۾ جڏهن نڪ بند هوندو آهي تڏهن نرم تارون به هيٺ لٿل هوندو آهي، جنهن لاءِ عام ماڻهو چوندا آهن ته ”ڪاڪڙو ڪري پيو آهي.“ اگرچ نرم تارون چرپر ڪري سگهي ٿو  تڏهن به صوتيات ۾ ان کي اچاريندڙ عضوو نه، مگر ”مخرج“ ڪري سڏيو ويو آهي (4).

زبان جي پڇاڙي جڏهن نرم تارونءَ کي لڳي هوا جي لنگهه کي بند ڪري ٿي يا بند ڪرڻ کان پوءِ هوا کي ڌماڪي سان آزاد ڪري ٿي يا بند ڪرڻ کان پوءِ هوا کي ڌماڪي سان آزاد ڪريٿي ته ڪ، ک، گ، گهه ۽ ڱ، ڳ جا آواز ٿين ٿا. پر جي لنگهه سوڙهو ڪري ٿي ته پوءِ خ ۽ غ جا آواز پيدا ٿين ٿا. خ ۽ غ جا آواز ڪاڪڙي وٽ لنگهه کي سوڙهو ڪري پيدا ڪري سگهجن ٿا.

زبان جي پڇاڙي سندس اڳياڙي وانگر ڪن سُر آوازن کي پيدا ڪرڻ ۾ بهرو وٺي ٿي، جهڙوڪ اُ، اُو، او وغيره اهڙن اوازن جي پيدا ٿيڻ وقت زبان جي پڇاڙي ۽ نرم تارونءَ جي وچ ۾ هوا جو لنگهه ٿورو گهڻو ڪشادو ٿئي ٿو.

3. ڪاڪڙو (Uvula): هي عضوو نرم تارونءَ جي پڇاڙيءَ ۾ لار وانگر لٽڪيل هوندو آهي. ڪن ٻولين ۾ هي به اچاريندڙ عضوو آهي ۽ زبان جي پوئين حصي سان لڳِي، جنبش ڪري ر جو آواز پيدا ڪري ٿو جيئن جرمن، فرينچ وغيره ٻولين ۾ آهي. جڏهن  ڪاڪڙو اچاريندڙ عضوو ٿي ڪم ڪري ٿو تڏهن زبان جو پويون حصو وري مخرج ٿي پوي ٿو.

4. آوازي ڦڙڪا (Vocal Cords): نڙيءَ جي هيٺان ۽ ساهه جي ناليءَ مٿان منڍ ۾ نرگهٽ جي ڍڪڻي (Epiglottis) ٿئي ٿي، جنهن جي هيٺان هوا جي دٻلي ٿئي ٿي، ان کي نرگهٽ (Larynx) سڏبو آهي. ان ۾ ٻه نرم مُشڪون چپن مثل ٿين ٿيون، انهن چپن مثل مشڪن کي آوازي ڦڙڪا (5) سڏجي ٿو. انهن ڦڙڪن جي وچ ۾ جيڪا جڳهه ٿئي ٿي، تنهن کي ساهه _ لنگهه (Glottis) سڏجي ٿو. کائڻ  جي شيءِ کي ڳهندي يا پاڻي پيئندي هوا جي ڍڪڻي نرگهٽ کي بند رکي ٿي جو فقط ڳالهائن يا ساهه کڻڻ وقت کليل رهي ٿو. اِهو ئي سبب آهي جو پاڻي پيئندي يا شيءِ ڳهندي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪبي ته هوا جي ڍڪڻي کلي پوندي ۽ پاڻي يا شيءِ جا ذرا ساهه جي نليءَ ۾ هليا ويندا، جنهن ڪري هڪدم کنگهه اُٿي پوندي. ائين ڪرڻ نه گهرجي.

جڏهن اسين ساهه کڻندا  رهون ٿا تڏهن هوا جي ڍڪڻي کليل رهي ٿي ۽ آوازي ڦڙڪا سانت ۾ هڪٻئي کان پري رهن ٿا. انهن آوازي ڦڙڪن کي جيڪڏهن ذري گهٽ (بلڪل نه) بند ڪرڻ سان ڦڦڙن کان آيل هوا کي پيٽ_ ڇهه جي داٻ سان ڦڙڪن جي وچان لنگهائبو ته اُهي جنبش ڪندا ۽ هلڪو سريلو آواز پيدا ڪندا. سڀني سر اوازن (Vowels) ۾ ۽ ڪن وينجن آوازن (Consonants) ۾ ڀُڀڻُو آواز شامل هوندو آهي، جيئن بينن ۾ انهيءَ بين جوآواز جنهن تي آڱريون نه رکبيون آهن. ماکيءَ جون مکيون جڏهن گڏجي اڏامنديون آهن، تڏهن اهڙو آواز ڀُڻ ڀُڻ وارو ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، آوازن جي تيزي نرمي ۽ لاهه چاڙهه ۾ به آوازي ڦڙڪن کي وڏو دخل آهي. جيئن آوازي ڦڙڪن ۾ جنبش گهڻي ٿيندي تيئن آواز ۾ تيزي وڌندي ۽ منجهس چاڙهه معلوم ٿيندو. پر جي سندن جنبش هلڪي ٿيندي ته آواز ۾ لاهه معلوم ٿيندو ۽ نرمي ايندي.

نرگهٽ ۾ آوازي ڦڙڪن وٽ جيڪڏهن سهه_ گهَٽُ بند ڪري، پوءِ هڪدم کولي هيٺينءَ داٻيل هوا کي لنگهائبو ته پوءِ عربن واري همزي (ء) جو آواز پيدا ٿيندو؛ پر جي نرگهٽ کي هيٺ ڪري گهَٽُ سوڙهو ڪبو ته پوءِ عربن واري ح يا ع جو آواز پيدا ٿيندو. هه جو آواز به ائين پيدا ٿيندو مگر نرگهٽ هيٺ نه ڪبو.

آوازي ڦڙڪن کان سواءِ نرگهٽ واري سڄي حصي کي هيٺ مٿي به ڪري سگهجي ٿو ۽ سوڙهو ڪشادو به. انهيءَ هوندي به نرم تارونءَ وانگر ان کي صوتيات ۾ مخرج سڏجي ٿو ۽ اوازي ڦڙڪن کي اچاريندڙ.

وينجن آوازن (Consonants) جي مخرج معلوم ڪرڻ جو طريقو:_ انهن جي معلوم ڪرڻ جو آسان طريقو آڳاٽن عرب عالمن هيءُ ڏسيو آهي ته وينجن جي نمائندگي ڪندڙ حرف يا اکر اڳيان ”آ“ ڏيئي، اُن اکر کي ساڪن ڪري پڙهبو ته ان جو مخرج معلوم ٿيندو. مثلاً آب پڙهڻ سان معلوم ٿيندوته ب جو مخرج ٻئي چپ آهن. اَت پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ت جو مخرج مٿيان ڏند آهن جن سان زبان جي مٿياڙي ملي ٿي. اَٽ پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته ٽ جو مخرج مهارون يا سخت تارون آهي؛ مهارن سان زبان جي چوٽي ملي ٿي يا سخت تارونءَ وٽ زبان جي نوڪ مُوڙ کائي ٿي. اَس پڙهڻ سان معلوم ٿيندو ته س جو مخرج مٿيان ڏند يا مهارون يا سخت تارون آهي جن جي  تمام ويجهو زبان جي چوٽي وڃي هوا جو لنگهه بنهه سوڙهو ڪري ٿي. اَچ اُچارڻ مان معلوم ٿيندو ته چ جو مخرج سخت تارون آهي، جنهن سان زبان جي اڳياڙي ملي ٿي. اَگ اچارڻ سان معلوم ٿيندو ته ک جو مخرج نرم تارون آهي، جنهن سان زبان جي پڇاڙي ملي ٿي. ائين ٻين آوازن جا مخرج معلوم ڪري سگهن ٿا. هيءَ ڳالهه ڌيان ۾ ڌرڻ گهرجي ته سڻڻ ۾ ساڳئي آواز جا مخرج هڪ کان وڌيڪ ٿي سگهن ٿا ۽ ٻين ٻين ٻولين ۾ ٻيا ٻيا. مثلاً جرمني زبان ۾ ر جو مخرج ڪاڪڙو آهي.

لساني آوازن جي ڪلاسبندي يا تقسيم (Classification) مٿي ٻڌايو ويو آهي ته ٻوليءَ جي آوازن پيدا ڪندي هوا جو گذر يا روڪ رنڊڪ بنان ٿئي ٿو يا روڪ رنڊڪ سان. پهرين حالت ۾ جيڪي اواز پيدا ٿين ٿا تن کي صوتيات ۾ سر (Vowels) سڏجي ٿو ۽ ٻي حالت ۾ جيڪي ظاهر ٿين ٿا تن کي وينجن (Consonants) چئجي ٿو. سر ۽ وينجن لفظ سنسڪرت زبان مان آيا آهن؛ انهن کي عربي ۾ ’مصُوَّتّ‘ ۽ ’مُصَمَّت‘ سڏجي ٿو. جيڪي اکر يا حرف، مصَّوت آوازن لاءِ استعمال ڪيا وڃن ٿا تن کي حرف علت سڏجي ٿو ۽ جيڪي، مصمَّت آوازن الءِ ڪم  آندا وڃن ٿا تن کي حرف صحيح سڏجي ٿو. اِهي اکر يا حرف آهن ۽ نه آواز؛ بلڪه آوازن جا تحريري نمائندا آهن. مصوت جي معنيٰ آهي صوت (Sound or Phonation) وارو ۽ مصمت جي معنيٰ آهي چُپ يا ماٺ وارو. اِهي مصَّت آواز يعني وينجن، مصَّوت آوازن يعني سرن جي سهاري کان سواءِ گهڻو ڪري اچاري نه سگهبا آهن. پنهنجي مٿي اِهي گُنگا يا ماٺ ۾ آهن.

سُرن جي تقسيم:_ سُرن جي ڪلاسبندي وقت ٽن ڳالهين کي ڌيان ۾ رکيو آهي: هڪ زبان جو حصو، جو اچاريندڙ آهي؛ ٻيو اُنجي اوچائي يا بلندي ۽ ٽيون چپن جي بيهڪ.

اڳ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ڳالهائڻوقت زبان جي اڳياڙي جڏهن سخت تارونءَ جي سامهون هيٺ يا مٿي ٿئي ٿي ۽ هوا جو لنگهه ڪشادو رهي ٿو تڏهن [اِ]، [اِي] ، [اَ] وغيره جا آواز نڪرن ٿا (ص_ 41) . انهن کي صوتيات ۾ اڳيان سر (Front Vowels) سڏبو آهي. انهن جا هيٺيان چار قسم آهن.

(ڏسو تصوير نمبر _ 2) .

تصوير نمبر 2.

1_ اڳيون سوڙهو سُر      2_ اڳيون اڌ سوڙهو سر

3_ اڳيون اڌ کليل سُر     4_ اڳيون کليل سر

5_ پويون کليل سر        6_ پويون اڌ کليل سر

7_ پويون اڌ سوڙهو سر   8_ پويون سوڙهو سر

9_ 10_ 11_ وچيان سر.

1) اڳيون کليل سر (Front open vovel) ، جهڙوڪ / اِڻ/ ۾ [اَ] آواز يا  گائيڊ / انگريزي لفظ ۾ [ آ ] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت ڄڀ جو  اڳيون حصو بلڪل هيٺ هوندو آهي، وات کليل هوندو آهي ۽ چپ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن؛ اُهي نڪي ٽِڙيل پکڙيل (Spread) هوندا آهن ۽ نڪي گول. انهيءَ کي هيٺيون اڳيون سر (Low front vowel) به سڏبو آهي.

2) اڳيون اڌ کيل سر (Front half open vowel) جهڙوڪ  َعينڪ/ ۾ [اَي] آواز، يا / بَيٽ / انگريزي لفظ ۾ [اَي] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت زبان جو اڳيون حصو، [ اَ ] آواز وقت جيترو هيٺ هوندو آهي، تنهن کان  ٿورو مٿڀرو ٿيندو آهي، وات اڌ کليل ٿيندو آهي، ۽ چپ پنهنجي اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن. هن کي هيٺڀرو وچ. آڳاڙي سر (Lover mid front vowel) به سڏبو آهي.

3) اڳيون سوڙهو سر (Front close vowel) . هن جا ٻه قسم ٿينداآهن: هڪڙو ڊگهو (Long) ۾ [اِي] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت زبان جو اڳيون حصو سخت تارونءَ جي ويجهو مٿي ويندو آهي، مگر ايترو مٿي نه، جو هوا جي گذر ۾ روڪ يا سوڙهه پيدا ٿئي؛ ۽ وات سوڙهو ٿيندو آهي. هن سر جو ٻيو قسم ڇوٽو (Short) هوندو آهي. جهڙوڪ /نب/ (Nib) ۾ [اِ] آواز يا / اِجهو/ ۾ [اِ] آواز. هن آواز جي اچارڻ وقت زبان جو اڳيون حصو ڪجهه ٿورڙو هيٺ هوندو آهي. هنن سرن کي مٿاهان اڳيان سر (High front vowels) به سڏبو آهي. [اِي] آواز وقت چپ ٽڙيل هوندا آهن ۽ [اِ] آواز وقت اصلوڪي حالت ۾ هوندا آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org