سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :19

شين شاڪر رهه سدائي شڪر ڪو،

ڏس نه ٻئي ڏي، آ اِها مڪروهه پَر،

رزق جو ضامن خدا آ ڌيان ڌر،

جو ڏئي سڀ کي ٿو يڪسان جهنگ جهر،

آ اُهو تنهنجي ڪفالت، هوش ڌار.

 

صاد صابر ٿي، اِها نعمت عجب،

صبر راحت جي ڪنجي، راحت عجب،

رنج ۾ ڪر صبر، هيءَ دولت عجب،

صبر درويشن جي ٿي عادت عجب،

ٿي ٽري آفت اِنهي سان نامدار.

 

ضاد ضايع عمر جون ٿيون جي گهڙيون،

تن جو مشڪل آ ملڻ هاڻي ڪڙيون،

ڙوءُ نه تن تي تون ڪري واڪا رڙيون،

جي بچيون باقي اُنهن سان جيءُ جڙيون،

رهه خدا جي ياد ۾ ليل و نهار.

 

طوئي طاعت ڪر خدا جي مهربان!

خدمتِ، خلق خدا جو رک ڌيان،

سڀ اسين خلقيا خدا جي بيگمان،

پوءِ دوئي ڇا جي رکين ٿو خلق سان؟

ڪم ڪر، جنهن ۾ ٿئين تون ڪامگار.

 

ظوئي ظهور و ذات جو مقصود رک،

سامهون هردم هوُ الموجُود رک،

نفس کي نابود ڪر مردود رک،

روءُ راتين جو ۽ اک آلود رک،

تان ٿئي رحمت خدا جي آشڪار.

 

عين عارف آ اهو صاحب ڪمال،

جو گذاري فڪر فاقي ۾ نهال،

خلق جي خوشنودي جو جنهن کي خيال،

غير کان وانجهو آ جنهن جو حال و قال،

اُن جي مجلس ۾ سدا باغ و بهار.

 

غين غم دنيا جو ڇا جي لئي رکين؟

ٿو ڌڪا ڌوما اَجايا سر سهين،

دوڙ، ڪنهن درويش جي وٽ آستين،

تان ٿئي سرهو سندءَ دنيا ۽ دين،

ڪر اهو سودو سجايو، ٿي سچار.

 

في فنا جو وٺ مزو جيئري مَري،

تان کُلي ديدار جي توتي دري،

نفس اَمّاري جي هيءَ جادوگري،

ٿي نه توکي واٽ جي سنئين رهبِري،

لڙهه لڳي ڪنهن خضر جي  ٿي خبردار.

 

قاف قائم رهه شريعت جي مٿان،

پوءِ رڙهه رستي طريقت جي مٿان،

ڪر وڃي قبضو حقيقت جي مٿان،

پئو نه تون ڪشف ۽ ڪرامت جي مٿان،

معرفت جي راز جو ٿي رازدار.

 

ڪاف ڪر تون ذڪر ذاتي روز و شب،

ريءَ خدا جي ٻي نه رک ڪنهن جي طلب،

ڪنڌ موئنن ۾ وجھي رهه سان ادب،

رات جو جاڳي روئڻ آهي عجب،

مرتبو اُن سان ملي ٿو بيشمار.

 

لام ليڪو نفس جو آ مراد،

وڃ انهيءَ گهيري مان نڪري ڪر جهاد،

ڌوڙ دنيا ٿي سڄي شر ۽ فساد،

جن ڇڏيو هن کي ٿيا سي شاد شاد،

تون به هل تن رهت، ٿئين باوقار.

 

ميم مرشد جي هدايت هيٺ رهه،

ذڪر ذاتيءَ کان سواءِ ٻيو پهه نه پهه،

پاڻ ۾ پيهي سڄو اسرار لهه،

قرب ريءَ ٻي قال ڪامل ٿي نه ڪهه،

پوئتان تنهنجي اَٿي دشمن هزار.

 

نون نازڪ آهه دنيا جو گذر،

پل صراط آهي ميان! ٿي هوشور،

لنگهه انهيءَ تان خوف سان، ساور خطر،

هڪ طرف دوزخ جي آتش جو اثر،

ٻي طرف جنّت جي نعمت کي نهار.

 

واو واقف ٿي وطن جو خامڪار،

هيءُ نه آ ساڙيهه تنهنجو، هوش ڌار،

ديس آ تنهنجو ٻيو، ڪر اعتبار،

ڪر سمر اُن جو، سنڀاري ڪاروبار،

تون هتي آهين مسافر ڏينهن چار.

 

هي هدايت جو طريقو جو ڏسين،

وٺ اِنهيءَ کي، ويجھڙو ٿي، رک يقين،

درد ۾ دنيا جي ٿي نا دل حزين،

هن دورنگيءَ تي اجايو غم ڪرين،

ٿو چوان توکي چڱائي بار بار.

 

يي يقين رک ربّ ۾ پنهنجو تمام،

رهه خدا جي ياد ۾ مانجهي مدام،

جي وڻئي پڙهه منهنجو هي ڪمتر ڪلام

مختصر ”خادم“ چيو جو، والسلام،

هال کي وٺ، قال کي ڪر وا گذرا.

ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾ *

(چيل ڀاونعلي شاهه ”ساقي“ جي)

[پير ڀاونعلي شاهه ولد پير محمد شاهه 15 فيبروري 1887ع/1304هه ۾ بدين، ضلعي حيدرآباد ۾ ڄائو. سندس خاندان جو سلسلو سيد عبدالقادر جيلانيءَ سان ملي ٿو. بدين جي شاهه قادر درگاهه جو سجاده نشين هو. ويهن ورهين جي عمر ۾ شعر چوڻ شروع ڪيائين. ”ساقي“ سندس تخلص هو. سندس چيل ڪلام گهڻو آهي جو مولودن، مداحن، ڪافي، غزلن ۽ قطعن تي مشتمل آهي. هتي سندس هڪ ٽيهه اکري ڏجي ٿي. مولوي تاج محمد ”مشتاق“، مولوي احمد ”ملاح“، فقير حاجي پير بخش ”دلريش“ ۽ سيد ڪرم علي شاهه لڪياري سندس صحبتي هئا. جوانيءَ ۾ ئي 19 آڪٽوبر 1918ع/ 1337هه ۾ وفات ڪيائين.]

الف اوّل آس آهم در ڌڻيءَ جي دائما،

تو بنا ٻيو ڪير سڻندو ڏک ڀريو احوالِ ما،

ٿو گهران جيڪي اميدون تو دران، ڪرتون عطا،

سرفرازي ڏي سدا تون يا نبي! بخشي خطا.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

بي بلاشڪ آهي برتر منجھه نبيّن آفتاب،

آهه توکي ٿيو عطا ختم الرّسل جو ئي خطاب،

تون گنهگارن مٿان لاهين خطائون ۽ عتاب،

ٿئي دعا درگاهه ۾ حضرت محمّد! مستجاب.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

تي توهان جي تَن اندر مون کي سدائين آهه تات،

ياد مون کي يا نبي! آهي اوهان جي ڏينهن رات،

سيّدا! توتي سدائين آهي صادر ٿي صلوات،

ٿيس گناهن ۾ گتل، تن مان ڪڍي تون ڏي نجات.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ثي ثمر سوکو عطا ڪر، آهي تو در الغياث!

عافيت ڏي، غاقبت ۾ ڪر سهولت، الغياث!

ماد ڪر سڀ مدّعي، جيڪي سدا مو، الغياث!

ڪاڻ ڪنهن ڪافر ڪميني جِي نه ڏي تون، الغياث!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

جيم جانب! ڪيو خدا آنۡ کي نبيّن جو ته تاج،

تنهنجي سِر کي ٿيو عطا پيغمبريءَ جو شاهه تاج،

سيّدا! صلوات تنهنجي سڀ مريضن جو علاج،

يا محمّد مصطفيٰ! منهنجو سڌارج ڪار ڪاج.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

حي حذر تنهنجي ۾ حضرت! ٿو پڙهان پرتئون مداح،

ڪج قبوليت هيٺ منهنجي هيءَ ثناخواني مداح،

يا محمّد! مدّعي تي ڪج مون کي دائم فتاح،

قلب هي ڪارو صفا ڪج ۽ سندم گرد و نواح.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

خي خدا ڪارڻ، عطار ڪر مون کي تون روزي فراخ،

۽ عطا ڪر دين ايمان، بخت پڻ بالا فراخ،

۽ ڪشادي دل سندم ڪر ذڪر سو قلبي فراخ،

ڪر مزار ما غريبان، لطف سان لائقٰ! فراخ.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

دال دنيا ئي ڌنڌن کان ڪر سندم تون دل آزاد،

دلربا! درسن پسائي دل سندم ڪر شاد باد،

سوال ٿو تنهنجي ڪريان درگاهه ۾ ڪر منهنجو داد،

۽ مزار ما غريبان يا نبي! ڪر تون ڪشاد.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ذال ذڪر الله جو ٿيو آهه ارواح کي لذيذ،

وقت جو گذرڻ، حياتيءَ ۾ ڪري تون ڏي لذيذ،

سيّدا! صلوات تنهنجي آهه ارواح کي لذيذ،

خانه آباد با اولاد ٿئي مون کي لذيذ.

يا محمد مصطفي! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ري رحم پنهنجي ڪرم ۽ لطف سان ڪريڪ نظر،

يا نبي! هيڻن سندا همراهه ۽ ڇورن ڇپر،

جي لڳا دامن سندءِ سي ٿيا سدائين سرس سَر،

يا نبي! تنهنجا سخا ۾ آسرو آهم اَپر.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

زي زبان تنهنجي ثنا ۾ ڇا ڪري ڪا حد انداز،

اي بشر! گهُرجي دعا، گهر از درِ بنده نواز،

يا نبي! بخشي خطا بامهر ڪر تون سرفراز،

ٿو گهران آءُ خير عقبيٰ در سندءِ تو بي نياز.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

سين اي سردار عالم! منهنجي هن فرياد رس،

مدعي ڪر ماد منهنجا، مون کي ڪرتَنِ تي سرس،

مير! محتاجي نه ڏي ڪنهن جي، هجي افسر ڪوڪس،

جي لڙن لُچ لعنتي، تن کي ڪريو بيران بس.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

شين شاهنشاهه جي صحبت سندي مونکي ڪشش،

عرب جو شل آب پياري پوري ٿئي منهنجي عطش،

مير محمّد شاهه! تون منهنجون مدايون عيب بخش،

عاقبت اولاد سان حاصل ٿئي بس شاد خوش،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

صاد صاحب! دل دنيا جي سڀ ڌنڌن کان ڪر خلاص،

حشر ويلي تون شفاعت سان ڪرائين ڪم قصاص،

دوستن ۽ دلربائن سان رهان شل با خلاص،

مدعي سڀ ماد ڪر، ٿئي خُلق مون سان عام و خاص.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ضاد ضامن ٿي اسان جو در قيامت آ عرض،

آسرو تنهنجي عنايت ۾ رکي منجهه فلڪ و ارض،

ٿئي منت مقبول منهنجي، ٿئي دفع سڀ قرص مرض،

۽ ملي توفيق مون کي پاريان آءُ حَجُ فرض.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

طوئي طمع ڪر ترڪ منهنجي، ۽ سندم ڪر غم غلط،

سي سڀئي سڦرا سندم ڪر جي ڪيا مون ڪم غلط،

توکي دم دم ساريان، ٿئي ڪين منهنجو دم غلط،

عرب ڏي اکڙيون اٿم، شل ڏسان آءُ پاڪ خط.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ظوئي ظالم جي ظلم کان، تون بچائج يا حفيظ!

ظاهر ۽ باطن ۾ ڪر منهنجي مدد تون يا حفيظ!

حشر ويلي هٿ سندم وٺ هاشمي، تون يا حفيظ!

ڪارڻي! قيامت اندر بس تون قريشي يا حفيظ!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

عين عزّت عافيت سان، رک شرم شاههِ، شجاع،

ڪر دفع دشمن سندم، جي ٿا رکن مون سان نزاع،

پَرتَوو ظاهر پرين! تنهنجو ٿيو شمسي شعاع،

جنهن طمع کي ترڪ ڪيو، تنهن دان ڏي مالڪ! متاع.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

غين غفلت غير کان تون، مون ڪڍي ڏي ڪو فراغ،

قلب ڪاري ۾ سندم، ڪو نو جو روشن چراغ،

تا حياتي يا نبي! منهنجو رهي سالم دماغ،

خانو شل روشن رهي سالم دماغ،

خانو شل روشن رهي، اولد جو آباد باغ.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

في فڪر دنيا ڪنان منهنجو قلب ڪر صاف صاف،

قلب تان ڪارو ڪٽر ڪر دور ۽ من تان علاف،

تن دو رنگن دور ڪر جيڪي هجن منهنجي خلاف،

سوال سڻ سيّد سچا، عالي نسب عالي  شراف!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

قاف قربئون ڪا ڪريون مون تي شفاعت يا شفيق،

وقت اوکيءَ شاهه! مون سان ائين ٿيو همراهه رفيق،

آءُ، هان گردابِ غم ۾، بحر گوناگون عميق،

تون ڪڍي، ڏي دل دِهي پنهنجي پسائي ڪو طريق.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ڪاف ڪن جي دشمن تن کي تون ڪر حضرت! هلاڪ،

تن دو رنگن کي دفع ڪر لعنتن کي زير خاڪ،

آءُ چمان ٿو چاهه مان تنهنجي پري! پيزار پاڪ،

سڀ نِمَنِ توکي قمر، شمس و نجم ارض افلاڪ.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

لام لڙهه جي  تو لڳا، تن کي بچايو يا رسول!

۽ ڌڪن ڌومن دنيا جي کان ڇٽايو يا رسول!

غير، غفلت غم ڪنان دل کي ڇٽايو يا رسول!

نام نرمل! تو سندو پِرتَئون پڙهايو يا رسول!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ميم محمّد مصطفيٰ جو آسرو آهم مدام،

معرفت جي ميء جو مون کي ڪو پياريو خاص جام،

اِذۡنُ اَلله کان شفاعت جو ميلو توکي تمام،

آهه نازل ٿيو اوهان تي پاڪ قادر جو ڪلام

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

نون ناقص آهيان، ناچيز ۽ بلڪل نادان،

ناهه طاقت جو زبان چئي صفت تنهنجيءَ جو بيان،

توکي مالڪ ڪيو عطا، ارض و سمائن جوعِنان،

تون ڌڻيءَ درگاهه ۾ مون لئي محمّد! مهربان،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

واو وارث وير! تون دلگير کي ڏي آسرو،

جو لڳي دامن تنهنجي سو خلق ۾ خاصو کرو،

راز رحمت تو مٿي سڀ خبر سان خاوند ڪيو،

توکي نبيّن جو نبي! ملاڪ مِٺي مقرر ڪيو.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هي هجر ۾ يار جي منهنجو سِڪي ساري پساهه،

شل مِٺو محبوب ميڙين، يا نبي! تون شهنشاهه،

۽ پوي ڪو قهر تنهنجو، بر رقيبن رُوسياهه،

تن رقيبن کان بچايو پِرت جي ڏئي ڪا پناهه.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

لام لائق! لطف سان ڏيکار تون پنهنجو جمال،

آهين تون همراهه مون سان، ناهه پوءِ ڪنهن جي مجال،

ڪر نظر تون نور نرمل! تان ٿيان ناقص نهال،

خوش هجان اولاد سان خانو سندم هردم بحال.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

الف آخر عرض ڪريان پيش تنهنجي شاهه آءٌ،

ڏي مدد تک تار ۾ پڻ آهيان گمراهه آءٌ،

شال چشمن سان چُمان تنهنجي اچي درگاهه آءٌ،

تو بنا مرسل! نه ڪنهن جي ڪا رکان پرواهه آءٌ.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يي يقين آهم عنايت ۾ اوهان جي يا نبي!

آيو ”ساقي“ سگ سندءِ درگاهه تنهنجي يا نبي!

تنهن مٿان ڪر مهرباني، مهر پنهنجي يا نبي!

عزّ عقبيٰ ۽ دنيا ۾ مون رکج تون يا  نبي!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا رسول الله! اوهان جي آهه مون دامن جهَلِي،

ناهه منهنجي ڪا سوا تنهنجي پيغمبر! ٻي ڳَلِي،

در ڇڏيا ٻيا دور آيس، در سندءِ هادي! هَلِي،

غم ڪنان آزاد ڪر، آسان ڪر مشڪل ڪُلِي،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا نبي! تنهنجي ثنا خواني ڪندي ڇا هيءَ زبان!

ڇا بشر کي آهه طاقت جو ڪري وصفون بيان،

خود خدا تنهنجي صفت ۾ آهه ڪيو نازل قرآن،

تون ٿئين آدم منجھان، آدم ٿيو تو مان عيان،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

سڀ ملائڪ ۽ مقرّب خاص خدمتگار ٿيا،

تون سندن سردار سائين، هو سندءِ بيشڪ بندا،

جي پيغمبر ملڪ ۾ موليٰ اڳي تو کان مُڪا،

سي سڀئي تنهنجا صاحب! خابرو قاصد هئا.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.


*  اتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ملي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org