سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :6

لام لالڻ! امر تنهنجي ۾ رهيو آ جبرئيل،

خاص آهي در توهان جي جو مجاور ميڪائيل،

دادلو دايو سندوَ آهي مدامي اسرافيل،

آهي گولو ۽ سلامي تنهنجو بيشڪ عزرائيل-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

ميم موليٰ مرتبو تنهنجو ڪيو ايڏو مدام،

ڪل نبيّن پرت مان آڏو اچي ڪيڙو سلام،

آهي افضل ٿيو اوهان جو سڀ ڪنان بيشڪ ڪلام،

مجتبيٰ! پَرتَوَ ”گلڻ“ دامن لڳل پنهنجو غلام-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

نون نوڙيو امر تنهنجي ۾ آهي سارو جهان،

آب، آتش، واءُ، مٽي بلڪ ارض و آسمان،

رات ڏينهن دل سان صلواتون ٿا پڙهن سي بر زبان،

تن ۾ گڏ مان پڻ گذاريان شال ڏين داتا! ڪو دان،

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

واو واهر ٿي، جو آهيان تنهنجي دامن مان لڳو،

در اوهان جي کي ڇڏي، ٻئي در وڃان ڪاڏي ڀڳو،

ڪاڄ ۽ مطلب مڙن جو در اوهان جي کان ڀڳو،

نينهن پنهنجي جو ڍڪائج سيگهه ۾ سائين وڳو-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

هي هدايت ڪر تون هادي! ناهه توري ڪابه واهه،

سرخرو جيڏن ۾ رک يا مصطفيٰ شاهن جا شاهه!

حاسدن ۽ حرف گيرن کان تون ڏي صاحب پناهه،

ٿي محابي غوث اعظم مون سان حامي محشر گاهه-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

بي مون کي يارن ۽ پاڙن جي خفن کان تون بچاءِ،

۽ تمامي مسلمانن، ديندارن کي ڇڏاءِ،

ماءُ، پيءُ ۽ ڀيڻ ڀائرن ڀاتين کي پڻ بچاءِ،

ساڻ ڪلمي ڏينهن قيامت سڀ کي جنت ۾ لنگهاءِ-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

 

آهه منهنجو عرض تن کي، جي پڙهن هن کي درست،

جي ڏسن ڪا ڀُل ۽ چُڪ ڪن مهر سان ان کي درست،

هئي ڏهين شعبان جي تاريخ دل چئي ٿي درست،

سن ٻارهن سؤ ڇهاسي مدح ٿي مون کان درست-

يا محمّد مصطفيٰ! بهرِ خدا دل شاد ڪر،

ڏي خوشي، ڏک ڏور ڪر، بدخواهه منهنجا ماد ڪر.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله

ٽيهه اکري: لولي

(چيل همت علي شاهه جي)

]همت علي شاهه رضوي، ساڪن روهڙي ضلعو سکر جي ”ڪوٽائي سادات“ خاندان ۾ ٿي گذريو آهي. روهڙي اسٽيشن لڳ سيّد يعقوب علي شاهه جي ڪوٽ ۾ سندس رهائش هئي. جيئن ته هن خاندان جي پوين کي علمي ذوق نه رهيو، تنهن ڪري همت علي شاهه جي ڄم ۽ وفات جا سال به محفوظ نه رهي سگهيا. البته سندس دستخط نسخي ۾ هڪ هنڌ تاريخ 20 ربيع الاول 1290 هجري مرقوم آهي. هيٺ سندس لولي واري ٽيهه اکري ڏجي ٿي.[

 

الله لولي لو، مٺڙا لولي لو!

توکي خوش کلندو ڏسان، هئي لولي لو!

 

الف الله جي آسري، جاني! جوڙيم هيءَ لولي،

مير محمد مصطفيٰ منهنجي ڪندو شل سولي،

اسم پاڪ عليءَ جو، نِت ٻوليان مون ٻولي،

اصل آءٌ گولي، ”همت علي“ حسنين جي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

بي باري وِڌءِ عشق جا اچي دل کي دلبر دام،

سڪ تنهنجيءَ ۾ سپرين مون کي ناهي ڪو آرام،

توريءَ وڻن ڪين ڪي، هي قيما ڪيفي طعام،

محبت منجهه مدام، آهيان اوهان جي سپرين.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

تي تهدل توسان سپرين، منهنجو پِرتؤن پيچ پيو،

لکيو روز الست کؤن، منهنجو توسان ليک هيو،

سورن سوز فراق جي، منهنجو چريو چِت ڪيو،

دلبر! ڌيان ڌريو، ڪر مهر مون مسڪين تي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ثي ثابت رکيم ساهه ۾، سهڻا! تنهنجي سانڍي سڪ،

ٻاهر ٻاڦ نه نڪري، سا اندر برهه ڀڙڪ،

مون کي عشق عليل ڪيو، جاني! تاب رکي تک،

لالڻ! تنهنجا لک، درد اٿم دل ۾.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

جيم جانب نه سگهان جالي، تو کؤن دلبر ڌار،

گوندر غمن ۾ ڇڏي، وڃي ياڪي ٿيڙين يار،

آءُ ته گڏجون پاڻ ، سهڻا! وِٿ نه وجهون وار،

ساجن! لهجانءِ سار، سگهو سڃاڻي اچي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

حي حُسن اوهان جو ڏسي، ٿي هينئڙي حيراني،

بِرهه باري اوچتو آيو، فڪر ڪيو فاني،

ملجانءِ مانديءَ کي اچي، جيئري تون جاني،

دلڙي ديواني، درد اوهان جي ڪئي.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

خي خصلت تنهنجي خوب آهي، منهنجي من کي وڻي،

اڱڻ اچ اسان جي پيارا! پِرتؤن پير کڻي،

چاهؤن چُمان تنهنجي، آءٌ پيرن جي ته پڻي،

محب! مَنڊ هڻي، من ۾ محبت جو وئين.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

دال دم دم دل ۾ توکي، دلبر! ٿو ساريان،

ساعت پَلڪ هيڪڙي، سهڻا! ڪن وساريان،

ڳالهيون ڳُڻ توهان جا، ٿو پلپل پَچاريان،

گڏجي گذاريان، شال اوهان سان سپرين!

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ذال ذڪر اوهان جو، آهي وائي منهنجي وات،

راتيان ڏينهان روح کي، آهي طلب تنهنجي تات،

پُرجهي پرين پاڻ ڏس، جاني! سمجهي ڪر سمجهات،

قادر جي ڪلمات، لکيو انگ اوهان سان.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

ري ريهي رُوحڙو، منهنجو رمزن ساڻ وئين،

لنۡءُ لائي مون پرين! وڃي ياڪي يار ٿئين،

آءُ ته اوريون پاڻ ۾، ويهي جانب! شال جئين،

گڏجي پَٽَ پئين، پيالي پِرتؤن مون سان ڀري.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

زي زاري ٿو ڪريان، منهنجي سڻجان يار سڄڻ!

موهيو ماڻي تنهنجي، ٻيو خوش ٿي يار کلڻ،

آهي آس اندر ۾، مون کي محب ملڻ،

تنهنجي ٽور ٽلڻ، منڙو مستانو ڪيو.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!

 

سين سدائين سپرين! توکي ساري منهنجو ساهه،

ڪوڙ ڳالهيان ڪين ڪي، ٿو ڄاڻي هڪ الله،

لکئي لوح قلم جي، آڻي ٺاهيو اهو ٺاهه،

ڪندو شاهن جو شاهه، ميلو محبوبن سان.

هوءِ لولي، توکي خوش کلندو ڏسان، هوءِ لولي!


[1] . همت علي شاهه جي دستخط نسخي تان ورتل، جو محترم مرزا گل حسن ”احسن ڪربلائي“ (حيدرآباد) کان مليو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org