سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :44

لا اِله الا الله محمد رسول الله

ٽيهه اکري: نصيحت ۽ هدايت

(چيل هارون جي)

[هيءَ ٽيهه اکري هڪ ڪهني قلمي بياض مان اتاري وئي، جنهن ۾ اها اڻپوريءَ صورت ۾ صرف ”س“ اکر جي پهرين مصرع تائين قلمبند ٿيل هئي. بياض ۾ هن ٽيهه اکري کان اڳ وارو جيڪو نظم لکيل آهي تنهنجي آخر ۾ ڪتابت جي تاريخ ”18- ماه جمادالاول سنه 1244هه“ ڏنل آهي ۽ ڪتاتب پنهنجو نالو ”حافظ محمد صالح ولد مرحوم خالقڏنو سعد پور“ ڄاڻايو آهي. غالباً هيءَ ٽيهه اکري ان تاريخ تي يا ان کان پوين تاريخن تي ساڳئي ڪاتب اتاري. بياض جي پوئين حصي ۾ هڪ نظم جي آخر ۾ ساڳئي ڪتاتب جي هٿ اکرين ”23- ماه شعبان سن 1245هه“ جي تاريخ ڏنل آهي، جنهن جي بناء تي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته هيءَ ٽيهه اکري انهن ٻن تاريخن جي اندر اتاري وئي. شاعر هارون جو نالو ”ت“ ۽ ”خ“ اکرن هيٺ اچي ٿو ۽ پڻ ”خ“ اکر واري نظم هيٺ ’هالن‘ ۽ ’ڀِيَن‘ جو مغال ڏنو اٿس جنهن مان گمان نڪري ٿو ته شاعر هارون شايد هالن يا مٽيارن جي طرف جو هو.]

الف اڳِهِن پنڌ جو، ساٿي! ڪر سانباهه.
جيءَ منجهانرا جوڙ تون پِرينِ سين پساهه،
من ۾ مچ محبوبن جو چور ته لڳي چاهه،
رڱي رڳون ريزا روح جا، پرت ڏيئي پاهه،
سڪٖي جئن سالُور کي، تن تسوئي تاهه،
تئن ڪر قلب پانهنجو، رفيقن جِي راهه،
 

454-455 مسنگ آهن

سدا مٿي سَڌ جي دائم هوس دوا(1)،
ناڪار نفس نڪري(2) ڏسيو ڏوهن کا،
اڃا ٿو اڳيان وڃي، مڙي نه ماڳا،
”اذاجاءَاَجلُهُمٌ لاصَسٌتاُخِرون ساعةَولاييستقدمون“
                ڀورا! ڀانءِ مَ پانهنجو جشن جانڪيتا،
ڇڏي ٿيندين ساعت ۾، فاني في الحالا،
ڪڙو ٿيندين تن کي جي اوڏا عزيزا،
ڀانءِ ته کڻنسس سيگهه ۾، سينگاري سهجا،
متان گهَر گهَر ڪنائي ڪري صورت مٽائي سا،
تو جنهن وڻي وٿ سَين سا اُسهِي امانتا،
ڪڙو ٿيندين ڪنهن نه وڻندين، اچي هيبت تنهن هٿا،
مُردي ڏونہ ملاحظو ڪئو ننگ نهارين نظرا،
اڳيان ٿي جيءُ جيءُ جن کي، هٿ ٻڌيو هيجا،
سودي سُکن(3) ڳالهيون جن هو وڻت واپارا،
تن سينگاري سيگهه ۾ ڪڍيو ڏون۔ہ قبرا،
گهوٽيٖن جنازو ڪِئون، ’مُردو‘ رکئون نانءُ،
ادا! هن مَيّت کي ڪو متان ڏي ايذاءُ.
هٿ لڳندي ٿو جهُري، سهي سَٽ نه ڪا،
پروَس ٿيو پَيَهڙو، نڪا سُرت سماع،
اکئن هيبت هلِي(4) منهن نه معرفتا،
ڏندن چُرڻ ڇڏئو جي ٿي مرڪئا موتين جان،
لذت مٽائي لڏئو، زور نه زباني،
چپن چُرڻ ڇڏئو، جن ٿي ڪهيو ڪلاما،
لڳيس مُهر ماٺ جي، ڪو جو وريو واءُ،
اوءِ عضوا نه ورن، جن ٿي هلايا حڪما،
پاڻون آڻي سڀڪو علٰحدو امرا،
هيبت سندا هِن مؤن ٿا اچن اَثارا
(1)،
حيف تنهنجي حال کي ووءِ ووءِ! ان ويرا،
جُہ تو ههڙو حال وسارئو، هئي ٿيون يسرا،
پرٻر ڪرين ٻين کي، اندوهه افسوسا،
روئين پٽين نه پاڻ کي ڀُڻڪي ايئن ڀورا!
پار ڪرين نه پانهنجا، گهوڙا ڙي گهوڙا!
رُوء سُوء ريت روئڻ جي هر دو هر زمانا.
ڪوهه نه کلڻ کؤن وجهٖين ڇائي ڇڄن سا،
کِل تڌهين جڏهن کَٽيئي، ري کَٽئيٖ کلڻ نه آهه،
گهڻو گهرجي کٽئو، وکر تان مَ وڃاءِ،
وکر وِيٌرين وچ ۾ تون اُجهه مَ اورارا.
ايندو موت اَجل جو اوتو جئن سِرڻ نه ڏيندا،
ڏيندين سڏ سَڏ پئي اڳيئون ’نعم‘ جو نِدا،
مٿي منجي کڻبٖين، ڪڍييين ڌونہ قبرا،
آڻي رکندءِ اوڏڙو ڪنڌيءَ کي قبرا،
مِڙي ڪندا مارڪا اُتي صحابا،
ڪندا ڳالهيون ڪيتريون دنيوي دليلا.
هڪ ٺپيءَ ۾ هيڪلٖي جوڙي جاءِ ڪندا،
ساٿي سمهاري تنهن ۾، سڀ وٽان تو ويندا،
پوري پٺيرا ٿي، مائٽ موٽندا،
تو منجهان اميد آسرو لاشڪ لاهيندا،
وساري ويندءِ اتي جاني جانبا.
تئن ريءَ رسول ربّ جي وٺتئي وسيلا،

 

458-459 مسنگ آهن

جان ڪِينٌ سمر ساريٖين، وکر تانٌ وَٽيج(1)،
بکين کِيڻ، اگهاڙيٖن گنديون، اُڃين آب پياريج،
ڏُکيٖن کُهييٖن ڏُٻين، سُوراتين سار لهيج،
ڊڄج ڊاء ڌڻيءَ جي ۽ اَسر مَ لاهيج،
پاپ گناهو پانهنجا، يارا! ياد رکيج،
”اَلايمانُ بَيٌنَ الٌخوفِ وَالرّجا“ انديشي اُڀيج(2).
جيم ئون جاهل جندڙا! چَئي چِت مَ ٿيءُ،
ساٿي سارق تنهنجو شيطان شقيُّ،
تابع ٿي مَ تنهن جو جيڪين آڇيٖ ايءُ،
اورانگي احڪامن کي، ڀورا! ڀيل مَ وِيُ(3)،
سائين مُڪيُئي سچ کي، تون رشوت سِکيو رِيُ(4)،
لڳي لال لَب جي جوکي وڌوئي جيءُ،
جو ذوق زمانو ڀانيٖين، سو هلي ويندو هيءُ،
تنهن تئون ويندهم تتهم، جت سجهي سڃ، سوڙهه، سيءُ،
ابو اما ناهه ڪا، اُتي ناهه اَخيّ،
قادر ڪندو نه ڪنهن جو، ذرو ضايع ذيُ(5)،
”فَمَنٌ يّعمل مِثٌقال ذَرّةِ خيراً يَرَهٌ وَمن يّعمل مثقال
                        ذرّةِ شراًيّره“ سونهان! ات اُڀيءُ.
حي ئون حياتي دُنييَ ۾ ڏينهڙا ٻه ٽي چار،
ٿي نه غَرٌوَ(6) غافل غير غم ۾، گهنگرسٖي مَ گهار،
اٿي اور الله سين، ٻيا وهم سڀ وسار،
پڇ ساٿي ٻَنڌ سندو، پُر پِريان جي پار،
کاءُ سوران جي کچڙي، ڏکان سندي ڏار(7)،
فقر فاقو، اوندهه اولاڪو، گهر منجهه مَ گهار،
ڏي اوجاڳو اکيٖين، هيجان هنجون هار،
گهڻو ڏهلي ڏاکڙي ڪماندڪي ڪار،
نه تو ليٽڻ لنگهي، نه تو پياري ٻار،
سيريون سچن جون گهرين تون ڪوڙو منجهان ڪار،
”اَحَسِبَ النّاسُ اَنٌ يُّتٌرَ ڪُوا اَنٌ يّقُولُوٌ اَمَنّا وَ هُمٌ لا
                                يُفٌتَنُوٌنَ“ نظر ات نهار.
خي ئون کريا جندڙا! ڀُڻي ڪيهيءَ ڀوءِ،
کِلن خوشي ناهه ڪو، ڪسب جو ڪئوءِ،
هِنيون حيرت گڏ تون، راتو ڏينهان روءِ،
ڀانءِ پنهنجي حال ۾، واڪو وجهلڻ ووءِ،
وَرَ ريءَ ڪري ويس جا، حيف تنهن کي هوءِ،
جنهن نه واريو وَلهٖي، سا مَر رَتوئي روءِ،
پورهيو ڏبو تهڙو جهڙو ڪمايوءِ،
”فَلِيَضٌحَڪُوا قليلاً وَليبڪُوا ڪثيرا جَزاءَ بّما ڪانوا
                        يَڪٌسِبُوٌنَ“ ايءُ سڻو سنيهو،
خي ئون خلقييٖن خاڪ کان، خاڪي منجهان خاڪ،
پڇ اٿي، پنڌ ندرو، مٿي ڪنہ قزاق،
گهڻا هڻندينن هٿڙا جُہ تون پيو ۾ تاڪ،
”مِنٌها خَلَقٌنا ڪُمٌ وَفيها نُعِيٌدُ ڪُمٌ“ وائي اهائي واڪ.
خي ئون کائج نه پِيج ڪِينٌ، نه ڪو لذت نه لاءُ،
ماڙهن محبت ڇَڏي، ڪو جو وريو واءُ،
قرب قرابت ناهه ڪا، نڪو صحبت ساءُ،
جاني جهت ناهه، الفت عزيزا،

 

462-463 مسنگ آهن

کاڄ خنزيران بڇڙو، پَسو ٿئو پيدا،
نَڪا سُڌ صحّت جي حَدّ نه حلالا،
گڏجي گوڙ ٿئي، چِلُڻ چِڪ ٿيا،
سَبيلانٌ سُبحان ڏي، هاڻي ڪير هلندا،
کئڻ طهارو، ڳالهڻ سچارو، ڀليو ڀونء مٿا،
”ذَهَبَ اَڪٌلُ اَلحَلال وصِدقُ المقال“ مئا مرشدا،
ٿِي وَسِينٌ واريءَ ڏيهه جئن اندر اوتارا،
لالچ لسانن ۾ قلب ٿيا ڪارا،
ڀڏو پاڄين، ونهيون واچين
(1)، ٿي پسين سڃ صحيحا.
هاڻي هن زمان ۾ ماڙهو سي ٿيا،
جن گڏي فتنو، فساد، فسق فاسقين، نڪو ڊپ نه ڊاءُ،
ڪَن تجاوز حد ٿا ڀڃن فرمودا،
ترس نه تماڪين کي، ڀؤ نه ڀِنجيرا،
نه ٿن لڄ نه ليهه ڪا، پڌر ٿاپِيندا.
وياءَ وئي وقت ۾ سيئي ساماڻا،
ڏٺي جن ڀؤ ٿئي، ايندي انديشا،
سست نمازن سين، تابع شهوتا،
پُريون پڳان(2) پيچرا جني اُموهيا،
اوءِ هوندا ڏينہ قيام جي ڪتا دوزخ جا:
”اَصٌحابُ البدعِ ڪِلاَبُ النّار“ سڻو سنيها.
عالِم جي عمل جا عالَم ۾ اعليٰ،
خوب ڏيندڙ خبرون ڪنا ڪتابا،
متشرّع، متضرّع، متَديَّنَ، پرهيز پاڪيزا،
اُڀِيٺا اسلام ۾ گوشي ٿي غيرا،
پُٺِيءَ لڳو تن کي، جيڪين چُوٌنِ مها،
وَهمَ وجھي جندڙو، ڪَن مَ سو ڪجاهه:
قالَ عَليہِ الصَّلواة والسَّلام فِيٌ حقِ الٌعلماءِ:
”اَنٌظُروا اِلى ما قالُوٌا وَلاَ تنظرو اِليٰ ما تفعلوا“ پرُوڙهو پاڻاء،
عالم طالب حق جا، پرهي ٻيا چڪارا،
پڙهن حرف حيلا حجتون، پرت نه پروڙا،
اوڏو پسن نه اکيين، ڏسن جو ڏورا،
سج سهائو تن کي آهي اونداها،
سنڀاهين سپارشون، وٺن وسيلا،
ڪسيري جون ڪڪڙيون، پير ٽڪي جا کاءِ،
سير ڪتيندي ڪڏهن وڃائي پنج پاءِ،
ميل ڪيو مخلوقن ڏي هلن ٿا هُئاءُ
(1)،
ٻانهي تي ٻاجھ ٿئي جي ڏئاري ڏاتارا،
مڙني مخلوقن جو مٿي کاڄ خداءِ،
”وَمَا مِنٌ دابَّة فِي الاَرٌضِ اِلاَّ عَلي الله رزٌقُها“ ٻڌو ايءُ ٻوڙا!
هِت هُت سو هيڪڙو حاضر هميشا،
ٿيءُ، تي رزق ٿورڙي، راضي تون رضا،
مَهورُ ڪر
(1) گھڻي مال کي، درماندو درداءُ،
جئن پرڏيهه وجھين پاڻ کي، وڇوڙي وياء،
ڪوهه ڄاڻي ته ڪئن وَهي، قادر جي قضا،
ڪِ اوڏهم ٿيندين پٽڙين ڪ موٽي مِڙندين ماءَ.
تون جنہ مرين مال کي، تنہ کي ناهه بقاء،
هئي هئي ميڙينِ هيڪڙا، کِلن کِيٌنِ پيا،
آهي مثل مکي جي، دولت جي دنيا،

 

466 ۽ 467 پيج نه آهن

نه فرض واجب ان ۾ نه سنّت مُستحبا،

ڪن بيفائدا پنڌڙا بلڪ بيڪارا،

ڇڏئي شريعت کي، هلن منجهه هوا،

اهڙو مثل اُن جو، جهڙو مثل ڪُتا،

”واتَّبعَ هوئہ فمثلہ ڪمثل الڪلبِ“ ڪڍئو قرآنا،

ڪرين ويس، مٿي کيس، ڪارا ڪيس، ڏورين ڏيس، ورسيا وتن ويچارا،

ڪن ڪَروڙون، ڏين مُڇن موڙون، چکن سوپاري ساءُ،

ڇنن سانگ، وڍين وانگ، جي هوند ڪرين چيت چرئا،

نه مُڙساڻيٖ ماڙهئيٖن، ايءَ پَر پينارا،

”اَلا سِتِيناس بِالنّاسِ علاماتُ الاِفلاس“ اورين ڪين اُئا،

سٽون ڏيندا سگهه جون، ڀُڻن دَر در دانهيندا،

پيسا پنيو دمڙيون، ڌارين ڍور ڍڳا،

جُہ ڍٖيليائون ڍورڙيٖن، ڪِي ته هورئا حزينا[1]،

جوٽون ڪٽي جوءِ تي، ووءِ ووءِ! ڪن وِيا،

توشو وئڙن تُوڻِ جو جِيَهَم[2] جيلاها،

طرح[3] طالبن جئن، ڏسڻ سو درياءَ،

ڀُلئا ڀُوڻن ٻُگهه سي مُورهان مارڳ تان.

سوجهي سائين نه لهيٖن، مولو مَن منجهاء،

جو وهما ويجهو گهڻو پَلڪ پَساها،

”وَ نَحنُ اَقرَبُ اِليہ مِن حَبلِ الوَريد“ ايءُ ڏونہ انسانا.

ڪار فرعون جي مٿي ويس موسى،

ڳالهيون نبيّن جون هنيان پگهارئا،

لايو ڀوڻن لب لئي، وَکر ويچارا،

اِيءَ پر پِيران ناهه ڪا، راهه نه مرشدا،

اِي اَمارا اِن ۾ نالي جئن فقراء،

فقير چئجي تنهن کي جنهن کي داٻ درويشا،

ڪنز قناعت تن کي، توڪل توفيقا،

صبر شڪر شب روز وَ لاهيٖ[4] ويساهه،

پر ۾ پلين پاڻ کي ڪنان هيٺ هوا،

سَڌون ساڙي ڇڏئون، لاهيٖ لذّتا.

تهڙا راضي رنج ۾، تهڙا صحت ساء،

تهڙا بر بحر ۾، تهڙا بَلدَيٖن بعيدا،

فقر فاقو، اندوه اولاڪو، سَندُني مال مَتاع،

ڪين قسمت اُن جِي ولائي[5] واکاڻاءِ،

”الفقير الذّي لايڪون لَہ اِلا الفقر“ پروڙيو پاڻا،

ذاڪر، فاقر، فارع، فاهم، طالب، تارڪ تنہ ٿئا،

سارع، وارع، خاشع، زاهد، هادم هليا،

خائف خاص ويا، قائم، راڪع رمئا،

ساجد، صائم، صابر، شاڪر، صالح سَواراء،

عاشق، عارف، عادل، عابد، عالم، عامل اُسهڻا،

محدّث، مجتهد، مفسّر، مصنّف، مشرّح مُحشاء[6]،

جنين جُزون جوڙيون، ڪڻا ڪتابا،

سي گهاتو گهوري واهڙا، وڃي سيج ستا،

موٽئو ماڳ نهاريان، تڪيا تني جا،

مانَ منجهانِي ڪو لهان ذرو زيور زراء،

وَڻ سَنڌنئون وڍيا، ويٖڙييٖن وَنگ ٿيا[7]،

ڏٺي ڏُکيءَ نه لهي گهوڙا! سندني گهاء[8]،

صفحو 70 ۽ 71 موجود ناهي.

تون ڌڻيم ڪرييٖن توهه پانهنجو، ته ٿئي اوباهو ماءُ،

نئون سيارو آئيو، وريو اُتر واءُ،

جيءَ تي جوڙي رلڙي، سانجهر سوڙ سباء،

جاڏو سُڄي جاسَڪو ٺاٺا سيءُ ٺاراء،

ڪونه ڏيندو ڪنهن کي اُت پلؤ پاڙيچا،

جني ڍنگ نه ڍٻري، حيف تني کي هاءِ!

سندا اڙين ڪارڻي! آءُ حضرت محّما(صلعم)،

ڇڄندين ڇنڇار ڏينہ، اوڏي نه اربعا،

پَتيون پيرن[9] سنديون کاري خميسا،

جمعي ميڙو جيڏييٖن، پرهڻ پاڪيزا،

ڪانه ڏٺيسون ڪڏهين، ڪا اهڙي اڪاڄاء،

جنہ ڌَنَ پُرهه نه پيٖيو[10]، سَس نه صهرو ساء،

اوءَ مَر ڀيريو ڀيري چرکڙو، راتين روزمرا،

سُک م سمهي لڱ سيئن ڏُکينِ ڏينہ ڪِهاءُ:

نڪي سي ڪاپائتيون، نه سو چرکي چاهه،

ڀِنيءَ جن ڀيريو لاهي ننڊ نيڻاء،

اوسيڙي اَسور جي سُتيون تان نه سُکاءِ،

اَڌيءَ ارٽ ڪڍيا ڏکين جِنداء[11]،

سنهون ڀَئٖي صراف جي اورين اُميداءِ،

پَٽا ٻڌي پيٽ سين جن ڏنو جال هٿا،

”تَتجَافى جُنُوبُهمُ عَن المَضاجعِ يَدعُونَ ربّهُم

خوفاًوطمَعاً وّ مما رزقناهُم يُنفِقُون“ تان تون هل هڻان،

ويهي جي ورق ورائيٖن جُزون جانڪيتا،

پڙهڻ پروجڻ پاڻ ۾ وڏو فرق وچا،

هن هنيٖين ۾ حال وهٖي، هن ڄِڀُن اچي ساءُ،

سوڌي ساڃاء نه ٿئي پهڻي ري پريان،

”يَفعَلُ اللهُ ما يَشاَءُ“ جيڪي ڌڻي ڪري سو ٿئي، ٻيا سڀ بهانا.

نڪي سي ڪپائتيون ڀيرَم جن ڀيرئا،

چوريندهم چَرکڙا وري چور وئا،

سهسين چَرکڙا وري چور وئي،

سهسين نه لڌو سيٖر سو، پَدمين نه لڌو پاء،

وييون ويچاريون نڪري لڏي لوءِ هِئا،

هنيڙو مون توڻ ٿئي ڏسئو اَتڻ اُنِي جا،

جت سدائين جوهرين، ويٺا وڻجارا،

موتي مرواري مال ۽ پلر پٽ پوتا،

اُنِ ڏسان ڀِريا ڀيڻئيٖن ڪُوڙا گوگيتا،

جني سندي سٿ ۾ لڀي لِک نه ڪا،

ماڻڪ وهيا اوهري، تر ۾ سُتيارا،

بُک مَرجي ڪوڙ ري هڻ ۾ سچارا[12]،

هوءِ تان وييون نڪري ههڙو هُن حالا،

نڪي ڪَتِن ڪُوڙيون نڪو چرکي چاهه،

پَهي ڪتينديون هيڪڙي، وڃائينئي پاء،

”فخلف مَن بعدهم خلف اَضاعواالصلواةواتبعُواالشهوات“ اهڙين پارين پهيڙا مڱر ماڻيندا.

صفحو 474 ۽ 475 کُٽل آهن

صبح جن سنڀاهئا، آرسڻ اُلوهيا،

تريون کڻي ترنرا ويچارا ويا.

پاڪ پرهيز ناهه ڪا، نه سي متقاء،

ادب جن اکين ۾، ۽ هنيين منجهه حياء،

”الحياءُ منَ الاِيمانِ“ ٿڪا سي ٿورا،


*  هيءَ قلمي بياض اسان کي دوست محترم حاجي عبداللطيف علوي (از اولاد شيخ ريحاڻ رحه) وٽان مليو ۽ اصل ميين وڏل حيدري علوي سعدپوري جي ڪتبخاني جو هو. هيءَ متن اصل بياض سان ڀيٽي، حتي الامڪان درست ڪيو ويو آهي. مشڪوڪ پڙهڻيون هيٺ حاشيہ ۾ ڏنيون ويون آهن.

(1)  دوا= ڊوڙندڙ. (2) نڪڻي(؟). (3) اصل: سهد سکڻ. (4) اصل: اکين هيبت حلي.

(1)  اصل: اَسارا.

(1)  وٽيج= فائدي مان خريد ڪج (2) ”ايمان، خوف ۽ اميد جي وچ ڻ آهي“ اُپيج= کڙو ٿي بيهجان. (3) وي= سائو سبز چراگاه (4) ري= ريهه؛ ڪوڙ(؟) (5) ذي= (6) اصل: ٿي نفرو، نفرو(؟). غرو= مشتاق. (7) ڏار= دال.

(1) اصل: بڏو پاجين وهيو واجين. (2) اصل: پنکا (پينگها؟ پڻڪا؟).

(1) هئاءُ (ڪذا) هئان؟

(1) مهور ڪر= ڦوٽ ڪر، ٻوڏ ڪر، ٻن وجھ

[1] اصل:”جڊيلو اَن ڊورن ڪ تهورئا حزيناءُ“

[2] جيهم= جبهون= جڏهين(؟)، جيهم= جي هون=جيءَ هون-جيءَ کان.

[3] اصل:ترهه

[4] اصل ۾ ائين.

[5] اصل ۾ ائين.

[6] مشرح= شارح (شارح لکندڙ)؛ محشي (حاشيہ لکندڙ)

[7] ويريين ونگ ٿئا=انهيءَ ڀيڻيين ڪلور ٿيا.

[8] سندني گهاء=انهن جهڙو.

[9] پير = ڪورڪي اصطلاح ۾، ڪپڙي ۾ ڊزائين اُڻڻ جا اُپاءَ

[10] اصل ائين

[11] اصل= چنداءِ،

[12] اصل. ”ڀڪ سر جي ڪو دري هن۾ سچارا“.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org