سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :4

غين نه ڀانئج غير، عين اهو ئي آهه،

نقطا جي نفيءَ جا، ”لا“ سوڌائي لاهه،

ثابت ڪر اثبات کي، روح سڃاڻج راهه،

ڏس ته ڏيان باهه، هي سڀ سهائي سج جي،

 

في فنافِي الله ٿي، پهرين مارج پاڻ،

پري نه ڀانئج پِرَ کي، آهي ساجن توئي ساڻ،

”فَاينما تُوَ لُو“ ”مراد“ چئي ثابت ڪر سڃاڻ،

مُول مڙيئي مهراڻ، لهرين ليکو ناهه ڪو.

 

قاف قلوب الۡمومنين، آهي عرش اَلله

مٿي تنهن ”مراد“ چئي، پاڻ ويٺو پاتشاهه،

وڃي پهتو پرينءَ کي، روح سڃاڻي راهه،

سانڍ برابر ساهه، ڳالهه پِريان جي ڳُجهه جي.

 

ڪاف ڪڙو هڻ قلب کي، لاهه ڪِراهت ڪس،

اوجر ڏيئي آرسي، من پرينءَ کي پس،

”اَلظّاهِرو الباطن“ دل جو هي پڻ اوريون ڏس،

مام هيءَ ”مراد“ پس، ڪانهي لک لطيف ريءَ.

 

لام لطف ڪيو سڄڻان، ٻاجهون ٻاجهايا،

نماڻيءَ جي نجهري، پير پرين پايا،

سَوَن ورهين جا ڏکڙا، هڪ لحظي ۾ لاهيا،

موٽي سي آيا، ويا وڇوڙي ڏينهڙا.

 

ميم مڙيوئي سپرين، آءٌ ڪهڙو ڪيان بيان،

عقل اُت اوڏو نه ٿئي، ٻيو ذڪر ناهه زبان،

”اَلا نسانُ سِرّي“ آهه سڀوئي سبحان،

جنهن مان ڪل جهان، آهه حقيقت حق جي.

 

نون نهايت ناهه ڪا، چوان ڪڄاڙو آءٌ؟

سي نه مرن ”مراد“ چئي، جن جو جسم نه نانءُ،

سو پُرجهڻ کان پري ٿيو، جو آهي لا مڪان،

هت ماڳ نه آهي مان، ريءَ هدايت حق جي.

 

واو وصال پرين جو، ڪوڙين ۾ ڪي ڪن،

وايون تن وساريون، واتئون ڪين ڪڇن،

وڃي وحدت ۾ پيا، محبت جن جي مَن،

سي سونهان ڪين منجهن، محويت منجهه ”مراد“ جي.

 

هي هدايت ربّ جي، ٿي رهبر سان رهبر،

پسي ڪين رب ريءَ ” مازَاغَ الۡبَصَر“،

يار رسيا يار کي، ساڻ يقين نظر،

جيئن شير شڪر، تيئن پرين ٿيا پاڻ ۾.

 

لام لقاء پرين جو، پلپل ۾ پيو پس،

جاڏي ڪاڏي سپرين، خالي ڪونهي خس،

”مَس عَرف رَبّي“ راهه انهيءَ کي رس،

تون پاڻ ”مراد“ پس، چوڏس نور نسورو.

 

الف ”اَلَسۡتُ بِر بَّڪم“ جڏهن سجدو روح ڪيو،

سڃاڻيندي سپرين، وحدت منجهه ويو،

بنا محب ”مراد“ چئي، پسي ڪين پيو،

وڃي تِت پيو، جِت نهايت ناهه ڪا؟

 

بي يقين ڪريج، ٻيو ناهه ذور ريءَ ذات،

آهي ”مراد“ مشاهدو، ڏاتر ڏنئي ڏات،

اَٿئي ڏينهن اَلَسۡتَ جو، ويهي وڃاءِ نه رات،

ڪلمون چئي وات، هوندا سي حضور ۾.

لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.

 

ٽيهه اکري: مناجات نبي صلعم جي درگاهه ۾

(چيل ملان صاحبڏني جي)

]ملان صاحبڏنو، شڪارپور جو رهاڪو هو. عربي ۽ پارسيءَ جو عالم هو. خواجه فقير الله علوي جو معتقد هو. پاڻ پڙهائي ڪري گذارو ڪندو هو. وقت جي حاڪمن وٽ عزت هيس. صاحب ديوان شاعر هو، مگر سندس ديوان اڄڪلهه اڻلڀ آهي. پڇاڙي عمر ۾ ”قاضين جي مسجد“ جو پيش امام هو. 1250هه/1834ع ۾ وفات ڪيائين.[

 

الف اَوّل اي سچا! لهه سار سگهو تون سيّدا!

مجتبيٰ مختيار مرسل! ماڙ ڪر يا محمّد!

تو بِنا ناهي تڳڻ عاجز اَٻوجهن اَحمدا!

نور نرمل ڪر نظر مان تي نبي نور الهُديٰ!

اَغشِتنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

بي ڀلا! تون ڀروسو اَرحم اَڙين آڌار جِي!

تون نبيّن جو نبي آهين سچا سردار جِي!

رهبرا! روشن ڪيو آگي سڀو اسرار جِي!

لڳ ڏسڻ ڏاتار! تنهنجي، ٿو سڪي سنسار جِي!

اَغثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

تي تمامي ماهيت معلوم ٿو سرور! سڄي،

ڏوهه ڏوهاريءَ  ڏسي لائق! آهيان تو در لڄي،

ڏَڍ ڏِسي تُنهنجي تَڏي آيس ڀلا! تو در ڀڄي،

دست وٺ دلگِير جو، ڪڍ تار مان پرور! پُڄي،

اَغثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ثي اٿم ثابت اوهان جي، سڪ اندر ۾ سرورا!

ٿو سڪان ساريان سدائين، دوست توکي دلبرا!

ڪڏهن پسندس ڪارڻي، تو کي پرين پيغمبرا!

مُهت ٿي مون سان مِلڻ جو هادي هَردوسرا!

اَغثَنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

جيم جانب! تون ڇڏائين، هن ندوري نفس کؤن،

ڏي پناهه ڏنهه شرّ شيطان ٻي بدوءَ بد جنس کؤن،

ٿو گهران حامي! حمايت، هن تڙين جي ترس کؤن،

اَغثَنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

حي حِرز تنهنجيءَ ۾ پڇان توري بچڻ اوکو اسان،

ڪين ڪيڙم ڪم اچي جو اهنج ۾ آڏو اسان،

ڪرم تنهنجي ڪارڻي ٿو رهبرا! رهه ۾ اسان،

تون ولهن واهر وڏو جيءَ آسرو آهين اسان،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

خي خطائون جي هٿائون مون ٿيون معافي ڪريج،

عيب عاصيءَ جا ڏنگايون ڏوهه ڏوهاري ڍڪيج،

پاڪ پارس! پانهنجي فضلئون وڙئون راحم! رسيج،

ترت سو تِک تار ۾ ويرن وسيلا! هٿ وٺيج،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

دال توسان تنهن ڌڻيءَ آگي ڪيو احسان جي!

جو اَٿو اَفَديۡنُ مُلۡڪِي دادگر ديّان جي!

تو سندي تعريف ڪئي ساراهه سچي سبحان جي!

ڇا صفت تنهنجي ڪندو عاجز عقل انسان جي!

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ذال تنهنجو ذڪر ذاتي آهه راحت روح کي،

سيّدا! صلواة تنهنجي تي آلم اندوهه کي،

درد دوري ڪر دفع، ڪڍ رنج دل جي روهه کي،

سون ٿيان سڦرو سدا، پارس لڳي جيئن لوهه کي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ري رسي رهبر رسولا! هي ڇڏايو ڏنۡہ ڇِيَن،

ڪر مدد مسڪين جي اي سيّدا! سونهان سڀن،

سوڙهه سختي سور ۾ همراهه ٿي واهر ولهن،

ڪر رفاقت رهنما! تان توهه تنهنجي سان تڳن،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

زي سڻي زاريون ضعيفن جون اچي امداد ڪر،

ترت رس ڪاهي قريشي! دانهن ٻڌي ڪو داد ڪر،

علم ۽ عرفان، عقل جو اَز خدا اِرشاد ڪر،

دل سندا دشمن درنگا مدعي سڀ ماد ڪر،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

سين جيڪي سام تنهنجي سي لنگهي سڀ پار ٿيا،

سي ڇٽا ڏنہ ڀِيڙ، ڀُل جي لام تو لائق! لڳا،

سُنگ سڀ سرڪار جا معافي ٿيا تن جي مٿان،

جن سندو تون ڪارڻي سي اَحمدا انعام ٿيا،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي نور البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

شين جيڪي شوق تنهنجي جا اُڃيا نافع نبي!

لهه سگهو تون سيّدا! تن ڪا سڪاين سارَ بِي،

آهي عالم آسرو تنهنجو محمّد عارَبِي،

ناهي ڪو ثاني سندو منجهه شان ۽ شوڪت شَبِي [2]،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

صاد اي صاحب سچا! توسان فضل الله جو،

ڏيهه سڀ ڏاني سندو شافي! تو شاهنشاهه جو،

لڳ شفاعت عاصين جي اِذن ٿيو الله جو،

يا رسول الله! رسي ڪر داد منهنجي دانهن جو،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ضاد ضد ضايع ڪريو حاسد ٻڏا سڀ ٻار ۾،

جي لڙن لُنڊ لعنتي تن کي وجهو تک تار ۾،

حضرتا! حامي ٿيو، حاضر سندم هرڪار ۾،

ڪر سفارش سيّدا! سائين سندي سرڪار ۾،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي نورالبشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

طوئي آهه مان کي طمع، هردم سچي سردار ڏي،

ٿو لڇان لؤنءَ لؤنءَ اندر، بانۡوَ پرين! تو پار ڏي،

عرب ڏي اکڙيون اٿم، مرسل مٺي منٺار ڏي،

مصطفيٰ معذور کي احمدَ، اچي آڌار ڏي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي نور البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ظوئي ٿيا ظاهر زتو عرش ۽ زمين افلاڪ جِي!

جي نه تون پيدا ٿئين، عالم نه ٿيو اخلاق جِي!

جا خبر خاوند ڏني ڏنہ لفظ جي ’لولاڪ‘ جِي!

پاڪ پيغمبر ٿيا ڏنہ ذات تنهنجي پاڪ جِي!

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي نور البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

عين تنهنجي عشق مان کي مست تر مخمور ڪيو،

جيءُ ڇنو جهوريءَ اوهان جي، برهه ۾ ڀرپور ڪيو،

دلبرا! درسن پَسائي درد دل جو دور ڪيو،

سوز سڪ تنهنجي طبيبا! وِرهه ۾ وهلور ڪيو،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

غين غفلت غير کؤن هيءَ دل ڇڏائي دور ڪر،

قلب هي ڪارو ڪيو پارس! اچي پُر نورڪر،

هيءِ حقيقت حال جي مون من سندي معمور ڪر،

عجز آزي عاجزن جي مصطفيٰ منظور ڪر،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

في فڪر دنيا سندي ۾ وقت طاعت جو ويوم،

ڪين ڪيڙم ڪالهِينۡ، آرس کؤن ڏسو، اڄ ڀي لنگهيوم،

نفس ۽ شيطان اڳتي جو اچان ڏس هي ڏسيوم،

هاشمي! هر وقت موڙهن جا سچا سونهان ٿيوم،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

قاف قلبي لا ينامُ سُرت هيءَ توکي سَڄان!

سَير ”سُبحانَ الذِي السريٰ“ لنگهيو تان لامڪان،

پيءُ نه پُٽ، مائٽ جتي، احمد! اُتي تنهنجي امان،

تون ڌڻي درگاهه ۾، مون لئي محمّد مهربان،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ڪاف هن ڪوڙي دنيا کؤن رک شرم باشاهه! تون،

بخت دولت دين جو وارو ورائين واهه تون،

شغل ذاتي ذڪر جو ڏي منجهه اندر ارواح تون،

لعل! لؤنءَ لؤنءَ ۾ لطيفا! ڪر منوّر ماهه تون،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

لام لائق! تو پٺيءَ سڀ جڳ پينام پيو،

تو آئي عالم امن ٿيو ڏرت ڏولائو ويو،

سڀ سُڪا ساوا ٿيا جڏهن پَرتوو پِر جو پيو،

تو برابر مرتبو ناهي ڪَهين ٻَهڳڻَ ٻيو،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ميم ”مازاغ اۡلبَصَر“ جي راز خلعت رحمتي،

ساڻ تو سُونۡهين صفا، ڪامل سروپا قدرتي،

تون سڀن سرتاج ٻيا محتاج تو در محنتي،

تون جنهين ڍارو ڍرين عاصي ڇٽا سڀ اُمتي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

نون مان ناقص نماڻي جو سجايو سوال ڪر!

عيب عاصيءَ جا نه ڏس، پنهنجي ڀلائي ڀال ڪر!

دل مرادان يا نبي! فائق، سڀئي في الحال ڪر،

بخش جو بهرو ڏئي نام خدا خوشحال ڪر،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

واو وارث! ڏڍ ڏسي آيس ڀلا! تنهنجي تڏي،

سرفرازي ڏي سدا، ڪر سرخرو سرور! سڏي،

هر مهل همراهه ٿيءُ رک حرص دنيا جي هڏي،

ڪنهن بندي جي ڪاڻ هرگز، مير! محتاجي نه ڏي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

هي هدايت بخش هادي! آبرو اسلام جِي،

مئي حقيقت، معرفت جو پُر پياريو جام جِي،

منجهه طريقت تازگي ڏيو دل اندر آرام جِي،

پاڪ پَرتُوَ مصطفيٰ! هي ٻانهن سائل سام جِي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

لام اڳيون لس لَڪيون توريءَ نه ڪو ترهو نه تَر،

تون ڇپر ڇورن سندو واهر وسيلا! واهه ور،

جي پيا تو سام سيئي ٿيا سدائين سرس سر،

آهه عاصيءَ کي اوهان ڏنهُن آس اميدون اپر،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

الف اڳتون پٿر پُليُونۡ ڏيل منهنجو ٿو ڏڪي،

عمل توشا آخرت جا مون ڪمايا ڪين ڪي،

هن ڪميني جُون مدايون سڀ ڏنگايون تون ڍڪي،

تون ڀُلن آهين ڀروسو، ريءُ تو نافع نه ڪي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

يي اوهان کي يا نبي! پارس لکين توهؤن پنن،

گنج خانن کؤن نفعو لائق گهڻو سهسين لَهن،

مان کي بخرو فضل جو دانَهه! ڏياريو لڳ ڌڻين،

تان پسي منصب مداحيءَ جا عجب عالم ڪرن،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

مَلَڪ مقرّبَ جي نه هئي جا ٿي نبيّن جائگاهه،

سا سدائين جاءِ تو خوش خوب هئي ڏنہ بارگاهه،

تخت سَر قدرت قدم بيشڪ رکيو تو بادشاهه!

سر اوهان دستار دولهه! تاج قدرت جو ڪلاهه،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

منجهه امر احمد! اوهان جي وَحۡيُ جامع جبرئيل،

جاءِ جو جاروب ڪش، مشفق مجاور ميڪائيل،

دائما درٻار جو دايو اوهان در اسرافيل،

بازُن ٻڌو ٻانهون آهي تنهنجي امر ۾ عزرائيل،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

’نوح‘، ’ابراهيم‘، ’آدم‘ سڀ سلامي سيّدا!

در مٿي دربان تو ’هارون‘، ’موسيٰ‘ مقتديٰ!

لڳ اوهان ’جرجيس‘، ’يونس‘، ’هود‘، هردم جان فدا،

تونسندن سردار صاحب، هو سندءِ بيشڪ بندا،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

’ذڪريا‘، ’زبير‘، ’يحيٰ‘، ’شيث‘ شافع شانِوَر،

پَرتوا پِر جا پَسي قربان ڪيائون ساهه س،

ڏنہ اوهان لائق لڌو ’عُزيز‘، ’عيسيٰ‘ فيض فر،

تون بَحۡو آن باالله جو توڏنهن وٺن سڀ دان در،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

’آرۡميا‘، اِسحق‘ در ’دائود‘ نوڪر نامدار،

’خضر‘ خادم خاڪيا، ’اِلياس‘ تنهنجو آبدار،

سو مثل ’يعقوب‘، ’يوسف‘ ٿا سڪن عالم آڌار،

سڀ مڙئي مشتاق مرسل، پڇ لڳا تو پائدار،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

سرورا! مانند ’سليمان‘ سڀ بندا بردار تو،

’لوط‘ ڇا ’لقمان‘، ’صالح‘ خاص خدمتگار تو،

ڪن ٿا پارت پانهنجي سڀ انبياء اَبرار تو،

مصطفيٰ مرسل! چمن پَرتوو سندو پيزار تو،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

جان پيادن پيش تو ’ادريس‘ دوڙي دلبرا!

يا شفيع! ’شمعون‘، ’شُعيب‘ پرت مؤن پاڻيءَ ڀرا،

رنج ويو، رحمت رسي ’ايوب‘ تو کؤن انورا!

گهوٽَ سڀ گاهِي سندو سونهنِ سپاهي سرورا!

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

سڀ سندوَ تابع ستارا احمدا! تون آفتاب،

نور نوري، سِرّ سِرّي خاص خالق جو خطاب،

شان شاهد جو شفيع ”طُوبيٰ لَهُمۡ حُسۡنُ المابُ“

”اِهۡدِ قَومِي“ دُرس دعوت، ميرا تنهنجي مُستجاب،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ڏڏ گهڻو ڏوهن ڀريو آهيان ڪچو مان بيخبر،

بي وسيلو، بي وڙو هرگز نه مون حرفت هنر،

ڏنۡهُنۡ طمع تنهنجي مدح جي، مون ڪئي آ ولومَ ڪر،

دائما ديدار لئي، مشتاق آهيان منتظر،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

مهر کون موليٰ چيو: ” اُطۡلُبۡ رَضائِڪَ احمدا!“

حاڪمِي هر دوسرا، توکي ڏني خاصي خدا،

واعدو ’وَلۡسَوف‘ جو تو سان نبي نُور الهديٰ!

هي ڀلايون يا نبي! تو سان ڪيون سائينءَ سدا،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

نفس کي ڪُهه جو هَنيو اصلئون اندر منجهه وير جي،

پنڌ پري، سِر بار ڳورو اڻ سونهان گهٽ گهير جي،

جنهن ڏسيا ڪم ڪرت ڪوجها هي بدين جان ڀيرجي،

حضرتا! حامي حمايت ڪر تون سولا سير جي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

سال ٿيا سڪندي اوهان ري، پلڪه نا ساجن! سَري،

ڏيهه ڏوريان ڏينهن کي راتيون ڪندي ڳڻتي ڳري،

جي پسان جئري اوهان کي من سندم ڍارو ڍري!

مهر پوءِ من ۾ ڌڻي! ڪر ورق هيڪند جو وري،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

سگ سڏيو پنهنجو اوهان آگا ڪري احسان مانۡ،

سگ سڏيو سؤ وار ڏوهي، حال بد حيوان مانۡ،

ڪير مون؟ تنهنجي ڪتي سان جو ڪريان شہ! شان مانۡ،

جيءُ جتيءَ تنهنجيءَ مٿي سر ساهه تن قربان مانۡ،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

”نفسي نفسي“ جت چوندا اُت اُڀا سڀ آنبيا،

دم نه هڻندو ڪو اُتي هوندا سڀئي بيٺا اَڙيا،

”اُمتي اُمتي“ چوندو اتيئي سو امامُ الاصفيا،

مير جن سونهون اڳيؤن سي اُمتي آجا ٿيا،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

نفس نافرمان ڪافر ڪڍ ڪتو پرور! پَري،

سگ سڙيو هوڏي هَڏي وانگي ڪُتي، بيٺو گِري،

نفس ۽ شيطان سَر راهي ڪِيم بيرون بُري،

هنَ هَين کؤن ڏيو خلاصي ٻاجهه سر ٻانهي ڪري،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

جي جَنهِن وڙ جهيڙا سي وڙ سدائين سي ڪَرَن،

جي سڪايل سوز سڪ جا تن مٿي وهلو ورن،

ٿا ٻُڏن ٻانۡهون ڏين هيڻن سندا هٿڙا وٺن،

اَهنج اوکيءَ ۾ اڙين کي ڪنهن نه پَر ڇوڙي ڇڏن،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ڪو ڪنهين جو ڪنهن سندو ڪنهن کي ڪوئي ور واهه جِي،

مهاڙ آڌار مصطفيٰ مون کي محمّد شاهه جِي،

لڳ ڌڻيءَ جي ڪر وسيلا! مان ڏوهاري ڏاهه جِي،

ٿڪن تي ٿورا ڪريو هيڻن ٿيو همراهه جِي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

ڪو ڪنهين در پيش پيو توڙي نذر ناقص هجي،

تنهن سندو ننگ پال لائق! غور رسِي ڪامل ڪجي،

در سخيءَ جي تي سوالي نانءُ واليءَ جو وجهي،

عيب ان جي ڏي نه ڏسجي ڏاڻ لڳ ڏاتر ڏجي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!

 

احمدا! الله کؤن فائق وٺي فرزند ڏي،

عمر آفزون نيڪ صالح سڀ سعادتمند ڏي،

ٿو گهُران عالم ۽ عمل تان وٺي دلبند ڏي،

مرتبا منصب تون مان کي خير جا خاوند! ڏي،

اَغۡثِنِي يا سيّدا، رس يا نبي خير البشر!

غور ڪر غمگين جو، اي نور نافع نامور!


[1] . ”مجمع مدحيات“ ڪراچي ڇاپي مطابق بمبئي ڇاپي جي صفحي 125 ۾ هيءَ مناجات فتح فقير ڏانهن منسوب ٿيل آهي. سنه 1881 ۾ ”مداح اغثني“ جي عنوان سان ”جوڙيل جناب عارف ڪامل عاشق رسول اڪرم عالم ساڻ عمل حضرت ميان حاجي صاحبڏني صاحب“ ستر هريسنگ طرفان لاهور جي مصطفائي پريس ۾ ڇپي ”لوڪ ادب“ جي سلسلي ۾ اتر مان ڪارڪنن وٽان پڻ ”صاحبڏني“ جي نالي سان پهتي آهي. مدح جي آخر ۾ پڻ شاعر جو نالو صاف طور ”صاحبڏنو“ ڄاڻايل آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هيءَ مدح صاحبڏني جي چيل آهي ۽ ”مجمع مدحيات“ ۾ غلطيءَ سان فتح فقير ڏانهن منسوب ڪئي وئي آهي.

[2] . شبي = شبيهه.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org