سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :39

مريد مڪمّل سَندُني، آهن ڪوڙئيٖن ڪروڙا،
اهڙو صادق سپرين، دلبر دستگيرا.
ساريان ۽ نهاريان، پنهنجا مُحب موچارا،
اَڄ ڪٿان لهندِيس جيڏيون، جن اهڙو اَزارا؟
پيو قحط ڪامِلن جو، ڏاڍو ڏڪارا،
تنهن لاءِ اَندر اُتاريا، قلب ٿيا ڪارا،
ڪَٽ ترارن چڙهيو، جيلاهه تَرِ تَرِ نه تِئُرا
(1)،
نه اُو سونُ، نه صراف سي، نه اڳيان سونارا،
اُوءِ نه آرائين ۾، پَسجن هِنٌداڻا،
جيڪس رتول رَمِي چُريا، وڃي رهيا ڇائيءَ جا ڇُئڙا،
ويٖيُونٌ ولايتُونٌ نڪري، پوءِ رهيا پَٿرا،
حال وئو، قال گهڻو، جهجهي گفتارا،
نه اُو طالب نه مَطٌلُوب سي، نه سو وڻج واپارا،
پاڻئون(2) بازارن ڇڏيو، ويو اُو وَکرا،
هاڻ ڪيڏانهن وڃي ڪيئن ڪريان؟ ٿئڙي هَٽ تاڙا،
کڻي ويا پنهنجيون وَٿيُون وڻجارا،
سُرهِيَن سَنٌجهٖي سِڌاريو، کڻي قابل ڪوٿرا(3)،
وَڻَ جِنِينٌ کان واسِيام سٖي ڪَر ڪٿان ڪلتارا(4)،
جَني پُوڄُ پياريو، سي ڪٿي سنگهارا؟
ويا ڪاهي ڪُنڍيون پانهنجيون، کڻي ماٽيون منڌيئڙا،
ڪا جا پَين ڪَلَ ڪيچَ جي، جيئن ڪيائون ڪانه جَٽا.
اندر اُساٽيو جن رٖي، سي مارُو ٿَر ٿِئڙا،
سِڪان سريون سَرير ۾، ساريو ساٿِيئڙا،
يا جامِعُ المُتَفَرٌقِيٌنَ!(5) مون کي ميڙين ماروئڙا،
کوءِ کَٽُونٌ، ٻَن ماڙيُونٌ، کوءِ حُجرا هِندورا،
ماکِيان مِٺا ڀانئِيان، پُسي، ڏُٿ، ڏونٌئِرا.
جَت نه پَسان جُوءِ ۾، نه سي اُو اُٺَڙا،
جيٖئِي ڪَهِي ڪاهيئون راتئٖين روز مَرا،
تَتِي ٿَڌي هليا، ويٺا نه ويسارا،
ڏيئِي اوجاڳا اکئيٖنٌ، ٿيا قريب ڪيچ شَهرا،
اُو اوٺي نه اوڏي ڇَڪ ۾، ويا ڏِس ڪَهينٌ ڏُورا،
هئي هئي! مون کي هيڪلو، منجهه ڇڏيائون ڇَپرا،
نه ساٿي نه وهٽ ڪو، نه ڪين ڪي ثمرا،
هڪ پَٽِي رڃ رائو گهڻو، ٻيا ڏاڍا ڏونگرا،
مون نماڻيءَ تي ور تون، اي پنهون پاڳارا!
جو تون سوهون ساٿ جو، سچو سردارا،
وهلو واڳ ورائي تون، اچي لنگهاءِ مون لَڪڙا،
مُونهان ٿيون مَٺيونٌ، تُونٌ ڪرين پاڻ وڙا،
ڪَچن ڪَمن ڪَچائيونٌ، ڪَن ڀَليُونٌ ڀلارا،
عيسي کي اَويٖر ۾، ڇڏ مَ ڪامل ڪوهيارا،
متان اچي اونداهي اوچتي، ڪاري ڪانٌڀارا،
لِيٌلهائٖي لَڪن ۾، کڻئو هاشمي هٿڙا،
جو تون آهين اَجهو عاجزين، ٿڪن ٿوبُ ٿَرا،
وڃائِي مون ويٖسري، ڄاڻي ڄمارا،
سَنئين نه سُڃاتم صاحب جي، ڪَيم گناهه گهڻٖيرا،
نَصُوٌحٖي کان نِڪَڻينٌ ڪوڙيٖنٌ ڪَبيرا
(1)،
آهِينِ عِصيانَ مُنهنجا، ڪَعٌب ڪُنان اڳرا،
مُون جيٖهو ناهه ڪو ٻيو مَٺو مَڪارا،
توهه تنهنجي آهيان، ٻيءَ مُون ڪانهٖي ڪِنارا،
هَڏ نه ڇڏئٖين حبيب تون، ڏکيا جي ڏٻرا،
تون وسيلو ولهين جو، جن کي ڪوڏيءَ نه قدرا،
سو ڪيئن مون کي ڇڏييين، مُشفِق مُحّمدا!
ماءُ پيءُ مٿانئين گهوريان، ڪَريان رُوح فِدا،
مؤليٰ مَرهين مؤمنين، جي ڪَلمون چوُن مُها.
          لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

 

تي ئون تماشو مون ٿئي، جيئن تون اَڏيٖين اَڏَ،
ڀورا ڀُتيءَ ڀَر تي، ڪَريٖين خاصا کُڏ!،
ڪنڌيءَ ڪَپر نه ڏسين، جو ٿو موڙييٖن مَڏَ،
ڪرٖي تو قَبر ٿي، سڀ ڪنهن صُبح سَڏَ،
چٖي: آ ته گڏجون وَلها، ٿيون پاڻ ۾ گَڏَ،
وَر ونيءَ وٽ آئيا، تون ڪيئن رهين منجهه پنڌ!
آءُ سِگهو ٿي سيٖگهه ۾، جَڏِ جَڏوئِنِ جَڏَ،
پِرين آئيا پنوهارئي، اُت اُونداهي کَڏَ،
مُون ۾ سهسين سُرن سُرجڻان، آهن اَپر جِيَڏَ،
ويندا ڀُري ڀَنٌجُو ٿي، هاريا! تُنهنجا هَڏَ،
ڪا آڻج اُتاهين عَملن جي، خاصِي خُوبون کَٽَ،
متان سُمهين سُورَ ۾، پَون پاسا مٿي پَٽَ،
مُنهن مبارڪ تنهنجو، ساڻ لَٽجي لَٽَ،
هونداسون هيڪانٌدا هِتڙي، ڪا ڪيترائِي مُدتَ،
آڻج گهڻو پاڻ سٖينٌ، ڪِي توشو زِيادتَ،
جنهن مان وٖير سڀ ڪنهن، وٺين تون راحت.
فرمايو فضل سٖينٌ، سونهاري سرور:
ته جو اچٖي قبر ۾ ساٿِي ريءَ ثمر،
ته سو ڪر ٻيڙيءَ کنّئي[1] چڙهيو منجهه بَحر،
”مَنٌ دَخَل قَبره بِغَير زادِ فَڪا نِّما رَڪَب الٌبحَرٌ بِلا سَفِينَہ“
                                          اٿئي اکرَ.
ڏِٺيم ڪنهن ڪتابَ ۾، پِڻ اِهائي خبر:
ته جو پڙهٖي ٽيٽيهه مرتبا، هيءَ صلوات سڳوري،
جيڪو صبح سانجهي، پڙهي ڪري پُورِي،
تنهن جي قبر ۾ ڪَرم سيٖنٌ، اُپٽجٖي دَرِي،
جِئان پَسٖي ماڻڪِي مُحمّد مير جِي جا سهڻي ۽ سڦري،
ڏِئي نُور جلوا جنهن تٖي، منوّر موچارِي،
”اَللٰهُمَّ صل عليٰ سيّدنا مُحمّد، صلوات تڪُونٌ لَڪ رضاءً
                  وَلِحقِہٖ اَداءً“ اِيءَ صلوات سُونٌهاري.
۽ جيڪو رکي قنديل، ڪِي ڪو ڏيو ٻاري مِهت ۾،
صاحب سَهائي ڪري، تنهنجي قبر ۾.
پڻ جيڪو سنّت جماعت سان پڙهٖي پنج وقت نماز،
پڙهٖي ادب اخلاق منجهان، نَئِي ساڻ نِياز.
قبر تنهن جي ڪرم سين، ٿئي جنّت سندو باغ،
گل ڦل جايون ڪيوڙا، ٻَري چُست چراغ،
آگا! ”عيسي“ کي عافيت سين، ڪرين قبر فراغ،
ساڻ سڀني مومنين، صاحب! ڪر سهاڳ،
جي ڪلمون ڪهن ڪوڏ منجهان، تن ڏک نه ڏهاڳ.
          لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

 

ثي ئون ثمر سڃ ۾ جهڙي محبت محبوين،
تهڙو طعام نه ڪو ٻيو نه پاڻي منجهه پَٽن،
جهڙي حب حبيب جي، تهڙي نڪو مال مِلڪ،
هِي جٖي بادشاهه جهان جا، آهين منجهه مُلڪ،
منجهان دنيا دوري ٿي، هڏ نه ڀَڄٖين هِڪّ،
سي جي چکن چئاڪو مَئٖي جو، پِرت پِريان جي پَڪّ،
ته وڃيٖن وسري جان، سڀ پاڇاهي پلنگ،
بَلڪ وَڃٖين وسري وِجُود پاهنجو، اين ٿين اَلِنڱ،
پر حاصل محبت نه ٿئي ڌاران مُتابِعَت،
توڻي ڪَنا اَزل قيام سِينءَ ڪري عبادت.
مُتابعت ريءَ محبوب جي، جي ڪڍين زُهد زِيادت،
ته اوڳا! تون ايمان جي چڱين هرگز نه حَلاوت،
مُتابعت ريءَ محبوب جي، ٿئي نه ڪشف ڪرامَت،
نه پَروڙج پنهنجي حق ۾، اُو سڀ ڌُتِپَ خَرابت،
وَٺ تون واٽ وچٿَرِي، جا سندي شريعت،
متان گُسين ڪنهن گَس کان، منجهه پوئين هلاڪت،
ايءَ سنئين سَهُلي واٽڙي، سنديس وَڏي مَسافت،
ٻيون سوڙهيون، منجهن وَر وڏا، گهڻو خوف خِجالت،
”وَ اَنٌ هذا صِراطِي مُسِتٌقيماً فَا تّبعوهُ وَلا تَتٌبعَوالٌسبلَ فتفَرّق
                          بِڪم عَنٌ سَبِيلہٖ“ اتي اِشارَتَ،
مَرهين مِڙني مؤمنٖين، ڪلمي جي برڪت.
          لا الہ الا الله محمد رسول الله

 

جيم ئون هن جهان کان، هارِيا! هَڏ هَلندين(1)،
مائٽ محب ماڙيون، منجهھ ڇِهِي ڇَڏيندين(2)،
جي سانڍين شيء سڪ سين، تَن مان ڪونه ڪڍندين،
اوڳا! عَمل پانهنجا پاڻهي تون پسندين،
ڪِتي اُتي پورهيو، لَٽيا لوڙيندين،
اڄ صباح ڪِي هاڻي، سِگهو سنڀاليندين،
جيڪي کَٽين ته کَٽ سو، وري اُتان ڪين ايندين،
ٿيندءِ ارمان ان ڳالهه جو، هاريا! هٿ هڻندين،
هي جي جوڀن ڏينهڙا، سي وَهلو وساريندين،
چائِين اُمتي، دنيا دوسُ رکين، ڪُوڙا ڪيئن ٿيندين!
ايءُ ڪم ڪمينن جو، پاڻهي پروڙيندين،
اڳيان احمد ڄام جي، ڪنهن پَر ڪنڌ کڻندين!
جو سچو سَرٌوَر ڪارڻي، موليٰ جو محبوب،
ٻِنهي جهانن ۾، اسانهنجو مطلوب.
تنهن تي رحمتون رحمان جون، شال راتو ڏينهن وسن،
۽ اُتي آل اُن جي ۽ مَرٌ سَڀ صحابن،
آگا! ”عيسيٰ“ کي عافيت سين ميڙِينٌ محبوبن،
شال پَسي ماڻڪِي محبوب جي، ۾ مديني ماڳن،
سائينم! شال پَسان، آگا تَنِ عَرٌبن،
جي رهن مديني ماڳ ۾، پاڙيچا پِريَن،
مَرهِينٌ تِنِين مؤمنينٌ، ڪلمون جي ڪَهن،
          لاالہ الا الله محمد رسول الله.

 

حي ئون حياتي تُنهنجي، هاريا! حيف هوءِ،
جئَن تون پُٺيرو پرين سينٌ، ڀُليو ڀُڻين ڀوءِ،
جي پِرين پنهنجو پَر ۾، اندر ڏِيل ڏوريوءِ،
ته محب منجھان پانهنجي، ڏاتر هُونٌد ڏِٺوءِ،
دُوسَ دَرِيچو دِل جو، اوڳا! اُپٽيوءِ،
مُشاهدو محبوب جو، حاصل هوند ٿيوءِ،
ڪَنا ازل تا قيام سين، ڪر عبادت توءِ،
پر مُجاهدي رِيءَ مُشاهدو، هڏ نه ڪي ٿيندوءِ،
پر معنيٰ مُجاهدي معلوم ڪر، جانٌ ڪو هِنيون هوءِ،
وٺڻ واٽ شرع جي، ٻيو ڪم نه ڪجي ڪوءِ،
”وَمَا آتٰڪُم الرَّسُولَ مَخُذُوهُ وَما نَهٰکُمٌ عَنٌہُ فَانٌتَهُوٌا“ جي
                                  پڙهي پروڙيوءِ،
تان حُب ۽ ملڻ حبيب جو، اِي مقصد سڀ سندوءِ،
ته غافل! گَسڙو ٻئو هڏ نه ڪو پڇيوءِ،
پڇين پِريان جو پيچرو پر ۾، جي پُور پيوءِ،
سِگهوئي ساعت ۾، لالڻ هوند لڌوءِ،
مرهي تنهن مومن کي، جو ڪلمون چوءِ.
          لاالہ الا الله محمد رسول الله.

 

خي ئون خام خيالُ وِسري سڀ ويندوءِ،
دوسُ دنيا جو دُرَّ ري، منجھه ڇُهي ڇڏيندوءِ،
اوڳا! عقل اهڙي، ڪُوڙا! ڪين کَٽيوءِ،
تون ڀانئين آءُ اڳتي، پر پوئين ويرا وير پوءِ،
جي تو ادب اخلاص منجھان، ڪو جي قدم کنيوءِ،
ته وِک وِجھندين هيڪڙِي، ۽ اکئين ڪيچ ڏٺوءِ،
پَر تون گھمين هت گَهرين، ڪُوڙا! ڪين ڪيوءِ،
هينئڙو حياتيءَ جو، ويسري وڪيوءِ،
کٽيو ٿيڙءِ ڪين ڪي، مور پڻ وڃايوءِ،
مَرهاتو مؤمِن سو، جو ڪلمون چوءِ،
          لااِلہ اِلا الله محمد رسول الله.

 

دال ئون دنيا دار ۾، جي پَرڏيهي پوکيوءِ،
جهڙي تهڙي حال سين، ٻنيءَ ٻج وِڌوءِ،
پَٽو ٻڌي پيٽ کي، وهلو جيئن ويڙهيوءِ،
ته صباح نه سڪيين سنگ کي، لَٽيا! نه لِيلهايوءِ،
مَرڪِي وِچُ مزارعين، وڃي لوءِ لُئوءِ،
ٻارِ سَنڀاهي سَهڄ سين، اَنُّ کِلي هوند کنيوءِ،
”الدُنيا مَزٌرعة الاخِرة“ پر ڪُوڙا! ڪين ڪيوءِ،
پِنئو پَرائي ٻنيءَ تان، ڪاهِل ڪير ڏيندوءِ!
جي ڪپاهه تي ڪوڏُ پئي، جي چرخو چوريوءِ،
جانٌسِينٌ رَتو راس ٿئي، تانٌسينٌ ڀَڳو ڀيريوءِ،
جهڙي تهڙي حال سينٌ، ڪي جي قَدٌرُ ڪَتيوءِ،
ته ٿُلهو سنهون، ٿورو گهڻو، اوکيءَ هوند کنيوءِ،
لالُون جي لِقاءَ جون، تنين وَٽَ مٽيوءِ،
جي لوچي پلئو پانهنجو، هاري! ڪاپِي مان ڪيوءِ،
ته صباح سرتين وچ ۾، ٿيو نه اگھاڙو اَنٌگوءِ.
جتي جيڏيون مِڙنديون، عيد ڏينهن ايندوءِ،
پسي پَرهَڻ تن جا، هينئڙو هِرکندوءِ،
پَر هرکڻ هينئين جو هُتڙي نفعو ڪونه ڪندوءِ.
جي اُٿي اَسُور اَرٽ سين، ڀنيءَ جو ڀيريوءِ،
تانٌ سئينءَ صراف سپرين
(1) هوند ڪوري ڪين ويوءِ،
جيڪي گهريوءِ سو ڳڌوءِ، سڀڪي هوند سريوءِ،
سائينم سٻاجها ٻاجهه سين، ڪُرڻ پڻ پيوءِ،
ريءَ ڪَتيءَ تون ڍڪئين(2) اهڙو ڪريم ڪرم سندوءِ،
”اَللّٰهم اُسترنا بسترڪ الجَميل“ اُپٽ مَ عيب ڪوءِ(3)،
”عيسو“ عاصي سين مومنين، آهيئي پرتوءِ،
ڪج قبول ڪرم سين، جيڪو ٿوڪ چيوءِ،
مون کي سلامتي ايمان جي، ۽ سَتَرُ ٻن جهانن جو،
موران محتاج مَ ٿئي ڪو قدر ڪهين جوءِ،
سڀ ڪنهن باب ستر ٿئيس، مگر هوءِ طامع توهين جوءِ،
هوءِ محب محفوظ سندس ئي اولاد پڻ ان جوءِ.
          لااِلہ اِلا الله محمد رسول الله.

 

ذالان ذڪر ڪر تون، جانسين اَٿي ڪا قوّت،
مڇڻ هڻي هٿ تون
(1) جو تَنَ ويئي طاقت،
فرمايو حبيب ربّ جي، صاحب شفاعت،
هُوَن صلواتون جنهن تي، ڏينهن قيامت:
ته هوندي بهشتين کي سڀ ڀتين راحت،
مگر هوندن مامرو سندو تنهن ساعت،
جا وڃايائون ويسَري، گڏجي ۾ غفلت،
تان جانسين اٿيئي ساهه پساهه ڪو تانسين ڪري وٺ طاعت،
پر مراد جا طاعت مان، سا آهي اِطاعت،
”و اَطِيٌعُو اللهَ و اَطِيٌعو الرّسول“ اِهين اِشارت،
گھوڙو ڊوڙائي وٺ تون، جانسين ميدان مسافت،
مَڇُڻ سگهو جهليين سوڙهه ۾، وڃيئي في الحال فراغت،
نه موڪرائي ميدان جي، نه اوءِ ڪُوڙي حَلاوت،
ٿيءُ پيادو پرندين، نه رهي سونهن اَئون سلابت،
ڪندي سواري ٿيڻ پيادو، ايءَ پڻ قباحت،
پسيو ڪميت ڪڏندا ٻئن جا، ٿي هوءِ حسرت،
تان ڦِڏِي کودڙي کُهيل تي، مَ ڪر خيل خجالت(2)،
ان گھڻئي هلڻان کاريا، ڪيا جوٺِي جَلاوت،
جي هئا عراقي اصيل گهڻو، سندا وڏيءَ بضاعت،
جان تابع ٿيا، تان ويا، گهڻان ڪَڪر جي قيمت،
اَبُوجھل جهڙا اُن جي هرارت(3)،
کاڻيءَ سي خراب ڪيا، پيا منجهھ هلاڪت،
”فَمَنٌ يَتّبعُ الٌهويٰ فَيُضّلڪ عن سبيل الله“ سنديئي شومت،
سائينم سُونهائين پيچرو، سندو شريعت،
ڪرين نصيب نبي ڪريم جي محڪم مُتابِعت،
۽ رکين اسان کي تنين ڪنا، جي ڪيا ضايع ضلالت،
مَرهين مِڙني مؤمنين، ڪلمي جي ڪرامت،
          لااِلہ الا الله محمد رسول الله.

 

ري ئان ريءَ ذڪر مڙس سڀڪو آهي مثل تنهن شهر:
جنهن ۾ حاڪم ناهه ڪو ماڻهو منجھس نِڌر،
اچي رهن اُن ۾، ڪي لٽيرا لشڪر،
جي ڦُرين مارين مجھهِينٌ، چُرٽا چورَ چَڪَر،
تان جو ماڙهوءَ سندي من مان، ويئي پريان جي پچر،
ته اچي ويري ان جي وجود ۾، نفس شيطان نِبَرُ،
ايءُ ڦُريندس چڱايون آخرت جون، سان اهڙي ميٺ مڪر،
جيئن هو ڀانئي مون نفعو ٿئي، هوڏانهن پئي منجهھ ضرر،
تا ڀؤ لاهي نيئي ڀورڙائي، بيحد بيخبر،
مَ ڪر چيو اِن ٻنهي، مَڇُڻ کِسين منجھ کَڏهَر،
جيڪي چُونئي اهي ٻئي، نسوري ڪر ناڪر،
ڪري اوڏائي ان جي، پوندين وڏي منجهھ فڪر،
جانسين اٿيئي سوجھرو، تانسين پُري رَس پَهر،
مَڇُڻ اچيئي اونداهي اوچتي، ٿوٿا لهين ۾ ٿر،
گَهليون گهمن گَس وٺيو، ڪج ڪا تن نِهَر،
متان ڦريئي گھل، ڪاريئي ڪانه وَهر،
پر وڏي گَهل گَهلن ۾، تنهن جي ڏيانءِ خبر،
ڪرڻ صحبت ڌارين عورتن سان، ۽ ڏانهُن کڻڻ نظر،
اُهي ڦُرين ڦُر
(1) گهل ناهه ڪا ٻي ظالم زوراور،
هوند بچجي(2) ان گهل کان، جي گهڻا هون هَٿِيرَ،
”قل للمومنين يغضوا من ابصارهم“ تان ته هٿ ڪر ايءَ سپر،
ته ڪنان شر شيطان جي، ايءَ ٿئي تو پُکر،
اِت آهي گھڻي ڳالهڙي، پر بس ڪريان هن قدر،
سُڻي مُدّعي اِن اکرين، اڃا ايندا منجھ فخر،
ته ايءُ عمل منجھه ناهه ڪو، ڪندا ايءُ پچر.
هوند لکجي سِٽَ ڪا، آڻي اِت اَکر،
پر ڪو پروڙيندو ڪيئن، هيئن پوندا وڏي منجھه وِڪر،
تِهان ماٺ موچاري هن ڏينهين، گهڻو آهي سَکر،
ڪين ڪڇين جي ڪو ذرو، منجهھ حال هن هيڪر.
اَو سي ڪامل ڪئَان لَهان، جنين ڪنهن ڪَر،
جي ڪلمون ڪَهن ڪوڏ منجھان، سي سدا ٿيا سَکر،
اڄ سِنڌيون جوڙڻ، قصّا ڪرڻ، ايءُ مون ۾ جھل اثر،
جي هئم نڪ ناسَ پِتو، ته پيس پنهنجي ۾ گوندر،
جيئن مون عمل ڪين ڪيا، ناهيم سُڌ ثمر،
پاڻان ڪريان مَٺائيون، اُو پاڻان چڱاريون، مون کي پس قدر،
مثال ڀوري ۽ مريض جو، مون ۾ اهو ٿيو اڪثر،
جو مصنف آندو منجھه مثنوي، جو رهنما رهبر،
سائينم سٻاجھا ڌڻي! اسان ڪر تون سَتر،
برڪت ڪلمي ڪريم جي، جنهن جو افضل آهي ذڪر.


(1)  اصل. ائين (2) اصل. پانو (3) اصل. ائين. ڳوٿرا؟ (4) اصل سي ڪرڪنا ڪلتارا. (5) يعني ”اي وڇڙيا ملائيندڙ“

(1)  عام روايت موجب ’نصوحو‘، وڏو گنهگار هو جنهن آخر ۾ نيٺ توبهه ڪئي ۽ سندس گناه معاف ٿيا.

[1] اصل. ٻيلي ريءَ کئين

(1) اصل. هٺ هلندين؛ (2) اصل. ڇڏي.

(1) اصل تا آهين شراف سپرتن (2) اصل تون در ڪيي (3) اصل. اپٽ عيب.

(1) اصل. هٿ ٿو (2) اصل ۾ هن بعد هيءَ مصرع ته: پڻ هلڻان کاريا، ڪيا جوٺي جلاوت؛ (3) اصل ۾ ائين

(1) اصل. اهي ڦرين رَ (2) اصل. پچجي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org