سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :43

پاڻ سنڍ ڀانيٻين وياءُ ٿئي، ايءُ تان خام خيال،
پاڻ ستوئي ننڊ ۾، جاڳائي ٻئن،
ايءَ نه جڙي ڳالهڙي، نزد عاقلن،
شيخ شِبلي فرمائيو، جو منجهان ولين وڏن:
ته ڏٺيم ههڙي ڳالهڙي، منجهه ڪوڏان ڪتابن،
ته جو پاڻ عمل وارو ناهه ڪينٌ، ۽ ڪري آڇ ٻئن،
۽ نڪو سعي نه کيجرو، مِهس ٿا پسن،
او ڪنا رحمت رهيو، جا سندي ڏيہ ڌڻين.
آگا! توبہ ڪيم ترت ۾، ڪنا قول تنهين،
”اَستغفرالله مِن قولِ بِلا عملِ“، ڪر ڦرن ۾ جنهين،
صاحب! تون سُهائيين، اسان واٽ سنئين،
جنہ ۾ ڪوڙين ٻرن قنديل ٿا، ڏينهان نت نئين،
سا آهي واٽ حق جي، ٻيا ڪوڙا گس ڪئين،
جي ڪلمون ڪهن ڪوڏ منجھان، تن ناهه ڀَئين.
لا اِلہ الاالله محمد رسول الله.

 

واو ئون ويهي آءُ تون، وٽان واڍوڙين،
جن کي گهُورَ پِريان جي گهائيو، لوچن ۽ لڇن،
اندر اگها، ٻاهر سَگها، اَت نه عام ڏين،
پَٽيون پنهنجيءَ پر ۾، ٻَهون پَريين ٻڌن،
اُڀين انهيءَ ڳالهه سين، پاڻان سامهان کي سڄڻن:
ته مرجان پاٻوهي پرين تفنگ تير هڻن.
ته جهڙي تهڙي حال سين، راضي ٿي ريجھن.
کڻي ٻڪيون ٻهون پرين جانٌ ويا ويڄ وٽن،
تان پَسي ٺَپ ٿڌا ٿيا، وِڄا وسرين،
پاڻان پيا ڏورجي، ڪو جو حال رسين،
طبعن جو ترت ۾، ويو تامل طبيبن.
اي هينئڙا! لک ساعت ڪا تون وڃي ويهه وٽن،
هارا! آهي عمل اڳرو گھڻو، جي لهجي ڪر ڪهڙن،
تان ڪڍي لاڳاڻو تو رسي، ويهندي وٽانئن،
جان ڪو جيين ڏينهڙو، هن دنيا جي ڏينهن،
ته هوئج هيڪاندو هينئڙا! لِکَ ساعت ڪا سيڻن،
ڏک بک ڏکڙا، پسي پَهس سندن،
توڙي تهمت کاڌو جي ٿيين، طعنا تو رکن،
ته مڇڻ ورچين هينئڙا! جي اي تو اهک اچن،
ته پروڙج پرندهين، پڇي کي پڙهين،
ته محڪم جنهن ماڙهوءَ ڏونہ، حبيب حب رکن،
ڏک بک ڏکڙا، تنہ ڏونهه ترت اچن،
طعنا تهمتون تنہ تي، مينهن جئن موڪ وسن،
اِي اهن تحفا سندا سڄڻين، سَهِي جي سگھجن،
اِت اُڀِيَڻِ اهکو گھڻو، ايءُ ڪم ڪاملن،
ٻين حاجت ناهه ڪا، جي رِيس روازي ڪن،
محبت جي محبوب جِي، لُٽيا لاف هڻن،
ٿوري پاڻيءَ ۾ پريندهين، اوڳا اَٽِجن،
هرڙي بار هلڪا گھڻو، قدر قليل ڪڏن،
طبق تانگھا سندني، سهي ڪين سگهن،
پوندو پروڙيو ڪيترو، طعام وچٿرن،
حبيباڻي حب جو، ان پر قيل قال ڪهن،
جئن ڪر پروڙي پڌرو، ته آهي وڏو ويساهه منجھن،
جي قول ڪُوڙا، پَتِ نه پورا، سي پرينءَ ڪئن پسن؟
ڪُهن ڪَري اٽڪل اندر ۾، پنهنجي هنيين هٿ نه رکن،
ته آهينِ قدر ڪيتري، پنهنجو سينو سڃاڻن،
پر اُو اٽڪل ناهه ڪا، جنہ ڪر پَرُوجھن،
هِهڙي هُهڙي ڳالهه تان لحظي منجھ لڏن،
اجھل اسارا نڪڻين، خبر ناهه خامن،
هئي هئي ڪڙهجي ڪو ذرو، اُنِينٌ جي حالن،
جئن اٿندا ڏينهن قيام جي، اوءِ منجھا منافقن،
ستت گڏبا سيگھ ۾، قطار منجہ ڪوڙهن،
ڪَهي ڪَهان ڪيترو، ڪر اچي چَس چپن،
دل سُتي اٿي ڪينڪي، ڪينٌ جئن ڳرهي غفلتن،
اڄ ڪٿان لهان ڪَنَ سين، جي ڳجهي ڳالهه سڻن،
ڪٿي اُهي سرتيون، جن راز سين رودن.
پر ماٺ نه اچي ڪينٌ جئن ڪئڙو ڪيچڙو ،
رت ورنو روئي گهڻو، ساريو ساٿيئڙن،
پڇي پانڌين خبرون، جي چريو وس ورن،
ڀانءِ هِئان هتان پوي ڪو مانَ پرو پرڏيهن،
مونکي سندن سانگ سِجهائيو، لاي اون اوڏن
(1)،
اکين آسرو اوڏهين، پرين پار پسن،
هنجون هارين، نت نهارين، پهسئون پار پرين،
ڀانءِ ساٿيڙا ساک پَئِي، سگھا شال اچن!
دل اُڪاسي جن لئي، سي مون محب مڙن،
ميڙائي جا مينهڙا، وهلو شال وسن،
جي پَرڏيهي پنڌ گھڻي، ڏُوري ڏِس رهن،
سي موليٰ مون کي ميڙي، ٿي موٽڻ مسافرن،
عَلاقو عيسو چوي، سين اٿم اوٺيڙن،
سي مون ملن شال سگها، جي راحت روح رکن،
من مون اُداسي ٿئو، ڪارڻ ڪيچيئڙن،
جئن ڪنہ پر وسرن ڪينڪي، هينئڙي هوت هُرن،
ٿئا راز منهنجي روح جو، چڻڪن چِت چرن،
قرار منهنجي قلب جو، آهي سار پچار سندين،
هن هيڏي شهر ڀنڀور ۾، اٿم آڳانڍو اُن،
ورونهه منهنجي وجود جي، آهي اُڪنڊ تن،
سڪ سٻاجھا سپرين، سي وهلو شال ورن،
مون نماڻيءَ جي نجھري، شال پيهي پهس اچن،
مون غافل هن غريب جي، اچي سگهي سار لهن،
مون ڏينِ دلاسو دلگير کي، وهلو هَٿُ وٺن،
في الحال هن فقير سين، شال پرين پاٻوهن،
ڳري لڳي ڳالهڙيون، شال ڪيچي مون سين ڪن،
سنديون سورن ڳالهيون، پَريندهين پُڇن،
پڇي ڳاڇي پَر ۾، راضي ٿي ريجھن،
پوءِ کڻيو ڏينم ڦُلَ هار جا، آءُ ويٺي پُوان وٽن،
پوءِ پساه پاسي مون ڪنا، تِرَ سينٌءَ تان م ٿين،
ڏينهن قيامت تئن لڳي، جئن ڪر ٻه رڪعتون پڙهجن،
ڪِ اچان اِتاهين سگهو، جئن پِنٌبِڻيون کڄن،
شال اِيءَ پُڻ فرصت ڪا مَ ٿئي، قادر جي ڪرمن،
متان مون کان قدر ايتري، پاسي پِرين ٿين،
اِيءُ قدر پاسي پرينءَ ڪنا، آهي پنجاهه هزار ورهن،
پر اِيءَ آهي محبت اعليٰ مرتبو، ان ڪُنئت ڪي لهن،
فنا منجہ فراق ۾، ڪي ريزا ٿي رسن
(1)،
شَباعُ سُورهه سِر آهِ گھڻي، ڪِي پَہ کي اِن پهچن،
اِشتياق جي ترار سين، ڪاهي ڪَئِين ڪُسن،
محبت ۾ مَحو ٿِي، اِيءَ چَسَ ڪي چَکن.
اِلاهي! اَٻوجہ کي، ڪا وجہ محبت من،
جنہ ۾ هوءِ سچ ذرو، سَچي سِڪ پرين،
ڪلمي ڪوڏ نصيب ڪر، سين پُڄن پساهن.
 لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله.

 

هي ئون هاريا! هٿ تو ڪينَ ڪُوڙا ڪمايوءِ،
جئن هيڏي حياتي ۾ پنهنجو ربّ نه ياد ڪيوءِ،
آهين دم دم محتاج جنهن جو، سائين سلطان سندوءِ،
اڃا لڳي سيڻ سين، پاڻهين ڪم پُوندءِ،
صباح محشر ماڳ ۾، او پاڻهي پڇائيندوءِ،
ته منجھان دنيا دار مان، ڪڄاڙو آندوءِ؟
عمل ڪيئي ڪهڙا، ڪڄاڙو کٽيوءِ؟
کٽي تنهنجو کُهه پيو، پر مُور وڃايوءِ،
هت موتي تو نه وڻجئا، ڪائو ڪمايوءِ،
سڀ هنڌين سج اُلهاريين، حيف توکي هوءِ،
ته: ’هيءَ پوري ڪري هاجڙي، آءُ ويهي ياد ڪندوءِ‘.
جو اَوءَ ٿيڙي هاجَ تو، ته ٻيو ڪم پُوندوءِ،
ته ڀانءِ هي ڪم لاهي ٿيان هيڪ منو، پوءِ آءُ پَرندوءِ،
اِنهيءَ طور ڪم ٽيو اَچو نڪرندوءِ،
رات ڏينهان فڪر ۾، هنيون تنهنجو هوندوءِ،
ته اچي موت اوچتو، راتوڌو رسندوءِ،
نه ڪينٌ رسندين مڙني ڪمن کي جن ۾ هٿ وڌوءِ،
سو ساعت سهندو نه هيڪڙي، دم نه دميندوءِ،
توڻي خزانا خرچ ڪرين، ته پڻ ڇڏيندوءِ،
”اَخذنا هم بغتة فاذا مبلسون“ وٺي سگهو ويندوءِ.
آهي نقل ڪنہ ڪامل جو، جيڪو ساري سڻيندوءِ،
ٿيندو نفعو تنہ کي، جنہ اثر ذرو هوندوءِ،
ته ڪو هو کڏهري هيڪڙو، پاڻي ڀريندوءِ،
تنہ کي پيو پهه پرينءَ جو، هو رات ڏينهن رُوندوءِ،
کپي گھڻي کيجري، اِهين هو چُوندوءِ:
ته ڪڏهن لهندي اُڃ ماڻهن کي، جئن آجو آءُ ٿيندوءِ،
ته ڪريان ذڪر ربّ جو، جو مون نِبَهندوءِ،
ورونہ وارو واحد ڌڻي، سڀڪنہ حال هوندوءِ،
پر نه ڪين لهندي اُڃ ماڻهن کي، نه فراغ آءُ ٿيندوءِ،
هئي هئي! ذڪر ربّ ڪريم جو، ڪڏهن آءُ ڪندوءِ!
جنہ کي کپت ايتري، سو ڪئن ويسلو وهندوءِ،
اُو هڏِ نه سمهندو سک ٿِي، ذڪر کي رمندوءِ،
پر ات آهي اشارت ذرو، عاقل پروڙيندوءِ.
سائين سٻاجها ڌڻي! وجھين محبت من،
ته ڪريان ياد توکي، رات ۾ ڏينهن،
ڏئين ٿڌائي سندي دنيا جي ڪمن،
ته هُئان تنهنجي ڪم ۾، هوءِ پاڻهي پيا پڇن،
عيسي عافيت سين، ڪر منجھان تن،
جي تنهنجي ڪم ۾، تن جا پورا ڪم ٿين،
”من ڪان لِله ڪانَ الله لہ“ ايءُ پہ آهي جن،
مرهين مڙني مومنين، ڪلمون جي ڪَهَن.
لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله.

 

اءلف ئون آخر زمان جون، سڻ تون نشانيون،
جي حضرت عليءَ ٿي پرَ ۾ پاڻ پڇيون.
تان چئي: ڪر فرصت يا علي! سڀ توکي سڻايون،
حضرت جبرائيل حضور کان، آڻي اَهانٌ ڪهڙيون.
تان آيو جبرائيل اوچتو، اچي ان چيون:
ته سچا صاحب ڪارڻي! مرسل مهندار مڙن!
نشانيون آخر زماني جون، ڪريان بيان تن،
پهرين نشاني اهڙي، جئن ويندو عمل عاملن،
هڏ نه اُبيهندا تنہ تي، جيڪين ڏسندا ۾ ورقن.
ٻي نشاني اهڙي، جئن رکندا ماڻهو دوسُ لَکن،
ٿا ڏيندا وَٽا تن کي، جنہ ۾ دهل هُرن،
ڌُڪَڙَ دنبوري ساز تي، هينئون گهڻو هوندن،
جئن وڄائيندا تن کي، تئن آڱر شيطان ڪندن،
ته هت ڏيو هن ويرَ ۾، مَرڪيو وچ ماڻهن،
اَنهنجا ابا اڳيانٌ، هُوا گهڻو ڏيندن.
ٽِي نشاني سُڻ تون، جئن ويندو حياءُ عورتن،
ڪريو اڇا اُڀوڇَڻِ سنهڙا، جئن ٿا لڱ بکندن،
ٿيون گهمنديون گَهٽين وچ ۾، ڌاريا مڙس ٿا ڏسندن.
چوٿين نشاني سڻ تون، جئن چڙهنديون سِر گھوڙن،
وينديون تتي چڙهيو، جتي هنيون هوندن،
ڏسنديون تماشا نِڪڻينٌ، وينديون منجھ باغن،
ته هلو ته کِيئُون جيڏيون! ڊوڙي ڊاکُنَ،
۽ هوندا سڀڪنهن ڳالهه ۾، مُڙسَ تابع تن،
توڻي غير شرع جو ته پُڻ ڪين ڪڇن،
هيءَ هاڻ رئيساڻيون ٿيون، مڙس تير سندن،
هوند رهن ڪهڙي ماڳ ۾، جئن چئو تئن نه ڪن،
ٿيندا عاقَ اَپر گھڻو، وياءَ سين مائٽن،
ويندي وهلو نڪري، سُرت شاگردن،
جيئن رکن رعايت سين، ادب اُستادن،
رکندا محبت مٿاڇري، ڏونهن پنهنجي مرشدن،
ڪڏهن ڪهڙي برج تي، ڪڏهن ڪهڙيءَ ڪُنڊَ لڏن،
اَٿن ويهن اڳ پوءِ جي اوترا اَٽڪل ڪَنِ،
آهِين نَقش نگِاريٖن جيٖڪيِن ظاهر پَروُجَن،
تنہ موجب قدَر ڪو، ويل ويساهه رکن،
جنہ جو بقاءُ مُورهين ناهه ڪو، ڪر پَکَ اُڏايو ٻارَن،
هئي! جيڪُس تيلاهين نه اچي مزو مريدن،
نه ڪو ذڪر ذائقو، چُست پاڻ چَکن-،
جهڙي قيمت ڪَڻنيِن، تهڙو وکر وٺن،
اُو ڪٿي صادق مريد سي، سچو صدق جَن-،
جي صادق قول سچا گهڻو، لمحو تان نه لُڏَن،
ٿين قربان ڪوڙيٖن پَريٖن، مٿان مرشدن،
اُوءِ چڙهي مٿي گهوڙي يقين، پهتا کي پريَن،
وِک وجهندي هيٖڪڙي، ڏٺائون ڪيچ اکين،
وڃي ڪيچ قراريا، اُتي آسِڻَن-،
پاڳاري پنهونءَ سين، رَسَ رهاڻيون ڪَن،
هاڻي وڃي سي رهيا، جي گهُمَن، منجهه گهٽين،
پنڌ نه هيءُ پيٖرن جو، نه هِن وَهِٽَ ويچارن،
جنہ سِر ساعت ۾ سوار ٿِي پهچن کي پِريَن،
تيلانه گهوٽ گَهرَنِ ۾ ويڳاڻا وَتَن،
آهي نقل ڪتاب ۾ هت سُڻج ساڻ ڪَنَنِ-:
ته ڪنه پير لکيو ٻئي پيِر کي، ههڙن کي حَرفن،
ته: اَنَ وٽ مريد صادق هوءِ ڪو منجهان مريدن،
ته مُنجو اسان ڏي اُن کي، سين پانهنجي ڪرَمن.
چئي ناهه مريد صادق هتڙي، مگر آهي مييڙو مشائخن،
جي فرمايو ته في الحال اَچي اَپَهُس منجهان اُن.
يعني جي مشائخ رَسمي، سالِڪ  ٿا سُڄَنِ،
آهن گهڻا عالم ۾، چي ڪِجي طَلبَ تَن.
هي آهي اِشارَت ذرو، اَتُ پُوندو عاقِلَن،
اي عيسي! آ
ٿو پڇان، تو منجهان آهِينٌ ڪَنِ؟
ڪينٌ آهين مريدن مان، ڪينٌ منجهان مشائخن،
جِمَ ڳالهائين ڪوڙ ڪو، هت سهاءِ سچ سڄڻن،
 

442-443 مسنگ پيجز

آ پيادي، هيءُ پنڌ گهڻو، هوءَ تان ڪين اُڀيَن،
مون ۾ جرئت نه زور ڪينٌ، هوءِ هرين تان نه هلن،
مون ۾ هلاوت ناهه هلڻ جي، هوءِ تان ڪينَ اُڀين،
مون مٿي بار بدن جو، هُو چڙهيا ٿيٖ چانگن،
آ
اَڻ سُونهين، ڏيہ ڏوراڻو، هوءِ واقف واٽَڙين،
مون ڪَڻِ ثمر ناهه ڪي، ٻيا ڏاڍا ڏينهن تپن،
هُن سين توشو، توڻ گهڻِي ساندارا سيٖڻن،
ٿڌيون ٿَهرن ڪينڪي، تتِيءَ تيز هلن،
ڪاهيندا ڪيچ مٿي واڪيندا وڃن،
اِن افعالين اديون! ڪئن پهچان پانڌيڙن!
هئي هئي! مون سين ڪوه ڪيو، پَسو پر ڏيهِن،
مِٽَ مسافر نه ڪنہ جا، ٿوٻِي نه ٿَهرن،
رَکن لاڳايو لِڪ ڪري جو راضي ٿي ريجهن،
اُٿي هلن اوچتا، جو آچي پہ پيٖينَنِ،
ڪوڙين لکين ڪيتريون، لڳيون پُٺ لاگهن(
[1])،
وَره وساندر وصال لئي، سهسين ٿيون سِڪن،
پَر ۾ بچائين پاڻ کي، سين هزارين حلين،
سڀڪا ڀانئي سهاڳ سري، مانَ مون ڏي نظر ڪن،
آ
اُن وچ اَڀري، جُتيءَ جوڙ نه تَن،
سا ڪئن رسان ساٿ سين، ڪهي ڪيچين؟
پر ماءَ! مارينم نڪڻين، ڳالهيون ڳُڻَ سندن،
ويلُون وقت ويهڻ جا، جو چِت ۾ ٿا چڻڪن،
ٿو جهليان، جُسو نه رهي، هاري جال هَنٌجُنِ(2)،
جانٌ ڪِي ڪريان وسڙا، ڏيان ڏَڍَ اَکين،
ته سگها ايندا سپرين اجهي ٿا اچن،
تان جهلئي جهلجن ڪينڪي، روئڻ
(3) تان نه رهن،
وييُون وسان منهنجي، ڪا جا لَڙَ لڳين،
ڪنہ جنہ نظر نهوڙيون، جئن ڀڳو سک ڀَنٌڀَن،
روئي روئي پرينءَ کي، ويل نه ڪنہ ورچن.
ڪو جو ڏيکائو ڏنو، اچي عجيبن،
سهڻي ڪاڄُ سَڄڻ پِرين(4)، لِک سينءَ لطيفن،
ڏيئي وراڪو وڄ جئن، پيهي ويا ۾ ويٖڙن،
اِن ڏيکاهي ڏسڻ سين، لڳو عشق اکين،
واجهائين وصال کي، لوچن ۽ لُڇن؛
ڪي جو چکايو چت کي، مخفي محبتين،
منجهان مئٖي مجاز جي، پياريُم پرين،
جئن اَڏا اَکين سامهان، هييٖن منجهه هُرَن،
کوڙي پکا پانهنجا، رهيا منجهه رڳن،
ڪر آهين ويٺا وجود ۾ اِنهين پر پسجن،
تون جي اچين پَهيڙا ڪا هُئي ويرَ وٽن،
تو مان اچي ساءُ مون، سندوئي سڄڻن،
ڪٿي گڏيئي سپرين، ڪا اٿئي سُڌ سندين؟
ڏي واڌائي وصال جي، مانَ سگها مون گڏجن،
ڪا مون سڌ سڻاءِ تون، مانَ سِگهِي سار لهن،
مندون موٽي آئيون، منهنجا محب مانَ موٽن،
وَس چري گهر آئيا، ڪاهي شال ڪُنڍين،
وريو واءُ وصال جو، ٿيو موٽڻ مسافرن،
اِلاهي! تون آڻ پِرين، مون لَڙ لڳي سين جن،
ساريان سڄڻ پانهنجا، گهڻا ڏينهن لَڳُن،
ساعت جن ري نه سري، تن وچ پهر پون.
 

446-447 مسنگ آهن

مرڻ مدعا منهنجي، ڪر مليس محبوبن،
مانَ منهنجي مرڻ جِي، پوئي ڪَل ڪيچين،
اَچي زيارت ضعيف جيِ، مانَ پِرينٌ پاڻ پُرنِ،
اُڀِي سيرانديءَ سامهان، منهنجو حال پسن،
پَسِي ههڙو حال مون، مانَ ترسي ڪي ترسن،
ته ڪِئو ويچاريءَ وس وڏو، پر جَلانٌ ڪِي جبلن،
هِلن حب اسانجهي، پر پرزا ڪي پَهڻن،
هيڪ اُڃ اُساٽيس اَنگڙا، ٻيون بکون منجهه بَرن،
ماري فراق فنا ڪِي، لاهي َل لِڱنِ،
توڙي جانيان جدا ٿي، سَنڌ سَنڌ کان سَنٌدين،
ته پُڻ هَڏي سڀڪا هوت گهُري، ٻي طلب توڙان نه ڪن،
پوءِ ڳريٖ لڳ ڳالهيون، مانَ مُنهِينٌ سين ڪن،
پائي ڳِراٽي ڳچيءَ ڪا، لائيٖ ڳل ڳَلُن،
ته لڳڻ سين لالَن جي، پوئيٖ روح رڳن،
هوند ڪريان ڳجهيون ڳالهيون سڀيئي ساڻن،
جيڪي وهيون واپريون، پاران مَنٌدُوڻن،
شال سڄڻ مڙئا سڄڻين، ويو وڇوڙو ورهن،
ٿيا هيڪانڌا پاڻ ۾، رس رهاڻيون ڪن،
ڏکن پٺيان سُکڙا، سِگها شال سرئن!
جي جنينٌ جا سيڪڙو، سيئي مڙئا تن،
اِلاهي! عيسي کي عافيت سين، ڪرين منجهان محبتن،
جنہ کي حُب هئين ۾ تنهنجو ۽ سندوئِي سڄڻن،
راتو ڏينهان روح ۾، سدا ٿا سِڪن،
ميلُ نه رکن مال ڏونہ، دنيا طلب نه تن.
هن عاصيءَ کي سين مؤمنين، ڪرين منجهائُن،
۽ ڪرين سَتٌرُ سڀين ڀَتين، منجهه ٻنهي جهانن،
۽ جڏهن هلي هن هنڌ کان وقت پُڄڻ پساهن،
تڏهين چِٽو ڪلمون، مِڙي محبوبن،
هوئي پاڙٖيچو حبيب جو، جئن اوڏائِي انگڙن،
مرهين مِڙنِي مومنين، ڪلمون جي ڪَهن.
لا اِلہ الا الله محمد رسول الله

يي ئون ياد نه يارُ جنہ، اُو مثل آهي مِرن،
اڃا مرون موچارا تنہ ڪنا، نَزد عاقلن،
جن يار نه وسري، سدا ياد اَٿن،
جنهن ماڙهُوءَ مجاز ناهه ڪي، اُن کان چڱو وهٽ چون،
جنہ ماڻهوءَ محبت ناهه ڪا، حُبّ نه حبيبن،
اُهي مثل بيد وڻ جي، جنہ مان نفعو ڪين ڪن،
بلڪ بيٖدان بڇڙو، جي پُڇٖي عاشقن.
جنہ کي شوق نه شراب جو، مئي جا محبوبن،
سُهد صحبت ڪانه رکي، سين مُورا موکِيَڙن،
جي پيارين پريندهين، اَصلئون اُڃائن،
ڪَرم ڪَسب جن جو، بُطل بات نه ڪن،
ڀريو مَٽَ مئي ماز جا، سڏين سِڪندڙن،
ڪن پيارين پُر تنين، جي اُڃايا اَچن،
وڃي اوڏو نه ٿييٖن، اوکو اصلئون اُن،
”فَسئلُوا اهل الذڪر اِن ڪُنٌتُم لاتعلمون“ ڪوڙي ڪِئو نه ڪَن،
اُو اوکو مثل اهڙي، جئن ڪانگڙ ۾ ڪانن،
بلڪ سَنگُ مٿسي ناهه ڪو، ڪانگڙ جنہ
(1) ڪهنَ.
جنہ کي ذڪر ذوق نه ڪو ذرو، ناهه پَچار پرين،
ورونه وارو ناهه ڪينٌ، سدا سين سڄڻن،
 

450-451 مسنگ آهن

جيڪي ڪرين ڪمڙا، سي سڀئي پاڻ پَسن،
تون وکون وجهه وڏيون، پر هُت سهاءِ سچ سَڄڻن،
هَٺ! هلڻ هئين سين گهُرجي، تون ڪرين پنڌ پيرن،
جي هِئين ُبَ مان ڏونه کنيو ئي پنڌ پيرن،
ته وک وجهندي هيڪڙي، ٿئين قريب ڪيچيڙن،
پر توکي حب نه ڪو ذرو، محبّت نه محبوبن،
توڙي ڪرئين پنڌ تون، ريءَ حُب هزار ورهن،
هلين تکو تيز گهڻو، پر ريءَ سِڪَ سُپيرين،
ته هرگز رسين نه هوت کي اهڙن افعالن،
ڏين ڏيکاهو ڏک ۾، غمن ۾ گڏجن،
تون ڏوران ڀڄين ڏکن کان، ڏئين پاسو ساڻ سکن،
اِنهيءَ پار نه ٿئي ميڙو محبوبن،
سُکَ طلبڻ، ساجن گهرڻ، چَٿرائِي چَون،
پرين پڇڻ، سين غير گڏجن، ايءُ عقل اَحمقن،
راتيٖين سمهن، پنهون پڇن، ايءَ عادت اَٻوجهن،
تَڙٖين ترسڻ، پهس نه پوئڻ، ڪئن ملي ميهار اُن!
لوڪان لِڪڻ، ڪنان تهمت ڀڄڻ، اِيءَ هاج نه حبيبن.
اِلاهي! عيسي کي ڪرين، سائين کان سَچن،
جي صادق سچارا، مُنهن موچارا، پسي مچ نه مڙن،
مرهنس پنهنجي مهر سان، برڪت ڀلارن،
ٿئي اَهل اولاد صالح سندسيم شال سي خوش هجن،
سين مڙني مومنين، جي ڀَلا پار سُڄن،
۽ ڪر قبول ڪرم سين، هادي! هن حرفن،
برڪت نبيءَ ڪريم جيٖ، جو اَڳَہُ آهه اَڙين،
مرهين تنين مونين، ڪلمون جي ڪَهَن.


(1) اصل. لائيو لاٿو سون اوڏن

(1) اصل ريزَ اِٿي

(1) اصل. لڳي ڀت لاڪن (2) اصل. هجن.

 (3) اصل. روئان (4) اصل. سهي کاڄ سڄڻين پرين.

(1)  اصل. ڪلنل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org