سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :26

مون کي من ۾ مارئي! آهي سين سچائي سِڪَ،

پرت ڪيو اٿم پڌرو، ڪيئن لوڪان ڪريان لِڪَ،

مارئي محبت تنهنجا، مون کي ڇرڪ وجهيو ڏي ڇڪَ،

من تڏهن مست ٿيو، جڏهن طلب ڏياريم تِڪَ،

سڄي حڪومت هٿ ڪري، هينئڙي ڀڃ تون هِڪَ،

”زمان“ پيئندي پِڪَ، منهنجو چِت چريو ٿيو.

 

شين ئون شاهي شوق جو، ناهي اسان کي نيهن،

هوڏ نه حڪومت تي، توکي شوق ڪيو آهي شينهن،

سرها تيئن سنگهار ٿين، جيئن ڏاڍو تپي ڏينهن،

”زمان“ محبت مينهن، وسي سنگهارن سِر تي.

 

صاد ئون صبر هاڻي، مارئي ناهي مُور،

جيءَ کي ناهي جدائي، تو مارئي جي منظور،

دل کي سور ساڙيو، چاڪن ڪيو چُور،

آس نه ڀڃ عمر جي، اهو ڪر نه ڪلور،

قدر منهنجو ڪونه ڪيوئي، نڪي سڃاتئي سور،

”زمان شاهه“ ضرور، منٿ مڃيندي مارئي.

 

ضاد ئون ضعيفن تي، نه ڪر حاڪم هلائون،

ڪين رهنديس ڪوٽ ۾، عمر! هت آئون،

ڪندو شال! قبول هي، ڌڻي دعائون،

ڪڍان ڏک ڏوٿين تي، ماڻهو نه مڪائون،

آيو ڪونه اَباڻن مان، نڪي نيائون،

جيڪس سڱ سنگهارڻ سان، ڇني ڇڏيائون،

ڀانيان بلائون، ”زمان“ آڇ عمر جي.

 

طوئي ئون طلب ۾ تنهنجي، حال ٿيو اٿم هِي،

نٿي سِڪ سمهڻ ڏي، جلي منهنجو جِي،

منهنجي هن منٿن کي، ڏسي ڏاهي ٿِي،

وجهي ميوا وات ۾، ٻولي وار نه ٻِي،

ڪانه ”زمان شاهه“ ڪِي، سختي هن تي سومري.

 

ظوئي ئون ظالم! ڇا ڪريان، تنهنجو تخت ۽ تاج؟

متان سمجهين سومرا! مارئي کي محتاج،

”زمان“ ڏونرا ڏيهه ۾، ڏوٿين جو آهن ڏاج،

سنگهارن وٽ سهڻو، آهي رِليُن جو رواج،

چڙهيو وڻن جي چوٽيين، مارو ڪن مَواج،

نڪي اوڍيو عاج، نڪي پهريون پَٽَ کي.

 

عين ئون عشق عمر تي، عجب هيءُ آيو،

ننڊون ويس نڪري، سوُرن ستايو،

بيٺو بيوس آهي، پاند ڳچيءَ پايو،

پيرن تي ڪريو پوي، گوليون گهرايون،

راضي ڪري ڪنهن ريت سان پنهورِ پرچايو،

”زمان“ مارئي منهنجي، ڇڏي منٿ موٽايو،

ڪري سڀ سعيو، سمجهايو سنگهارِ کي.

 

غين ئون غريبن تي، ڪهڙو ٻاريئي ڪُل؟
مارو گذارين ماٺ ۾، هي آهي هُل،

متان ستائين سومرا! ڌنارن جي دل،

آءٌ امانت آهيان، مون کي مارن ڏانهن موڪل!

ڪڍ تون مون کي قيد مان، آهين جي عاقل،

ڀيڻ ڪڍي ڇڏ بند مان، عمر! ٿيءُ عادل،

سمجهه اٿئي ڪا سومرا! ڀيڻ تي نا ڀُل،

لَڄاتي هن لوئيءَ جو، مارو ڪندا مُل،

پُور ”زمان“ پلپل، پُونم پنوهارن جا.

 

في ئون فوج فراق جٖي، نِيو عمر جو آرام،

مارئي کي محبت مان، وريو چئي وريام،

سڱ نه توسان سومري جو، اهو آهي الزام،

ڪن مُڪو آهي مون ڏي، پنوهارن پيغام،

تان ڀيڻ ڪري تون ڀائنج! مارئيءَ کي مدام،

مارئي! ڪر ملڻ جي، مان ڀلي ٿيان بدنام،

رکي محبت من ۾، ڪر عمر سان انجام،

ڪڍان توکي قيد مان، قربئون ڪر ڪلام،

”زمان“ دل کي دام، پيو آهي پنوهار جو.

 

قاف ئون قابو قيد ۾، اڃا تون آهين،

مري ويندئين مارئي! ڇو سينو ٿي ساهين؟

زورآور تون زال ٿيو، منٿ موٽائين!

باغ، باغيچا، بنگلا، ڀؤ ڪريو ڀانئين،

پائي پٽ پنوهار! تون، لوئي نٿي لاهين،

اڃا سنگهارن سيل کي، پئي پڏائين،

سِرُ اڳيان تون سومري، نٿي نمائين،

”زمان“ پڇ پنوهار کي، ڇو پَٽ نٿي پائين؟

چڱو ٿي چائين، ته مارئي! مڃ منٿ کي.

 

ڪاف ڪِري شل ڪوٽ، باهه وجهان هي بنگلا،

جايون شال جهُرن، هي ڀانيان باغ بَلا،

سمجهي ڪر تون سومرا! مون هيڻيءَ تي حملا،

ڏاڍا ملندئي ڏيهه مان، اي عمر! او ڀالا،

آڇون تو عمر جون، ڀانيان ٿي ڀالا،

ڪيئن لڄايان قيد ۾، ننگ ڀريا نالا!

هِريا ڪين هَسين تي، گهَگهيرَين گَلا،

ملائي مولى! شل ”زمان“ مارن مارئي.

 

لام لڱن تان لوئي، ڪيئن لاکيڻي لاهيان؟

پائي پوشاڪون پَٽَ جون، ڇو لوئي لڄايان؟

نٿي برابر ڀُونگن کي، بنگلن سان ڀانيان،

سگهو ڪرندو ڪوٽ هي، مان نِيرَن ۾ ناهيان،

ٻانهيون، زيور، زريون، مون کي کڻي ڏي کانيان،

جني سانڍيم سومرا! انهن جي آهيان،

صفائي ٿينديس سومرا! پَروڙَ نه وڃايان،

پَٽيءَ نه پايان، ”زمان“ پير پلنگ تي.

 

ميم ئون مارئي! مون کي، اهو آهي ارمان،

خالي ٻيِلي ڇو وجهين، جهوريءَ ۾ ٿي جان،

ناهي مناسب مارئي! شاهن سان شيطان،

ڪيڏانهن ڀڄندئين ڪوٽ مان ڪنڌي آهي ڪان،

مون کي ڪر قبول تون، تان مارُن وَڌيٖ مان،

کِلي چڙهه تون کٽ تي، شاهي رکي شان،

ڪوٽن قيدن جو ”زمان“ ڇا، ايذاءُ سهي انسان؟

دل تي آڻ ڌيان، مڃي اُٿ منٿ کي،

 

نون ئون نڪري آئي، ڪا دائي مٿي در،

سڏ ڪريو چئي سومرا، ڇڏ هي هُل حشر،

ڪير وڌي ٿو ڪوٽ ۾، آڻي هت عمر،

سڻ تون منهنجي سومرا! اٿم خان خير،

سانڍيم توکي ساهه سان، جڏهن ننڍڙو نينگر،

مارئي سانڍي مون هئي، وجهي هنج هيڪر،

ٻنهي ڌاتو دائيءَ کي، ڪڏندي کڻيو ڪر،

بيشڪ تنهنجي ڀيڻ ٿئي، ڇوري هيءَ ڇوڪَر،

پَت رک پرور، ”زمان“ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي.

 

واو ئون ويٺو اُتي، رت رنو روئيٖ،

آهي حرف حمير کي، ٿو چرين جيئن چوئٖي،

ڀاڪر وجهيو ڀيڻ کي، پيرين پيو پوئٖي،

وڃي پنوهارين پهچندئين، شل حياتي هوئي!

سچ جو ٻڌو سندرو، هن جهانگياڻي جوءِ،

کڻي ويئي ”زمان شاهه“، هيءَ گهگهٖيرِي گوءِ،

نيڻ نه نچوئي، سڪ ۾ سنگهارن جي.

 

هي ئون هيڻن سان ٿيو، هادي هت همراهه،

پرور! ٿئين پنوهار جي، تون ئي پشت پناهه،

هاڻي پهچائينم ان سان، جن کي سڪي ساهه،

اٿم اباڻن جي، پکن منجهه پساهه،

منهنجو ڏڪي ڏيل پيو، باري بيپرواهه،

مولى سڀئي معاف ڪندو، گوليءَ جو گناهه،

هاڻي وقت آخر ۾، ٿي منهنجي واهر واهه،

ڪمينيءَ تي ڪرم جي، ڪينئي نيٺ نگاهه،

زاري ”زمان شاهه“، منهنجي در ڌڻي جي.

 

لام ئون لائق تو ڪيو، عمر آءٌ اڻڄاڻ،

مون کي موڪل ڏي، سگهو سواري آڻ،

ڏسان وڃي ڏيهه ۾، ويڙهيچن وٿاڻ،

سڏ ڪريو چئي، سومرا عمر! مون اُماڻ؛

اوٺي آندو اُٺڙو، وجهي پرت پلاڻ،

چڙهي ويٺي چاهه مان، هليو وڃي ٿي هاڻ،

پهتي پنوهارن کي، قادر لاٿس ڪاڻ،

ويهو ويڙهيچن وچ ۾، ڏي عمر جا اهڃاڻ،

عمر جي انصاف جي، وات اٿس واکاڻ،

”زمان“ مارئي ملڪ ۾، ملي سنگهارن ساڻ،

چون پنوهاريون پاڻ، اديون! عمر کي آفرين هوءِ.

 

الف ئون اچو اوڏڙيون، چون سنگهاريون صاف،

تنهنجا حرف هزارين، پر مارئي ڪج معاف،

وڌيڪ تنهنجي سِيل کان، آهي عمر جو انصاف،

مردن سان مقابلو، ڇا ڪنديون زالون ضاف؟

”زمان“ هو اشراف، سڀ چون ٿيون سومريون.

 

يي ئون يارن ساڻ، رک ”ساقي“ سچائي،

اڃا اَڃايل آهيان، ڏي سُرڪي سوائي،

قادر سي ڪنڌيءَ ڪيا، جي تڙ کان توائي،

منهنجي آس اندر جي، پرور پڄائي،

مارئيءَ مليون مبارڪون، جا اباڻن آئي،

قادر سي ڪنڌيءَ ڪيا، جي تڙ کان توائي،

منهنجي آس اندر جي، پرور پڄائي،

مارئيءَ مليون مبارڪون، جا اَباڻن آئي،

مون نه ”زمان شاهه مهدي“ ڪِي ڪا ڪمائي،

پر ڪيم ڪريمن صدقي، سائينءَ سڻائي،

اکر ٽيهه اچي ويا، آءٌ ڀانيان ڀلائي،

وات ڏجان وائي، ڪلمي جي ڪريم تون.

 

لااِلہ الا الله محمد رسول الله،

 

ٽيهه اکري: مارئي جون منٿونÄ

 

(چيل تورپيو مسڻ)

[تورپيو مسڻ، ڳوٺ حاڪم ڏيپر (تعلقي وارهه) جي ڀرسان ڪنهن ڳوٺڙي جو رهاڪو هو. اڻ پڙهيل هو، ننڍي هوندي ٻڪريون چاريندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن وڻ هيٺان ستو پيو هو ته خواب ۾ ڪنهن بزرگ چيس: ”اُٿي بيت چئو.“ اهڙيءَ طرح هن جي شاعريءَ جي ابتدا ٿي. 1927ع ڌاري وفات ڪيائين. سندس ٽيهه اکريون، ڪافيون، مداحون، مولود ۽ ڏوهيڙا مشهور آهن. هتي سندس ٽي ٽيهه اکريون ڏجن ٿيون.]

(1)

الف اندر ۾ آس اُڪير،        مارن سان ڪج ميلو پير!

مارو منهنجا منجهه ملير،     نانءِ ڌڻيءَ جي عمر اُماڻ!

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

 

بي بند قيد ڪنبايو ٿَئِي،    سرتين ڪاڻ سڪايو ٿَئِي،

منهنجو روح رنجايو ٿئي،     پيش پنوهارن رب رساڻ!

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

 

تي تون قياس عمر ڪر ڄام!         مُنج موٽائي ساڳي سام،

ڇڏ هي خيال خطا جا خام،            ماڙين منجهه آهيان مهماڻ،

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

 

ثي ثابت سُڻ عرض امير!             قيد ڪيس هت ڪنهن تقدير،

زور ظلم جا ٽوڙ زنجير،                وجهه نه ٻيائي جا تون ٻاڻ[1]

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

جيم جني جو اَٿم سنڀار،             رويو ساريان روز سنگهار،

جيئري شال! پسان پنوهار،             وڃان ويڙهيچن وٽ وٿاڻ،

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

 

حي حُب، روئڻ اٿم رولو،               چُواڪن ساڻ پسايم چولو،

اٿم اباڻن ڏانهُون اولو،          ڏيهه ڏسان ٿئي روح رهاڻ[2]

ساهه سڪي ٿو سانگين ڪاڻ.

 

خي تون خوف خدا جو ڄاڻ،           مير عمر! تون پاڻ سُڃاڻ،

هام نه هلندءِ هستي ساڻ،             قيد قهر جا مون تان ڪٽ

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

دال نه دم هت گذاريان،               رويو روز هنجون ٿي هاريان،

سڏڪيو سانگيڙن کي ساريان،        ماڙين منجهه ويهڻ مون گهٽ،

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

ذال ذڪر تن مارن جو،                 پَل پَل پُور پنوهارن جو،

سيني سور سنگهارن جو،              ڏؤنرن ڏار پڪا هن پَٽ،

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

ري رب جي ڏاڍي سرڪار،            عمر! ڪندءِ هت رُوبڪار،

بي ڏوهيءَ کي مور نه مار،             خيال خطا جا مون ڏنهه مَٽ،

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

زي زورُ ڇڏ مِيريءَ جو،                لڳندءِ وقت زهيريءَ جو،

سُڻ هي نقل نظيريءَ جو،              غير غصي جو لوڙهو لٽ،

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

سين سويل اماڻج سام،               پاڻ سڃاڻج وير وريام!

ڪين وڻن ٿا تنهنجا طعام،   پٽ بخمل کي نئي سٽ،

ويندس شال! ويڙهيچن وٽ.

 

شين شڪر جون هردم هاليون،        ”تورپيو“ چئي تن جون ڳالهيون،

سانڍيان اندر منجهه سنڀاليون،        هي من جن لئي آ منظور،

پل پل مارن جو پئي پور.

 

صاد صبر مون ڪَيڙو سير،            مارن ساڻ گڏينم پِير،

ڏسان جيئري شال ملير،                وڃان تن ريءَ پئي وهلور،

پل پل مارن جو پئي پور.

ضاد ضعيفن سان هي زور،            ڪر نه عمر تون ايڏو شور،

ڏاڍو قهر الاهي اور،             خوف خدا جو ڄاڻ ضرور،

پل پل مارن جو پئي پور.

 

طوئي ٿم طلب گهڻي منجهه جيءَ، روز روئان ٿي سانگين ريءَ،

ماڙين منجهه وهان مان ڪيءَ،        ڏيهه عمر! ٿي ڀانيان ڏور،

پل پل مارن جو پئي پور.

 

ظوئي ضعيفن سان هي زور، ڪر نه عمر! تون ناحق ڪورُ،

نيٺ ڦولهيندا تنهنجو ڦورو            قادر جو ٿِي قهر ڪلور،

پل پل مارن جو پئي پور.

 

عين عمر! تون آهين مير،             روز روئان ٿي نٖيڻٖين نير،

ساهيلين سان منهنجو سير،           چاڪ فراقن ڪئي دل چور،

پل پل مارن جو پئي پور.

 

غين غُصو ٿم ڏاڍو غم،               شاهه رکندو شال شرم،

ڪامل ڪر ڪو قرب ڪرم،   واٽ هي واجب توکي ناهه،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ[3]

 

في ڇڏ فند خوديءَ جو پنڌ،           حاڪم حق تي سندرو ٻنڌ،

ڪر نه عمر! تون ايڏو انڌ،              دل ۾ رک تون خوف خداءِ،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ

 

قاف قهر ڪر ڪين ڪچائي،         هيءَ ٿي ڳالهه امير! اجائي

ساڻ نه هلندءِ وير وڏائي،               هي دم چَل پَل چٽڪو آهه،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ

 

ڪاف ڪرم ڪر ڪو احسان،         شاهه رکندو منهنجو شان،

اٿم اباڻن جو ارمان،    روز روئان ٿي تن جي لاءِ،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ

 

لام لکي مُنج تن ڏي حال،           مير عمر! تون ڪر ڪو ڀال،

نانءِ ڌڻيءَ جي سڻ هي سوال،         ادا! اباڻن ساڻ ملاءِ،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ

 

ميم مهر ڪر رحم رهاء،              پوندءِ هاديءَ لڳ حياء،

آهين نيٺ برادر ڀاءُ،   سڱ سڃاڻي سام ولاء،

هيءَ نيئي پنهوارن پهچاءِ

 

نون نه رهنديس ماڙين منجهه،        سانگين جي سڪ صبح سنجهه،

روح ڪيو ٿي منهنجو رنج،   نانءِ ڌڻيءَ جي مون کي ڇڏ،

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

 

واو وڇوڙيا ميل وري،  سانگين ٻاجهؤن تان نه سري،

وينديس ماڙ منجهه مري،      مئي پڄاڻا پوندءِ هڏ

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

 

هي هت ويهڻ مون نه مرڪ، سانگين ٻاجهؤن ڏاڍو شڪ،

گڏ ته گڏيندم هيڪر حق،             منهنجو پاڙو تن سان اَڏ

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

 

لام لطف ڪر شہ سردار!              ”تور پيو“ چئي تو ڌار،

پاڪ پسائين چارئي يار،               شاهه شرم رک پردو اَڏ،

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

 

الف اباڻن آءٌ ويندياس،                جئري مارن کي ملندياس،

پلر پنوهارن سان پيندياس،            کُهه پيا شربت تنهنجا کڏ،

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

 

يي يڪ منهنجو دامنگير،             واهر وير مديني وير!

پاڪ پڙهائج ڪلمون پير،              پار لنگهائج پهرئين سڏ،

هيءَ نيئي سام سنگهارن گڏ.

لااِلہ اِلاالله محمد رسول الله،

(2)

ٽيهه اکري؛ ڪڙمڪي ڪارÄ

 

الف اُٿي تون ڪر ڪا ڪار،   اک پٽ عاشق! نيڻ نهار،

پئو نه سمهي تون پاڻ سنڀار، سنڀر، سگهو ڪر، ويهڻ وسار،

سک سمهڻ جي مهل مٽاءِ،

آيو سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.

 

بي کڻ بار بندا! ٿي باري،            ڳالهه سڻج هيءُ سالڪ! ساري،

نفس نوائي سر ڪر اسواري،           جهنگ وڍي ڪر جاڳهه جاري،

ڪرڙ ڪنڊي جي پاڙ پٽاءِ،

آيو سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ.


Ä هن ٽيهه اکري جون روايتون اتر مان احمد خان آصف (تعلقي ڪڪڙ)، غلام قادر (لاڙڪاڻو)، غلام نبي (لاڙڪاڻو) غلام رسول جتوئي(تعلقي وارهه)، وچولي (تعلقي سنجهوري) مان علي اڪبر کان مليون.

[1] ٻيون پڙهڻيون:”پهه ٻيائي وارو ڪر نه تون پاڻ“؛”پو نه ٻيائي جي تون ٻاڻ“؛ ”ڪر نه عمر تون ٻيائي ٻاڻ“

[2] ٻيون پڙهڻيون: ”هو ڏيهه ڀانيان روح رهاڻ“؛ ڏيهه ڏاڏاڻو اٿم روح رهاڻ“.

[3] ٻيون پڙهڻيون: هيء مڙهه پنهوارن پهچاءِ“؛”هيءَ پنوهارن وٽ پهچاءِ“؛”سام سنگهارن کي پهچاءِ“

Ä هن ٽيهه اکري جون چار روايتون (1)احمد خان آصف، ڪڪڙ؛ 2. رحمت الله ونڊير،  ٽالپر وڏا؛ 3. فتح محمد، لاڙڪاڻو ۽ 4. عبدالرزاق ٻانڀڻ، فيض گنج) مليون پهرين ٽن مطابق هرهڪ بند ۾ ٽي مصراعون ۽ چوٿون تڪراري قافيو آهي. هيٺين موجب؛

الف اُٿي تون ڪرڪا ڪار،            سنبر سگهو تون وهڻ وسار،

بحر چڙهيو ٿي تارو تار،              سک سمهڻ جي مهل ڦٽاءِ،

آيو سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ

بي بار ٻڌائي بلڪل باري،            نفس نوائي ڪر سر سواري

جهنگ وڍي ڪري جاڳهه جاري،      ڪرڙ ڪانڊيرا پاڙون ڪڍاءِ،

آيو سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ

تي تقوى جي هڻ ڪوڏر توڙ،          ڳڻتيءَ وارا ڳنڍا لوڙهه،

واهه وِرِهه جون مرڪون ڇوڙ،           پٽ آوندا هيٺ هٽاءِ،

آيو سانوڻ ننڊ ڦٽاءِ

ٿي سگهي ٿو ته هن ٽيهه اکريءَ جي اصل سٽا ائين هجي، پر جيئن ته عبدالرزاق ٻانڀڻ جي موڪليل روايت، جنهن موجب مٿيون متن ڏنو ويو آهي، جي هرهڪ بند ۾ زياده قافيا آهن، ۽ پڻ ڪن بندن ۾ شعر زياده سهڻو آهي، تنهن ڪري انهيءَ روايت کي ترجيح ڏني وئي آهي. (جيم)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org