سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :21

يا رسول الله! اوهان جي آهه مون دامن جهَلِي،

ناهه منهنجي ڪا سوا تنهنجي پيغمبر! ٻي ڳَلِي،

در ڇڏيا ٻيا دور آيس، در سندءِ هادي! هَلِي،

غم ڪنان آزاد ڪر، آسان ڪر مشڪل ڪُلِي،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا نبي! تنهنجي ثنا خواني ڪندي ڇا هيءَ زبان!

ڇا بشر کي آهه طاقت جو ڪري وصفون بيان،

خود خدا تنهنجي صفت ۾ آهه ڪيو نازل قرآن،

تون ٿئين آدم منجھان، آدم ٿيو تو مان عيان،

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

سڀ ملائڪ ۽ مقرّب خاص خدمتگار ٿيا،

تون سندن سردار سائين، هو سندءِ بيشڪ بندا،

جي پيغمبر ملڪ ۾ موليٰ اڳي تو کان مُڪا،

سي سڀئي تنهنجا صاحب! خابرو قاصد هئا.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

دائما دربان آهي تنهنجي در جو جبرائيل،

جاءِ ۾ جاروب ڪش، مهندان مجاور ميڪائيل،

حڪم ۾ هاديءَ سندءِ ڪيو آهي حاضر عزرائيل،

خاص خدمتگار تنهنجو آهه اڪثر اسرافيل.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

سڀ صحابي سيّدا! تنهنجا اسان جي لئي اُتم،

تون منوّر ماهه وانگر، هو سندءِ نوري نجم،

تن سڳورن جو سدائين آسرو آڌر اٿم،

جن وڌايو دين ۽ ايمان باهمّت حشم.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

باصفا صديق اڪبر يار تو مهندار هو،

سو ڀلارو ڀرجهلو توسان رفيق غار هو،

سو صداقت ۽ شرافت ۾ سچو سردار هو،

۽ هميشه مومنن جو آسرو آڌار هو.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

۽ سندءِ هو يار ٻيو عادل عدالت جو عمر،

شہ شجاعت ۽ سخاوت ۾ قوي ڪامل قمر،

يافضل فياض، فاضل، هو سدا سو فيضور،

تَن بدن، جند جان گهوريو، اُن اوهان تا ساهه سر.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هو اوهان وت باعزت، اعليٰ شرف عثمان جو،

جنهن بنايو مومنن لاءِ آئيون قرآن جو،

راز رحمت جو انهيءَ تي ٿيو سدا سبحان جو،

راضپو هو ربّ جو فائق مٿي فرقان جو.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

آهه اَسد الله لقب توکي مليو يا مرتضيٰ!

تون ٿئين داماد حضرت مير محمّد مصطفيٰ،

خود خدا ڪيو مير توکي شوهر خيرالنساءِ،

حّل مشڪل ڪر سندم اي حاميء مشڪلڪشا!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

حضرت خاتون جنّت، سا سچي خيرالنّسا،

اِذنُ ٿيو الله  کان جنهن کي شفاعت جو عطا،

جا ڪندي روزِ حشر ۾ مومنن بيشڪ شفا،

عاصين تان سان ڪندي معافي عتاب ۽ هر خطا.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هئا نواسا نُور سي حضرت سندا حَسنين بئي،

دل گهريا، دلدار، دلبند، نُور نرمل عين ٻئي،

سي ولهن لئي واهرو ۽ آسرو آهن ٻئي،

خود خدا جا هئا پيارا، خاص منجهه دارين ٻئي.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

هئا ڀلارا ڀرجھلا عمين ٻئي حضرت سندا،

جي هئا گڏنور سين عباس ۽ حمزو ڀلا،

جن ڪيو قربان پيغمبر مٿان سر جان فدا،

سي هميشه مومنن جو آسرو آهن، ادا!

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ڏهه سندءِ اصحاب هئا جي خاص عشرالمبشرين،

جي هئا تارا هدايت جا ته بر روءِ زمين،

سي هميشه شال مشڪل ۾سندم همراهه ٿين،

تن سڳورن کي چوان سردار صاحب اجمعين.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

دين محمد جا اراڪين آل سي ٻارهن امام،

تن سڳورن سيّدن جي آهه وصفِ نا تمام،

آهيان آءُ گڏ گناهن ۾ سندن غافل غلام

سي ولهي سان وڙ ڪري اوکيءَ ڪندا واهر وريام.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

مُقۡتَدا آهي اسان جو مُحي الدين آلِ علي،

فيض جنهن جو آهي روشن شمس وانگر منجلي،

هن تي محمد جو قدم، هن جو قدم ٿيو هر ولي،

سو مِٺو مرشد ڪندو حاصل سندم مقصد ولي.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

ڏي نه محتاجي بدو بي دين حاڪم جي مون کي،

ڪاڻ ڪنهن قارون ۽ ڪافر ڪميني جي مَ ڏي،

جو کسي مون ساڻ سو شل! ماد ٿي مفسد وڃي،

سڻ سندم فرياد سائين، تون خدا جي واسطي!

يا محمد مصطفي! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

 

يا محمّد مصطفيٰ! سڻ سوال مون بهرِ علي،

غور ڪر غمگين جو، نام خدا، نامِ علي،

آهه ٻانهو در سندءِ بازن ٻڌو ”ڀاونعلي“،

آهي گر ناقص، مگر ٿيو اسم وابسته علي.

يا محمد مصطفيٰ! هي عرض منهنجو دم بدم،

ٻن جهانن ۾ خدا ڪارڻ رکو منهنجو شرم.

ٽيهه اکري: سالڪ کي نصيحت

)چيل فقير بخش علي جي)

[بخش علي ولد مراد علي فقير، ويٺل ٿرڙي ڇُٽي واري، تعلقو لاڙڪاڻو، هڪ عالم شخص هو، پنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان ڳڙهي مبارڪ جي هڪ خانگي مدرسي ۾ پارسي ۽ عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو ۽ طبابت به ڪندو هو. پير جي ڳوٺ کان ٻن ٽن ميلن جي مفاصلي تي ’ڍانڍي‘ ڳوٺ مان شادي ڪئي هئائين، تنهن ڪري سندس لاڳاپو پير جي ڳوٺ سان به رهندو آيو. سندس خاندان درازن جي درگاهه جو طالب هو. بخش علي فقير 1337هه/ 1918ع واري وڏي بيماريءَ ۾ فوت  ٿيو، ان وقت سندس عمر 100ورهيه کن هئي.]

 

الف اول اسم سان سينو سڌار ڪر صفا،

قلب جو تڪرار تنهن ڏي، طلب رک، واڌو وفا،

پرت مؤن پختو پچائج، جان تن کي ڏئي جفا،

رک سجاڳي سَحر جو، تان تون ڏسي نوري نفعا.

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

بي بُرايون، بد سَڌان، تون نفس نحسيءَ جون نِساءِ،

”القناعت ڪَنۡز“ ڪَن ڪر، واٽ خاموشي وساءِ،

”اِنّماَ اَمۡو الَڪُمۡ“ ويري، اهي دشمن دساءِ،

”ڪُنۡت ڪَنۡز اً مَخفۡيِاً“ رنگ معرفت رب جو رساءِ

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

تي تعلقّ جا ٽڳا ٽوڙي، يگانو يا ڳول،

”لاتُفرّحُ“ ڌيان ڌر، ڇڏ کِل کَپت، فرقان ڦول،

اک اڙاءِ، دل جي دريءَ ۾، خام خطرا ڀڃ ڀول،

پوءِ مزا محبوب جا، دلڙي ڏيکارئي روز ڍول،

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

ثي سنجٽ ثابت سڀا، سالڪ! سويلي ٺوڪ ٺاهه،

وٺ واهولو اسم جو، لوڏي مڪر جا وڍ لاهه،

ٻُوڙا ٻيائيءَ جا ٻنيءَ مون پَٽِ، تَنيءَ کي ڊوڙ ڊاهه،

ساڙ سي ڪُوهڙ ڪري، ڦوڪي برهه جي ڏيئي باهه،

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

جيم جانب! ريج لئي، پاڻي صداقت جو پيار،

ڳانَ سڪ جا ڪر سنوان، تان جَر وٺي قابو قرار،

سو ٻُڌي طالبٰ! سجھائج، بُنهن ٺاهي خوب ٺار،

کُپ کڻي سامان سنبري، سِري ٻنيءَ جي ٿي سوار.

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

حي حارث! هر ٻنڌ هردم، منجهه کيڙيءَ خيال جو،

پُڇُ پنجاري پياس جي، فائق! اٿئي في الحال جو،

وجهه ڏورڻ جا ڏورڻا، ڳولو انهيءَ ٿيءُ ڳالهه جو،

پائِڻو کڻ پَت پَڪيءَ جو، دم جُدا نا جال جو،

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

خي خوشيءَ مون جذب جو، جوٽي جوڙو، ڏي الف اوڙ،

چاهه جي چُوني چڱي، ”لا“ حرف واري جاٽَ جوڙ،

ڪاهه ڪوسي ٿڌي پلپل، وِک اُتي پنهنجي ولوڙ،

آڻ ”اِلا“ جو وٽوهڙ، شرڪ شڪ جا ڦيهه ڦوڙ.

سمجھه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُرجهه معنيٰ ”مَنۡ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

دال دانا! سنگت سؤن، ٻج هيڪڙائيءَ جو ملاءِ،

مُٺ ڀري مضبوط ڇَٽ، سستي ڇڏي چُهنڊي چلاءِ،

تان ڄمن انگور عشقي، جانِ تاتڻ ۾ جلاءِ،

ويسلن جان ڪار وِسلائي نه راڌي کي لاءِ ـــ

سمجهه صوفي ! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پُر جهه معنيٰ مَن عَرفَ“ تاِن. هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

ذال ذرو ويهه نه  واندو. ڪج سَلن واهت سبيل!

ترت تارؤن اڏ توڪّل جو پهر، سي  سلاّ سيل،

جي ڏسين ڪو منجهه مرون، ذاتيءَ سندي هڻ ضرب زيل،

اڄ سڀان آخر پئي، پورهيون  پلئي بي قال وقيل ــــ

سمجهه صوفي ! هيءَ حڪايت. تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ ”منَ عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

ري راتيان جاڳي، وٺي وارو وهج، اي جوان! جاڳ،

اَب طاعت ڏي انگورن، جهٽ ملين مطلوب ماڳ،

جارَ سان وَهه جوڳ جاني ! ڇڏ ندورائي نڀاڳ،

سيبتو ڪڙمي سُگهڙ ٿج. هُج صبح سانجهي سجاڳ.

سمجهه صوفي ! هيءَ حڪايت. تان لهين دڳ دوست جو.

پرجهه معنيٰ ”منَ عَرفَ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

زي زراعت تنهن کؤن پوءِ. لائق لُڏي پوري پچي،

سرس سعيو سا گهُري، صحبت سٽج ڪانئر ڪچي،

خس خدا شل! نان ڪري. بڇڙين بلائن کان بچي!

جهڪُن جهولن کؤن ڇُٽي، ان بعد ڏانڊيءَ اَنّ اچي!

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو.

پرجهه معنيٰ ”مَن عَرفَ“ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

سين سنگ کيرو ڏڏر. آڀون ڏسين اَنّ آشڪار.

شوق پيهو اَڏ اُتي ويهه، ذوق ڏاڪا ڏئي ڏيکار،

هٿ کنڀاڻي، سوز ساڻي، مرد  موڳا! دزد مار .

”هو“ سنديون هَڪلان هڻي، ورنهه! اوڃائج جهوڪ جهار .

سمجهه صوفي ! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو.

پرجهه معنيٰ مَن عَرفَ “ تان هنڌ پسين همہ اوست جو.

 

شين شائق! ساڻ ڏاٽي، ڏک لڻي  لابارو لاهه،

ميڙ وڍ مُرٽيون سڀئي سَٽ ٻارَ تي. ٿيءُ شاد شاهه!

ويهه اڏي مَنهَيِ محبّت،سير ساهي ڳاهُه ڳاهه،

پوک سربستي سهيڙج! سهه ٿڪيڙو مٿي ساهه،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

صاد صادق، سنڀر سورهه! پِڙُ صفائيءَ گهَڙُ گهڻو،

نِينهن نِوڙت فِڪر ڦُريو، خوب ڏانداريءَ کڻو،

ميلهه محنت مَلهو مرضي، محب جي تهدل تَڻو،

ڏاند شير، شرع ٿئي لٺ، لڪڻ حلقو حق هڻو،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

ضاد ضروري تون صبوريءَ جون ڇَلان پِڙَ تي پَٿار،

مٽ ٻياني مراقبي لهندين نه ڪنهن جاءِ وِٿ نه وار،

جار جي ڳاٽي ٻنڌي، وَٿ حرص جي ٻهڳڻ! ٻهار،

قرب ڪارائي ڌُڻيل، وائر ڌاڙو عارف! اڀار،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

طوئي طمع ڪاوڙ ڪُٽي، ڇوهئيون ڇنڊي اَلبت اَڏاءِ،

ڪُڍي ڪُرسائي اروٽيءَ کؤن ڇني پاپڙ ڇَڏاءِ،

ڦڏا ڦوڏر، ڪک ڪوڙائيءَ، گند نا داڻن گڏاءِ،

تنهن پڄاڻان دم تنهين، سُرتيا! مجيريءَ کي سڏاءِ

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت،تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

ظوئي ظاهر ٿا ڏسن، ڏيسُو هلي هَنبارِ کي،

ڀرين ماپارا وٺي ڀر، ٻُنڌ ٻيلِي! ٻار کي،

چُست چاڙهي ماڻ محڪم، سُڌ ڏين سرڪار کي،

ليکي ليکو پيش ڪن، رهِندو انهيءَ ويچار کي،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

عين عاشق ٿي رضا، ويجهو هو اڳيون ڏئي ادا،

حال جو هُلو هڻي وٺ، اَنّ اهو مانجهي مدا،

ڪِرت ڪُڙمت، چال چوکِي، پاڻ ڪر فاني فدا،

قلب تنها تون ريجهائج، سرتئون سُوجهي سدا،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

غين غازي! راهه تي، ٻيهر ٻُنڌي ايندءِ امير،

جي نِگَهه آيس آڇِي، شابس ڪندو ڪوٺي ڪثير،

ڪَست مؤن ڪامي مڙن، وهه وهه اُتي ويجها وزير،

پڪ پهرائيندءِ پرين پاکر فضل جي، اي فقير،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

في فوائد ٻيا ٻُنڌڻ ۾ ٿا اچن، ملندءِ اِجهو،

لاڳ پڻ پاٽيون مڙئي، ڏيندءِ عفو احمد اِجهو،

حڪم لکندڙ کي ڪندو هو، خرچ لکيل واري وجهو،

هن هاريءَ ساڌي سٺي کؤن، سود سچ اڳ ٿي سِجهو،

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت،تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.

 

قاف قائدا ڏَن ڏيڻ، ٿين تون مٿئون معافي مدام،

قسط ڪاغذ، بنديون بلڪل، تڪڙ مؤن تَرڪن تمام،

۽ تقاوي رهت راهيل، سڀ ڇڏائي نيڪنام،

رحم جو رايو رکي، راحم ڏياري اُٺ انعام

سمجهه صوفي! هيءَ حڪايت، تان لهين دڳ دوست جو،

پرجهه معنيٰ” مَن عَرفَ“ تان هنڌ  پسين همہ اوست جو.


*  اُتر (تعلقي روهڙي) ماستر عبدالرزاق کان ملي.

(الف) من عرف= من عرف نفسہ فقد عرف ربہ = جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تحقيق رب کي سڃاتو.

(بي) القناعة ڪنز= القناعة ڪنز ليا يفني؛- قناعت اهو خزانو آهي جو کٽي نٿو.

انما اموالڪم = انما اموالڪم و اولاد ڪم فتنة: اوهان جا مال ۽ اوهان جو اولاد هڪ قسم جي پرک آهن.

ڪنت ڪنزا مخفيا= ڪنت ڪنزا، خفيا فاجبت ان عرف فخلقت الخلق = آءٌ هڪ لڪل خزانو هوس پوءِ خيال آيم ته پاڻ سڃاڻايان، پوءِ خلقيم خلق کي.

(تي) لاتفرح = لا تفرح ان الله لا يحب الفرحين= سست نه ٿيو، تحقيق االله سستن کي پسند نه ٿو ڪري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org