سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :35

ٽيهه اکري: حمد باري تعالى*

(چيل حضرت احمد خانڳڙهي جي)

[هيٺ ڏنل ٽيهه اکري حضرت احمد سجاده درگاهه خانڳڙهه جي چيل آهي. هن جون مرشد جي ساراهه ۾ ڪافيون تمام گهڻيون چيل آهن، جي ڪتابڙي جي صورت ۾ ڇپيل آهن. نقشبندي ۽ قادري طريقي وارو درويش هو. 23- شوال 1353 هه / 1934ع ۾ وفات ڪيائين. سندس وفات تي قطعه تاريخ مولانا بهاء الدين بهائي جي فرزند محمد اعظم سراجي جا چيل آهن.]

·        اوّل به تون آخر به تون،

·        بيشڪ تون آن بيرنگ بيچون،

·        باطن به تون، ظاهر به تون،

·        خاوند خالق ارض سما-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        باري برحق داور دانا،

·        غير ولادت ذات يگانا،

·        ياري بخشين ناتوانا،

·        ڪونهي ڪو ٻيو غير سوا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        تو ري تڪيو ناهه تولاَّ،

·        سائين! ڪر تون سهنج سوَلا،

·        ڏاڍا اهنجا اوک اولا،

·        راحم! ڪر تون ردّ بلا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ثابت رک تون دين اسان جو،

·        ياور! بخش يقين اسان جو،

·        هادي حَبل مَتيِن اسان جو،

·        وحدت وارو جام پلِا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        جاڳي جوش جمال الاهي!

·        هردم منجهه خيال الاهي!

·        بخش وصال ڪامل الاهي!

·        جلوو پنهنجو پرين! پساءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        حمد هزارين تنهنجا هادي!

·        صوفين وارو سير سوادي،

·        شوق سندءِ جي ڏي ڪا شادي،

·        قادر! قدرت ساڻ ڪراءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         


 

·        خوف خيال خطرا خامي،

·        توري تڪيو طلب تمامي،

·        آڻي وِڌا اندر حرامي،

·        لاهي ڪر سڀ فرق فناء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        درد اندر جي دانهن، ڌڻي! رس،

·        باري! آهيان بيڪس بيوس،

·        هيڻو حال هي پاڻ کڻي پس،

·        شافي ٿي تون شهنشاه!

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ذاڪر ڪر منجهه ذات يگانا،

·        رحمت وارا کول خزانا،

·        طلب جا تَن ۾ وڄن ترانا،

·        هردم گهولج حُسن هوا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        رهبر! رس بيراهو آهيان،

·        آس اميد تو مؤن لاهيان،

·        وارث! بيواهو آهيان،

·        راهه رلئي کي رستي لاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        زور وڙهي ٿو ديوُ دروني،

·        رهبر ڪر ڪا راهه نموني،

·        ظالم آڻي ڪٺي زبوني،

·        بڇڙي بد بلا کان بچاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        سائل آيم سائين! تو در،

·        همت حامي! وَ اسمَع وَ انظُر،

·        سمجهه صحيح ڏي ٻاهر اندر،

·        حافظ هادي! لهج سماء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        شڪ لٿا ٿيو شعاع شهادت،

·        مطلق هڪ غفاري طاقت،

·        ”احمد“ ۾ تصديق صداقت،

·        محض محُيط سڀن تي سدا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        صدقئون تو در سيس نوايون،

·        بخش اسان جون مير! مدايون،

·        تنهنجون لاشڪ لک ڀلايون،

·        قلب جي ڪارنهه قادر! لاهه-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ضامن معنى صورت شامل،

·        وحدت ساڻ ٿيان مان واصل،

·        ڪرمئون ڪر ڪريما! ڪامل،

·        ساڻ صداقت قرب وڌاء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        طلب سچيءَ جي طاقت ڏي تون،

·        غير خيال ندورا ني تون،

·        مام سندءِ جي محبت ڏي تون،

·        سڪ سچائي ڪري سُهاء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ظاهر تنهنجي شاهنشاهي،

·        هردم تنهنجي حڪم هلائي،

·        باطن تنهنجي رمز روائي،

·        توکي لائق سڀ ثناء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        عين عنايت ”احمد“ تي ڪر،

·        ساڻ رضا جي رسجان رهبر!

·        هادي! هٿ حمايت جا ڌر،

·        مهرئون منهنجي مونجهه کلاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        غير نه ڄاڻڻ عين سڃاڻڻ،

·        خام خوديءَ جو خيال نه آڻڻ،

·        پنهنجو پاڻ کي پاڻ پڇاڻڻ،

·        ايها سمجهه صحيح سِکاء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        فرق فراق فنا ڪر حالي،

·        وحدت وارو جام وصالي،

·        گهولج جلوو جان جَمالي،

·        ”احمد“ تي ٿيو عين عطا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        قادر! تنهنجي قدرت قائم،

·        شمس قمر گرداني دائم،

·        حيرت ۾ جنّ انس وبَهائم،

·        هيبت تنهنجي هوش رُبا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ڪونهي تنهنجي ذات جي ڌاران،

·        هيٺ مٿي هر حال تنواران،

·        وحدت ماري پاڻ پُڪاران،

·        ريٖ اسان جي ربّ نه آهه-

·        لاَ اِل‍ه اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ”لم يلد“ نه ڪنهن جو ڄايو،

·        مختياري مطلق صاحب رايو،

·        لا يَزال نه ڪنهن اُپايو،

·        ان جي گُهر ۾ نانهن اڙاءُ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        معنى تون منجهه سڀ ڪنهن صورت،

·        ميّت کان حَيُّ، حَيُّ کان ميّت،

·        مام ۾ چورين مخفي مورت،

·        ”تفَعَل ماَ تُريدُ تُشاءُ“-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ناهه سريڪ نه تنهنجو شاني،

·        تون آن باقي، باقي فاني،

·        ڪونهي ڪو ٻيو تنهنجو ثاني،

·        هي، هُو تنهنجو حڪم هلاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ”وفي اَنفسڪم ڪيوءِ اشارو،

·        ڪوهه طور تي تنهنجو نور نظارو،

·        ”نَحنُ اَقرَبُ“ ماريوءِ نعرو،

·        واحد! تنهنجو واهه وڏاء!

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        هردم هلي ٿي حال هُويت،

·        غالب غير تي ٿي محويّت،

·        منجهه هُويّت محض مَعيِتّ،

·        صوفي صافي صاف صفا-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        لاشڪ لاشريڪ شهنشاهه،

·        اُن جو حڪم هميشه بالا،

·        آمر ناهي اقرب اعلى،

·        رکي پنهنجو چاهه چلاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        اءجداء اَباء سڀ نبوّت،

·        سارا تنهنجا اهل اطاعت،

·        آل اصحاب ۽ ساري اُمّت،

·        سڀ تي رحمت ربّ وساء-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ياور بيشڪ ڏني آ ياري،

·        اسمئون جسمئون ٿي سڀ ساري،

·        غَفرَ ”احمد“ ٿي بهاري،

·        هيڏي هوڏيِ هڪ الله-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·         

·        ”اَحمد“ جو تو شان وڌايو،

·        قربئون ڪلمي منجهه گڏايو،

·        مرسل ماڻڪ عربي آيو،

·        واهه عجائب رمز رَلاءِ-

·        لاَ اِل‍ہ اِلاَّ اللهُ.

·        لا اِلہ اِلا الله محمد رسول الله.

ٽيهه اکري: ليلان – چنيسر *

(چيل سليمان جي)

[سليمان ولد محمد بچل ڪراچيءَ جي شڪارپور محلي ۾ سنه 1844ع ۾ ڄائو. سندس وڏا ضلعي حيدرآباد جي بدين شهر جا ويٺل هئا. سندس ڪلام ڪافين، مداحن ۽ مولودن تي مشتمل آهي. 60 ورهين جي ڄمار ۾ 21 جون 1934ع ۾ وفات ڪيائين.]

 

الف آڌيءَ جو اٿي ليلان ليلائي ڪانڌ ڪاڻ؛
”وَر رُسي وَلهو ويو، ريجهائيان سڪ سوز ساڻ؛
ڪانڌ پرچي ڪنهن به حيلي، نيٺ ڪنهن ٻي رمز ساڻ،
ڏس ڏيو مون کي اديون! آءُ ڪئن ڪري پرچائيان؟
 

بي برائي، بخت منهنجي جي، هيس نه ته لاڏلي،
چئو چنيسر ڄام کي، اهڙي هيس مان دادلي،
سرس سڀني ۾ سهاڳڻ، آ هيس ڪا چاڳلي،
هارَ هَئي هاڃي ڪيو، آ وَر! وِلهي ٿي آهيان.
 

تي تنوارون، ڪرت منهنجيءَ جون سدا سرتيون ڪرين،
ثي سڄي آتڻ اندر، ڳالهيون مُنهين جون


*  لاڙ (تعلقي ٺٽي) مان عبدالله گندري کان ملي.


*  ”ثناء سي حرفي“ نالي ليٿو ۾ ڇپيل چوپڙي (سنه 1353 هه بعد) تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org