سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ٽيهه اکريون (ڀاڱو پهريون)

باب:

صفحو :36

عاجزيون ڪارون ڪريان سي، ڪين موچاريون مڃون،
عيب جي منهنجا چون، سي ويڻ ڪهڙا ساريان؟

 

جيم جيڏيون! جاڙ ڪئي، مون مَن مڻئي تي موڙ هو،
جنهن مڻئي من موهيو، پر اصل ۾ ڪچ ڪوڙ هو،
هار کي سينگار ڀانيم، سو سڄوئي ڌُوڙ هو،
سون اهڙو گهوريو، مان اَڳ اندر ساڙيان.

 

حي حرص مون کي پيو، ڪوڙن مڻين جي هار تي،
ڍول جو هو جهول پيو، سو ڪيئن مٽيم ڦلهيار تي،
چِت چنيسر اِت نيو، ڏاڍو ڏمر ٿيو يار کي،
سوڀيا سينگار کي، آ آڳ اندر ٻاريان.

 

دال دل تي ڪين آندم، تان ڪي راجا ٿو رُسي،
راءُ ريساڻو گهڻو، مڪرين نٿو هاڻي مسي،
پهه پهاڄڻ جو پيو، سا مِر هندورن ۾ هسي،
ذال ذِلّ ڏهاڳ جو، جنهن لئي لکيو ويٺي لوڙيان.

 

ري رڙهي ڪجهه راز سان، چونديس چنيسر ڄام کي،
زي زباني عرض ٻيو، وارينديس وريام کي،
عيب منهنجا ڍڪ، ڍڪيندڙ! سُڌ پوي مَ عام کي،
ڪانڌ منهنجو ڪارڻي، مان ڪيئن اميدون لاهيان؟

 

سين سالم تون سنڀالج، وَڙ ڀريا! تون وَڙ ڪري،
مون وِلهيءَ تي وڙ ڪري، پاڻهي پرين پيرا ڀري،
شين پنهنجو شان ڏس، تان پَت منهنجي ات پري،
مون هٿان آهن ٿيون جي، سي بديون بخشائيان.

 

صاد صاحب علم جو تون، بيواهن جو ڀرجهلو،
واهه منهنجي ناهه ڪا، پر ڀاڳ ڀريا! ڪر ڀلو،
ضاد ذلت ٿي گهڻي، پر هاڻ منهنجو ڪر بلو،
آنٌ پناري پاند پئڙس، من مزو ڪو ماڻيان.

 

عين عبرت! جيڏيون ويو ڪل ڪچائي کي پسي،
ساهه ۾ سوگهيون هيون ويون غين غيرت جي پسي،
چاڳ جنهن سان ڪيو چنيسر، ساهه ويو تنهن جو سُسي،
حيف چئو هن هار کي، ڪيئن چاڪ چوريان!

 

في فڪر مون کي پيو، ٿيو حرص ڪوڙي هار جو،
قاف ويڙو قرب سو مون تان مٺي منٺار جو،
مڻيو مون مانع ٿيو، ڏنہ دوست جي ديدار جو،
سونهن ۽ سينگار اهڙو، آڳ اندر ساڙيان.

 

ڪاف ڪامل! ڪَرمَ ڪاوڙ، معذرت منهنجي سڻي،
مون ڪميڻيءَ ڪئي ڪچائي، سڻ اچي آسڻ ڌڻي!
ڏي دلاسا داسڙا! تون محب مون سان کل کڻي،
مير! تنهنجي ڪاڻ مرڪڻ! وير! ٿي واجهائيان.

 

لام لالچ ٻي نه ڪا، سرتيون! صلح ساجن سوا،
ميم مون سان ميڙيو، آزي مڙي ڪريوس ڪا،
نون نوڙت نياز سان، آ پڻ ڪنديس واڪا وڏا،
وا ڪري ڪي وينتيون، روئي رڙي ريجهائيان.

 

هي هميشہ هجر ۾ مون کر نه، منهنجا ڀڙ ڀتار!
جت مڙنديون جيڏيون، ات ستر ڪج ڪو اي ستار!
يي بگانو يار جانب، چئي ”سليمان“ رب سنڀار!
ڪوڏ مان ڪلمون پڙهان، ٻيو ڀؤ نٿي مان ڀائيان.
 لا اِلٰہ اِلا الله محمد رسول الله
ٽيهه اکري: لولي
*

(چيل منٺار فقير راڄڙ جي)

                [فقير منٺار ولد قبول محمد راڄڙ، ”راڄڙن جي کاڻي“، تعلقي کپري جو ويٺل هو. مجاز جي چوٽ لڳس ۽ فقيري ويس اختيار ڪيائين. مخدوم امين محمد صاحبرحه هالن واري کان طريقت جو فيض حاصل ٿيس. فقير منٺار خاص طرح، ڪافين ذريعي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪيو. سندس ڪلام ٽن جلدن ۾ سيـٺ ڪرپالداس ٻيراني واري ڇپائي پڌرو ڪيو. اندازاً 1925ع ڌاري وفات ڪيائين.]

الف تنهنجو آسرو، آ نه لاهيان،
تنهنجي اميد اچڻ جي اڃا ٿي ڀانيان،
مون ۾ طاقت ڪانه ڪا، جو شراڪت ساهيان،
پاند ڳچيءَ پايان، چمان قدم تنهنجا ڪوڏ مان-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .
 

بي مڙئي بازيون چڪيم، هيڻو ٿيڙم حال،
آ عيبن ڀري آهيان، تون لائق ڀريو لال،
شان سڃاڻي پانهنجو، ڪر ڀلائيون ڀال،
سڻج منهنجو سوال، مڃ عرض ”منٺار“ جا-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .

 

تي سند تو کان سوا!، ٻي ڪنڌي نا ڪائي،
منان مور نه وسري، تنهنجي صورت سُهائي،
متان منهنجي ليکئٖين، عاقل! اگلائي،
ڪري ڀيرو ڀلائي، ڀرج قدم ڪرم جو-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .

 

ثي سندم سڏڙا سڻي، وري آءُ وريام!
آ سُيَس ساري لوڪ ۾، نرمل! تنهنجي نام،
متان مون کي ڇڏئين، ڄامن سندا ڄام!
پرين! پيس تو سام، پلئي لائي وڃ پانهنجي-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .

 

جيم جياپو جيءَ جو، آڳانڍو آهين،
مون تان پاند پناهه جو، لال! متان لاهين،
ڇيهئون ڇڏج ڪِيمَ ڪي، ڪج اَڪمل اڳاهين،
تو سرور! سدائين، درسن دلبر ٿي گهُران-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .

 

حي ٿيس هيڻي گهڻو، وڃي پيريءَ ۾ پيئي،
همت هلڻ جي ناهه ڪا، آ وس ڪنا ويئي،
دلاسو دلگير کي ڪو، ڏڍ وڃج ڏيئي،
منهنجون اکڙيون ٻئي، آهن اوهان جي آسري-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي!      .

 

خي سندءِ خذمت ڪريان، اچين جي اوري،
ههڙا منهنجا حال ڪيا، تنهنجي جدائيءَ جهوري،
اچ ته جسو جان فدا ڪريان، تو گهوٽ مٿان گهوري،
ڪلهن تان ڪوري، کڻي سر تو کي سٿ ۾ ڏيان-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

دال سندم دانهون سڻي، ڪج فضل جو ڦيرو،
اڱڻ اڪنڊين جي، تون پاءِ اچي پيرو،
اچ ته اکڙين منجهه ڏيان، توکي دل وڻيا! ديرو،
ڀلا! تون ڀيرو، متان مَٽِين ”منٺار“ چئي-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

ذال ڪريان زاريون پيئي، ظاهر ساڻ زبان،
آ ڪيئن سينو ساهيان؟ مون منجهه طاقت ڪان،
آ اٻوجهي آهيان، ڏي تون سُرت سبحان!
اچي ڪر احسان، موٽي مو مسڪين سين-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

ري متان رولي ڇڏين، مون کي منهنجا يار،
آ اوهان جي آهيان، اَڪمل! اميدوار،
مون ڪميڻيءَ ۾ ڪترا، آهن عيب اَپار،
ساجن! لهج سنڀار، سگهو منهنجا سپرين!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

زي زيارت ڪار مون، دل سندا دلبر!
مون کي طلب تنهنجي، آهي اُڪنڊ منجهه اندر،
اٿئي نام الله جو، اچ سگهو انور،
سڏ سڻي سرور! گوندر لاهه غريب جا-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

سين سلامت سپرين، محب موچارا!
آ اَٻالي آهيان، دلبر تو ڌارا،
سگهو لهج سنڀال تون، سڄڻ سوڀارا!
پنهل پاڳارا! پاڻ پَسائج پانهنجو-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

شين شمس شاهن جا شاهه، وسِيلا والي!
آ اوهان ريءَ آهيان، اَڪمل! اَٻالي،
مڃ عرض ”منٺار“ جا، جو سڪندڙ سوالي،
تنهنجي اکين جي لالي، ڏسان تان ڏکڙا لهن-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

صاد سِڪان ساريان پيئي، ويل نه وساريان،
تنهنجي ورڻ جي واٽ کي، ٿي نت نت نهاريان،
اڃا تنهنجي آسري، پيئي اڱڻ ٻهاريان!
گڏجي گذاريان، سڄڻ تنهنجي سَٿَ ۾-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

ضاد دلبر دل جا، ڪامل قطب ڪبير!
’اَمين مُحمّد‘ آءُ تون، مِٺا مرشد مير!
متان ڇڏين ”منٺار“ کي، پلئي لائج پِير!
ساريان منجهه سرير، حُسن تو حبيب جو-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

طوئي سندءِ طالب آهيان، ڪريان ٿو ڪارون،
اڃا تنهنجي آسري، نت منڊيان ٿو ڦارون،
مون کي تو محبت سنديون، تن اندر تارون،
دلڙيءَ جو دارون، تو بنا طَبّ ناهه ڪو-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

ظوئي اچي ظاهر مِٺا، دلبر! ڏي ديدار،
توکان سرندي سڀ ڪا، آ بي پهچ بيڪار،
نرمل تنهنجي نُور ۾، آ آهيان اُميدوار،
تو جوت سندو جهلڪار، اکئين ڏسي من اُجران!
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

عين اڃا مون کي آسرو، اسان وٽ ايندُون،
دلاسا دلگير کي، ڏڍ اچي ڏيندُون،
مدارت ”منٺار“ چئي، ٿڪيءَ سين ٿيندون،
گولي گَڏيندُون، سڄڻ پنهنجي سٿ ۾-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
غين آهيان تو گهوٽ جي، آ غريبڙي گولي،
منهنجِي تو محبوب سان، آهي ٻانهپ جي ٻولي،
مِٺا مجريدار، تو ٿِي سڏايان ڀولي،
جهليان ٿي جهولي، اچج نام الله جي-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

في فضل توکان گهران، عدل آ نه پُڳياس،
همت هلڻ جي ناهي ڪا، آ وس ڪنان وياس،
ڪيئن ڪريان طاقت بنا، هيڻي هاڻ ٿياس،
تنهنجي پناري پياس، سگهي لهج سنڀال تون-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .

 

قاف قلم جيڪس لکيو، حق منهنجي ۾ هيئن،
ڦوڙائي فراق ۾، ڏکيا ڪٽيم ڏينهن،
اکين اوهيرا ڪيا، جيئن وسن سانوڻ مينهن،
تو لئي سڪان تيئن، جيئن سِپُون ابر جي آسري-
      آ ٿڪيس، منزل پري،      .
      مون کي مل اچي، سائين مل اچي.      .
 

ڪاف ڪڏهن ايندا م پرين، جيءَ سندا جاني،
آ اوهان جي آهيان، ٻاروچل! ٻانهي،
ملڻ جي ”منٺار“ سان، ڪر اچي احساني،
ته ڪريان قرباني، سِرُ سري تو تان سڄڻ!
        آ ٿڪيس، منزل پري،      .
        مون کي مل اچي، سائين مل اچي.  


*  منٺار فقير جي ڇپيل ڪلام تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37 38 39 40 41 42 43 44 45 46 47
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org