سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :10

دلبر! اڙائي دام سان خوني ستو آ خواب ۾،

تنهن کي نهوڙي نوم وئي، غفلت هنيس گرداب ۾،

جاڳيو جڏهن جانٌ ئي اِهو تابش تڪڙ ۽ تاب ۾،

ڪامل! ڪُهي ڪترا ڪندو، بيحد ڊڄان هن باب ۾،

توڏي ڏسي تڪڙيون تڏهن ڪيم عاجزيون آداب ۾،

رس رسول الله تون، پيس دام جي دولاب ۾-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل ڪڍي مون کي ڇڏيو، دلبر! اچي هن دام مون،

تان وڃان هيڪر وري، احمد! ڪيو انعام مون،

ٻَٺڙا ٻاڪارون پيا ڪندا، اٿندا جڏهن آرام مون،

تن جي طلب پوري ڪري، اينديس وري وريام مون،

هُو جي ڇڏيم هُت هيڪلا، سرورمَ ڇڏ جو سام مون،

پرتا پيغمبر تو اَٿِي، لائق نه لوڌج لام مون-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

ويل تنهن وارث ولهن، هرڻي اها ڇوڙي ڇڏي،

مرسل محمّد ڪارڻي، واهر ڪيس واليءَ وڏي،

دوڙي وئي سا دشت ۾، جا هئي ڪئي جهوري جڏي،

ٻاڪار ٻٺڙن کي ڪري، گوندر منجهئون نيئي گڏي،

سُڏ ڪيو ٻچن کي ٻاجهه مؤن، ٿي هيئن چيو هرڻي تڏي:

پي سِگها پرشڪم ٿيو، اڳتي نه ملندو ڪين ڪڏي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

منهنجي عمر اڄ ڏينهن ٿي پوري سڀان ڪنهن ملڪ ۾،

نڪري جسم کؤن جان وئي، هاڻي اچي ٿي حلق ۾،

ويهي ويچارا ٿي رُئو، ڦاٽِي ڦوڙائي فلڪَ ۾،

ماريءَ جي مُنهٌن پئي آهيان، جئن نظر موتي ملڪ ۾،

ضامن نبي ظاهر ڏنم، جو آهه خاصو خلق ۾-

آڻي اِهو امت ڪندو سڀ وير دامن دلق ۾-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

ٻَٺڙا ٻُڌي تنهن جي خبر، افسوس ڪن ارمان ۾:

اي امان! تو کؤن سوا، ٿيو زلزلو جند جان ۾،

ڪير لهندو ڪل اچي، هن بَر سُڃي بيبان ۾،

هَي! مئاسين هت اسان، هن سوز جي سامان ۾،

هل هلون تنهن هوت ڏي، واڪا ڪيو ويران ۾،

من ڇڏائي مير سو، مارِيءَ وٽئون ميدان ۾-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل مدت تنهن ماڳ تي، ويهي رهيو هو سو وريام،

ماري اُٿيو جان مهل تنهّن، دوڙيو شتابي طرف دام،

تنهن هنڌ نه هرڻيءَ کي ڏسي، خارج اَلايا حرف خام،

ويٺو ڏسي تنهن وير کي، تر تئون پڇيو تڪڙو تمام؟

ڪير آن ڪاڏنهن اچين، سَل تون شهر پنهنجو مقام؟

ڇو ڇڏيئي هرڻي ڪڍي؟ ڪر تون نشر نروار نام-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل محمّد ڪارڻي، جوڙي ڏنس جانيءَ جواب،

آهيان نبي الله جو، مون تي لٿو ڪلمون ڪتاب،

نالو محمّد عاربي، مسڪن مڪي جو ماهتاب،

اعليٰ ڪندڙ اسلام کي، آجو ڪندڙ ڪُل کؤن عذاب،

تحقيق هرڻي مون ڇڏي، بيشڪ بلاشڪ بيحساب،

ايندي وري موٽي سگهو، ٿي ڪين خطرن ۾ خراب-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مهل تنهن ماريءَ چيو، مون کي نڪا پَت ٿي پوي،

دام مان جا دور وئي، تنهن جو اچڻ ڪهڙو چوي!

ڪارڻ دفع هن دشت جي، تجويز ڪيو ٿا ڇو تويٖ،

منجهه مڪر جي مشتهر اُستاد آهيو ڪي اَويٖ!

ڪيئن هلي هرڻي ڏسون، جا نياز نرمش سان نوٖي،

تنهنجي نيّت جي خبر، پاڻهي اجها پٽ ٿي پوٖي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

ناگهه نظر نرمل ڪئي، پارس پرين تنهن پار ڏي،

تان هوت هرڻيءَ کي ڏٺو، ايندو تنهين گهٽ گهار ڏي،

ٻٺڙا ٻه پُٺِ لايو اچي، سرور سچي سردار ڏي،

پيرن مٿي ڪنڌڙو رکي، نِوڙي پرين پيزار ڏي،

ٻاجهارڙا ٻٺڙا ٿيا، بيٺا ڏسن ڏاتار ڏي،

سي ڪرمشون، ڪوڪٽ ڪيون، دوڙيا وڃن دلدار ڏي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

ٿا روئن ريهون ڪيون ات ماءُ جي ماتام ۾،

سي سڏ ڪيون سردار کي ڪن عاجزيون اعلام ۾:

رس تون نبي! نور الهديٰ، سرور! اَمان ٿي سام ۾،

تون ڇڏائين توهه سان دانهون ڪندڙ هي دام ۾،

هاڻي هٿئون تنهنجي شفا، ناطق لڪون تو لام ۾،

ماريءَ منڊي مادر مٿئون، ڪاتي تکي قتلام ۾-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

تن کي تسلي هيءَ ڏني، مرسل مڪي جي مير ڄام،

خوش رهو، خوشنود ٿيو، تِرجو ترس ڪيو نا تمام،

اول اسين سعيو ڪريون، ڪارڻ خدا بيشڪ بنام،

ماريءَ هٿئون مادر اوهان، آزاد ڪيو ڏيئي انعام،

هوندي هميشہ، هر مهل شامل شباتان صبح شام،

ائين اُتو احمد اجهي، خيرالوريٰ، خيرالڪلام-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مهل تنهن ماريءَ جي دل ۾، خاص پيو اهڙو خيال،

ڪو نه مون آدم ڏٺو، مرسل محمّد جي مثال،

ڪيئن جناور جهنگ جا، تنهن سان ڪهن ٿا قيل وقال،

جا هتئون هرڻي ويئي، موٽڻ تنهين جو هو محال،

سا وري آئي ٻچن سا، حيف منهنجي آءِ حال،

ڪيئن ڪيان قتلام تنهن کي هيءَ نه مون کي آ حلال-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

پيش پيو قدمين ڪري، روئي رسول الله جٖي،

ڪيائين ادب سان عاجزيون، آڏو احمد شاهه جٖي،

حضرت ڇڏيم هرڻي اها، جا ماڙ پئي تو ماه جٖي،

مر وڃي ٻٺڙا وٺي، ٻاڪار ڪن ٿا ٻاه جٖي،

ساڙيو وجهن ٿا سوز ۾، احمد ڪرن ٿا آه جٖي،

نرمل! نوازيا تو نبي، نيندا سلامت ساه جٖي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

معاف ڪر مون تئون مديون جي مون ڪهيا ڪوجها ڪلام،

آهيان ڪمينو ۽ ڪچو، خارج گهڻو دل خست، خام،

ڪفر ۾ ڪُل ئي عمر گذري آ، احمد مير ڄام،

آڻ تون اسلام تي، وارث وسيلو ٿي وريام،

بت ڀڃي ڀورا ڪيان، مرسل! رهان مسجد مدام،

مڃ عرض مرسل اهو ڪُل جا اجها عربي امام-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل انهيءَ هنڌ ماڳ تي هرڻي اها آزاد ڪئي،

سوڌي ٻچن سردار کؤن، ٿي شرف جي منجهه شاد وئي،

بَر ڏي ڀڳي ٿي باد جان، سيّد سڳوري شاد ڪئي،

جا هئي غم ۾ گهڻو، عربيءَ اها آباد ڪئي،

ايڏو اجهو ايڏو نبي، ڪل تئون مدي جنهن ماد ڪئي-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

مرسل، اهو ماري ڪيو موٽي تنهين دم مسلمين،

ٿيو سڳورو سڀ پرين عربيءَ ڏنس اسلام دين،

ويو گڏيو تنهن گهوٽ سان، مومن ٿيو مسجد نشين،

عالم پسي ڪن عبرتون، تنهن جو جسم جلوو جبين،

ٿِي نسورو نُور ويو، منجهه قرب ٿيو ڪامل قرين،

ايڏو شرف شافع ڏنس، عربيءَ اجهي احمد اسين-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

وهه نبي، وهه نور ناطق، وهه علم اسلام ۾،

وهه شفيع، وهه شان آ مرسل محمّد ڄام ۾،

”شاهه محمد“ شوق مؤن سيّد سندي پئو سام ۾،

تان شفاعت جو ڌڻي، لهندءِ اچي ڪَل قيام ۾،

دائما دلشاد رهه تون، عشق جي احرام ۾،

تان لهين بهرو بلاشڪ، عزّ ۽ اڪرام ۾-

وهه نبي نرمل نسورو پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

 

يا نبي نور الهديٰ! سيّد سدائين ٿو پنان،

مُور محتاجي نه ڏي تون دوست پنهنجي در بنا،

خوش گذاريان خير سان، جي ڏاڻ ڏاتر تو ڏنا،

معافي مدايون مون ڪرين توڙي عمل ڪوجها ڪِنا،

ٽوڙي ٽڳا سر نفس جا نرمل نبي ڇوڙي ڇِنا،

سرور مهل سڪرات جي، ڪلمون پڙهي دامن  ڳِنا-

وهه نبي نرمل نسورو، پاڪ پرور ڪيو پديد،

جنهن شفاعت سان شفيع، شادان ڪيا مجرم شديد.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: هرڻي وارو

(چيل فقير محمد ماڇي جو )

رازق، راحم، رحيم ڌڻي، جو مالڪ آ مُلڪن،

قادر قدرت جو ڌڻي، ستار آهه سڀن،

سڀ هلائي حڪمتون، پنهنجي ساڻ حڪمن،

روز رسائي رحم سان، سڀني ڀلاين،

ڪو نه وساري ڪٿهين، بر توڙي بحرن،

پهچائي پاڻ ڌڻي، رازق روزي تن،

نور، پنهنجي نور مؤن، ڪيئين مهندار مڙن،

اَجهو قيامت ڪارڻي، اَڌار عاصيڙن.

هڪ ڏينهن حضرت هاشمي ڌُئو ڏيهه ڌڻين،

سيّد سَير مٿي هليو، جانب ڏنہٌ جبلن،

گهڻو پراهون شهر جي، پنڌ ڪيو پرين،

ات دوست دانهون ٻڌيون، ڪوڪون ڪريمن،

هلي ويو هاشمي، رهبر ڏانہٌ رُڃن،

ڏٺي هرڻي هيڪڙي، بانڪي منجهه بَرن،

ڦاهيءَ ۾ ڦاٿي هئي، پختي سان پيچن،

تڏهن حضرت هرڻي کان پڇيو، تون ڪيئن ڦاٿئين ڦندن؟

حال سڀو هرڻيءَ ڪيو، اڳيئون عجيبن:

سچا رسول ربَّ جا، ضامن ضعيفن!

مون گذاريا ڏينهن ٿي، مٿي هن ماڳن،

گاهه گهڻا گلزار هئا، پانوَ منجهه پٽن،

نڪو مارِي مُلڪ ۾، نڪا مرٽ مرن،

نه ڪا وسنئُن واهه ڪا، مون ڏٺي ساڻ اکين،

چَرندي هيس چاڳلا! پاڙي تو پرين،

پر ڪنهن چاريءَ چاراليو ڦند ڪري ڦڪلن،

تنهن دام وڌو دستور سان، ٻڌي سان ٻُوڙن،

ڇپايائين ڇيهه سان، ڪڄي ساڻ ڪکن،

اچي لنگهيس اوچتي، دانَهه! ڏنہٌ دامن،

ڦاسايم ڦاهيءَ ۾، سِسي ساڻ سِڱن،

سٽون ڏنم سّيدا! من ڪي دام ڇڄن،

پر سوگها گهڻو سخت هئا، ويتر پيا وٽجن،

تڏهن بس ڪري بيهي رهيس، احمد کان اُڇلن،

هڪڙي سختِي ساهه جي، ٻيو درد ٻچن،

ڇڏيم ڇورا ڇپرين، جي اڃا نٿا گاهه چرن،

خاوند! بنا کير جي، هو ننڍڙا نا نپجن،

نه اٿن عزيز اوڏڙو، نڪو محابو مائٽن،

بَر ۾ بيراڳي ٿيا، متان  روئندا روز وتن،

هڪڙو ڊپ مِرن جو، ٻيا مارِي منجهه مُلڪن،

ماري معصومن کي، خَر متان کائن،

اهو اوسيڙو ارواح کي، اٿم آهوئڙن،

جيرا بڪيون جوش مؤن، ڪارڻي! ٿا ڪپجن،

توريءَ تڪيو ڪو نه ٻيو، مون ڏٺو منجهه ڏيهن،

تڏهن سڏ ڪيا مون تو کي، ٻهڳڻ! لاءِ ٻچن،

تيسين ترسو هتهين، لائق سان لطفن،

ته سمجهائي صغيرن کي، سڻايان عقل ابدالن،

ڏيا کير ٻچن کي، جا بشارت ببن.

پوءِ حضرت هرڻيءَ کي چيو مٺن محبوبن،

ته، جيڪر وري تون اچين، موٽي وٽ هنن،

پيٽ پرنديءَ پانهنجي، ورتو تو کي جن،

وري ڪر واعدو اچڻ جو، موٽي هن ماڳن.

ته ڪڍي تو کي آءٌ ڇڏيان، ڦاهي ساڻ هٿن،

پوءِ هرڻيءَ حضرت کي چيو، آڻي آب اکين،

ته ڪري قول ڪريم! تو سان، ويا جي نه ورن،

ناهي قيامت تن جي، اُهي محشر نا مرڪن،

وري ايندس وارثا! پڄاڻا پلڪن،

تڏهن حضرت هرڻيءَ کي ڏني موڪل محبوبن،

سا روئيندي وڃي راهه وٺيو، پرندي سان پيرن،

جي ڇڏيا هئائين ٻٺڙا، چيدا منجهه چُرن،

لڪايا هئائين لوڪ کؤن، پاسي منجهه پهڻن،

وقت کير پيڻ جو، لهي ڏينهن وين،

هو مادر لئي ماندا هئا، ٿي ٻيڪون ڪيون ٻٺڙن،

دانهون دادلن جون ٻڌي، ويئي ٿي تن واٽن،

جيئن ٻيڪون ٻٺڙن جون ٻڌي تيئن اچيس آب اکين،

سي ڳرٽ ڳولي لڌئين، آهو اُن هنڌن،

بکين ٻچڙن کي، لائي ڳل ڳلن،

ڦوڙائي فراق جا، نديون نيڻ وهن،

حال سڀو هرڻيءَ ڪيو، ظاهر سان ضعيفن،

ته، مون مٿي تان موت مڃيو، جا مرضي مالڪن،

پورا ڏينهن پساهه ٿيا، هاديءَ جي حڪمن،

مولٖي مارِي موڪليو، آگٖي ڏينهن عرشن،

سو اچي بيٺو بر ۾، دام ڪري دستن،

اچي اڏيائين اوِچتي، ڦاهي ساڻ ڦندن،

مون کي مَلَڪ وٺي ويا، حاضر ان هنڌن،

گاهه به انهيءَ گس ۾، هو اجل ان جاين،

مون کي خبر ڪا نه هئي، آگي جي امرن،

ڳڻتي ڪجو ڪامَ ڪا، هي رکو نصيحت ڪن،

وِڏُرَ پاسي ويجهڙا، ٿجو منجهه ٿرن،

جهنگل مَ ٿجو اوڏڙو، لڪجو منجهه لڪن،

مينهن وسن مهرون ٿين، واديون سڀ وهن،

سڃن ۾ سيلاب گهڻيرا، جهنگل ڦوڳ ڦٽن،

جبل ۾ جام ٿيندا، گذر لاءِ گاهن،

سڀ پنهنجي جاءِ تي، کايو خوش ٿين،

پر جدائي جا جان ۾، وڇوڙا وِگهرن،

منهنجو ساهه سَڙي ويو، پيا درد دکن،

هاڻ ڳڻتي ڪريو ڪا نه ڪا، پيو کير ٿڻن،

ضامن ڏنم مصطفيٰ، جو اَجهو آهه اڙين،

جو بندي ڇڏائي بند مان، ڪڍي کان قيدن،

سو بيٺو هوندو بر ۾، احمد منجهه اُسن.

تڏهن آهو اُت اَرمانيا، لائق لاءِ لڇن،

قوُت سڀوئي ڪَر هت ڪيو، حال ٻڌي هرڻن،

مهند هليا ماءُ کان، ٻئي ٻٺ چون،

ماري اٿيو ننڊ مؤن، ڪاوڙجي ڪستن،

سِر کڻيءَ سردار ڏٺائين، دوست وٽ دامَن،

هلي ويو هوت ڏي، ماري وٽ محبن،

خبر خاصي دوست کؤن، سڀ پڇي قيدن،

ته، حضرت! هرڻي ڇو ڇڏي تو دلبر مؤن دامن؟

وڪڻي هوند پانهنجو، ڪيم قوت ٻچن.

تڏهن دلبر دلاسا ڏنا، ماريءَ کي محبن،

ته موڪل وٺي مون ڪنان، ويئي ڏانهن ٻچن،

ڏيندي  کير ٻچن کي، بر ۾ بکارن،

وري ايندي هرڻي، پڄاڻا پلڪن،

تڏهن ماريءَ مصطفيٰ کي چيو، ٻڌي هٿن ادبن،

ته، هي مرون آهن جهنگ جا، جسم جانورن،

ماڻهوءَ جي مهميز کؤن، پري دور ڀڄن،

سڀ کي ساهه مٺو آهي، مرون ڇا ماڻهن،

جيئڻ خاطر جڳ ۾، هر هر حيلا ڪن،

سي مرون وري ڪيئن اچي ڪسڻ قبولن؟

ائين ڳالهائيندي پاڻ ۾، گذري ويل وين،

ته اچي نڪتي اوچتي، هرڻي ساڻ ٻٺن،

اچي اڳيان پِرين جي ڪري مٿي قدمن،

ته، وڃ مٺا مُرسل تون، اَجها اوٽ اڙين،

تنهنجي ڀلائي ڀال سان، ترت مليس طفلن.

پوءِ هرڻيءَ ڪسڻ قبوليو، نائي ڪنڌ ڪلهن،

پوءِ سڌي ٿي سمهي پئي، ڪعبي ڏانهن چون،

تڏهن ٻٺن حال هلي ڪيو، پنهنجو سان پرين،

ته، جيئن جدائيءَ گهوريو، مرڻ گڏ مائٽن،

هت حياتي ڪان ڪا، نيٺ پساهه پڄن،

ڄاوا ڄڻيندا هميشہ، مر ته گڏ هجن،

ڪهو اسان کي ماءُ سان، ماس گڏيو ماسن،

مر ته رجهن هڪ ديڳ ۾، سنڍيون سان سنڍين.

پوءِ گهڻي غصي ۾ ٿيو، آڌار عالمن،

منٿ ماريءَ کي ڪئي، محمّد قرب وندن،

ته، ماري! ڇڏ تون مامرو، مٿئون مسڪينن،

ڇورا ڇنا ماءُ ريءَ، طفل ڪيئن تڳن،

مري ويندا ماءُ ريءَ، ڇورا منجهه ڇپرن،

متارن مرن کؤن، هي بلڙو ڪين بچن،

سي مر هجن ماءُ سان، جيڪو دم جيئن،

ڪرڻ ڪم قصاص جو، مرڪ نه مومنن،

صاحب سڀڪنهن کي ڏئي، روزي سان رحمن،

هي نه عمر جو آجڪو، رڳو حرص هڏن،

ونڊ جي ورهائجي ويندو، تو وٽان ماس ماڻهن،

جيڪي جيئن ڏينهڙا، تو کي مر دعائون ڪن،

آءٌ آهيان ضامن تنهنجو، محشر جي مهلن،

 

ڇڏ ته ويچاري وڃي، هيءَ جهانگياڻي ڏانهن جهنگن.

تڏهن ماٺ لڳي ماريءَ کي، آڏو عجيبن،

ته ڪيڏي محبت مُحمّدي، آهي من ۾ مروئن،

جو ڪري قول ڪريم سان، ويا وري اچن،

مولٖي جي محبوب کان، منهن نه مٽائن،

پوءِ لاطمع مارِي ٿيو، منٿ سان محبن،

هن ڇوڙي هرڻي کي ڇڏيو، خالق جي خوفن،

هاديءَ هدايت ڪيس، سچائيءَ سببن،

اتي آهو احمد وٽ اچي ٿا ناز نماڻا ڪن،

هٿ پير پرينءَ جا، چميو ٿا چمن،

چي، تنهنجي ڀلائي ڀال سان ڇٽاسين ڇيهن.

هيبت ڪان حشر جي، احمد جي امتين،

جي لڙهه لڳا تنهن جي، ڇٽندا کان عيبن،

”ماڇي“ مداجي مصطفيٰ جو، منگتو آ محبن،

هٿ هدايت جا ڀري من ”لنگهي“ لاڳ ڏين،

ڪلام منهنجو قبول پئي، من روضي پاس رکن،

”فقير محمد“ تي فضل ڪري وٺِي نال نين،

قسمت منهنجي ڪارڻي، شل! پانَو پاڙي ڪن،

مرڻ ويلي منگتو، شل! پيراندي پورائن،

آهون عيبدار جون، ٻڌي مانَ اچن،

مطلب منهنجي من جا، پرين پڄائن،

سخت ٻُجهي، سڪرات ٿي، شل سڄڻ سولي ڪن،

سوڙهي سامي ٿي سُجهي، شل ڪشادي ڪن،

پُڇا ويل پرين اچي، شل حاضر هوت ٿين،

پنا لکايم پاپ جا، شل مديون ميسارين،

ڪري مهر مون تي، وٺي جنّت جاءِ ڏين،

اٿم اميد آسرو، من ۾ محبوبن،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، دائم درودن،

وينداسي ايمان سان، جي ڪلمون پاڪ پڙهن،

لااِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله


*  هن معجزي جون روايتون اُترمان احمد خان آصف(ڪڪڙ) ۽ غلام رسول جتوئي (تعلقي وارهه) کان مليون ۽ وچولي مان يار محمد مهاڻي (تعلقو ٽنڊوالهيار) جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+ سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 41.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org