سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :3

شادمانا ٿيا شروع، ۽ شهر ۾ شاديون ٿيون،

جابر انصاريءَ جي گهر ۾ خانه آباديون ٿيون،

جي هيون ويران اڄ، سي سڀ وسنهن واديون ٿيون،

جن حمايت هاشمي، تن ايڏيون امداديون ٿيون،

وين هم غم جانِ مؤن، آجا ٿيا خوف و خطر.

 

آءٌ اَپر عاجز نهايت، منهنجا ٿيا ڪيئي جرم،

جي ڏسي هر هر ڊڄان ٿو، ڪو قريشي ڪر ڪرم،

فضل ڪر في الحال مون تي، صاحب خيرالامم،

هُل هيبت قيام جي، اي شاهه! منهنجو رک شرم،

اُت رسين رهبر رسولا، جت ڪاهيندا منجهه قبر.

 

ساڻ مڙني مومنن جي، ڏي چِٺي ايمان جي،

پِنُ پِنان اولاد جو، ۽ عافيت جند جان جي،

خير ”خير شاهه“ ٿو گهري، پڻ ماڳ ٻي احسان جي،

سڀ ڇٽا ڪلمي جي برڪت، صدقي ان سلطان جي،

تنهنجي پاکر، تنهنجي آڌر، تون نبي آن نامور.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله.

 

معجزو نبي صلعم جو: جابر انصاريءَ وارو

(چيل ولڻ ولهاريءَ جو )

مومنو! ٻڌو معجزو، سندو محمّد مير،

هڪڙو ’جابر انصاري‘ هو، وڏيءَ سُرت سڌير،

تنهن جي هئي حضرت ڪريم تي، ڪا سَڌڙي منجهه سرير،

اُن دليئون دعوت جهلي، سندي محمّد مير،

عطر، عنبير ڪيترا، آندائين اڪسير،

ٻڪري کي هٿن سان، تنهن ترت وڌي تڪبير،

فرزند انصاريءَ جا، هئڙا نت صغير،

هڪڙي ٻئي کي ڪٺو کڻي، اهڙي شرط شرير،

اچي بيٺن اوچتي، توڙئون ڪا تقدير.

هُئي انصاريءَ جي پئي، اَکڙي آَمَر داء،

لڪڻ کڻي اُٿيو، ڪاوڙ ڪست منجها،

اڙي ڪساک ڪُهي وڌءِ، ڀَڙُ پنهنجو ڀاءُ،

ڪُڏي ڪوٺي تي چڙهيو، ڊوڙي ڊپ منجها،

ڪِري ڪوٺي تان پيو، دهلي دهشت کا.

اُتي هئس ڪا اوڏڙي، مادر تنهن جي ماءُ،

عورت، انصاريءَ کي اُتو، سائين هلي آءُ هنڌا،

هن جو ڪِرڻ سان ڪنڌ ڀڄي پيو، ٿيو اٿس پورو پساهه،

 

چيائين ڪر ماٺ مٺي ميٺاج کؤن، وٺي وڃ صبر ساء،

متان مرسل ماني نه کائي، ٻُڌي اهڙو آواز،

صدقو مان سيّد تان ڪيان، اِهي ٻئي ٻچڙا،

کڻي رکيائون کٽ مٿي، اُهي ٻئي ٻاجهه منجها،

ويٺي رنڌي طعامڙو، مائي مهر منجها،

کڻي ڪؤنرو قرب مان، ڌئاريائين هٿڙا حضرت جا،

تڏهن ملڪ جبرئيل آيو، اُن دم اُڀن ڪنا:

مون کي مالڪ موڪليو، تو پيغمبر پارا،

سڏي کارائج پٽڙا ٻئي، جابر جا،

مور نه کائجو طعامڙو، ڪو انهن بنا اصلا.

عربي، انصاريءَ کي اُتو، موٽي انهيءَ مهلا،

ته سڏي آڻ پٽڙا، جو آيو هاديءَ جو حڪما.

چي: سائين! ستا پيا هن سيج تي، نينگر ننڊ منجها،

مور نه اُٿندا مون ڪنان، اهي مطلقاً مورا،

اوهين عربي هلي اُٿاريو، مير محمّد شاهه!

عربي هلي آئيو، اُن انصاريءَ اڱڻا،

تنهن ستا نينگر ننڊ مان، اچي جلدي جاڳايا،

اُٿي نينگر ننڊ مان، ٿا مَرڪن موچارا،

گڏجي کئن طعامڙو، پيا هاديءَ جي حڪما.

اهڙا معجزا مشهور ڪيا، عربي احمدا،

هي ”ولڻ“ فقير اميدوار، سام تو سيّدا،

تنهن سان ڪيو امداد اهڙو، بداعتي تڏ بچي،

مدد ڪندين مير مرسل عربي، تون اَحمد اچي.

 

معجزو نبي صلعم جو: مردي جيارڻ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو )

سئو پڄاڻا چوٿون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جئن حضرت ”زيد“ پٽ خارجة جو، جو انصارن منجها،

سو ويو هليو ڪڏهن، ڪنهن واٽ مٿا،

تان وڃي ڪِري پيو، سو رمندي راهه اُتا،

تِتي پوندي پَٽ، سگهو ويس ساهه،

سو وچينءَ اڳينءَ وچ هو، پُڇين جان ويرا،

اچي انصارنِ رَسِي، سندس سُڌ سڀڪا،

کڻي آندائون گهر ڏُونہ، ميّت اُن ماڳا،

مٿس مڙيون مائٽياڻيون، روئن درد منجها،

کِجن کامن کيڙ جئن، ڏَرن ڏک منجها،

ساءُ تنهين کي سور جو، جنهن گهَٽ منجهارا گهاء،

ڏيئي غسل ڪفن تنهن کي، فارغ جان ٿيا،

اُتي جنازي آيو، نبي نور هديٰ،

سانجهيءَ سومهڻيءَ وچ سو، آهي اُن وقتا،

جيڪر چيو سڏ ڪري، چٽيءَ زبانا،

چي روئڻ رڙڻ ڇڏيو، ميان ماٺ ڪِجا،

جان نهارين نِرت ڪري، تان ميّت ڪيو ڳالهاء،

وري جئرو سو ٿيو، مرڻ پڄاڻا،

ڪفن ڇوڙيائين پاڻهي، پلئُه کنيائين مُنهن تا،

صحيح چيائين سچ، سين محمّد رسول الله،

’اسلام عليکم، يا رسول الله!‘

هُونِ سلامتيون تو اُتي، مرسل مصطفيٰ،

جو تون سائينءَ موڪلئين، سچ کي سچا ريٻارا،

پڻ  هُونِ تو تي رحمتون برڪتون، نازل نور هديٰ،

جو تون اُڀيٖن ڀُونئين سوجهرو، عالم جو اُهاء،

ڀَلارو سڀ خَلق ۾، سيّد سونهارا،

تون مهندار سندو مڙني، خاتم الانبياء،

ڏاتيون تو کي ڏياريون، سچي ڏاتارا،

ائين چوندي اُٿيو، جوان جوش منجها،

ميّت ٿيو جئرو، ڪر جاڳيو ننڊ ڪنا،

اپر عالم ڄام جو پسو، ۽ سهڻو معجزا.

 

معجزو نبي صلعم جو: مردن جيارڻ وارو

(چيل مولا بخش سومري جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، رازق رحيما،

جنهن پيغمبر پيدا ڪيو، وسيلو ورياءُ،

ڪجي تان ڪَسُ لهي، تنهن جي صفت ثنا،

هڪڙي ڏينهن حبيب کي، ڪنهن رکيو ايذا،

درد مٿي جي دؤڙ ڪئي، ضرب رکي زورا،

پوءِ احمد ڄام اُتاءَ، سمهيو هنج صديق جي.

 

سمهيو هنج صديق جي، مَٿو رکي مير،

چوڻ ٿيو چؤرنگ کي، سرور سُرت سڌير:

اڄ تان ڪنهن عاشق جو، ڪر ڪو نيڪ نظير،

ٿئي سرهو ساهه سڌير، من ڪو دفع پوي هن درد کي.

دفع پوي هن درد کي، ٿئي سرهو ساهه سجان،

شروع ڪيو شاهه اڳيئون، بَهَر وَندَ بيان،

ته احمد! اوائل جڏهن، ننڍڙو هوس نادان،

ويندو هوس پَهُنِ سان، ساڻ کڻي سامان،

لَڙئٖي ڏينهن ٻڪريون ويون، جِت بر پٽ هو بيبان،

تنهنين جاءِ جوان، هڪ پهس اچي پيدا ٿيو.

 

پهس اچي پيدا ٿيو، ڪري عاشق اول،

ٻه گهوڙا هئا گهوٽ سان، سال جنهن جو سُولُ،

ٿيو مون کان وري، سڪونت سرڌول،

اُتم آهه اسان جو، ماڳ مڪّو مقبول،

پر مُنهن ۾ گهڻو ملول، ڪنهن درد ڪيو داناءَ کي.

 

درد ڪيو داناءَ کي، هن پر هو بي حال،

ڪامل ڪيٻائي ڪيو، سورهيه مون کي سوال:

مون سان هل ملوڪ تون، ڪر ڀلائي ڀال،

عاقل اَسپن تي چڙهي، راسخ ٿيو رهوال،

ڪندو ويندو سانءِ واٽ سان، اهو ئي احوال،

متان ڪونتل گهوڙو ڪو ڏسي، رکي خام خيال،

راتو واهه رهي ڪري، ڦري اچون في الحال،

صبح ٿيندي سر حال، اچون جوان وري هن جاءِ تي.

 

سڀان ايندين سيگهه ۾، جوان وري هن جاءِ،

اُتم عاشق کي اڳيئون، تنهين ويل وراءِ،

اهو منصوبو معلوم ڪر، سورهيه تون سمجهاءِ،

ته وڃين ڪهڙي ڪم تي، ساري ڳالهه سڻاءِ،

دانَههَ ٿي دلجاءِ، حاذق حقيقت ٻڌي.

 

ڪئي تنهن قصد جي، حاذق حقيقت،

جميعت آهه مون جيءَ کي، نالي جي نسبت،

ناميا، هوس ننڍڙو، آڳاٽو البت،

ماءُ پيءُ اڳي ٿي گذريا، ربّ سندي رحمت،

هڪ ڌيءَ چاچي کي هئي، ساڻ گهڻو صورت،

تنهن مَڱَ ڪري مون کي آڇي، نامئي نهايت،

عاقل ساڻ عزت، پڙهڻ ويهاريئين پرت مؤن.

 

پڙهڻ ويهاريئين پرت مؤن، راز رکي راوت،

ڳالهه تنهن کي ڳَچ ٿي، فهميدا فرصت،

اچانڪ اکيون لڳيون، مِهرِيءَ سان محبت،

ماکؤن سوا منڌ جي، ڪين سري ساعت،

سِفليءَ ڳالهه سهي ڪئي، چاچيءَ سان چائت،

ڦري ويئي ڦُندڻِي، اسان ڏَهون عورت،

تنهن ميٽي بيهاريو مڙس کي، هلائي حرڪت،

ته سڱ ٿو سُڃي سان ڪرين، پوندين دانهَه منجهه دقت،

ٻيا مِٽ تنهنجا گهڻا آهن، دور ڀريا دولت،

ٿئي جيءَ کي جميعت، پُرس اُتي پرڻاءِ تون.

 

پرس اُتي پرڻاءِ تون، جا ٿي عاقل! لهين آب،

سَڱ ڦيري تن سان ڪيو، جن کي هو انت بنا اسباب،

مرد اچي موٽي ڏنو، مون کي جُنگ جواب،

اَوڙڪ تون اسان جو، بلڪل ناهين باب،

وڃ نڪري هن گام مؤن، متان ٿيئن ڪُٽجي قبر هاب،

پوءِ منجهئون شهر شتاب، ناميا هليس نڪري.

 

ناميا! هليس نڪري، ٻئي ڪنهن ديس داناهه،

ڏکيا جاليم ڏينهڙا، سپرين ريءَ ساهه،

اٺئي پهر عجيب جِي، آهه اُڻ تڻ کي ارواح،

اکيون انهيءَ پار ڏي، ٿيون روز نهارن راهه،

هڪ نڪتو اچي ناگاهه، قاصد قريبن جو.

 

قاصد قريبن جو، آيو جان، اَلحال،

محبن لکي موڪليو، اهو ئي احوال،

ته پرين توسان ڪندو، واحد شال وصال!

هُنن کي آهي وِهانوَ جو، ڏاڍو خوب خيال،

هڪ وڻ واديءَ جي مٿئون، بيٺو آ برحال،

اُتي عاشق آءُ تون، ڪري ڀلائي ڀال،

هيءَ به ايندي اُتهين، ڪو فند ڪري في الحال،

پوءِ رمي ٿيون رهوال، ملڪ ڇڏي مدعين جو.

 

اڄ عجيبن سان آهي، رات انهيءَ انجام،

پُور وساريو پِر جي، اندر جو آرام،

تَن ڪاڍو تنهن ڏي گهڻو، جاڏي دل کي دام،

تنهين جاءِ تمام، وڃڻ گهُرجي ويجهڙو.

 

وڃڻ گهرجي ويجهڙو، ساجهر سويٖلي،

موليٰ محبوبن سان، مون کي شل ميلي،

آءٌ به عاشق سان هليس، وري تنهن ويلي،

پوءِ رميا انهيءَ رخ سان، پاونگ پنڌ پيلي،

ڀؤ ڀڃي ڀيلي، وڃي وڻ کي ٿياسي ويجهڙا.

 

وڻ کي ٿياسي ويجهڙا، درس هيٺئون درخت،

ڪنهن ويلي رات کي، جان آئي اُها عورت،

هئس مردانا ڪپڙا، زور وڏي زينت،

ترنگ طبيلي مؤن ڪڍي، آندو  جيهو عبرت،

ڏسيو منهن مشتاق جو، ٿي روئي ريلا رت،

پرين موکِيئي پاڻ کي، ڪري حال همت،

هلڻ جي هن جاءِ تؤن، ڦِٽي ڪيو فرصت،

تن چٽ پٽ چاءِ چڙهي ڪئي، سنبريا تنهن ساعت،

گهوڙا ڏيئي گهُت، ٿيا روانا راهه سان.

 

ٿيا روانا راهه سان، سنبري ٽيئي سوار،

وروڪنون واڌو ڪيا، آسپن تي اوتار،

پاونگ پهر ۾ لنگهيا، هن جو دَنگ دنوار،

ڏيڍ پهر ٿيو ڏينهن جو، هو پنڌ پرانهون پار،

اچي ڪيو اظهار، جوان وري تنهن جاءِ تي.

آيو جوان وري تنهن جاءِ تي، جاتئون پهرين پيڙو پنڌ،

لٿو لائق لاڏڪو، حاذق تنهين هنڌ،

هادي ڪيو هيڪند، مَل مانجهي محبوب سان.

 

مَل مانجهي محبوب سان، ٿو ڳالهيون ڳالهائي،

پاڙيو عهد پنهنجا، پرتئون پڄائي،

 توڙئون آندو تان تنهنجي، باقي بچائي،

وري وري پوئتي، ٿو ورنهه واجهائي،

آيو اُٺائي، ڪٽڪ سر قابل جي.

 

آيو ڪٽڪ سر قابل جي، ڪئي ڪَستئُون ڪاهه،

پير اچي تن کي پُڳا، راوت روڪي راهه،

تن هڪل هاڙهيءَ کي ڏي، وڏي ساڻ وڻاهه،

حاذق هن کي چيو، سورهيه ڪري صلاح،

بنائي برحال ڪجو، جيڪو امر الله،

بر سر آءِ بندي تي، ثابت مٿي ساهه، اَٿي داناهه،

 

سنگتي ٿيو آ سيّد سان، واٽاهو واهه،

مر جان وڃي پوئتي، جوان پنهنجي جاڳاهه،

ائين چئي اُٿليو، مٿي جوان جنگاهه،

سورهيه ساڻ سپاهه، سيف کڻي ٿيو سامهون.

 

سيف کڻي ٿيو سامهون، ڪري گهُور گهڻي،

سورهه ستٽيهه ماريا، انهيءَ هنڌ هڻي،

مرد آيس ميدان ۾، پيلي پهس پڻي،

چوڌاري چؤرنگ کي، ويا کڳ کڻي،

پيو ڇڳير ڇڻي، مقابل معشوق جي.

 

مقابل معشوق جي، ڏنو  سِر سچار،

موٽي ماريائون منڌ کي، هڻي ساڻ هٿيار،

قبران ٻنهين جون ڪري پُريا پنهنجي پار،

اهڙو رنگ رسول سچا، ڏٺم ٿي ڏاتار!

قصو ڪري بس ڪيو، سچي صديق يار،

سور ويو، صحت ٿي، تو جو گوئِي گفتار،

داور منهنجا يار، هلي هنڌ ڏيکار سو.

 

هلي هنڌ ڏيکار سو، جاٿي ماريو ورنهه وير وريام،

اُٿي اصحابِي هليا، ساڻ نبي عليہ السلام،

پُرندا پيغمبر سان وڃن، حشر هل هنگام،

ڪندو محمّد معجزو، آهي خوءِ اعلام،

واڌو وڌ گلاب کؤن، آهه محب موچاريءَ مام،

جنهن نيلان نوائي وڌيون، سنديءَ ديدن دام،

ڪيلا قرباني ٿيا، پسي اُنف اَدام،

چوڏهن ڀاڱا چئنچل کؤن، وڌ گوهر جي آگام،

شمس ڪيائين شرمندو، تجلي ساڻ تمام،

حُسن ساڻ حبيب جي، حورن هنئين نه هام،

قمر قدمن تي پيو، پسي مُک مدام،

چلي سڀ چمن جا، آيس گل غلام،

حضرت ساڻ حشام، آيو جانب انهيءَ جاءِ تي.

 

آيو جانب جاءِ انهيءَ تي، جاٿي ماريو مرد مٿير،

سچي صديق سهي ڪيو، ڀُونءِ تنهنجو ڀير،

قبر مٿئون قابل جي، صاف ٿيو هو سير،

چيو يار رسول کي، ڇڻيو هت شير،

رسيو شهادت شير، حضرت انهيءَ هنڌ تي.

 

پرت سان پرور کي، ڪئي محمّد مناجات،

ڏني راوَ رسول کي، قادر ڪمالات،

مئا جياريا مصطفيٰ، ڏاتر بخشي ڏات،

ٻاهر قبرن کؤن ٿيا، ظاهر ظلمات،

پيرين پيغمبر کي پيا، طلب چڱيءَ تات،

آندا مير مڪي ڏي، ٻي بخشيائين بشات،

وَرنهه ورندي رات، تن کي پاڻ پرڻايو پاتشاهه.

 

پاڻ پرڻايو پاتشاهه، اهو لائق لعل،

موٽي تنهن محبوب سان، واحد ڪيو وصال،

جيڪي ٻڌن انهي ڳالهه کي، رکي خوب خيال،

سور تنهين جي سر جو، ويندو فضل سان في الحال،

سرهو ٿيندو سيگهه ۾، خوب وري خوشحال،

اهڙيون ڀلايون ڀال، آهن راز رسول جي.

 

ڀلي ڀلايون ڪيتريون، سندو راز رسول،

چارئي يار رسول جا، سنگ ساهو سرڌول،

ظاهر باطن ”بخش“ چوي، ماڙ ڪندا مقبول.،

هينئڙي سان حصول، مرسل گهران ٿو مهرجي.

 

مرسل گهران ٿو مهر جي، تو کؤن ماڙ مدد،

اصل عقل جي ڏيو، بلندي ساڻ بخت،

حاصل ڪيو هاشمي، شوقئون شريعت،

وهندو ئي واصل ٿئي، هيجئون حقيقت،

سڪ اوهان جي سيدا، مَر مون هجي حضرت،

جتي سوڙهه ٻجهي سڪرات، اتي ڪلمون پاڙهه قلب مؤن.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله


* هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي.

+ فقير ولڻ ولهاري، معارفاڻي چانڊيو ويٺل ڳوٺ ڳاڙهي جاگير تعلقو وارهه، 74- 1875ع ڌاري  ڄائو. فقط قرآن شريف پڙهيل هو. ڪيترو ئي ڪلام چيائين جن مان ڪافيون، ڏوهيڙا، معجزا، مداحون ۽ بيت مشهور آهن. سن  1954ع ڌاري وفات ڪيائين.

 

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“، مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمري لاءِ ڏسو حاشيہ ص1.

*  هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي ميرو خان) غلام قادر کان ملي.

+  مولا بخش سومري جو اصل نالو ”بخشو“ هو، مگر شعر ۾ ”بخش“ تخلص طور ڪم آندو اٿس. مشهور شاعر شاهه محمد ديدڙ جو همعصر هو. گهڻو عرصو ڪنهن مسجد ۾ پيش امام ٿي رهيو، تنهن ڪري ”ملا“ چيائونس. سن 1308هه/ 1890ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org