سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :4

 معجزو نبي صلعم جو: عاشق کي جيارڻ وارو

(چيل رمضان واڍي جو )

صفت ڪريان سبحان جي، هر ساعت تعريفا،

جو تعريفن جهڙو آهي، مالڪ موليٰ،

قصو ڪانگ، ڪريم سان، ڪيو سڄو سر حالا،

مهندان مصطفيٰ جي، ڪيائين مڙيو ئي مذڪورا،

ته هن پَر ڏٺم آدمي، عاشق معشوقا،

نه انت اُنهن جي عشق جو، باري بيانا،

کٽ سيرانديءَ خان هو، پيتم پرده سرا،

نينهن نهوڙي نانهه ڪيا، ٻئي پِي پرت پيالا،

وينِ وايون وسري، فقط فرمانا،

ٻانهي ٻائيءَ کان پڇيو، ڪري هزارين حيلا،

پر وينگس ورندي نه ڏني، ڪو گُجر جوابا،

ڦَٽٖي درد فراق جي، ڪئي ماري مدهوشا،

پَسي پيچ پريت جو، موٽي مجازا،

سا پر پَچي، لوسِي لُڇي، ڪري وَس وڏا،

تنهن پاڻ اڳيئون پاتشاهه جي، ڪيا اچي احوالا،

سِر سَٽَي، پَٽ تي هڻي، ڪيائين فغان فريادا:

اي شاهه! تو کي سُڌ هئي، مڙيو ئي مذڪورا،

متان ڪا مون تي ڪرين ڪاوڙ، ڪر ڪهڪا،

تنهنجي دختر پاڻ فِدا ڪيو، مٿان مشتاقا،

ويٺا هيٺان وڻ جي، يَگانا يَڪجا،

چَنبي برهه جي چُور ڪيا، تن سُرت سمجهه نه ڪا،

بيخبر، بيباڪ ٿيا، محبت جا ماريا،

ڪڏهن ڪيائون ڪو نه ڪو، هرگز جراما،

هِي جي عبادتي آهن، مگر مشغولا،

تنهن ڀي مڙيو ئي معلوم ڪئي، حقيقت حالا،

مالڪ اتي مجنون ٿيو، سڻي سلطانا،

ڇا دوا هن درد جي، ٿي واقف وزيرا؟

ڏني مصلحت مير کي، عاقل اميرا،

تان ڪَمِي ڪوٺاءِ شتاب ۾، ڪنهن طرح تجويزا،

ته چوڌاري چوطرف کان، اَڏجي عمارتا،

مَر رهن مشغول، منجهه مخفي محبتا،

پوءِ ڪوٺيائون ڪَمُين کي، ڪاهي هليا جوانا،

تن راتو واهه راس ڪيو قبو ڪميابا،

منجهان ڪيائين مشاهدو، جنهن کي دروازا،

هُو منجهه رضا، رخ رمز ۾، راضي سي رهيا،

گذريا انهن کي گنبذ ۾، ڪيئي اياما،

ماهَن مٿو ناهه ڪو، لکين ڏهاڙا لنگهيا،

جيتر قوّت جان ۾، هيم سگهه وڏي سهجا،

تيتر تنهن جاءِ کي، هوس ڏسندو ڏهه ڀيرا،

پوءِ ويو گنبذ غرق ٿي، هني راهه زمينا،

ٻيا سوين سير گهڻا مون، ڏٺا ڏاتارا!

پر عجب انهن جي عشق جو، مون کي حضرت هميشا،

انهن جي جيئڻ جي، خبر آهي خدا،

تون ڪَل تني جي ڪارڻي! لهه سچا سردار.

تڏهن هليو حضرت هاشمي، سيّد سلطانا،

اُڙد اصحابن سان، چيدا يار چڙهيا،

پيئي هڪل هر جاءِ تي، ٿيڙو ڌوڌوڪا،

ڪَنبي ڪافرن جا، ڪِري ڪوٽ پيا،

 

تان آيو احمد عربي، مرسل تنهن ماڳا،

جوان اُڀا هئا جوهري، سي پڇيائين بانڪا،

اڪيلي اظهار ڪيو، پَٽي زمين منجها،

درست تنهن ۾ دوڄڻا، ڏسن تان جيئرا،

ويٺا ورونهه ڪن وحدتي، اورينِ اکين سان،

پوءِ پيغمبر چادر پنهنجي، اُتي ڏني وير وچا،

پوءِ ڳرهي انهن ڳالهايو، سالم سِڪنا،

هڪ روپ رسانت رسئا، ٻيو افضل الحانا،

وينگس ورتي ويل تنهن، موڪل مشتاقا،

ته رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ڪيو شمس شعاعا،

متان ڪاوڙ ڪري مون تي، بابو بادشاها،

تڏهن ڪڍي ورتو ڪپڙو، نبي نور خدا،

پوءِ وري وحدتي ٿيا، اڳهين کان اڳرا،

هنن ليکي جئڻ هڪ رات هئي، ٻي عمر سڀ افرادا،

پوءِ مير منوّر، سچو سرور، آيو موٽي مدينا،

يار يتيمن، اجهو اڙين، ڏيندو دلبر دلاسا!

اهڙا لکين معجزا، آهن نبي نور سندا،

”رمضان“ منگتو، مصطفيٰ سندو، ڪري سوال سدا،

پَرتَو پاجي پنڻو، تو ڏاڻ مَنگي ڏوڙا،

عاصي اٻوجهه ابتر گهڻو، عاجز عيبن کان،

تون ڀلو بيحد برڪتي، ۽ ڪڪر ڪرامتا،

هي سڀ ڪرم ڪرامتون آهن، سرور نور سندا،

چئو صلوات رسول ڪريم تي، لکين درودا،

وينداسي ايمان سان، ڪَلمون جي پڙهندا.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

    معجزو نبي صلعم جو: انڌي يهوديءَ وارو

(چيل رمضان واڍي جو )

راحم رب رحيم، جو رازق رحيما،

جنهن پيدا ڪيو پرت مان، مير محمّد شاهه،

”قُرَةُ العيون“، ”ڪهل البشر“ ڪتابن ۾، آهي نقل نروارا،

ته هو يهودي هڪڙو، پاڙي منجهه پِريان،

سوڪين مڃيندو هو مرسل کي، نڪو دين اسلاما،

پليندو هو پانهنجا، اوڏا عزيزا،

پڻ جهليندو هو ٻين کي، جي ماڻهو شهر سندا،

ته ڇو ٿا مڃو مرسل کي، هو اسان جهڙو آهه،

ڪهڙي ڪرامت سندن آهي، ۽ ڪهڙا معجزا؟

اهڙيون شڪايتون ٿي ڪيون، تنهن ملحد ملعونا،

ڪندي عداوت اُن کي، لنگهيا چاليهه ورهيه سڄا،

ڀر هُئي نياڻي هڪڙي تنهن کي، بِڪر بوراڪا،

سا مڃيندي هئي محمّد کي، سچي صدق منجها،

۽ پڙهندي هئي پرينءَ رسول تي صلواتون صحيحا،

ڏينهن هڪڙي لنگهيو، سو شهر وچا،

يهودي مرد، جو هُيو عدو سندو نبيّا،

اڳيان گڏيس اوچتو، مير محمّد شاهه،

ڏسندي تنهن کي اکيون کڻي، پوريون تنهن ويرا،

چيائين ته نه ڏسان رسول کي، جانسين وڃي مون وٽا،

تان انڌو ٿيو ان وقت ۾، نظر نابينا،

ڪين ڏسي ڪي ڪيترو، ذرو ذرايا،

هٿوراڙيون ڏيو هلي، گهمي گهٽين منجها،

ڀتيون وٺيو ٿنڀ ٿوڻيون، آيو پئي گهر ڏانہ،

تڏهن ڌيءَ ڌُتاري پڇيو، پنهنجي پيءَ ڪنا،

ته، اڄ هَري هَري ٿو هلين، ڪهڙي سببا؟

چي، هيءُ حال ٿيو آهي، اي اما اسان کا،

جو ڏسان ٿو ڪينڪي، ڪنهن ڪامِڻُ ڪيو آهه،

اٿم گرمي جان ۾، ڪي گرد و غبارا،

ٿوري گهڻي ڏينهن ويندو لهي، هي اهنج آزارا،

جڏهن يهوديءَ جي اکين کي، ٿيا ڏينهن گهڻا،

تڏهن نياڻيءَ چيو نياز سين، اي ابا سونهارا!

ڪر ڪو علاج تون، سندو اَهُک آزارا،

ته ڪر سڄو ٿي پوين، اي ابا! اکين کان.

چي، مون کي سُجهي ٿو ڪون ڪو، ويڄ طبيبا،

جو ڇُٽائي سڄو ڪري، ڌنڌ سندو دردا.

تڏهن چيائين پيءُ کي ته آهي پنهنجي شهر وچا،

تنهن جهڙو طبيب، نه آهي ڪو حڪيما،

مون کي موڪل جي ڏئين، سو وٺي آءٌ اچان.

تڏهن يهوديءَ چيو ڌيءُ کي، اهڙي طريقا،

ته جي تو کي ڪو سُجهي، تون وٺي تنهن کي آءُ،

تڏهن کڻي دٻلي هٿ ۾، ويئي وچ شهرا،

ته مهندان مليس مصطفيٰ، منجهه ڪنهن مڪانا،

ويا ٿي پاڻ نماز تي، مرسل مسجد ڏانہ،

پرينءَ جي پيزار جا، جِت قدم پَٽَ پيا،

اتان کنيائين خاڪ کي، ڪري محفوظا،

محڪم ڪري دٻليءَ ۾، آئي  ان ويرا،

اچي چيائين پيءُ کي، ابا! هيءَ دوا،

چيو طبيب چِت ڪري، ههڙي طريقا،

ته ڪانِي ڀري ڪجل جي،  اکين ۾ وجهجا.

ات چيائين پنهنجي ڌيءَ کي ڦري في الحالا،

ته ڪانِي ڀري ڏي مون کي ڪريان آراما،

تڏهن ڀري ڏنائين پيءُ کي ٻئي سَرائيءَ مَٿا،

هڪڙو وڌائين هڪڙيءَ ۾، ٻيو ٻيءَ منجها،

تان انڌو ان وقت ۾، ٿيو سڄو صحيحا.

اهڙي خاڪ قدمن جي، آهي پرين پيزارا،

 جنهن جي حڪمت ساڻ، انڌا ٿين سڄا.

تڏهن والد چيو ڌيءَ کي، ترت تنهن ويرا،

ته، ڪٿان آندي آهي تو، اکين لاءِ دوا؟

پوءِ سچي ڪيائين ڳالهڙي، حقيقت حالا،

سڄي سڻندي ڳالهڙي، سو ڪاوڙيو ڪَست منجها،

ته ڪوهه ٿي وڌءِ اکين ۾، مون کي خاڪ اها؟

هاڻي ڪڍندس اکيون، ترت هي تارا.

سو جهلئي پلئي نه رهي، آندئين اَنبورا،

وجهي اَنبورا اکين ۾، ڏنائين زور وڏا،

ست ڀيرا زور ڏنئين، ڪڍيائين ٿي تارا،

تڏهن آيو آواز هاتفي، الله جي پارا،

ته تو ست ڀيرا زور ڏنا، ڪڍڻ لئي تارا،

پر ڪين نڪتا ڪنهن پر، تنهنجائي تارا،

پر جي سؤ ستر ڀيرا زور ڏين ته به نڪرن ڪين ها،

جي قابو منهنجي دوست جي، قدمن خاڪ ڪيا،

سو ضايع ڪڏهن نه ٿئي، ظاهر زمانا.

تڏهن اوڇنگارون ڏيئي اُڀو ٿيو، يهودي يقينا.

چيائين ڪوٺيون قريشيءَ کي، هلي هيج منجها،

هلو ته هلي حاضر ٿيون، مهندا محمّد شاهه،

پوءِ وَلر ڪري وٺي ويو، پاڙي پرين ڏانهه،

وڃي ڪِريو قَدمن تي، چميائين پير چڱا،

پڻ مومن مسلمان ٿيو، آڻي ايمانا،

پڙهيائين ڪلمون قرب مان، مٿي مير مرسل شاهه،

اهڙا وڙ ”واڍو“ چئي، آهن وارث وَرنهه جا،

ڪيڏٖي عداوت اُن جي، ڪيڏٖي دعوت دينا،

ربّ ميڙئين ”رمضان“ کي، رهبر رسولا،

جو اُمتين احسان ڪندو، مهندا ڏينهن قياما،

چئو صلواتون محمّد ڪريم تي، دائم درودا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

 

  معجزو نبي صلعم جو: زيد ڪافر وارو

(چيل فقير محمد ماڇي جو )

راوي روايت ٿو ڪري، حضرت زبيرا،

جو ’عشَرَةُ المُبَشِرِين‘ ۾، سچو صحابا،

ته هو ڪافر هيڪڙو، منجهه مڪّي مبارڪا،

نالو تنهن جو ’زيد‘ هو، منجهه ملڪن مشهورا،

گنجو ڪل ڪفران ۾، نسل نادانا،

ڏند ڏانداريءَ جهڙا، روءِ  سياه صفا،

وڏو پيٽ پليد جو، جهڙو جلندار،

هلي حرامي نه سگهي، مُٺو مرض ڪنا،

ڪندو رسول ڪريم سان، هئو عداوتا،

ڪري چور چٿڙيون، اوڳو اُو چرچا،

مٺي محمّد مير تان، ڪري نقلون نمرودا.

هڪ ڏينهن درنگٖي دل ۾، دُزڪئي ديانتا؟

ته محمّد نالي مصطفيٰ، جو سڏائي نبيّا،

ڪافر وٺيون ڪيترا، ٿو آڻي اِسلاما،

ڪئين ڏيکاري ڏيهه کي، ٿو محمّد معجزا،

 يا ڪو سبب سِحر جو، يا جادوءَ جو جسدا،

يا ڪا نصيحت نُور کي، مِلي ڏنہ موليٰ،

جوڙي ڏيان جُنگ کي، ڪا اوکي عَلامتا،

پانَہ  پورا جي ڪري، احمد اُمورا،

ته سچو ڄاڻي سيّد کي، هوند آڻيان ايمانا،

چوان ڪلمون ڪوڏ مؤن، مٿي محمّدا.

پوءِ هڪ ڏينهن حبيبن کي، اچو ڪري عرضا،

ته سچا رسول ربّ جا، مٺا محبوبا،

توکؤن گهران معجزو، آءٌ اَحمدا!

پانَہ! پورو جي ڪرين، منهنجو مقصودا،

ته دين مڃيندس، تابع ٿيندس، تنهنجو تڪرارا.

تڏهن چيس محمّد مصطفيٰ، سچي سردارا،

ته ڪهڙو گهرين معجزو، سچي ڳالهه سُڻا؟

تڏهن مهندا محبوبن جي، ڪري اُڀو احوالا،

ته گنجو گريل آهيان، مُنهن سِر صفا،

مٿو منهنجو اهڙو، جهڙو ماس مٿا،

وار نه لڀي هيڪڙو، ذرو ڪو زلفا،

ڏند وڏا منهنجا گهڻو، پرين! ٿيا پورا،

منهن مانند مَسُ جي، شيديءَ جي شڪلا،

ٻيو منهنجي پيٽ  ۾، آهي ڪو مرضا،

ڪريو معاف مصيبتون، ضروري ضُعفا.

تڏهن سيّد ٻڌي سرهو ٿيو، گنجي جا گفتا،

جڏهن دعوت دين جي، آئي ڏنہ عرشا،

کنيا هٿ اُڀن ڏنہ، نرمل نُور هُديٰ،

آيو اُڀن مؤن لهي، حضرت جبرئيلا،

اڳيئون احمد ڄام جي، ڪري مَلڪ ماهيتا:

سچا رسول ربّ جا، مرسل مڪّيا!

ته مالڪ تو کي ٿو چوي، ڏينهن ڏاتارا،

ته اِهو ڪم تنهنجي هٿئون، ٿيندو سرانجاما،

کِل گهڻو، ڪر خوشيون، خاص نه ڪر خطرا،

آءٌ توتي عاشق آهيان، تون منهنجو معشوقا،

جا مرضي معشوق جي، عاشق ڪري اُها.

پوءِ رمز رکي ’زيد‘ تي، احمد آڱر سان،

اچي عربيءَ جي ٿيو، نزديڪ نيشانا،

حضرت لاتس هٿڙا، سيّد سر مٿا،

پوءِ ٿيس اُن مهل ۾، گهڻو وار وڏا،

بدن باغِ بهار جان، رخ روشن سرخا،

مانند م واريد جي، ٿيس ڏند اڇا،

اڃا پانَہ اُن جي پيٽ تي، دوست دست رکيا،

ته نڪتو نانگ اُن جي، پُري پيٽ منجها،

سِريو سيّد جا چمي، ڪَرَ کنيون قدما،

اڳيئون احمد ڄام جي، سَپُ ڪري سجدا،

پوءِ نرمل پڇيا نانگ کؤن، مرسل مذڪورا.

سَپ! سگهو ڪر پانهنجو، مون سان مطلبا،

ته قادر ڪهڙي ڪم سان، تو کي موڪليو موليٰ؟

ڪيو نانگ نبيءَ سان، ظاهر سڀ ذڪرا،

ته نانگ نه آهيان يا نبي! جانب، جِنّ آهيان،

جيڪو دشمن تنهنجي ڪري شڪايتا،

پُري تنهن پليت کي، ڪيان اَندر ۾ ايذا،

شڪل ڦيري شُوم جي، ڪيان ظاهر زبونا،

مونکي موليٰ موڪليو، هاديءَ حڪمت سان،

موليٰ ريءَ مون کي نه ڪا، سگهه نه توفيقا،

ٻيو جيڪو چور چئن سان، ڪري دشمني دُزدا،

وڙهي تنهن ويريءَ کي، ڪيان حضرت! هلاڪا،

اهڙو امر احمدا! مون کي ڏنو ڏاتارا،

هيءُ ڪندو غيبتون غيرتي، هو تنهنجو تڪرارا،

پيو وجهي وڇوڙا وچ تي، سوئر سڀڪنهن سان،

فاسد گهڻا ڦِڪا ڪري، چرپر سان چغلا،

تڏهن زُومئون وڌم زيد جي، پيٽ اندر پيڙا،

شڪل ڦيريم شُوم جي، مٿي ۾ مرضا،

ٿيا ڏند وڏا ڏڦير جا، ڏوڙا ڏٻر کان،

ڪيون ڦوڳيءَ ڦڪيون، دوائون دردا،

کائي سڀ خراب ڪيم، اُن جون اَدويا،

تالان طبيبن ڪيس، خانو خلاصا،

ويڄ ولهيٖ جو ڪو نه ڪو، اوهان ريءَ اصلا،

جڏهن زور ضعيف ٿيو، ويس وسعتا،

پيئي تڏهن پليت کي، تن ۾ تنهن ويرا،

دوست! اوهان جي دين جي، ٿيس سچي صلاحا،

دوا وٺڻ دين جي، آيو اوهان ڪنا،

تڏهن ٿيس آزادگي، معافي سڀ مرضا.

”ماڇي“ چئي مون کي ڪجو، ڪا دوست اڄ دعا،

عيبن کون آجو ٿيان، جي ڪيم ڪِرت ڪچا،

محشر ۾ منهنجي ڪجو، پارت پيغمبرا.

ٻڌي نصيحت نانگ جي، سَپ سندو سخنا،

زيد ڪڍيو روح مؤن، ڪُفر جو ڪسبا،

وٺي مائٽ پنهنجا، اوڏڙا عزيزا،

ڪهي ڪلمون ڪوڏ مؤن، آندائين ايمانا،

”فقير محمّد“ معجزو، چيو آهه چڱيا،

ٺاهي وڏي ٺاهه مؤن، جوڙي جلديءَ سان،

مدد ”ماڇيءَ“ جي ڪئي، محمّد مصطفيٰ،

چئو صلواتون رسول ڪريم تي، دائم درودا،

وينداسي ايمان سان، ڪلمون جي ڪهندا.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله


* هن معجزي جي اڻپوري روايت اتر(تعلقي وارهه) مان غلام رسول جتوئي کان ملي، جنهن سن 1334هه جي لکيل هڪ قلمي نسخي تان ورتي.

+  سوانح عمري نه ملي سگهي آهي.

*  هن معجزي جون وچولي مان ٻه روايتون مليون، هڪ (تعلقي حيدرآباد) مان محمد صالح سپئي کان ۽ ٻي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان گل حسن دائود پوٽي کان ملي.

+  سوانح عمري ملي نه سگهي آهي.

*  هن معجزي جي روايت اُتر (تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ملي.

+  حاجي فقير محمد ولد فتح محمد ماڇي ڳوٺ دڙا ماڇي، تعلقي ڪڪڙ جو ويٺل هو عربيءَ ۽ پارسيءَ جي تعليم پاٽ ۾ ورتائين. پهريائين ٻار پڙهائيندو هو پر عمر جي پوئين وقت ۾ رڍون چاريندو هو. سندس چيل معجزا، اوٺاڻيون، مداحون ۽ ڪافيون مشهور آهن. سٺ کن ورهين جي ڄمار ۾ سن 1316/1898ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org