سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :12

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل عبدالستار جو )

صاحب ڌڻي سبحان جي، ڪر صفت ۽ ساراهه تون،

اوجهڙ اوجهائي اُجهه مَ تون، غافل بندا گمراهه تون،

موڳا مَ ڇڏ، مضبوط مڃ، حق جي رباني راهه تون،

حضرت حبيبِ هاشمي، سو وٺ وسيلو واهه تون،

اهڙي ڪنڌي ٻي ناهه ڪا، جهڙو پلئه پيغمبري.

 

نور نرمل هو نڱيو، شافع ڪڏهن شهرون ٻَهر،

تان سڏ سُئائين ٽي ڀيرا، رس يا رسولِ راهبر،

ڪنڌ قريشي جان کنيو، هرڻي آيس بيٺي نظر،

دانهون ڪيائين درد مان ٿي، ڏي دلاسو مون نڌر،

تون ڇٽائينم، تان ڇٽان، نه ته دام ۾ آهيان ڌري.

 

وِير ورنَهه جهنگ ۾، مون ڏينهن گهمندي ٿيا گهڻا،

نَچيس پَنبيس ٿي ناز مان، آڏِي نه آيم ڪا عيان،

اڄ اڄوڪي ڏينهن لئي، هَي هَي ڪيو ٿي هٿ هڻان،

ساريو ٻچن ٻٺڙن کي ٿي، سِڪ سوز مان سيّد! سڙان،

جن کير پيتو ڪينڪي، معصوم سي ويندا مري.

 

ننڍڙا، نماڻا بي ثمر، ٻهڳڻ! آهن منهنجا ٻچا،

تن لاءِ قريشي ڪارڻي! پر ۾، پِريمَ پئي پچان،

ماريءَ وتم مارڻ لئي، جي تون بچائين تان بچان،

ڪڍ مون کي ڦاهي ڦڪل جي، ٿي اجها موٽي اچان،

ٻانهپ ڪري ٻچڙن جي، اينديس وير ورنهه! هت وري.

 

راضي رسول ربّ جو ٿيو، هيڻي سندو ڏسي حال هي،

مڃيو محمّد مصطفيٰ، سائل سندو هي سوال جي،

ڪيڙو قريشي ڪارڻي، ايڏو ڀلاين ڀال جي،

حضرت اٿي هرڻيءَ کي، ڦاهي مؤن ڪڍيو في الحال جي،

وير چيس ويرم نه ڪج، ڪَرَ ٻچن جي لهي اچ وري.

 

هرڻي ويچاري حبّ مان، هَي هَي ڪري هيءَ جا هلي،

هئي ويڳاڻي هجر ۾، جنهن جوش ۾، جيءَ ۾ جلي،

ٿيس وسيلو وير ورنهه، پوءِ وطن تي دل وري،

اوڏي آئي جاءِ پنهنجيءَ تي، جڏهن چستون چلي،

ٻوٻٽ ڪري ٻچڙا اٿيا، مهلت ڪيئي ڇو مادري؟

 

اي ٻچا! جلدي ڪري، ڌايو اچي منهنجا بُبا،

اڄ وڇوڙو ورهين جو، مون کي پوي آن سين ابا،

مون کي ساڙين ٿا اوهان جا، ڏک، ڏنجها ۽ ڏوجهرا،

دم حياتيءَ جو وٺي آيس، اوهان جي لئي حبا،

ڏيئي ڪارڻي، آيس ضمانت، ٿيو اَجهو سو انوري.

 

ٻٺڙن چيو، نا ويهه هت، موٽي اسهه اي امان!

کير تنهنجي ۾ اسان، تر جيتري نه آهي طمعان،

جاءِ، جنهن جاءِ تو، ڏنو ضامن نبي هردو زمان،

آهن اسان کي حرام ڌائڻ، بُبا تنهنجا امان،

قول پاري تو نه ڄاتو، ڳالهه لائج چِت چري!

 

هرڻي هلڻ هاري ٿي جڏهن، ننڊ مان ماري جاڳيو،

جاڳندي پيو جوش ۾، وهمن، غمن ۾ واڳيو،

مير محمّد مصطفيٰ، تنهن ماڳ سو ويٺو هيو،

ڪير آهين، ڪٿ رهين؟ سڏ شڪار اهو ساڳيو،

قوت منهنجو ڪيئن کسيئي ووءِ ووءِ ڪيئي زورا وري.

 

مرسل ماريءَ کي چيو، ايندي وري هرڻي ادا!،

جوش ڇڏ تون، ڪر جميعت، ڊاءُ ڀر کان ڊڄ خدا،

ضامن آءٌ آهيان، بيشڪ انهيءَ جو اي بندا!

قول تو سين ٿو ڪريان، هر گز نه ويندس هن هنڌا،

هرڻي اها ايندي وري، تون ڇو گڏيو آهين گوندري؟

 

ماريءَ، مرسل پاڻ ۾ ٿي ڪئي اتي قيل و مقال،

تان اچي هرڻي ٿي حاضر، ڏيئي وڏا ڇالون ۽ ڇال،

مرسل ماريءَ کي چيو، وٺ قوت آيو تو عيال،

جي مڃين تان آءٌ ڪريان، سائينءَ لڳ هڪڙو سوال،

معصوم ٻچڙا ماءُ ڌاران، ڪيئن جيئن؟ ويندا مري.

 

آزادگي ان جي ٿئي، قيمت ادهه آءٌ ٿو ڪريان،

اڳيان محشر ڏينهن ۾، آءٌ سندءُ ضامن آهيان،

ماري ڪري قدمن پيو، پيرن پڻي تنهنجو آهيان.

ميٽ مديون مصطفيٰ! پلئي تنهنجي پيو آهيان،

هرڻي ڇڏي ڇوڙي تنهين دَم، سا ٻچن سان وئي وري.

 

عاصي ”عبدالستار“ جو، ڪو غور ڪر غمخوار تون،

جو کَهي دشمن ٿو دَس، اچي مدد ٿي مختار تون،

دوست داور ڏي دلاسو، دِلربا دلدار تون،

آهيان اٻوجهه آرسي، اوکِي ۾ ڏج آڌار تون،

خير سان خاتم! مٺي ڪلمي جي ڏي تون يا وري.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو

(چيل پانڌي آريسر جو )

خالق مالڪ خلقڻهار،         عرش زمين ڪل جوڙيا جبار،

تارا تَن ۾ ڪن چمڪار،               نور نبيءَ جو ٿيو نروار،

محمّد مير مِٺو مهندار-

وارث ڪندو والي وهار.

نبي سڳورو ڄائو ڄام،         ساري اُمت جو امام،

مليو جانب جڳ انعام،                سرڻ انهيءَ ۾ آهيون سام،

احمد اڙين جو آڌار-

وارث ڪندو والي وهار.

هڪ ڏينهن شهر مديني ٻهار، سير تي ويڙو هو سردار،

پَٽ ۾ هرڻيءَ ڪئي پڪار،            ان ڏانهن نرمل ڪئي نهار،

دام ڳچيءَ ۾ پيڙا ڳار-

وارث ڪندو والي وهار.

هرڻي ڏسي سا هوتن کي،             منٿ ڪرڻ رڳي محبن کي،

دانهن ڪري چئي دوستن کي،        عرض احوال عجيبن کي،

پيڙم ناحق ڪمند قهار-

وارث ڪندو والي وهار.

اجل جو آيو منهنجو ڏينهه،            ڏک ڦوڙائو وٺڙو مينهه،

تون وسيلو ٿاهر ٿيءُ،           جنجل ۾ مون جهليو جيءُ،

اڄ ٻر ٻر ٻچڙا ڪن ٻاڪار-

وارث ڪندو والي وهار.

هيڪر ٻچڙا اکين پسان،               ملان شل مرسل! مٺڙن سان،

ناز ڀرين تن ننڍڙن سان،               ٻهڳڻ! منهنجي ٻٺڙن سان،

موٽي ورندس وير وينجهار-

وارث ڪندو والي وهار.

سائل جا سڻي سرور  سڏڙا،            ووءِ ووءِ ڪيائين واڪا وڏڙا،

ڪرم قريشي ان سان ڪيڙا،  ٻاجهه ڀري حبيب رکيا هٿڙا،

گوهر غازي سو غمخوار-

وارث ڪندو والي وهار.

ڪڍي قريشيءَ ڪنڌ مان ڦاهي،       پِرينِ اچي لطف سان لاهي،

موت ماريءَ کان مليس ساهي،        ساجهر ٻچڙن ڏانهن ٿي راهي،

قرب سان هلي ڪري ڪُڻڪار-

وارث ڪندو والي وهار.

هرڻي ڇوڙي ورنهه وير، ويهي  رهيو اُت محمّد مير،

صورت چنڊ ڪر ماهه منير،            تڪڙو ماري آيو تغير،

ڏاڍي پئجي ويو ويچار-

وارث ڪندو والي وهار.

مرد هتي تون آهين ڪير؟             مون هرڻي ڦاسائي هئي ڦند ڦير،

ڪيڏانهن ويڙي هن وير؟               تون ڪيئن ترسين دم پل پير؟

سڀ تون سڌ ڏي سيّد سچار!

وارث ڪندو والي وهار.

ڪيم هزارين قوت لئي حيلا،  ڪاهل ڪلهڙا ڇڏيم قبيلا،

هاڻي منهنجا ويڙا وسيلا،              ڪيڙا بک اُڃ ماندا عليلا،

ڇو ڇڏيئي شاهه شڪار-

وارث ڪندو والي وهار،

تڏهن ماريءَ کي چيو محمّد ڄام،    آءٌ آهيان اُمت جو امام،

احمد محمّد منهنجو نام،             عرش عظيم به ڪن سلام،

مالڪ مون کي ڪيو مختار-

وارث ڪندو والي وهار.

پيش پيو ماري مرسل کي،            نور نبي تنهن نرمل کي،

عربي تنهن اڪمل کي،               محمّدگهوٽ مڪمل کي،

ٻچڙا جنهن جا لانگهي ڪيا لاچار-

وارث ڪندو والي وهار.

ڏئي مون هرڻي وئي آ وعدو،   سا ڪندي پنهنجو پورو قاعدو،

سوال سجايو تنهنجو ٿيندو،           ڏک ڏمر تنهنجو ڪل لهي ويندو،

قول ڪري ويئي آ اِقرار-

وارث ڪندو والي وهار.

هرڻي آئي ٻچڙن وٽ،  اکين مان پاڻي پلٽيو پٽ،

کير پي ڪريو جاني جهٽ،    تقدير ڳچيءَ پاتو ڳٽ،

ضامن ڏنڙم اُمت آڌار-

وارث ڪندو والي وهار.

مهندان ٻچڙن ڪيو ڪلام،           هاڻ اسان کي کير حرام،

جانسين نه ڪريون سيّد سلام،        آهيون اُن جا گولا غلام،

هلو ته هلي ٿيون خدمتگار-

وارث ڪندو والي وهار.

قول پارڻ جي هرڻيءَ مقال،            ڇو هؤن ڏيندي آئي  ڇال،

بر ۾ بندياڻيءَ سان ٿيا ڀال،           پر آهون ڪندي اچي احوال،

حاضر آيس ڏيهه آڌار-

وارث ڪندو والي وهار.

تڏ ماريءَ کي چيو محمّد مير،        آئي هرڻي آهي آسير،

موت کڻي آئي خمير،         ٻچڙا تنهن وٽ آهن صغير،

پورا ڪيائين سڀ قول قرار-

وارث ڪندو والي وهار.

هرڻيءَ ڏسي ٿيو ماري دنگ،  جبل مرون جي گهمن جهنگ،

وحدت جو پيو تن کي ونگ،  پيچ پرت جو ڏيل ۾ ڏنگ،

دانهن محمّد تون دهدار-

وارث ڪندو والي وهار.

گهوريان تو تان محمّد گهوٽ! تون وسيلو آهين اوٽ،

مرسل! مون ڏي ڪر ڪا موٽ؛        مان اوهان...........،

سچو سرور تون سردار-

وارث ڪندو والي وهار.

خوش ٿي هرڻي وري وطن،             ڦيريا هٿڙا ٿي هوتن،

ڏنا دلاسا ٿي دوستن،          لک لک ٿورا سوين سندن،

ڀال گهڻا تن بيشمار-

وارث ڪندو والي وهار.

اهڙو احمد آهه شهنشاهه،      رڻ رڃ ۾ هادي همراهه،

ماڱر مرن سان رهبر راهه،       اُمت والي وسيلو واهه،

ڪين ڇڏيندو عيبدار-

وارث ڪندو والي وهار.

”پانڌي“ ساري صحابن کي،          چوکن چئني يارن کي،

پنجتن پاڪ پيارن کي،               دلبر پرين دلدارن کي،

ڪلمون پڙهي ڪر ياد ستار-

وارث ڪندو والي وهار.

 

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: هرڻيءَ وارو*

(چيل محمد حسن شيخ جو +)

پهرين صفت صاحب جي ڪر،             مالڪ ملڪ روز حشر،

جنّ مَلڪ خلقيائين بشر،           ڪيائين محمّد پيغمبر،

پکي پکڻ سو سيّد ساري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

چئو چٽا چوکا چار ئي يار،          پيو پنجتن پاڪ پڪار،

جانسين جڳ ۾ جيان جبار،               تانسين تن ۾ طلب تنوار،

من ڪو قيامت منجهه ڪوڪاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

پٿر پرين کي سلام چون ٿا،                حجر شجر سڀ نُور نمن ٿا،

جهنگلي جناور ڪلام ڪهن ٿا،           آڱر اشاري آب وهن ٿا،

مرسل جا ڪو معجزا سنڀاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

هڪ ڏينهن هڪلي هوت هليا،             اڪيلا اڪبر چاهه چليا،

مور وانگي ٿي ٽئونر ٽِليا،          ٻاڪار ٻڌائون جهونگار جهليا،

دانهن ڏيو ٿي بَري بيهاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

وير وريو پيو وري ولهيءَ ڏي،               قابو ڪشي پئي آهي ڪليءَ ڏي،

نين کڻي ٿي برڪت ڀليءَ ڏي،            دم دلاسا جهجها جهليءَ ڏي،

تون ڪيئن ڦاٿينءَ ڦاهيءَ ڌاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

چاهه وچان پئي چريس چڳيس،             هر هر آيس ٿي هن گس،

ماريءَ ماريس نانگي نحس،                اڄ وس ڇڏي ٿيس بيوس،

هي هي هزارين هنجهون هاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

ٻه ٻٺر پهڳڻ! منهنجا آهن،                سمجهه ڀريا سي سرور ناهن،

ڪا نه ڪا پهتس ويٺا واجهائين،           متان مون تي در داور دانهين،

گولي گوندر غمن ۾ گهاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

 

پهرين ٻچا آهن ماءُ پيارا،          پکي مرون سڀ سرڻا سارا،

قوت ڪَلهن لئي ڪن پيا چارا،            اهو عشق الاهي ڪري دل پارا،

ٿيندا يتيم تن باهه ٻاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

ڪوثر هٿ آڪارڻي تنهنجي،              کيرٿڻن ۾ هت آهي منهنجي،

ڪريان حوالي ڪَلها ڪنهن جي،           آجي ٿينديس آڌار اَنهنجي،

ڪوثر پيارج، اچان کير پياري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

 

جنّ انس جو نبي تون آهين،                مرگهه مرون تو کي نمن سائين،

سام پئي آهيان تودر دانهين،              کير پياري اينديس اُتاهين،

قول نبيءَ سان ڪو ڪون ٽاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

ڦاڙهِي ڦاهيءَ مان احمد ڇوڙي،             ڪڍيس ڳچيءَ مان نرمل نوڙي،

واءُ ويئي ٿي عربي گهوڙي،        پهتي پيارن پرين ڊوڙي،

چميو چٽيو چشم ٿي ٺاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

کير ڌايو اچي يتيم يارا!                    وڇوڙا پوندا سالن سارا،

ڦاهيءَ ڦاٿيس پرين پيارا!           ڏنم ضامن احمد آڌارا،

قول پارينديس اها ڳڻتي ڳاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

نمڪ حلال تو پٽڙا آهيون،          کير امڙ! تنهنجو مور نه ڌايون،

قول پارج ائين ٿا چاهيون،          در سيّد جي هلي ڪنڌ نايون،

جو ٿو تار تکيءَ مان تاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

ماري جاڳيو مست مجهول،                تو ڇوڙي هرڻي رسول؟

ڪونهي قوت ٿيس ملول،          اٿم اهڙي جئڻ کان ڪسڻ قبول،

وري نه ڏيندم ڪو واري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

هرڻي ويئي آهي قول ڪري،                اجها ايندي هوءَ هن ذري،

ضامن آهيان جيسين وري،         دل نه لاهه نه ته ڏيندس ڀري،

تو ڏکيا! هرڻي ويندس ڏياري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

عجب سائين تو ڳالهيون عجب،           مرون ايندا وري ڪهڙي سبب،

ادا ڪريان آءٌ تنهنجو ادب،         ڏاڍو ڏکئي سان ڪَيو غضب،

ڪيئن ايندي جنهن کي ڦاهي ڦاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

ماريءَ ڪئي ٿي قيل وقال،                        هرڻي پهتي ڏئي ڇال ڇال،

ٻچا آيس ڊڪي نال نال،                   جو وهائي جڏي جال جال،

سَتي پت پنهل پئي پاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

 

ادا موڪل ڏي هن مٺيءَ کي،  مٿان ڪُهين تون هن ڪٺيءَ کي،

رت نه وهائج هن رٺيءَ کي،    قابو جهل تون هن چٺيءَ کي،

تو کي اوکيءَ مان احمد اُڪاري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

مون مڃو تو کي مرسل ڪري،             هي به بندو تنهنجي توهه تري،

هرڻي ڇڏيم انهن جي سِڪسَري، ڪفر ڪڍيم توتي ڪلمون ڀري،

”حسن“ عشق احمد ۾ موليٰ ماري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

درود صلوات پڙهو ڪنڌنائي،               ٻڌ جو دل هنئين سان لائي،

جوٿو امتي احمد جو چائي،         ڏک لٿا سڀ احمد آئي،

ڪلمون ڪهجو جاسين جياري-

هرڻي حضرت هاءِ پڪاري.

 

لا اِلہٰ اِلا الله


*  هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+ سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*  هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهرزادي کان ملي.

+ سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيه ص 12.

* هن معجزي جو متن ”رسالي ريحاني“ مطبوع اسلاميه پريس حيدرآباد تان ورتل آهي.

+  محمد حسن ولد احمد شيخ، مشهور درويش شيخ ريحان (ضلعو حيدرآباد) جي سجاده نشين خاندان مان آهي. آگسٽ 1908ع ۾ ڄائو. سنڌي ۽ انگريزي تعليم حاصل ڪري سرڪاري ملازمت ڪيائين، جتان 1945ع ۾ فارغ ٿيو. ميان محمد حسن هڪ نيڪ مرد ۽ نيڪ دل انسان آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org