سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :7

معجزو نبي صلعم جو:

جابر اصحابيءَ جي کارڪن ۾ برڪت پوڻ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

ٽياسيهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

حضرت جابر پٽ عبدالله جو، ڪري روايتا،

چي، جڏهن پيءُ منهنجو گذريو، رسيو شهادتا،

قَرض ڇڏيائين پاڻ تي، گهڻائي پيسا،

تڏهن آءٌ ويس هلي، تن ڏونهه، صاحب قرض جا،

چان جيڪي آهن سي مري ڇڏيون کارڪون، پيءُ منهنجي پُٺيا،

سڀ ورهائي نيو پاڻ ۾، ٻيو ڪُڇيو ڪيم مُها.

تان قرضي راضي نه ٿيا، سڻي ايءُ ڳالهاءُ،

چي، اسان کي جهلڻ ڪري کارڪن جي، پوندي پورت نه ڪا،

آهِين ٿِورڙيون کارڪون، اسين قرض وارا جهجها.

تڏهن آءٌ هلي آيس حضور منجهه، حضرت حضورا،

اچي چيم حبيب کي، يا رسول الله!

آهي ظاهر اوهان اُتي، ايءَ سڀيئي حقيقتا،

جئن پيءُ منهنجو شهيد ٿيو، ’احد‘ جي ڏينها،

مال ڇڏيائين ٿورڙو، ۽ قرضي گهڻيرا،

ٿئي منهنجي حق ۾، مرسل! مدد ڪا،

دعا گهري ڌڻيءَ کان، ڇڏايوم اُتا،

چيو رسول ڌڻيءَ جي، حضرت حبيب خدا:

وڃي وجهه کوڙيون، تن کارڪن منجها،

وجهي فارغ جو ٿئين، ته خبر ڪج اسانٌ.

سي وجهي ويس کوڙيون، موٽي مرسل ڏانٌهه،

حضرت اٿي هليو ڪارڻي، مون سان محمّدا،

تان ويٺا ڏٺائون وٽ کوڙيئن قَرِضي ڪيترا،

مڙيئي چون اسان جو، ڪريو دَين ادا،

تڏهن نهاريو کوڙين ڏونهه، اچي احمدا،

جا کوڙي وڏي هئي سڀن ۾، تنهن ڌاري ڦِريا،

ٽي ڦيرا ڏيئي ڪري، مٿس چڙهي ويٺا،

چيائون، جابر! ڪوٺ تون، قَرضي پيءَ سندا.

سي وهاريائون مڙيئي، آڻي کوڙين وٽا،

تان ڪرم ساڻ ڪريم جي، برڪت ٿي بها،

مئيندي کُٽي نه مورهين، کُهيا ماپ وارا،

جيڪي هو قرض والد جو، سو ٿيو سڀ ادا،

قرضي سڀئي هليا، راضي ٿي رضا،

تِر تفاوت نه ٿيو، پڻ تنهن کوڙيءَ منجها،

جيڏي هئي اڳي، ڪر تيڏي ئي آهه،

کوڙيون سڀئي ننڍيون، پڻ بچيون اسان لاءِ،

مون ٿي ڀانٌيو پهرين، آڳاٽو اِنها،

ته هڏ نه نيندس هڪڙي، گهر ڏانهن کارڪ ڪا،

هوند راضي ٿي ڀري ڏيان، سڀئي ڊها،

تان حرمت ساڻ حبيب جي، سالم سڀ رهيا،

لٿم گوندر جان جو، مرسل جي مهندا.

آهي ’صحيح بخاريءَ‘ ۾، اهڙي پچارا،

ته جيڪي جابر موٽايون کارڪون پنهنجي گهر ڏانہ،

جان سي ماپيائون، تان ٿيا سترهن خرارا،

سائينءَ ڌُوا سڀين پرين، پنهنجا پيارا،

نرمل نبيءَ نور جا، پسو هي پرتا.

 

   معجزو نبي صلعم جو: کارڪن ۾ برڪت پوڻ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

چوراسيهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

جئن حضرت ابوهريره، ڪري روايت حديثا،

ته اَچِي ڪڏهن قحط پيو، ماڻهو ٿي ڏُليا،

تڏهن آءٌ وٺي ويس مٺ کارڪون، مير محمّد مهندا،

ته برڪت ٿئي تن ۾، سين حضرت جي دعا،

جان سرور ڳڻيون کارڪون، تان ٿيون ايڪيها،

تڏهن حضرت ڪري هٿ ۾، تن دعا گهري ڌَڻي ئا،

ته مولو وجهينِ تن ۾، برڪت ڀلا يا،

سي ڏيندي چيائون تن کي ته، کڻي خريطي پاءِ،

ڪڍج منجهانس هٿ سين کنيو، جي ڪڍين ڪا،

مڇڻ اوتين اُماٺو ڪري، کڻي خريطي کان،

حضرت ابوهريره چوي صدق مُها،

چي، اسين کائيندا هئاسون کارڪون، تنهن خريطي منجها،

ڏيندا هئاسون پڻ ماڻهن کي، گهڻائي ڀيرا،

ڪڏهن نه ڪيو سون صرفو، ڏيڻ جي ويرا،

ڏنم سنگ ڌڻيءَ جي، پنجاهه هزارا،

جيڪي واپرايون ٻئين ڀتين، سو سڀ تنهن سوا،

جيڪر ڪجي حساب تنهن جو، مڙئي ٿئي مٿان،

ته هوند ٻن سَوَن خرارن ڪنان، پڻ ٿئي زيادا،

سو مون ڪن خريطو هئو، ورهه گهڻيرا،

ٻَڌو هوم چيلهه سان، اهو ڇوڙيان نه مُورا،

منجهه زماني حضرت رسول جي ۽ پڻ سچي صديقا،

پڻ جيسين حضرت عمر هو، ۽ امير عثمانا،

جنهن ڏينهن حضرت عثمان شهيد ٿيو، رسيو رحمتا،

تنهن ڏينهن مديني ۾ ڦُر ٿي، پيو غلغلو غوغا،

تڏهن خريطو ويو، اُن ڏينهن مون هٿا،

موٽي لڌم نه مورهين، تنهن پڄاڻا،

هي معجزا محمّد مير جا، سڻو مومنا!

موليٰ پرين پنهنجا، پسو جيئن ڌُئا،

سائين سٻاجها ڌڻي، خالق خلق خدا!

مون کان مَٺايون ٿيون، تون ڪر ڀال ڀلا،

تسي تون توهه ڪرين، واحد ربّ وڏا،

سدا ڪم ڪريمن جو، ٻاجهئون حال ٻُڏا،

بخشين بوڇ بڇڙايُون، گولن جون آگا!

مون کي ڏيکارين مون ڌڻي، مديني منارا،

ته چوان صلوات سلام رسول اُتي، ڪلمون قلب منجها.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

 

    معجزو نبي صلعم جو: خيرات وارو

(چيل فقير محمد ماڇي جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، آگو عليما،

جڳائي تنهن صاحب کي سڀڪا ساراها،

راوي روايت ٿو ڪري، اَبُو، هُريرا،

ته، نبوت نبيءَ ڄام کي، جڏ ڏني ڏاتارا،

سورج جيان سڀ کؤن روشن رهنما،

دين اُڌو، دُزَ دَسيا، ڪَمِ ٿيا ڪفارا،

سوين سلامي ٿيا، ماڻهو محمّد جا،

اِهو ابوجهل کي ٿيو دل ۾ دک پيدا،

عزت احمد جي ڏسيو، سڙيو وڃيس ساهه،

ته سڃو ڇوڪر ڇورڙو، ٿو ڪم ڪري ڪيڏا؟

نظر سان نايو وجهي ٿو ماڻهو مُلڪن جا،

نڪا مايا مرد کي، نڪا ماني موجودا،

ڏينهن گذاري ڏک ۾، کاڄ نڪو خُبزا،

کائن ويلو هيڪڙو، ٻيا ويلا پون وچا،

اَنّ اُڌارو نا ملي، قرض نه ڪوڏي ڪا،

مفلسيءَ جي مورهين، ماڻهن ڪل نه آ،

مون کي انهيءَ ڳالهه جو، اِهو آ عجبا!

دُز ڪئي هئي دل ۾، موڳي مصلحتا،

ته، سڀ سڏايان پانهنجا، ڪُلئي قريشا،

سڀ ڪو گهر پانهنجي، ڪري خوشي خيراتا،

سؤ سؤ ماڻهو سڀڪو، کارائي خبزا،

خاصو کاڄ رڌي کڻي، ونڊي واٽ خدا،

محمّد کي مورهين، تر نه توشو آهه،

پوري  پوندو ڪين ڪي، اسان سان اصلا،

پوءِ ڏسي حال حبيب جو، مجلسي مُڙندا،

مور نه ايندا مارڪي، مرسل جي مهندا.

پوءِ ڪُلئي ڪانئر ڪو‎ٺيا، ڪُتي ڪفارا،

چي، احمد کي آڻائيو، اوهين ان طرحا،

مَت منڪر جي ڪئي، سڀني قبولا،

سؤ سؤ ماڻهو سڀ ڪنهن، ٿي خير کارايا،

محمّد سڀ ڪنهن مارڪي، ٿي کاڌي خيراتا،

جڏهن ڪافر ڪوچ ٿيا، ڪري خير کٽا،

تڏهن مڙني مرسل کي چيو ته، ڪر تون خيراتا،

تڏ محمّد ماٺ ڪري، هليو مسجد ڏانهه،

فائق فڪر ۾ ٿيو ڏسي ورنَہ وسيعتا،

تڏهن موليٰ محمّد ڏانهن مڪو تڪڙو تعجيلا،

آيو اُڀن مؤن اُلهي حضرت جبرئيلا،

اڳيئون عجيبن جي، ڪئي مَلڪ ماهيتا،

ته، سچا دوست خدا جا، نرمل نبيّا!

مالڪ تو کي ٿو چوي، صاحب سميعا،

ته مون کان گهر محبوب تون، سيّد! سامانا،

ته، پوري ڪري پلڪ ۾، تو کي ڏيپ ڏيا،

ڪر سعيو تون سپرين، کڻي ٿانوَ ٿپا،

ديڳ رک آب سين، آڻي آڳ مٿا،

ٻيا مَٽ ڀرائي پاڻيءَ  جا، ڪريو مير مهيا،

ته ڪندس اُنهيءَ آب مؤن، طرح طعاما،

ماڻهو مديني شهر جا، توڙي پري جا،

توڙي پکي سڀ پراندا، توڙي جن پَري غيبا،

کائي ڪندا کاڄ مؤن، ڪُلئي سڀ قُوتا.

پوءِ احمد آب ڀرائيو، ماٽا چار سڄا،

ٻيو ڀرائيو ديڳچو، پانَہ پاڻيءَ سان،

چل پل چاڙهيو چُلهه تي، احمد آڳ مٿا،

اڃا ساعت گذري، وهندي ويرم ڪا،

ته دلبر ڏٺو ديڳ کي، ڍول لاهي ڍڪڻا،

ٿيو هو پختو پلڪ ۾، طعامو تيارا،

قادر پنهنجي قدرت سان ڪيا، لقما چار چڱا،

هئا هڪڙي ديڳ ۾، جدا جدا جِنسا،

هڪ پاسي چانور چٽا، سڳداسي سنهڙا،

ٻئي پاسي ٻوڙ هو، لحم ۽ شروا،

تئين پاس پاڪ ڌڻي، ڪيا حڪمت جا حلوا،

چوٿين پاسين جنّتي، نان پڪا نغنا،

کائي سڀ خوش ٿيا، تاڙي طعام وچا،

پوءِ ترت ٿيا سي تشنگي، آدم اُڃارا،

احمد اشارو ڪَيُن، خاصي خُم طرفا،

هڪ مٽ ۾ شهد ٿي، ماکي ملوڪا،

ٻئي ۾ شربت ٿيو، مصريءَ جو مويا،

ٽئين مٽ ۾ کير هو، لذت ڀريو لَبنا،

چوٿين ۾ پاڻي ٿيو، ڪوثر جي مثلا،

اهڙا اشياء عام ٿي، پُر تَني پيتا،

دعوت جي دستور جي، منجهه عالم عبرتا،

اهڙي ڪڏهن ڪنهن نه ڪئي، خاصي خيراتا،

ڏني مبارڪ مصطفيٰ کي، عالم اُن ويرا،

”ماڇي“ چئي محمّد تي، چئي سڀني صلواتا،

مڙيئي مسلمان ٿيا، دين ڏسي دنيا،

جڏهن هرڪو ٿي هليو، خاني سڀ خلقا،

تڏ آلستي آواز ٿيو، مخفي ڏنهه موليٰ:

ته کڻي وجهه کيسي ۾، حضرت! هٿ پنهنجا،

هڪ هڪ موتي هر ڪنهن، ڏي الڳ ڏاتارا،

تان تنهنجي دنيا دين جي، پوي خلقت ۾ خبرا،

تنهنجي عز اقبال جي، ٿئي زينت زيادا،

پوءِ گوهر گيدي ۾ کڻي، داور دست وڌا،

ته مٺ ڀرجي موتين سان، آيس ان ويرا،

سيّد سڀني کي ڏنا، موتي مرجانا،

هڪ هڪ هزار جو، صاف چون سَمَنا،

ماڻهو جي مسڪين هئا، پورهيت پينارا،

سي سخاوت سيّد جي، سڀئي سرند ڪيا،

خوش سڀ خاني پانهنجي، ٿيا عالم آسودا،

دعوت جي دستور جو، پيو عالم ۾ اُهاء،

ابوجهل انڌو ٿيو، ڦڪو في الحالا،

سندس ساڻي سڀ سڙي ويا، ڄيري جي مثلا،

ماڻهو پسي معجزو عجب منجهه پيا،

”فقير محمّد“ چئي فڪر ناهي، اُمت کي اصلا،

مور نه ڪندو مومنن کي آگو عذابا،

محابي محمّد جي، جنت جاءِ لهندا،

نزد نه ٿيندا نار جي، اُمتي احمد جا،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي، دائم درودا،

وينداسي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهندا.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

   معجزو نبي صلعم جو: پٿر کڻڻ وارو

(چيل رمضان ڪنڀر جو )

حمد چئي هردم، هميشہ صاحب کي ساراهه،

ٻانها! در ڌڻيءَ جي ٻاجهاري ٻاڏاءِ،

سَوَ ڪوڙئين ڪيو ڪِيرتون، بندا! تون ڪيٻاءِ،

ڏاتر ڌڻي ڏيهه جو مالڪ آ موليٰ،

ڪيائين محبوب پنهنجو، پيغمبر پيدا،

چيدو چئن صفتن جو مرسل مقبولا،

قادر ڪيو قرآن ۾ مٿي مرتبا،

قدر تنهن جي ڪو نه ٻيو خلقيو ڪو خدا،

چوان معجزو مرسل جو، سو پڻ سڻيجاهه،

اڃا نرمل نور ننڍو هو سيّد صغيرا،

سو هڪ ڏهاڙي هاشمي، ٿيو گوهر گلزارا،

ورنَهه واديءَ تي هليو، مڪّي کي ٻهرا،

ڪارڻ رونشي راند جي، اُتي سرور سنگتين سان،

اُتي ابوجهل به آئيو، ڪافر ڪفرانا،

سو حاسد هو حرڪتي، پاپي پليتا،

ڪوڙهيو ڪسرت لئي کڻي آيو سٻر سنگريزا،

سورِپ رکيو کڻي پَٽَ تي، اُڇلي آڪاسا،

تنهن احمق سندي اوج جي، ٿي عالم کي عبرتا،

سو کِلي، کِجڪي گهڻو، هر هر حِمارا،

ته ڪو اُٿي سورهه سنڀري، ته ڏسون قدرتا،

اُت سڀئي شهزور هئا، منجهه قوَّت قرارا،

پُرس پاهڻ کي چنبڙيا، ڦِري چوڌارا،

سو تِن کنيو، کڻي نه سگهيا، وس ڪري وِرتا،

پوءِ موٽي محمّد مير کي، اُتو حاسد حراما.

ته، کڻ قريشي ڪارڻي! اٿئي قدرت ڪا؟

تڏهن اُٿيو سرور سنبهي، جُنبي جوانا،

دانَهه تنهن ۾ دست وجهي، اُڇليو اُڀن ڏانهه،

ته پَسڻ کان پيهي ويو، ڪا مدت مديدا،

پوءِ ذري پڄاڻا ظاهر  ٿي، اچي ڇڻيو ڇوهه منجها،

اڌ زمين ۾ اڌ مٿي ٿيو، ڪنبي ڪِي قدرا،

موٽي محمّد مير چيو، سچي سردارا،

ته، پٽي پاهڻ مٿي ڪڍو، اَٿوَ قدرت ڪا!

اُٿيو ڪافر ڪست مان، چُريو پاهڻ ڏانہ،

ٿو ڇڪي تاڻي ڇوهه مؤن، لوڏي لنگورا،

سو ڏيئي زور زِدو ٿيو، چِڙيو چنڊالا،

ڇڏي بانور، بيعزت ٿيو، موڳو  مرد ودا،

نشان سڀ نور کي ٿيو جهوري جهل جفا،

ڪيا تنهن ڪفار تان، مڙئي مطابعا،

سو شوم گهڻو ٿيو شرمندو، شِمر شيطانا،

گهر ڏي هليو غير ٿي، سَڙي سوز ڪنا،

پدر ڀي پليت هو نالي هشاما،

ڪري آهه اڳيئون تنهن، وڃي ڪريو ڪفارا،

پيءُ ڏٺو پُٽَ کي، جو ڪريو اندوها،

ٿا خر کؤن پڇن خبرون، اچي چوڌارا،

ته، جيڪا هجئي جان ۾، سلي ڏي سا،

ته ڪريون تنهن ڳالهه جو، فڪر في الحالا.

تڏهن رڪّ روئي رخ پيءُ، ڪئي گفتارا،

ته، محمّد پٽ عبدالله جي، اڄ وڏا ويڻ ڪيا،

واديءَ اُتي وير هو، مير محمّد  شاهه،

آءٌ به اُت اُپڙي ويس، وري اُن هنڌا،

رمز رونشي راند جي، ڪئي سين ڪسرتا،

هئس قرارو قُوّت ۾، مٿي مڙني کا،

ته سڀني ۾ سرور ڄام ٿيو، سرس سڌيرا،

تڏهن مڙي ماڻهن مهڻا، مون کي ڏوڙا ڏنا،

اڃا آهي نرمل ننڍڙو، مثل معصوما،

پوءِ پيغمبر پاتشاهه، ڪُهندو ڪفارا،

آءٌ ڪڏهن رهندس ڪينڪي، وٺڻ وير ڪنا.

مُشرڪَن کي ماٺ ٿي، لرزيا لعينا،

لڳو هول هشام کي، ڏنائين گڏهن جان گوزا،

دُز ڏنيون پُٽَ کي، دلبريون ۽ دلاسا،

ته، سگهو ئي ان سان مقابلو، ڪنداسين قصدا،

ملهه ويڙهائيندس مصطفيٰ، تو سان تحقيقا.

سا ڪنهن سَڄائي سُئي، اتي ڳالهه اِها،

تنهن اڳيئون  ابوطالب جي، وڃي سڻائي سڀڪا،

ته، سڀ طرح سي تهمتي، ٿيا دشمن دغارا،

ڪندا سي سردار سان، هيئن پڻ حسابا،

دل ۾ دُزن جي دغا، آهي خلل خبيثا،

ابوجهل عداوتي، ٿيو خر خرابا،

مَلهه وڙهڻ مير جو، ڪيائون ان پر انجاما،

هجو خبردار خليل تي، ڪيا موڳن منصوبا.

تڏهن سڻي ڳالهه صبر ۾، پيو انهيءَ ويل اِها،

ته ڪيڏو ڪافر ڪست ڪيو، مسڪينن مٿا،

تڏهن ڪل قريشي ڪوٺيا در بُرجا،

ٻهڳڻ ٻڌي امين ٿيا، اچي مرد مردانا،

مڙني مناجاتيون مڱي، ٿي گهري درس دعا،

ته، شل مهت لهندين مصطفيٰ، ڪندو خير خدا،

صبح ساجهر نڪري ڪيا حِمارن حملا،

ڪافرن ڪُتن جان گرِي، گُلرن ڪيا غوغا،

سڏ ڪيو سردار کي، ٿا ڏين ٽيڙ ٽَپا،

ته پوي سُڌِ سِحر جي، ٿي انهي ساعتا،

سڀئي سرور ڄام سان، هئا انور عجيبا،

نڪري سي نروار ٿيا، بهادر بانڪا،

مڙي آيا ملهڻ مارڪي، اڪابر اعليٰ،

هُن طرف ٽولي ٽُڪين جي، هِن طرف اصحابا،

هُن طرف خائن خارجي، هِن طرف منوّر ماهه،

هُن طرف مرتد مجوسي، هِن طرف روشن جمالا،

هُن طرف رد بي راهه ٿيا، هِن طرف هدايتا،

هُن طرف جُٺ ڦِٺ جَهل کي، هِن طرف مرڪي محمّدا،

هُن طرف دورنگا دوزخي، هن طرف جنّت جا،

هُن طرف ان المنافقين، هِن طرف ختم الانبياء،

اُن ويل وئي ولهن کؤن، همہ ڳالهه هٿا،

مُٺن منهن ڦيريا، ويا نِرهه نادانا،

ڪمر ڪشائون ڪوڙ جي، مهندا مرد مروانا،

تڏهن ابوطالب کي چيو اِن پر هشاما،

ته، جي راند ورتي راوَ کؤن، ابوجهل اڳيا،

ته سؤ دُنبن زر مال جو، ڪندين قربانا.

تڏهن ائين اُتس حضرت عباس، تپي تَوَ مَنجها،

ته دو سؤ دُنبن، دو سؤ مال جو ڪندس قربانا.

ڇا برابر باز سان ايندو چمڙو چڪايا؟

ڇا چِڙي ڪندي اڳتان، ازخود عقابا.

پوءِ اُٿي ابوجهَل اُڀو ٿيو ڪُسوِ سيا،

اُٿاريائين اوڏڙو، هو بُزکؤن وڏو ڀاءُ،

پڪڙي پهس پليت کي، ڏئي گهمرا پيو گهاءِ،

ڌڱ هنيائينس ڌوڙ ۾، پدر پنهنجي وياءِ،

ٻيهر ٻانهي کي وٺِي، گهِريو غلاما،

سو ڀي سَٽي سيگهه ۾، ڪيائين پڙ ۾ پرزا،

سو ٽِڙن ٽَهڪن ٽَهڪار ڏئي، کونسن خنزيرا،

پوءِ پيغمبر پاڪ ڏنٌہ، دُز ڪيو ڌيانا،

ته، آءُ ڪريون ڳالهيون، ڪي رانديون تماشا.

تڏهن اڳيئون عربي ڄام اُتس، هي جوهر جوابا:

جيڪر جلوي جو ڪريان، هوند اڳر انصافا،

ته مڙئي ماڻهو مارڪي چاوَتي چوندا،

ته هن اڳئي زور هارايو دُزَ دوملهه دسيا،

آءُ صبحاڻي تون سنبهي، موٽي هن ماڳا،

ته صبح صباحت جو آهي، همہ هٿ خدا.

اپر سڀ ڪنهن آئُڙي، هر ڪنهن حڪايتا،

تڏهن ڏيئي گُوز گهر ويا، ڪافر ڪمينا،

خان به وڃي خاني ٿيا، جامع جملا،

چاچي اڳيئون چاڳلي، ڪئي گفت سڄي گويا:

ته، ڪافرن قيمتي پَٽَ جا، ويس وڳا پايا،

اهڙا هوند اسان کي، هجن ويس وَڳا،

تڏهن ڪنبي چاچي، ڪريم جي، ڳوڙهن ڳاٽ ڀريا،

آڻي آب اکين مان، ٿورو ئي رت ريلا،

ٻَڌي دست دليل ڪيئين بيحد بيانا،

ته، هيءَ سقيمي سيّدا! آگي وڻي آهه،

پورت مس پيٽ جي، اهڙا ڪيئن ڪپڙا؟

سُئي خبر سيّد جي، جڏهن بيبي خديجہ اِها،

مُڪا تنهن وَرنهن ڏي، وڏا ويس وڳا،

مم البشو تراڪ (؟) هئا ٻئي، نامي نام زدا،

کڻي آيا خدمتي، ڪَڄِي ڪميابا،

عجب رونق اڳري، چوڏس چٽايا،

لالا، سرخ، سفيد هئا، منجهه اَڇائي اُجرا،

ڇا زري، زربفت، زرني، ڇا بخمل بافتا!

ڇا اطلس اَپري اُجرِي، ڇا ريشم رنگينا!

ڇا ململ محمودي، ڇا ڀيرم ڀلارا!

ڇا ڪوڪوٽ، ڪٽاهه، ڪنتي، ڇا پشمي پٽولا!

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله


*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ، سن 1950ع تان ورتل آهي.

+ سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

* هن معجزي جون ٻه روايتون مليون، هڪ اُتر(تعلقي ڪڪڙ) مان احمد خان آصف کان ۽ ٻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي کان ورتل آهي.

+   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

* هن معجزي جون ٽي اڻپوريون روايتون اُتر مان عبدالحق، (تعلقو شهداڪوٽ) غلام قادر (تعلقو ڏوڪري) ۽ الهداد چغتائي (لاڙڪاڻو) کان مليون.

+ رمضان ڪنڀر ميرن جي آخري دؤر ۾ امڙن ڳنڀرن جي ڳوٺ، لڳ ٽلٽي تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. ننڍي هوندي کان ئي صوم صلواة جو پابند هو. ٽپٽائي (تعلقي سيوهڻ) جي بزرگن ميان عبدائروف، ميان محمد يوسف، ميان غلام محمد ۽ ميان محمد سان صحبت ۾ رهيو؛ جن کان ديني ۽ دنيوي علم پرايائين. ڪافيون، مولود ۽ معجزا گهڻا چيا اٿس. سن 16- 1317هه/ 98- 1899ع ڌاري وفات ڪيائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org