سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :6

                   معجزو نبي صلعم جو: مينهن وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

پنجانويهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

حضرت انس روايت ڪري، صحابي صِدقا،

ته، ڪڏهن ملڪ منجهه عرب جي، اچي قحط پيا،

مينهن مانڊاڻا ڇڏيا، ڪيائون ڪاڍاڻا،

ٻنيون ٻارا ٻاريون، سڪيو ٿين سوڙها،

ماڻهو مرون پکيئڙا، رڙيو ڪن روڙا،

تڏهن هو مديني منور ۾، مير محمّد شاهه،

نائون ورهيه سو هئو حضرت کي، رهندي مدينا،

اتي ٿي پڙهيو جمعي ڏينهن، خطبو پيغمبر خدا،

تان اچي اڀي اعرابيءَ هڪڙي، ڪئي توارا،

جارجت پٽ حصن جو چون تنهن جو نانءُ،

چي، اي سونهارا سڀين پَرين، مرڪڻ موچارا!

ڏيهه ڏولائي ڏک ۾ ڏليو ڏڪارا،

ڪر ڪا ڪريم ڪارڻي! تون ڌڻيءَ ڏونهه دعا،

ته ٻاجهائي ٻاجهه ڀريو، آگو احسانا.

جڏهن ايءَ ڳالهه سُئي مشفق مجتبيٰ،

تڏهن حضرت کنيا هٿڙا، خطبي جي وچا،

ته، سائينم سٻاجها ڌڻي! مولا مينهن وساءِ،

سڀني تنهنجو آسرو، تون ٻاجهائيندڙ ٻاجهاء.

تنهن آڳاٽو مور نه هو مَلار، نڪا ڪڪر ڇانءَ،

جڏهن حضرت هٿڙا، خالق ڏونهه کنيا،

تڏهن حضرت ’انس‘ چوي، الله جو مون کي قسم آهه،

جيئن ڪڪر ڪنارون اُڀ جون وٺي ڊوڙيا،

وڏا جيڏا ڏونگرين، ڪارائي ڪارا،

اڃا بيٺا منبر اتي هئا حبيب خدا،

تان اٿلي اوتون ڪيون، وسي مينهن مٿا،

ڏٺم ڦڙا ڪِرندا، ڏاڙهيءَ مبارڪ تا،

ست ڏينهن وٺو مينهن سو پورا هيڪاندا،

وچ نه پيو تنهن ۾ توڻي ساعت ڪا،

سج نه ڏٺو ڪڏهين هفتو، ست ڏينهن سڄا،

موٽي ٻئي جمعي آيو سو وري اعرابا،

تان پڻ پڙهيو ٿي خطبو پيغمبر خدا،

اچي ڪيائين زاريون، اُڀي احمد اڳيا،

چي، اي رسول ڌڻيءَ جا! تون ڪر وري دعا،

گهر ڀڳائين ڀتيون، ٻڏا مال متاع،

ماڻهو مڙيئي مينهن ڪنان ويچارا ورتا،

تڏهن حضرت چيو هٿ کڻي مرسل مهر منجها:

”اللهمَّ حَوَ اليٌنّا وَ لا عَلَينا“ اهڙا لفاظا (1)،

ته وسڻ مينهن موقوف ڪر آگا! اسان تا.

جنهن ڪنهن ڪڪر ڏونهن ڪئي آڱر اشارا،

سي سڀ وٽڙي جدا ٿيا هڪڙا ٻن کا،

ٿيو سهائو سج جو ويئي رات وچا،

منجهان مينهن مهينو هيڪڙو وهڻ ٿي وُڙها،

سڃيون سڪيون واديون ٿيون ڀرجي بهارا،

جيڪو اچي جنهن ڏيها، چوي، وڏا مينهن پيا،

سائين سوڀارو ڪيو، ويا سور وچا،

ايڏا ڀال حبيب سين ڀلي ربّ ڪيا،

ٺرن اکيون عاشقين سڻيو معجزا.

 

معجزو نبي صلعم جو: مينهن وارو

(چيل هارون جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، آگو عليما،

خالق مالِڪ مُلڪ جو، مولو مختيارا،

رب پنهنجي نور مان، مُڪو مير محمّد شاهه،

رب ڄاڻي ان جي شان کي، ٻئي ڪنهن کي ڪَل نه ڪا،

واحد واکاڻي وڏو ڪيو، ڏيئي ڏات عطا،

معجزا سندس ملڪن ۾، پڙهجن روز پيا،

جي نه مڃينِ معجزا، سي ڪافر ڪل ڪٽا،

راوي روايت ٿو ڪري، ان پر بيانا،

ته هڪ ڏينهن مسجد ۾، ويٺو هئو مٺو محمّدا،

آيو اعرابي هڪڙو، بدوي بر منجها،

کَٿِي پُراڻي کيسري، پَرهڻ پراڻا،

ڪاري واري گَدِلي، پيرن کرڪِڻا،

ڪشيا ڪمر ڪنٺا، ساندارو سِيڻاهه،

گدلو بيک بَگرو، گڏيو غبارا،

پرڏيهون پينڙو، آهي اصل اصلا،

ڏسڻ ۾ ڏيساورو، مسافر مردا،

اُڀو پارَ پُڇي، نرمل نور سندا:

ڪٿي قريشي ڪارڻي، منهنجو مٺو محمّدا؟

تڏهن آيو آواز اهڙو مڪينن منجها،

ته حضرت جملي جماعت سان، آهي مسجد شريفا،

پوءِ هلي اعرابي آئيو، مهندان مسجدا،

در مهندان دانهن ڪيئين، ڦاٽو فريادا:

’اَغثۡني اَغثۡنِي‘ رسول ربّ جا، اَڙين اَڌارا:

سڻجِ منهنجي حال جو، مرسل! مذڪورا،

اَوسراڻ اوٽ ٿي، مند نه مينهَن وُٺا،

نڪو توشو توَڻ لاءِ، نڪو پاڻي پيڻ لاءِ،

نڪي اَنّ آب ڪي، آهي تنگي تڪليفا،

نڪي گاهه ڦُٽي روهه ۾، جو چرن چوپايا،

ڪنڌ ورائي ڪيترا، ويهي وڳِر رهيا،

تنگيءَ تنگ اُتاولا ڪيا، ماڻهو مَرن ٿا،

ڪتا ڪُهيو کين ٿا، ڍونڍ ڍورن جا،

آڻيو هڏا ڪٽيو، فاقي ڦڪين ٿا،

کامي وڻ کيريون ٿيا، ڏونگر ڏڙهه ٿيا،

آيس اوهان جي آسري، مٺا محمّدا!

من اسان تي مهر ٿئي، ڪا ٻانَهن تي ٻاجها.

ڏسي حال فقير جو، حضرت هٿ کنيا،

’اَلله اَغثنِي‘ چيائون هئن مُنۡها،

مولا! مينهن وساءِ، وهن پاڻي پٽن تان.

نڪو جهُڙ ملهار هو، نڪا ڪڪرن ڇانءَ،

هيو صاف سماءُ سو، ساوڻ سُڌ نه ڪا،

اُڀ گجيو گوڙ ٿي، ڪڪرن ڪار ڪيا،

مينهن مانڊاڻا ٿيا، ٿي بوندن بهارا،

گوڙون گجگارا ڪريو، ٿيون چمڪن چوڌارا،

واڄٽ ڪيو وسن ٿا، اچيو وڏ ڦُڙا،

هلي هوا حڪم سان، واڪا ڪري واءُ،

ڪڪر قطارون ڪريو، اچن اوهيرا،

جر هاريو وڄڙين، وريو اُتر واءُ،

جي ڏڙهه ڏڪار ساڙيا، سي پُسي پَٽ پيا،

مينهن مهري، بوند بحري، ڪري بس نه برساتا،

حڪم ساڻ هوت حبيب جي، ٿَر بَر سڀ وُٺا،

سي بند ڪيئن باري ڪري، جا گهُري گهوٽ دعا،

بُکيا هئا سي بدوي، سکيا سڀ ٿيا،

وُٺو هفتو سڄو، واهُڙ سڀ وهيا،

وري اعرابي آئيو، ٻئي جمع جوانا،

نائي ڪنڌ نياز سان، اُڀو سان اَدبا،

سرور سلام جهلي، پڇيس خاصي خبرا:

سچ ٻڌاءِ پَيَڙا، اَئين ڏونگر ڏيهه مٿا،

ڪي وسئينٌ، ڪي وڌئينٌ، ڪين سکيا سنگهارا.

سائين! سکيا سانگي ٿيا، ٿيا مُلڪ موچارا،

گهر ڪريا، ڀتيون ڀڳيون، ڇاڄا سڀ ڇڻيا،

پَسجن پيا پٽن تي، ساوڻ سڪارا،

سي سڀ ساوا ٿيا، ٿڙ تار وڻن جا،

کيريون، ٻيريون، کٻڙيون، گولاڙن گل ڪيا،

مرٽ مکڻو موڪ ٿيو، پچي پٽ پيا،

ڏجهو لٿو سڀ ڏيهه تان، جي بر ۾ بک مئا،

کير، کٽا، مکڻ، ماکيون، کائينِ ولهارا،

هاڻ وري امن ٿئي آگي جي طرفا.

تڏهن هٿ کڻي اُڀن ڏنهه، گهري گهوٽ دعا،

’اللّهم علينا حواعليناءِ‘ چيائين هئن مُنها.

قدرت سان ڪريم جي، ٿي صاف صفا،

ڪي ڪڪر ڪيڏانهن، ڪي ڪيڏانهن ويا، مِهر لٿي ملڪا،

جُهڙ لٿو ڊوهه ڦٽي، ٿيو صاف سماءِ،

اهڙا معجزا محمّد ڪريم جا، آهن ڪروڙين پدما،

هادي شاهه ”هارون“ کي، ڪر نعمت نصيبا،

چئو صلواتون نبي ڪريم تي، جو شافع روز جزا،

هلندا سي ايمان سين جي، ڪلمون چون مها.

 

لا اِلہٰ اِلاالله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: طعام جي برڪت وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

ستٽيهون معجزو لِکان، سو پڻ سڻيجاه،

ته جنگ خندق جي ڏينهن ۾، جڏهن هئا صحابي مڙيا،

ٿي ڪاهو ڪيائون تڏهن، تڪڙو تيز منجها،

حڪم موجب حبيب جي، وير نه ويسريا،

ڪنهن نه چکيو ٿي تن مان، کيڻ سندوئي ساءُ،

نه ڪنهن پيتو پاڻيءَ ڦڙو مومنن منجها،

اُڃ بک پيهي پيٽ ۾، منجهه هين ماڳ ڪيا،

پهڻ ٻڌائي پيٽن کي، صحابن صدِقئون ڪم ڪيا،

جانيون جُسسا پيش پرينِ جي ڪيائون قربانا،

اهڙا سچا سُپرين، صادق سونهارا،

جڏهن اهڙي حال ۾ ٽي ڏينهن گذريا،

تڏهن جابر پٽ عبدالله جي، جو صحابن منجها،

تنهن دعوت ڪئي رسول کي، پنجن جن، اصحابن سا،

هو ننڍو ڇيلو هڪڙو، سو ڪيائون ذبحا،

ڪا سو پيٺائون جَوَنُ جو ،جي ٻه ٽويا هتي جا،

تڏهن حضرت هلي آئيو، جابر جي گهر ڏانهه،

وڌائون لعاب مبارڪ پانهنجي، منجهه اٽي ۽ لحما،

چيائون بيبيءَ سهيلتہ کي، جا ڌيءَ مسعودا،

هئي حضرت جابر جي گهر ۾، انصارن منجها،

ته تون وهار پورهيتون، مانين پچائڻ لاءِ،

ٿيءُ هلاڪ مَ هيڪلي، پاڻهي ڪيم پچاءِ.

بيبيءَ ڪوٺايون مزدوريون، سڻي ايءُ ڳالهاءُ،

مانيون پڪائون، رهو رڌائون، تنهن اچي ماهه منجها،

تنهن پڄاڻا پيغمبر ميڙيا، مڙئي صحابا،

جيڪي هئا ان ماڳ ۾، حاضر تنهن ويرا،

هئو هزار هيڪڙو ماڻهن جو پورو لکن ٿا،

ڏهه ڏهه ڪري وهاريا، حضرت هيڪاندا،

ته وهن سڀئي سهنج سين، ڪامل ڪشادا،

جو ڏهه کايو ٿي اُٿيا، ته ويٺا ڏهه ٻيا،

تن مڙني اوباري ڇڏيو، کائي خوش ٿيا،

نڪي کٽو مانيءَ اَٽڙو، اڃا اُبريوئي پاڻا،

ماني وڌندي نه کٽي، کُهيا کائڻ وارا.

ايڏا فضل رب جا، مير محمّد سان،

خالق پنهنجي خليل سين، ايڏا ڪرم ڪيا.

 

  معجزو نبي صلعم جو: سمر ۾ برڪت پوڻ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

اسيهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

ته جڏهن هو جنگ تبوڪ ۾، سيّد سردارا،

چَوَن مهينو سو هو، سندوئي رجبا،

نائون ورهه هو نبيءَ کي، رهندي مدينا،

’تبوڪ‘ آهي ماڳ هڪڙو، منجهه ماڻهن مشهورا،

سو آهي اُتر پار ڏي، مديني ڪنا،

قدر چوڏهن منزلن جو، آهي پنڌ پارا،

جا هئي جنگ ان ماڳ ۾، تبوڪ جنهن جو نانءُ،

تنهن ۾ اچي سمر ٿيو ٿورڙو، سڀني صحابين سان،

تنگ ٻڌائون پيٽن کي، کيڻ واٽ نه ڪا،

اچي گهريائون موڪل تنهن ۾، انهن ڏينهن مير محمّد کان،

ته هوند ڪُهي اُٺن کي، ڪجي قُوت تئا،

حضرت حبيب تن کي، ڏني موڪل مهر منجها،

تان اچي حضرت عمر عرض ڪيو، يا رسول الله!

اوهين دعا گهرو مڙني جي حق ۾، موليٰ جي درا،

ته سمر وَڌي تن جو، برڪت ٿئي بها،

تڏهن وڌي نَطع پکيڙي چم جي مير محمّد شاهه،

چي، آڻي وجهو هن نَطع ۾، اوهين پنهنجا سمرا،

ڪنهن آندو چيڻي چرون، ڪنهن ڳڀو مانيءَ منجها،

ڪنهن وٺي مُٺ کارڪن جي، آڻي رکي اڳيا،

سمر اصحابن سين، وڃي ايڏائي رهيا،

پر صبر ڀريا سپرين، صادق صحيح سچا،

جڏهن مڙني سمر پنهنجو، پڌرو ڪيو پيدا،

تان سو پڻ سڀئي ٿورڙو آهي قليلا،

تڏهن حضرت هٿ کڻي، گهري دعا ڌڻيئا،

ته موليٰ! برڪت وجهه مون ڌڻي، منجهه سمر صحابنئا،

تنهن کان پوءِ چيائون سڀن کي، نرمل نور هديٰ،

ته، اچي باسڻ پنهنجا ڀريو نطع منجها،

سڀڪو کڻي سمر اُو، جيڪي جنهن سُهاءِ،

تڏهن ڀيڙي صحابن ڀريا، سمر بڊوڪا،

سي هئا سترهن هزار ماڻهن، سچا صحابا،

کڻي کُهيا مڙيئي، تان پڻ ٿيو اوبارا،

باسڻ ڀريائون سڀئي، تان منجهس کوٽ نه ڪا،

تڏهن مومن منجهه، پيراهن وجهڻ لڳا،

تان پسي تن کي، مرڪيو مير محمّد شاهه،

پاٻوهڻ پرين لڳا، ڪر کٽڻهار کِڙيا،

تنهن ساعت فرمائيو، مرسل مهر منجها،

ته جن چيو ڪلمون، منجهان ويساها،

ڄيرو نه ڇهندو تن کي، سي سڀيئي ڇٽندا،

پسو پاڪيزي پرينءَ جا ههڙا معجزا،

سدا شاهه شفيع جي ڪجي ساراها.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله


*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد، سن 1950ع  تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

(1)  ڌڻي! اسان جي آسپاس مينهن وسندو رهي، ليڪن في الحال اسان تي نه وسي.

* هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان عبدالرحمان ميمڻ کان ملي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

*هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد، سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاِءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سنڌ، سن 1950ع کان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org