سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :17

معجزو بادشاهه پير رحه جو: ٻڏل ٻيڙو تارڻ وارو

(چيل  جمعي جو )

وڏائي وڏي، گهڻو جڳائي کي جليل،

پاڪ پيارا پانهنجا، خلقيا جنهن خليل.

نِرتئون نبين کي، معجزا مُڪائين،

ڪرامتون ولين کي، ڏاتيون ڏنائين.

سچو سڀ جهان ۾، نبي نرمل نُور،

ڪوڙين جنهن جا ڪيترا، ٿيا معجزا مشهور.

ڀلا بعد نبيءَ جي، سچا صحابي،

صادق سونهائيندڙ سپرين، هدايت هادي.

حَسن مير حُسين کي، ڏات ڏني ڏاتار،

ڌڻيءَ جي درگاهه ۾، جي آهينِ عزت دار.

منجهان اولاد حسن مير حسين جي، پَرمل ٿيو پيدا،

تنهن سُڻو وڏي پِير جي، ڪامل ڪرامتا.

ڪتابن اندر ڪيترا، ناقل نقل ڪن،

منجهه مناقب غوثيہ، لِکڻهار لِکن.

ڪامل ڳالهه ڪتابن ۾، هيئن ٿا آڻينِ:

ته ڪرامت ولين جي، سدا سا آڻينِ.

”مَن اٰمَنَ بِڪَراماتِ الۡاَ ؤلياء،

فَقَدٌ اٰمَنَ بِمُعجِزاتِ اٌلۡاَ نٌبِياء“.

مٿي ڪرامت ڪاملن، اِيمان آندو جن،

سي ڪر وِسُوڙا سچ سين، مٿي معجزن.

ڪراماتون ولين جون، منڪر جي نه مڃين،

ڪنا معجزي نبين جي، ڪر مُنهن سي مٽائين.

ڪرامتون قطبن جون، جن ۾ شبهو نه شڪ،

وسهي جو نه وليَّن کي، سو موذي منافق.

ڪرامت ڪارڻ ولينِ، خالق خلقي آءِ،

مولي ڪيا معجزا، نُور نبيءَ لاءِ.

قادر ٿو قرآن ۾، سين فضل فرمائي:

”ذالِڪَ فَضل الله يُؤتِيہِ مَنۡ يّشاءُ“ اِيُ اِشارة آهي.

واحد واٽون جن کي، سَنيُون سُونهائي،

ڪير آهي ڪٿهين، جو تني منجهائي.

سڻو وڏي شيخ جو، اِيءُ ڀلائيءَ بيان،

قُطب جو ڪامل ٿيو، ظاهِر منجهه زمان.

مڙنئون مٿاهون گهڻو، مَرتبو ميرانٌ،

عالَم ۾ اِظهار ٿيو، سچو سِرُ پيرانٌ.

مٿاهون مڙني پَرين، رُطٌب رباني،

محبوب مشفق مجتبيٰ، سچو سبحاني،

غوث گوهر گُل سو، صادق صمداني،

شاهه سيّد سلطان سو، عبدالقادر جيلاني.

فائق فضيلت اڳرو، شاهه سچو ساداتي،

بخشئين تنهن بزرگ کي، قادر ڪمالاتي.

جِت ساريو، تت سُڻي، رسي سُڃ رُڃ سماوات،

حاضر حضرت پِير جي، مدد موجودات.

معراج مير مصطفيٰ، جڏهن هاشمي هليو،

مَلڪ محمّد ڄام کي، وٺي وحيُ ويو،

اَحمد آسمان جو، سرور سَير ڪيو،

”فَڪان قابَ قَوسَينِ اَواَدنيٰ“ اِتي راهه رسيو.

چيو محمّد مصطفيٰ، پڻ پيغمبر پاڻ.

”لِي مَعَ اللهِ وَقٌت لا يَسَعُنِي فِيہِ مَلڪ

مُقَرَّب وَلانَبِيُّ مُرسلُ“ اهو تنهن اُهڃاڻ.

ته هو هيڪڙو گڏيو، مون کي اُن مڪان،

جِت نبي مرسل نه هو، نه ڪو مقرّب مَلَڪان.

ري بزرگيءَ ربّ جي، جِت ٻيلِي ناهه ٻيو،

پيش پيغمبر پاڪ جي، اُت ظاهر ظهور ٿيو،

ذڪر سو ذاتيءَ سين، جوهر جرڪيو،

سچو صورت مور جئن، نِرمل ٿي نڪتو،

ڪنا قُبي قدرتي، پيدا پاڪ ٿيو،

درگاهه ۾ ڌڻيءَ جي، تڏهن پيغمبر پُڇيو:

ڪامل آهي ڪير هي، جو هتي حاضر آهه؟

پَسيو پيغمبر، پِير کي، صاحب ڪري ساراهه.

تڏهن ڪنا بزرگيءَ ربّ جي، هيءَ اِشارت آئي،

ڏني محمّد مير کي، واحد وڏائي:

ته هيءُ فرزند تنهنجو، آءٌ اُپائيندو،

دين تنهنجو دائما، جُنگ هي جياريندو.

عبدالقادر اِن جو، نالو آهي نرمل،

ٿيندو سونهن سڀن جي، قُطب اِيءُ ڪامل.

معنيٰ موجب مرتبي، جڏهن سيّد سُئو سوال،

سَرهو سَرور سپرين تڏهن، کِلي ٿيو خوشحال.

۽ پڻ جڏهن قدم ڪارڻيءَ، رکيو مٿس رسول،

پوءِ فرمايو بادشاهه، منهن منجهان مقبول:

”قَدَمِي عَليٰ رَقٌبٖتَڪ وَقَدٌ ماڪَ

عَلي رَقَبَةٖ ڪُلّ وَلِيّ الله تَعاليٰ“.

جئن مون رکيو تو اُتي، قدم، قادر پير!

مٿي گردن تنهنجي، جيلاني جَهَنگِير!

تئن هوندو قدم تنهنجو، سڀني سِر سُڌير،

جيڪي ولي الله جا، پوءِ پيدا ٿيا پِير.

اسان کي اِن ڳالهه جو، جهجهو آهي يقين،

سُهاڻون سبحان کي، عبدالقادر اَمين،

لقب لائق تنهنجو، مَرڪڻ مُحي الدين.

ڪري ڪميڻن تي قادري ڪرم،

جياري جَڏن کي، گوندر لاهي غم.

سَنبَهي هليو سير تي، ڪڏهن قادر پِير،

ڪاهي ڪناري آئيو، جِت نرمل وهي نِير،

اَچي ڪنڌيءَ آب جي، ويٺو ورنَہ وِير.

تنهن درياء ۾ درد جي، لهر ڪري لَلڪار،

اچي آواز عشق جو، جوش جر منجهارا جار.

اندر عشق عارفن کي، جهڙو ٿئي جوش،

پاڻيءَ مان پيدا ٿيو، ايءُ حقيقت جو هوش.

آهل عارف عشق جا، جيئن ذڪر ذاتي ڪَن،

درد منجهارا درياءَ جي، هيءَ آواز اَچنِ.

ڪا گذري ڪيتري، اُتي ويٺي وارَ،

تان آئي عورتن جي، ڪنڌيءَ تي قطارَ.

اَچي منجهان آب تنهن، گهڙا ڀريائون،

ڪُوزا وڏي ڪوڏَ سين، کِلي کنيائون.

ڪناري ڪنڌيءَ کان، موٽيون مڙيئي،

گهڙا کڻي گهر ڏانهن، سِريون سڀيئي.

ٻيون ويون نڪري، گذري گَس مٿان،

هئي باقي هيڪڙي، تا پي تن منجهان.

تنهن گهڙو لاهي رکيو، پَٽ ۾ پنهنجو پاڻ،

اُڀِي ڪري اُتَهينِ، هَي هَي، حيرت ساڻ.

پَچي لُڇي پارَ کڻي، روئي رنجائي،

ڪو جو ڦَٽ فراق جو، اَندر تنهن آهي،

دائم درد دل ۾ گهيرو ڪيو کانئي.

واڍوڙِي واڪو ڪري، من منجهارا معمور،

اَچي چِڪيس چِت ۾، سپريان جا سُور.

دانهون ڦَٽ فراق جي، ڪري ڪوڪارا،

ٻاڪاريو ٻانهُون کڻي، سنڀاريو سڄڻا.

ڪنا جوش جگر جي، اُڀِي ڪري آهه،

سُئِي وڏي شيخ تنهن، درمانديءَ جي دانٌہ.

تڏهن پڇيو پِير مريد کي، ته عورت آهي ڪير؟

روئي جا ريهون ڪيو، ويچاري هن ويٖر.

پَچي ۽ پار کڻيٖ، ڪارڻ ڪڄاڙي؟

ڪِه گهڙو ڀڳو اُن جو، مَڇڻ ڪنهن ماري،

ڪارڻ جنهن ڪري گِريو، هَي هَي هنجهون هاري،

حقيقت هن حال جي، ڪو اَسان اُچاري.

تڏهن مريد محي الدين کي، اُڀو چوءِ اِينٌءَ:

ته آهي خبر اُن جي، سڀڪا اسان سِينٌءَ.

گهڙو ڀڳو نه اِن جو، نه ڪنهن رنجايوس،

هوس سُور سرير ۾، اَچي سو اُڌڪيوس.

ڪهڙي ڪريان ڳالهڙي، سندي اِن جي سُور!

ماري محبوبن جي، چِت چيري ڪئي چُور،

يعقوب کي يوسف جو، جئن گهَٽ ۾ هئو گهور،

اِنِهائين عظيم گهڻو، هن کي آهي هور،

ڦوڙائي فراق جي، ڪئي ويچاري واڍوڙ.

پُٽڙو  دنيا دار ۾، هيڪڙو ئي هوس،

ڏک گُذاري ڏينهڙا، سو ننڍو نپايوس.

سانڍي وڏيءَ سڪ سين، ڪيائين جود جواڻ،

وهانءُ وڏيءَ اُميد سين، پُٽ جو ڪيائين پاڻ،

سَرهي ٿي سَرير ۾، کلي خوشيءَ ساڻ.

ڳائي ڳِنهي هِلي، جنهن وير گهوٽ، گهَران،

تاڻي آيا تَڙ تي، ڄڃ سين ڄاڃيئڙا،

ٻيڙيءَ ۾ ٻارن سين، چڙهيا چِتائي،

ڪري آس الله ۾، اُسهيا اُهرائي.

تاڻي تِتي رسيا، هُيَن جِت حاجت،

گهوٽ ڳارائي گڏيا، ڪامل ڪرامت.

سڀئي سرها ٿيا، ڄاڃِي ۽ ماڃِي،

ڏني تن ڏسي ڪري، عزّت آڳانجهي.

دهل دماما نَقرا، واڄٽ سڀ وڄيا،

دعا پيئي دوس جي، پرڻيو سو پِريان.

موٽيا سيڻنِ مڙيئي، نِکيڙي نِرمل،

ڳِنهي ڳارائي آئيا، ڪنڌيءَ تي ڪامل.

اَچي جُنگ جهاز ۾، چڙهيا چڱيءَ پَر،

موٽي ٿيا مهراڻ تي، سڙهه اُڀاري سَر،

تان قضا جا قهار جي، اَصل هئي اِن پَر،

ملاح مهاڻا ناکئا، ٻيڙيءَ ڀَڀر ڀَر،

سَرتَن ماڻهو سڀيئي، جَري وئڙو جَر،

ڪنہ جنهن وير ورُ پيو، تئن گهوٽ نه آيو گهر.

لهرن لهوارا ڪيا، سَرتن سڙهه سُکاڻ،

ڪو نه ڪنهن کي گڏيو، ماڻهو ۾ مهراڻ.

وِير وڇوڙيُون، واءَ نِيون، اوليون ۽ اَسباب،

ڇَڇر ۾ ڇوليون، اَندر اُچائيون آب.

نِڪُونج ۾ نانٌهه ٿيا، ڪنهن جنهن چَريا،

سٽاڻي سمونڊ جي، ڏونگر منجهه ڏريا،

اَصل هئا اُن جا، پُنان ڏينهن پريان.

جُڙيو اُنهيءَ جوءِ کي، ڪو تختو ۾ تار،

جنهن تي لنگهي لهريون، اچي پيئي پار.

اَڌڪا هئا ان جا، دنيا ۾ داڻا،

تيلانٌهه وِرهه وجود ۾، ڪيس سُورن سٽاڻا،

جيئڻ زحمت جهڙو، پِرينِ پُڃاڻا،

ساريو سپرين کي، پچي پئي پاڻا،

جَونٌرا انهيءَ جوءِ جا، کُوري جئن کاڻا.

دانهون ڪري درد جون، هُل ڪري هَي هوءِ!

ڪِريِ ڪوڪاري پئي، واڍڙِي ووءِ ووءِ،

ڪنا جوش جگر جي، ريهُون ڪيو روءِ،

مريد محي الدين کي، اُڀو ائين چوءِ.

تڏهن پِير پروڙي ڳالهڙي، ٻهڳڻ ٻاجهائِي،

هئي تنهن جي حق  ۾، ڪا چوڪس چڱائِي،

چي، دلاسي جِي دل ۾، اُن کي وارِي ڏيو وائِي،

ته سَنئين ٿيندي سڀڪا، ٻول مَ هاڻي ٻائي!

اُڀو آڇي اُن کي، مريد موچارِي:

ته ڪندو قادر تنهنجي، سڀڪا هاڻ ساري.

تڏهن ڏُکي ڏُسڪڻ آئيو، ماٺ ڪيائين مَنِ،

سُڻي وڏي شيخ جو، اِي ڪلام ڪيائين ڪَنِ.

ماٺ آندائين من ۾، صبر ڪيو سڄاڻ،

جوش جهليائين جيءَ ۾، پروڙي پرياڻِ.

تان درمانديءَ درياءَ ڏانهن، ڪئي نار نهارَ،

ڪيائين ڪُنن جو چارِيَپو چوڌار،

تان نه ڪو سڏ نه مُڏُ ڪو، نه ڪا تارتنوار،

ڪري وؤڙ وياءَ جي، ٻَر ٻَر ڪيو ٻاڪار،

جيلانهه بِرهه بيگاني ڪئي، تئن ڪُٺي ڪري ڪوڪار،

ميران سُئي مُنڌ جي، ترت سا تنوار.

تڏهن آيو تنهن آن ۾، جذبي منجهه جَبر،

شيخ، صاحب تي پانهنجي، ڪيو ڏک ڏمر.

ته ڌَڻيم! تو درگاهه ۾، ڪيم سوال سوير،

سو موليٰ! منهنجي ڪم ۾، وڏي لايئي وير.

تڏهين هاتفي حُضور ۾، اِيءُ آواز آيو،

سونهاري شيخ کي، موليٖ فرمايو:

ته قدرت هر ڪنهن ڪم ۾، آهيم سگهه سڀڪا،

جيڪي گهران سو ڪريان، پلڪ ۾ پيدا،

عرش، فرش، ڪرسي، مَلڪ محفوظا،

بر، بحر، باديون، سج چنڊ ڪتيون تارا،

حڪم حڪمت وچ ۾، ڦيريم درستا،

ستين ڏينهن سڀئي، هي جُڙي جمع ٿيا،

۽ جي گهران ته ڪريان، هوند لحظي منجهه لمحا.

پر ٻيڙي ٻڏي ان کي، ورهيه ٿيا وِيهه،

جَر ۾ هن جهاز جي، آهي حقيقت هيءَ:

ماڻهو کاڌا مَڇين ۽ مُڇيون پڻ مڇين،

گڏجي گوڙ ٿيو، هيڪڙا منجهه ٻين.

رسا، سڙهه، سُکاڻ سين، سڙي سڀ ويا،

ڪيِرَ ڪات ڪُن ۾، ڀڄي ڀور ٿيا،

ويا گڏجي وِير ۾، ڇَر تِکيءَ ڇَڙيا،

لهر لهوارا ڪيا، ماري ملاحا،

ٿيو تني جو تڪيو، منجهه اندر اوڙاها،

ڪيا گهوٽ ڪُنن ۾، لهرين لهوارا،

اُجهيا اُت اوڙاهه ۾، پُرس پاڳارا،

ڀُرِي سَڙِي ڀور ٿي، وِيا ويچارا،

منهنجي علم قديم کي، آهي سگهه سڀڪا،

تيلانهن تن کان، مون واري وٺايا.

وِرمِي وڏا شيخ! تون، تحمل ڪر تيسين،

ٻهڳڻ! ٻيڙي  نڪريٖ، جَر منجهان جيسين.

اڃا گهڙي اُوءَ هئي، تان ظاهر ٿيو جهاز،

سِرَ سلامت سڀئي، اوليون ۽ اَسباب.

نَنگر ناکُئا ناريون، لُڏن لاڄُون لال،

ذرو ضايع نه ٿيو، منجهان تني جي مال.

نغارا ۽ نوبتون، ڇِڻن ڇِڻڪَن،

آڻي ڪنڌيءَ اُڇليا، پڳهه وڌا پِرين.

جنهن ٿي رُنو رت گاڏئون، ٿِي سرهي سا،

ڪيو فضل تنهن سان، مولٖي مهر منجها،

ڀلي برڪت پير جي، مڙئي محبوبا،

ويس گُوندر گذري، ڇُٽِي سُورن ئا،

مٿان مُنڌ معاف ٿيا، اَندوهه اولاڪا،

ڏک ويس ڏيل جا، گوندر گهَٽ منجها،

سبب وڏي شيخ جي، مڙئي مقصودا.

ماڻهو سلامت مڙيئي، مهاڻا ملاح،

سامونڊي سرها ٿيا، ويس ڪيائون واهه.

سيڻ سامونڊي آيا، وکر وڻجارا،

ڏسيو ٺرنس اکيون، پسيو پيارا،

مِڙيا محب منڌ کي، جانب جِيارا،

تان ته آهي آسرو، وڏو ان وِيرا،

جئن ڪندا ڪميڻن تي، برڪت ڀليرا.

ميران! مون مريد جو، صاحب سُڻ سوال،

گولي هن غريب سين، ڪر ڀلا! پنهنجو ڀال،

قُطب! ڪر مقبول تون، سائل جو سوال.

ميران! ڏئين مُريد کي، دلبر دلداري،

”جمعي“ هن ضعيف تي، ڪر مهر موچاري.

عقل نه آهي ايترو، مون کي مورائين،

ته ڪريان تنهنجي قادري! ڪا تعريف توڙائين.

مون کي نه هئي مُورهين، اِيءَ تڪ سندي تدبير،

پر اَمر مون کي اُن ڪيو پوٽا تنهن جا پِير،

تن برڪت ڀلارن جي، هنيون سندم ٿئي سُڌير.

موچارو محمّد تقي، ٻيو شفيع شاهه سادات،

بخشي بزرگن کي، قادر ڪمالات.

مُنهن موچارا مير سي، نوراني نرمل،

جهَرڪن جوهر جهڙا، رحمت رنگ رتل.

ڀلا! ڀلائي پانهنجي، ڪامل ڪجائين،

گهوٽ!گوندر گهٽ جا، لاکيڻا! لاهين.

کلن مرڪَن مجتبيٰ، صابِر پير سچار،

خوش وقت خوش حال سي، سڄڻ سڀ ڄمار،

جان ڪي تان ”جمعون“ چئي، اهڙا جن آچار،

سي هئونِ هِتهِين سپرين، دوس مَ ٿين ڌار،

اي اُپائيندڙ عالم جا، خالق خلقڻهار!

موليٰ مذنَبِينَ جا، سڻي سَڏ ستار!

ميڙيٖين محمّد مير سين، ڏيہ ڌڻي ڏاتار!

ساڻ مِڙن مومنن جي، ڪن ڪلمي جي پچار.

 

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو بادشاهه پير رحه جو: ٻڏل ٻيڙو تارڻ وارو

(چيل نور محمد ”نورل“ جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، جو آهي ربّ رحمان،

مولي ملڪ وسائيو، جوڙيو جڳ جهان،

نبي خلقيائين نور مان، جو آهي ضعيفن ضمان،

حَسن مير حُسين جي، وڃان قدمن تؤن قربان،

مريد آهيان محي الدين جو، جنهن جو مولي وٽ آهه مان،

سڻو معجزو تنهن جو، جيڪو آهي جيلاني جوان،

بغدادي بغداد ۾، آهي سونهارو سلطان،

هاڻي راضي ٿيو رحمان، جو هليو سيّد سمنڊ ڏي.

 

هليو سيّد سمنڊ ڏي، جڏهن روح ڏنو رايو،

اتي دانهون درد مان ڪري، هڪ ٻانهيءَ ٻاڏايو،

اچي عرض اگهايو، مولا! هن مريدياڻيءَ جو.

 

ٻڌي ڪيهان ڪنڌيءَ تي، ڪامل اوڏهين ڪاهيو،

سڏايو محي الدين مائيءَ کي، ”سڄو حال سڻايو،

ڪڄاڙو پئي آيو، دردي دانهن درياءَ تي؟“

 

چي، دردي دانهون درياءَ تي، تن سان تنهنجو ڇا؟

هتان ڪيئي قطب لنگهيا، پڇا نه ڪيائون ڪا،

هليا ويا دڳ پانهنجي، نڪي ڪڇيا نڪي پڇيا،

هاڻي اٿم اميد اها، ته ڪنديس مذڪور محي الدين سان.

 

ڪندينءَ مذڪور محي الدين سان، تنهنجا ڪم مڙيئي ٿيا،

درد تنهنجي دل جا، لهي سڀ ويا،

جڳ جهان ۾ مانٌ کي، محي الدين چون ٿا،

هاڻي مائي! اٿئي مهل اها، ڪر حقيقت حال جي.

 

ڪريان حقيقت حال جي، سڻ تون بادشاهه! بيان:

مڙس ته ويم اڳ ۾ مري، جنهن جو اندر ۾ ارمان،

باقي پٽ هئم هيڪڙو، پيريءَ ۾ پهلوان،

ڏسان ڪو نه انهيءَ جي، روءَ مثل، رحمان!

سو نپائي ”نورل“ چئي، ڪيم جنگ جوان،

شاديءَ تِنهن جيءَ جو ڪيم، سودو گڏ سامان،

ڪوٺان ڏيئي آيو قرب مان، کلندي کلندي خان،

جڏهن راضي ٿيو رحمان، تڏ ٻيڙو ٻهگڻ ڇوڙيو.

 

ٻيڙو ٻهڳڻ ڇوڙيو، اڳيان ڪڙڪو پوي ڪُنن،

جنهن ۾ دهل دماما ڌُو ڌُو، ٿا وهه واهه وڄن،

چانور سڳداسين جون، ديڳيون ڌڌڪا ڏين،

وڃي پهتا پرينءَ ڀر، ٿيو راضي ربّ مٿن،

چڙهي چانگن مٿي، هليا منجهان هيجن،

سي اُٺ ڀٽارا، پڇ ٻهارا، گونگا گوڙيون ڪن،

وڌائون پلاڻ اٺن تي، جن جا کُر نه کڙڪا ڪن،

ڪڙن ڪجاوا، ٿيا سجاوا، ڇيريون ڇمڪا ڏين،

ٻيون مهارون لعلن واريون، ٿيون لاٽن سان لڙڪن،

اڳيئون گوربند، پويئون پتنگ، ساڻ جهوڙن ۽ جهاٻن،

جوڙيٖ سين جوڙ، ٻڌس موڙ، گهورون گهوٽ پون،

لاتئون ميندي مير کي، ٿا سڳڻ ساٺ ڪرن،

پڙهيائونس نڪاح ”نورل“ چئي، کارڪون خوشيءَ ورهائن،

وجهي ڪنوار ڪَجائي ۾، وريا ڏانهن وطن،

جڏ چڙهيا ٻيڙي ۾، جهولو جهڪ لڳن،

آئيا اڌ سِير ۾، ٻيڙو ٻڏڻ لڳن،

سڏ ڪيائون سائينءَ کي، ڪڍ منجهان هنن ڪُنن،

پر گهڙي منجهه کِن، پيهي ويا پاتار ۾.

 

سائين! پيهي ويو پاتار ۾، سو ويو ڪيئن ورندو؟

ايندو موت مٿي تي، سڀ کي نهوڙي نيندو،

پير، فقير، اولياءَ، ڪنهين نه ڇڏيندو،

ڪئين قطب، بادشاهه، هت رهي نه رهندو،

رهندو نانءُ الله جو، ٻيو هر ڪو هتان هلندو.

هاڻي تختو ڪئن ترندو، جيڪو پرزا ٿيو پاڻيءَ ۾!

 

پرزا ٿيو پاڻيءَ، سڄو ڀَڄي ويو ته ڀُري،

پر مائي! محي الدين آهيان، لهندس ڪل کوٽي کري،

ڦوڙائي فراق ڦٽ ڪيا، ويا تنهنجا ڳچ ڳري،

”نورل“ چئي تنهنجو نور ويو، جنهن سان جان جڙي،

خدا ڪندو کري، ته ٻيڙو ترندءِ ٻاجهه سان.

 

الاهي توهار ڪري، محي الدين ڪئي مدد،

آهي وڏي ڳالهڙي، ٿي حد کان آهي حد،

اي اَللهُ الصَّمد! ڏجان ياري يار کي.

 

پيران پير پرت مان، ڪئي الله توهار،

الله کي عرض ڪيائين، ياري ڏي تون يار!

آهي ڪو اڙانگو ، پر ٻڍڙيءَ ٻيڙو تار.

مولا چيو، محبوب منهنجا! آهي هيءُ لاچار،

ٻارهن ورهيه ٿيا، ٻيڙي ٻڏي، ٿيو سڀ ڌارو ڌار.

 

جانب چيو جذبي مان، ڪيئن چوائين يار؟

ڪم پيو آهي قسمت سان، سو به ڪرين ڪن لاٽار!

ڪر مدد منهنجا پرين! درس آهي  درڪار،

تون ٻاجهه ڪر ٻڍڙيءَ تي، جيڪا روئي زارون زار،

ٻيڙو ٻڏي ويو ٻار  سان، پِٽيو ڪڍي پئي پار،

اي سائين سميع ستار! ٻيڙو تارج ٻاجهه سان.

 

محي الدين کي مام ۾، ٿيو اهو اشارو،

آهي ڪم ڏکيو ڏاڍو، پر تنهنجي توبهه تڪرارو،

رضا تنهنجي مان مڃي، هاڻ ساٿ ڪڍان سارو،

پرزو پرزو پاڻ ۾، ٿئي ملي مانارو،

هاڻي آهين وس وارو، ڪل اختيار ڪيم تو سندي.

 

ٻڌي حقيقت حال جي، ڪئي خوشي پيران پير،

ڏنائين دلاسو ٻڍڙيءَ کي، ته نار وهاءِ نه نير،

تو کي صحيح سلامت پٽڙو، ڏيان ٿو سرت سڌير،

پيءَ کنڊون ۽ کير، جو ويندينءَ ڄڃ سان ڳوٺ ڏي.

 

اهي اکر ٻڌي ڪري، ٻانهيءَ ٻاڏايو،

چي، الله واٽ اوهان کي، مون ٿي آزمايو،

هاڻي دير نه ڪريو دادلا! منهنجو پٽڙو جيوايو،

الله سائينءَ اوهان جو، سڀ رکيو آ رايو،

هاڻي سيگهه ڪري سعيو، ٻيڙو تارج ٻاجهه سان.

 

ٻڌي حقيقت حال جي، سائين گويا ڪئي گفتار:

دير نه آهي ٻڍڙي! آهي ڪم تيار؛

حڪم ڪيائين پاڻيءَ کي، ته هٽي وڃ هڪوار،

ٻاهر ٻيڙو آڻ تون، تامّل ڇڏ تڪرار.

 

اهو آواز ٻڌي ڪري، اندرئون آئي تار،

ته حاضر آهيان حڪم ۾، دير ڪريان نه وار،

هيءَ امانت اوهان جي، حاضر آ سردار!

سڀئي صحيح سلامت آهن، نقصان ناهي وار،

ڏس، آگي جا اسرار، جو ٻيڙو تريو ٻڍڙيءَ جو.

 

معجزو هي محي الدين جو، ملڪن ۾ مشهور،

ٻارهن سالن جو ٻڏل ٻيڙو، تاريو پيران پير،

منڪر مڃين ڪينڪي، خارجي خنزير،

”نورل“ نماڻي کي، ثابت لنگهائجان سير،

هوندن ساهه سڌير، ويندا جي ايمان سان.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو بادشاهه پير رحه جو: ٻڏل ٻيڙي تارڻ وارو

(چيل پانڌي آريسر جو )

ڪُلُّ شَيءِ قَديِرُ قوِي، قادر قدرتن،

جنهن جوڙي جڳ راس ڪيو، مالڪ سو ملڪن.

مير محمّد مصطفيٰ، اجهو عاصيئڙن،

يار اصحاب تنهن جا، ۽ پيارا پنجتن.

بغدادي ڀلارو، اولاد امام حسن،

معراج رات رسول جي، جنهن قدم جهليو ڪلهن،

مهندان محمّد تنهن کي، چيو اهڙن اکرن،

ته، منهنجو قدم تو مٿي، تنهن جو ڪل ولين.

سو سڳورو سير ڪندو، آيو درياءَ جي ڪنڌين،

حضرت پير محي الدين، هو گڏ محب مريدن،

تان اُت ڏٺائون عورتون، سڳر سانگ سندن،

گهڙا جن جي مٿي تي، پاڻيءَ لاءِ پُرن.

تن ۾ عورت هڪڙي، جا ڏکوئي ڏکن،

درد ناڪ درياءَ تي، ڪئي ديواني دردن،

روئندي آئي رت ڦڙا، ٽهه ٽهه نيڻ ٽمن.

تڏهن مرشد پڇيو مريد کان، ته ڪهڙي هيءَ سببن،

ٻيون وڃن ماٺ ڪريو، هيءَ مري منجهه مامرن،

روئي ٿي ريهون ڪيو، ڪر ڏونگر ٿا ڏرن،

اوهين پڇو ان عورت کان، تو کي ڪهڙا پور پون؟

تڏهن هلي آيو هڪڙو، منجهان خاصو خليفن،

ڏي تون کولي خبرون، روئين ڪهڙن سببن،

ڇو روئين ڇا ويو تو کان؟ پر مل پاڻ پڇن،

جنگ جيلاني جڳ جا، ٿا سڪا ساوا ڪن،

مئا جياري، ڏک ٽاري، وڃي وڇوڙو ورهن،

تون هلي حقيقت ان سان، ڪر ساري سڀ سورن.

تڏهن هلي ٻڍڙي آئي، اڳيان عجيبن،

هٿ ٻڌي حاضر ٿي، اچي سان ادبن،

پائي پاند ڳچيءَ ۾، ڪري مٿي قدمن،

مرشد! مون مسڪين سان، وڏو ٿيو ويڌن،

پٽ پيارو هڪڙو، هو منهنجو ٺار اکڙين،

اُن جي مون شادي ڪئي، درياءَ جي هُن ڪپن،

ڏاڍي ڌامن ڌومن سان، ڄڃ هلي ڄاڃن،

وڃي چڙهياسون ٻيڙيءَ تي، ڏئِي پتڻ پاتڻين،

ڄڃ ڄاڃي رسيا، ساجهر ساهرن،

موڙ موچارا منهن تي، ڳاچ چڱا ڳائن،

گهوٽ ڪنوار گڏيا، لائون لال لهن،

لاڏو لاڏي راتڙي، ويٺا مٿي سيجن،

موڪل وٺي محبت سان، شوق گهڻي شغلن.

اچي چڙهياسون ٻيڙيءَ تي، ورندي واٽ پڇن.

پيدا ٿيو اُت اوچتو، طوفان ڪو طرفن،

تنهن ڇڪي ڇنو ڇوهه مان، پرزا کان پرزن،

ڦرهو نه گڏيو ڦرهي کي، ڇڄي ٿيا ڇيتين،

ٻڏي ٻيڙو ويڙو، غرق ڪو غوطن،

جدا ڦرهو هڪڙو، ٽُٽو ڪو ٽوٽن؛

آءٌ هيس ان ڦرهي، جتي لهريون لک لڳن،

تنهن اڇلي اول پتڻ ڪيو، ٽولي منجهه ٽڪرن،

جيئري جاڳندي آءٌ، وري آيس وطن،

لکيل سور سرير ۾، ڪٺيءَ جي ڪرمن.

هاڻي ڪر عرض الله کي، داور جي درن،

ڏيکار ڪرامت ڪامل پير! ڀل سارا لوڪ سڻن،

ڪڍ ٻيڙو ٻاجهه سان، هاديءَ جي حڪمن.

تڏهن آيو جوش جذبو، هڪل ڪئي هوتن،

ته، ور ٻيڙا ٻاهر اچ! باريءَ جي برڪتن،

جئن چون تئن ڪري، راضي رب مٿن،

”اِنّ اَولِيائي تَحتِ قَبائِي“ پرور جي پوشن.

تڏهن نڪري ٻيڙو ٻاهر ٿيو، ويل ويهن ورهن،

صحيح سلامت سڙهن سان، وڄندو سان واڄن،

تڪڙو تري آئيو، منجهان اونهن عميقن،

جي ماڻهو مڇين کاڌا، مڇيون کاڌيون به مَڇين،

طاق تختا ٻيڙيءَ جا، گڏيا مٽيءَ ساڻ مٽين.

محابو محي الدين جو، رکو مالڪ الملڪن،

ماءُ پٽ مليا پاڻ ۾، لٿا گوندر غريبن،

ماءُ پٽ گڏيا پاڻ ۾، ويا وڇوڙا ورهن،

ماءُ ڏاڍي خوش ٿي، جنهن جي دل ۾ دهل وڄن.

اهڙيون ڪرامتون بغدادي جون، ڏيهان ڏيهه سڄن،

ديني نغارا نر جا، هر هنڌ ٿا هُلن.

ڪڏهين ڇڏيندو ڪينڪي، ڪندو مدد مريدن،

مهر ڪر مون مسڪين تي، جئن ڪيئي ٻاجهه ٻڏن،

ڀَلي واکاڻ ڀَلن جي، سدا قرب ڪجن.

اڻ ڄاڻ ڄٽ ”ڄارڪيءَ“ ۾، ”پانڌي“ نام ڪهن،

”پانڌي“ شل پنڌ ڪري، پڃرو پسي پرين،

موليٰ مرهين مومنين، احمد جي اُمتين،

چئو صلواتون نبيءَ ڪريم تي، لک لک درودن،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون جي پڙهن.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله


*  هن معجزي جو متن ”مجموعہ مدحيات“ تان ورتل آهي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* هن معجزي جي روايت اتر (تعلقي ميرپور ماٿيلي) مان محمد عالم ”شور“ خانپوري کان ملي.

+  نور محمد ”نورل“ کٽي، ڳوٺ ڪٽا، تعلقي پني عالق جو ويٺل آهي. هن وقت سندس عمر 60 ورهيه کن ٿيندي. مائي فاطمہ موچاڻي ”لعل“ جو شاگرد آهي. سندس ڪيترو ئي ڪلام آهي جن مان مناجاتون ۽ معجزا مشهور آهن، هتي سندس هڪ معجزو ڏجي ٿو.

* هن معجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

+ سوانح عمري لاءِ ڏسو  حاشيہ ص 12.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org