سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :2

معجزو نبي صلعم جو: سراقت جي مسلمان ٿيڻ وارو

(چيل مل محمود پلي جو )

ساراهيان سبحان کي، جو خاوند ربّ خدا،

قادر پنهنجي قدرت سين، جوڙيو جهانا،

آهي ڪتابن ۾، اهڙي حڪايتا،

معجزو مير محمّد جو، سو پڻ سڻيجا،

جڏهين غار ’ثور‘ ڇڏي، هليا مديني ڏانہ،

ابابڪر رفيق ٿيو، ساڻن صديقا،

وَرنهه وهي واٽ ٿيا، رمي راهه مٿا،

پيئي ڪَل ڪافرن کي، جي چارِي ٿٖي ڦريا،

پيا پيغمبر پُٺ ۾، ڪري قصد ڪاهه،

هنر حيلا پانهنجا، ڪري وَس ورتا،

پهچي سگهي ڪو نه ڪو، رسي رهبر کان،

’اَٻوجهل‘ انجام ڪيو، رکي هيءَ شرطا،

جيڪو مير محمّد کي، اڄ ڪري قتلا،

ته سئو اُٺن انعام ڏيان، ان کي بخش عطا،

ايءَ سُڻيندي ڳالهڙي، ٿيو سنڀري تيارا،

’سراقت‘ پٽ ’مالڪ‘ جو منافقن منجها،

تنهن وٺي گهوڙو ڪاهيو، هٿ ۾ هٿيارا،

اچي احمد ڄام کي، پيو اوڏو البتا،

 

ڏسي دهشت دشمن جي، چيو سچي صديقا،

ته ويري اچي ويجهو ٿيو، يا رسول خدا!

ڪريو تجويز تنهن جي، ڪا اٽڪل  احمدا!

نا ته ڪندو قتل پاڻ کي، ماري مردودا.

تڏهن حضرت اُڀي هٿڙا، کنيا ڏانهن خدا،

چيائين پنهنجي ڌڻيءَ کي ڳَرهٖي ڳُجهه ڳجها،

ته، بچائج هن بلا کان، جا ٿي اچي آفتا،

ٻيو غم موت جو اٿئون نڪو ڊپ نڪو ڊاءُ،

آخر جي مربو، ته موٽبو تو ڏانهه،

پر جي اڄ مئاسون، هن حاسد جي هٿا،

ته ڪافر منهنجي اُمّت تان، چٿرون پيا ڪندا،

تيلانهن امن موت جو، ٿو پنان پناها.

قادر سا قبول ڪئي، دلبر جي دعا،

الهيٰ امر ٿيو، ڌڻيءَ جي پارا،

سُڪيءَ ڀون ’سراقت‘ جي، ڳِٿو گهوڙي کا،

پيٽ سوڌو پئي ويو، منجهه ظاهر زمينا،

’سراقت‘ اُلهي آئيو، اُتري اسپ مٿا،

اچي پيش پيغمبر جي ڪيائون صِدقئون سلاما،

ته تحقيق نبي آهين خاتم خيروريٰ،

مون سڃاتئي ڪين ڪي، سيّد سردارا!

بي ادبي بخش ڪجا، خاطيءَ کي خطا،

توبهه ڪري ڪلمون ڀري، آندائين اِسلاما.

’سراقت‘ کي هدايت ٿي نعمت نصيبا،

موٽي مير محمّد اڳيان، ڪيائين اهو عرضا،

ته هي براق نڪري بند مان، جي مِلي مونهين کا،

ته وڃي مدّعي سڀ موٽايان، دشمن آن سندا،

جي اچي اَنهنجيءَ پُٺ ۾، ڪاهيو قَتل لاءِ.

تڏهين احمد اشارو ڪيو، گهوٽ گهوڙي ڏانهن،

نڪري سو ٻاهر ٿيو سلامت صحيحا.

چڙهي ’سراقت‘ سوار ٿي، موٽيو ان ماڳا،

اچي ’ابوجهل‘ سين ڪيائين، مڙئي مذڪورا،

ته ههڙا پاڪ پسائيا مون کي معجزا،

آهي ’محمّد‘ ڪارڻي ڀلو ڀلنئا،

اَبوجهل! آءُ اسلام تي، ٿِي اُمّتي احمدا،

ته لهين جاءِ جنّت جي، ڇُٽين دوزخا.

تيڏانهن جڙي جواب ڪيو مهندان ملعونا:

اي سراقت! ڪيئن ٿيو آهين، ڪوه وِڦلين پيو واتا؟

توکي ڏڏ! ڏيکاريا جنهن مرسل معجزا،

اُو آهي جوان جادوگر، ڪري ٿو سِحرا،

سِکيو ساحرن کان، اکر ڪي اِسما،

وٺٖي دليون ماڻهن جون، کسيو کريبا،

مڙس گڏيس ڪو نه ڪو، پاڻا بيپرواهه،

اڄ جي ملي هُو مون کي، ته پئي سڌ سڀڪا.

تڏهن سراقت، ابوجهل کي چيو موٽِي ايئن مُها،

تو مون جو ڏٺو اکين سين، مير محمّد شاهه،

سو نه وٺائيندو پاڻ کي، تو کان ڪنہ سببا،

اُو آهي ڌُئل ڌڻيءَ جو، محب معشوقا،

ڇَٽ ڇانۡئي ڇُڳير تي سندو سحابا.

ابوجهل ان ڳالهه کي مڃيو ڪين مورا،

پاڻا پرانهون وڃي، ڦريو فاسقا،

لعنت لِکي جنهن کي، سو ڪيئن رسي رحمتا؟

آگا! امن اسان کي ڏين، صبر ۽ ساڃاهه،

ڪريون تعريف تنهنجي، سدا ساراها،

ساراهيون سرور کي، جو مِٺو محمّدا،

”مل محمود“ مڱڻو، عاصي وڏو آهه،

”پليءَ پوٽو“ پنڻو، ڏات گهري ٿو ڏاهه،

دنيا دين ايمان جو، بهرو بخش عطا،

چئو صلواتون رسول تي، لکين درودا،

ويندا سي ايمان سين، ڪلمون جي پڙهندا.

لا الہٰ الا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: شق القمر وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو )

اٺاويهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

ته جڏهن اٺيتاليهون ورهيه ٿيو ڄائي مصطفيٰ،

اڃا هئا مشرق مڪّي ۾، ڌُئا ڌڻيءَ جا،

تڏهن چيو حضرت حبيب کي، مڙي قريشن مهندا،

ته گهرون ٿا معجزا، محمّد! تو مُلا،

جيئن ڦاٽِي چنڊ ٻه ڦارون ٿئي، وراهجي وچ مان،

۽ اُلَهي اچي زمين تي، اسان جي اڳيا،

جان تون سچو سپرين، تان ڪر اهڙي ڪا.

تڏهن شهد آڱر سين چنڊ ڏانهن، ڪيو احمد اشارتا،

رات هئي سا چوڏهين، مهيني منجها،

”اِقتَرَبَت اَلسَّاعَتُ وَ اَنشَقُّ القَمرَ“ اُهڃ احمد جا،

سي ٻئي ٽُڪر لهي آيا، مٿي زمينا،

هڪڙو ڏائي پار ڏونگر جي، ٻيو جِيڻي پارا،

وچان ٻنهي ٽڪرن جي ڏونگر ٿي ڏٺو، ’حِرا‘ جنهن جو نانءُ،

پر هڏ نه آيا اسلام تي، ڪافر ڪمينا.

سِحر چيائون تنهن کي، مور نه وسوڙا،

قفل تن جي قلوبن تي، جيڪس هئا سوگها،

ڪنهن ڪئي ڪتابن ۾، اِيءَ آهي پچارا،

ته چنڊ آهي اچي بيٺو، ڪنان گريبان نبيءَ ڪريم جي، لنگهي آستين منجها،

پر ايءُ قول صحت کي رسيو، چون نه آهي اڃا،

مگر انهيءَ پر ڪتاب ’مواهب‘ ۾ ٿو لکي صحيحا،

مگر سندي فضل رسول جي ڪنڌي ناهه ڪرا،

آهن عجائب احمد صلعم جا وڏائي اِنها،

ڇيهه نه لڀي ڪريم جي ڪرم ۽ احسانا.

 

معجزو نبي صلعم جو: شق القمر وارو

(چيل پانڌي آريسر جو  )

ساراهيان سچو ڌڻي، قادر ڪريما،

جوڙي جوڙ جهان ڪيو حڪمت حڪيما،

اول پاڻ عاشق ٿيو، محمّد معشوقا،

ڏيئي ڏاتيون ڏيهه ڌڻيءَ، ڪيو سيّد کي سَڌرا،

حاڪم ڪيائين هوت کي، اعليٰ ارض سماءَ،

”دُرّةُ النّاصِحين“ ڪتاب ۾ آهي پچارا،

ته حبيب بن مالڪ هو وڏو ظالما،

بادشاهه هو شام جو، حشم حڪومتا،

اَبوجهل جو اُن سان هو پرپٺ يارانا،

ڪافر مڙئي گڏ ٿي، سڙيا ڪن صلاح:

’محمّد‘ نالي هاشمي ٿو ڪري بُتن جي گلا،

دين سڏائي پنهنجو، ٿو چوائي نبيّا،

ماڻهو کاري مڪّي جا، ٿو پاڙهي ڪلما.

گهرايائون حبيب بن مالڪ، کي جو آهي ظالما،

ٽوليون آيون اُن دم، اُتان سَوين ڪفارا،

وٺي لشڪر پاڻ سان ٻارهن هزارا،

اچي لٿو مُوذي، مَڪّي شهر مٿا،

قُريش ڪل ڪَٺا ٿيا، وڏا وڏيرا،

اَبوجهل اِستقبال لاءِ آيو اِبليسا،

مڙئي مُنڪر آئيا موذي مَردودا،

هلي هيڪاندا ٿيا، حاضر هڪ ماڳا،

چي، اَوهين آڻيو اُن  کي، جو محمّد اَمينا،

سوال جواب اُن سان ڪريون احوالا.

بُرن اَچي ڀلن سان ڪيو تڪرارا،

ماڻهو مُڪائون پنهنجا، وڏا وزيرا،

پاڻ اچي ته آڻجو، نه ته زير بار ڪجا.

قاصد ڪفارن جا آيا، هلي حُجري حبيبا،

سُڻي حقيقت حال جي، اُٿيا عجيبا،

بيبي خديجة ڪبريٰ، روئي رت ڦُڙا،

ته ڪوهه ڄاڻان ڪهڙو هي ڪيئون ڪُوڪٽا،

ڪيائين عرض الله کي، ته باري ڪج بچاءُ!

اَبابڪر جا پڻ نيڻين نار ٽِميا،

روئي روئي اکين مان، رت وهن ريلا،

تڏهن فرمايو فضل سان، مٺي مصطفيٰ:

متان ڪريو ڪو دل ۾ وهم وسوسا،

آهي الله پاڻ سان، حامي همراها.

اِئين چئي عربي اُٿيو، ٻَڌي دلبر دستارا،

بخمل ويس ملوڪ لاءِ آندائون سَڦرا،

پهراڻ پهرائي پرين کي جُبو جنسارا،

هليا ٽيئي گڏ ٿي، سڄڻ سونهن ڀريا،

اَبوبڪر صديق هو، ٻي خاتون خوش لقا،

آيا محب مجلس ۾، قريب ڪفارا،

ڏسي صورت شفيع جي اُٿي سڀ بيٺا.

تعظيم تڪريم تن ڪئي، جي هئا قبيلا‏،

ڪُرسي ڏنائون سون جي، جنهن جواهر جَڙيا،

نُوراً تجلي نُور جي جانب جمالا،

شمع ٻري شعلا ڪري، ٿيو سورج کي شرما،

حشمت ڏسي هوت جي، ڪافر ڪل ڪنبيا،

ڪنهن کي طاقت نه ٿي، جو ڪري ڪلاما،

گهڻي گهڻي دير کان پوءِ، ڪڇيو ابن مالڪا،

ته تون اسان جي بُتن جي ٿو ڪرين غيبتا،

نرمل! نُبوتَّ جي تون ڪرين ٿو دعويٰ،

”هل اَنتَ تَعۡلم اِن لانبياء ڪُل اَمّةِ معجزاة“

ڪن مرسل ملڪن ۾ مشهور معجزا،

فقال عليہ السلام ”ماذاتُريدُ“ چئو ڇا ٿا؟

سج لهي لال ٿئي، ٿئي اونداهي راتا،

اُڀري چنڊ اُن ۾، بظاهر هن وقتا،

اُلهندو اولارن سان اچي، نازڪ ناز منجها،

قدر قد ماڻهوءَ جي اچي اَن مٿا،

اُتي ٽُٽي ٻه ٽڪر ٿئي، پوري وچ وٽا،

هڪ ڀاڱو سائي پاسي ڪنان پهراڻ پاڪيزا،

ٻيو ٽڪر ڏائي پاسي کان نڪري نروارا،

پوءِ وڃي گڏجي توهان جي سُهڻي سِر مٿا،

چنڊ سلامت بنجي، پڙهي اَشهد جو ڪلما،

ڏي اَچي شاهدي سندءِ رهبر رسالتا،

پوءِ وڃي گم ٿي، قريب منجهه قمرا،

آفتاب اُڀري سَنئون ٿئي، ساڳيءَ جاءِ مٿا،

پوءِ پوري ٿئي دل جي، منهنجي من مدعا،

پوءِ مڃون تو کي مصطفيٰ، سچو سُلطانا،

پڙهون ڪلمون ڪريم تي، آڻي ايمانا،

تڏهن اَبوجهل اُٿيو، ٿو نچي ناز منجها،

اهڙو ڪم نه ٿيندو ڪڏهن، هاشميءَ هٿا،

پوءِ ڪنداسين تنهن سان جنگيون جدالا.

تڏهن اُٿي عربي هليو، مُرڪي محمّدا،

طرف ڪوهه ’قُبيس‘ جي جانب ڏنہ جبلا،

سجدو ڪيائين صاحب کي داور جي درگاه:

”يَدعُورَبّہ“ هٿ کڻي گهريائين دعا،

تان اُلَهِي آيو عرش مٿان، ملڪ جبرئيلا،

”سَخَّر لَڪُم الشَّمس والقَمر“ تنهنجا تائبا،

پرين تنهنجي پگهر مان، مون جوڙيو جهانا،

تون وڃي ڏيکار اُنهن کي، مرسل! معجزا.

تڏهن ڪري شڪرانا ربّ جا، هليا حضرتا،

اَمر سان الله جي، اُلهي ويو سجڙا،

رات اونداهي ٻاڏَ ٿي، چنڊ ڪري چمڪا،

لهي آيو لطف سان، آگي جي اَمرا،

تائب تنبندي آيو، ڪڏندو قريبا،

اُلهي عربيءَ جي آيو، مٿي مُبارڪا،

چيرجي چنڊ جدا ٿيو، پوري وچ وٽان،

هڪ ٽڪر سائي پاسي، نڪتو ڪڇ منجها،

ڪامل جي ڪپڙن ۾، پيو سو مرڪي منيرا،

وري وڃي سيّد جي مٿي مبارڪ مٿا،

گڏجي جُڙي راس ٿيو، قادر جي قُدرتا،

پڙهيئين ڪلمون اَشهد جو، ظاهر زبانا،

وڃي جاءِ بجاءِ ٿيو، مٿي عرش عظيما،

سِج نڪري نروار ٿيو، ساڳيءَ جاءِ اُتا،

پوءِ سڏ ڪري ڪافر کي چيو ڪامل ڪريما.

تنهنجي دل جي ڳالهڙي تو کي سڻايان،

ڌيءَ آهي تنهنجي ٽُنڊي، منڊي ٽنگن کا،

سا چڱي ڀلي چاق ٿي، جنهن جا لهي سور ويا.

اها سڻندي ڳالهڙي، حبيب بن مالڪا،

ڪري پيو قدم تي، پڙهيائين ڪلمون پاڪ ٽي دفعا،

ڪافر مسلمان ٿيا، جيڪي حاضر اُت هئا.

وري ويو وطن ڏانهن، شام سندي ديسا،

وڃي ڏٺائين ڌيءَ جي، صحيح صورتا،

پڇيائين پنهنجي ڌيءَ کان عجب عبرتا.

بابا! مون ننڊ ۾ ڏٺو اهڙو خوابا،

ته مڙس آيو هيڪڙو سهڻو شمس ڪنا،

پاڙهيائين مون کي، ڪلمي اَشهد جا اکرا،

جاڳي کڻي جان ڏسان ته سلامت اڱرا،

مرض هن محتاج جا، لهي سور ويا.

اَبوجهل  ڦڪو ٿيو، سڙيو شيطانا،

ويو هچارو هائيءَ ۾، تڙيو تحت ثريٰ،

ڊوڙيو جهلي ماڻهن کي، ته نه پڙهو ڪلما،

جادو ڪري جو وڏا، اسان سين سِحرا،

نمائي خلق کي، ٿو هلائي حڪما،

پئجي پاڙ ۾ ويو درست دوزخا.

اهڙا معجزا محب جا، لکين ڪروڙا،

آگا! ”آريسر“ کي ڪر نعمت نصيبا،

پڃرو پسائين ”پانڌي“ کي ماڻڪين سان موليٰ!

چئو صلواتون شفيع تي هردم هميشاهه،

ويندا سي اِيمان  سين، ڪلمون جي پڙهندا.

لااِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

 

معجزو نبي صلعم جو: جابر انصاريءَ وارو

(چيل سيد خير شاهه جو )

قدرتا ڪلتار جي، تون ڏس رضا رحمان جي،

بي ستون باري بنايا، جنهن زمين آسمان جي،

ڪل جوڙي جوڙ ڪيائين، مَلڪ، جنّ، انسان جي،

ٿي هويدا هر دو عالم منجهه صفت سبحان جي،

ڪيائين مشرف محب پنهنجو پاڪ پيدا پيغمبر.

 

ڏينهن ڪنهن ڪامل ڪچهري مديني مصطفيٰ

سو نبي الله، صحابن ساڻ ويٺو پُرضيا،

جابر انصاري ڪئي دعوت، چيس مرسل مرحبا،

پوءِ وري ويو جاءِ تي، جابر وٺي وهلو رضا،

تنهن گهرائي ٿي ڪُهايا در اڳيان دُنبا ٻڪر.

 

پٽ ٻه جابر جا ننڍا، تن ڪوس ٿي ڪسندو ڏٺو،

هڪ سرس هو ٻيو نرس ننڍو هو مڙن کان سو مٺو،

تنهن وڏي نينگر، ننڍي کي راند ۾ ڪوٺي ڪُٺو،

حڪم هو الله جو، اڄ واءُ وڇوڙي جو اُٺو،

ڀاءٌ ڪُهايئين ڀاءُ کان، هٿ ۾ ڏيئي خوني خنجر.

 

خبر انصاريءَ کي هيءَ ٿي، ڪم قضا ڪهڙو ڪيو،

قصد مان ڪيهر اٿي، سو گَڊ گُڙي ڪاهي پيو،

پٽ ڀڄي پيءُ کان پري، ڪوٺي چڙهي قابو ٿيو،

پيءُ ڀانيو پُٽ کي وٺان، نينگر ڇَڻي پٽ تي ڪريو،

پي پيالو موت جو، سو پڻ سڌاريو سر سفر.

 

کڻي کٽولي تي  ٻئي، سي گهر نيائون نونهال،

قهري ڪم قادر ڪيا، جو آهه قدرت جو ڪمال،

پنهنجي عورت کي چيائين: غم ماري ڪر پائمال،

گهوٽ ايندو گهر اسان جي، زبدة حق ذوالجلال،

سيّد و سرور دو عالم، خاتم و خير البشر.

 

تڏ چيس عورت، اسان وٽ پير پاتا جي پِريان،

وک مٿانهون مصطفيٰ جي، سؤ پٽن صدقو ڪريان،

اصل کان ئي ان طرف ڏي نيڪ نيّت ٿي ڌريان،

سرِ رکي سينهُون گهڙو، پاڻي پيغمبر جو ڀريان،

مان سَڏنِم پورهيت، ايڏو ٿئي اعليٰ اجر.

 

صبر جو سندرو ٻڌي، ٿي زال زودون برد بار،

فرش فرشيليون وڇايائين ٿي پردا پُر بهار،

گلم گياليون، زير باليون، زيب بلخي زرنگار،

ٿي ڇَٽيا، ڇڻڪار ٿيا، اُت مشڪ خوشبويون هزار،

چوطرف ڇنڊيا هوائن، مشڪ، عطر ۽ عنبر.

 

پوءِ هليا سرور سڏڻ، جو صاحب تاج و لوا،

هاشمي حضرت هليو، عالم سندو بدرالدّجيٰ،

چنڊ کي چوگرد جئن تارا، تئن اصحاب هئا،

پير جت پرينِ ٿي پاتا، سير سي سرها ٿيا،

شوق شهه جي ذوق کان آيل هلي شجر و حجر.

 

جوءِ جابر جي ۽ جابر پيا سندن قدمن ڇڻي،

شوق مان هر هر چميائون ٿي سندن پيرن پڻي،

خُونچن تي خونچا، پوءِ کاڄ جا آيا کڻي،

ربّ ريءَ ٻي ڪل نه ڪنهن کي، ڇا هنن سان آ بڻي،

جگر جابر جا ڪُسي پيا، ٻئي پيارا سي پسر.

 

سور سانڍي ساهه سان، عاشق اٿيو اعتبار سان،

هٿ ڌُئارڻ هيج سان، جابر اُٿيو جيءَ جان سان،

چلمچيون، ڪونرا چٽيل، جوڙي چڱي جنسار سان،

هٿ ڌئاري دادلا، سرها ٿيا سردار سان،

خاص کائڻ جو ڪيو، ارشاد اُت عربي اَمر.

 

وقت تنهن جبرئيل جلدي هن خبر سان آئيو،

يا رسول الله! اوهان کي سائين هيئن فرمائيو:

ڪوٺي جابر جا ٻئي پٽ، پاڻ سان کارائيو،

کاڄ کي تيسين توهين هٿ نه هرگز لائيو،

تان اچن ٻئي ٻار، سُڻ سردار عالم جا سڌر.

 

هي ٻڌي ڪئي طلب تن جي، پاڻ حضرت هاشمي،

هان، اچو ڪوٺي ٻئي، تان کِيُون گڏجي سڀي،

عرض ڪيو جابر، اُهي اڄ هت نه آهن حاضري،

نڪري ويا وادين اُتي، چرڪا ايندا رانديون رمي،

واپرايو طعام کي، سيّد سچا اي راهبر!

 

ٻاجهه سان فرمائيو اُت حضرتِ خاتم رسل،

اي جوان! تو کي نه آهي هن حڪايت جي ڪا ڪَل،

وحي آئيو اڄ اسان وٽ حڪم سان رب لم يزل،

ڪوٺي پٽ جابر جا ٻئي کارائيو هت هن مهل،

مَلڪ مولٖي جي ڏني آ خوب خاصي خوش خبر.

 

جوش مان جابر ويهي، ڪئي هيءَ حقيقت حال جي،

جيڪا ساڻس ٿي ۽ گذري، ڳالهه سڀ احوال جي،

سڀ سڻايئين ماجرا، هن جيءَ جي جنجال جي،

يا رسول الله! ڏسو، تقدير هن احوال جي،

چوڻ چارو ناهه ڪو، آگي لکيو جيڪو اکر.

 

اُت وٺي واحد جا آندا وحي، سيّد ڏي سلام،

جيار پٽ جابر جا ٻئي تون، امر ربّ جي سان امام،

تان ڏسن قادر جي قدرت، سڀ اِتي هي خاص و عام،

خوش ٻڌي خيرالوريٰ ٿيو، پاڪ پرور جو پيغام،

وڏ لَڄيٖ لائق اچي ڪئي مصطفيٰ مهرون نظر.

 

ڄام مرسل مير معصومن ڏي آيو اُت وري،

مهر مان مشفق مهربان، ٻاجهه ۽ واهر ڪري،

”قسم باذن الله“ چيو، اُت پاڻ حضرت هٿ ڌري،

ننڊ مان اُٿيا ٻئي سي ڪوڏ مان ڪلمون ڀري،

ٿيو مشرف معجزو، محبوب جو مشهور تر.


*  هن معجزي جو متن ”مجمع العجائب“ مطبوع ليٿو پريس ڪراچي، سن 1359هه تان ورتل آهي.

 

+  مل محمود ولد طالب درس پلي، تيرهين صدي هجريءَ جي آخر (1280- 1290هه درميان) ۾ ڳوٺ حاجي عبداللطيف پلي، تعلقي عمرڪوٽ ۾ ڄائو، وڏو عالم ۽ درويش ٿي گذريو آهي. عوامي شاعرن ۾ مٿانهين درجي جو شاعر آهي. سندس ڪلام جا ڇپيل ڪتاب ”ليليٰ مجنون“، ”مجمع العجائب“ ۽ ”نصيحت انساني“ مشهور آهن. 1347هه/ 1928ع ۾ وفات ڪيائين.

 

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

(1) اچي نزديڪ رسي ساعت يعني قيامت ۽ چنڊ بلڪل چيرجي پيو.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص 1.

*  هن مُعجزي جي روايت وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان ولي محمد طاهر زادي کان ملي.

+ پانڌي ولد مانجهي ذات آريسر، ويٺل ڳوٺ ڄارڪي تعلقو ٽنڊوالهيار 1898ع ۾ ڄائو، سندس تعليم پارسيءَ ۾ ’ڪريما‘ ۽ ’مامقيمان‘ تائين آهي، هن وقت درس تدريس ۽ حڪمت سندس خاص شغل آهن. سندس ڪلام مداحن، مناجاتن، معجزن، مناقبن ۽ مولودن تي مشتمل آهي.

*  هن معجزي جو متن ”تذڪره لطفي“ جلد 2، مطبوع سنه 1946ع تان ورتل آهي.

+  سيد خير شاهه، ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ وڏو عالم ۽ مشهور شاعر ٿي گذريو آهي. حيدرآباد شهر ۾ رهندو هو. سيد ثابت علي شاهه سندس همعصر هو. مير ڪرم علي خان کانئس ناخوش هو پر پوءِ سندس دانائي ۽ بزرگيءَ کان متاثر ٿي کيس لوازما ٻڌي ڏنائين. سندس ڪلام مان جنگ نامو، معجزا ۽ ٽوپي پڳ جو جهيڙو مشهور آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org