سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: معجزا

باب:

صفحو :14

معجزو نبي صلعم جو: بگهڙ وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو )

ستيتاليهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاهه،

جئن هو مڙس هيڪڙو، پَهُنِ پنوهارا،

اهبان پٽ اوس جو، لکن سندس اي نانءُ،

تنهن ٿي چاريون ٻڪريون، پنهنجي شهر کي ٻهرا،

پهريون ورهه هو سو احمد ڄام کي، آئي مديني  ڏانٌهه،

ته اچي بگهڙ جهلي هيڪڙي، ٻڪري تن منجها،

ڊوڙي ڇڏائي ٻڪري، تنهن بگهڙ ڪنا،

تڏهن بگهڙ ڳالهاڻو تنهن سين، حڪم ساڻ خدا،

چي تون ڊڄين نه ڀر ڌڻيءَ جي، اي پهن جا چارا!

جئن جيڪي ڌڻيءَ مون ڏياريو، سو وٺين مون ڪنا،

تڏهن ٿيو عجب پنهوار کي، سڻي ايءُ ڳالهاءُ،

ته مون نه ڳالهائيندو سڻيو، ڪڏهن ڪنهن بگهياڙا،

پسيو عجب مون ٿئي، اهڙا اهڃاڻا،

تان چيو بگهياڙ پنهوار کي، چٽيءَ زبانا:

ڪه تون عجب نه سُئو، وڏو جو اِنِها،

جئن سائينءَ هلايو رسول پنهنجو محمّد مصطفيٰ،

جو اڳيون پويون خبرون، رساڻيٖ صِدقا،

جيڪي گذري وييون ۽ جيڪي اينديون اڃا،

وسي نور نبيءَ جو، مديني مٿا،

عالم ڪيائين سوجهرا، تنهن عاقل جي اُهاءِ،

سندس صحابي مڙيئي، صورت سونهارا،

ڏيا آهين دين سندا، عالم اوجارا.

جڏهن ايءَ ڳالهڙي سُئي، بگهڙ ڪنا مڙيئي ٻولهارا،

تڏهن پيس سهد سرير ۾، منجهان محبتا،

پڌرو چيائين ڄِڀ سين، سچي ويساها،

چي جيڪر هو پنهوار پهن ۾، ته ڏٺم منهن پِريانٌ،

چيو بگهاڙ پنهوار کي، پڌرو ڪري ڳالهاءُ،

آءٌ آهيان ڌنار تنهنجي ڌڻ جو، تون وڃ محمّد ڏانٌهه،

ڪري اچ تون مشاهدو سندو محبوبا،

تڏهن پنهوار پهون ڇڏي، هليو ڏونهه حضرت حضورا،

ڏيئي ڌڻ بگهڙ کي، رميو وٺي راهه،

ڪَهي ڪَهي آئيو، مهندا حضرت محمّدا،

نور ڏٺائين نبيءَ جو، ظاهر ظهورا،

پر جڏهن پيغمبر کي گڏيو، گهڻيءَ محبت منجها،

جيڪا سئائين ڳالهڙي، هلندي بگهڙ ڪنا،

مجلس ۾ محبوب جي، ظاهر ڪيائين سا،

آندائين ايمان کي، ڪلمون چئي مُها،

موليٖ مشرف ڪيو، پِريٌنءَ جي پسڻا،

ڌڻي ڌنارن کي، مولو مهر منجها،

پڻ هليو موڪلائي حضور کان، موٽي پهن ڏانٌهه،

تان چاري بگهاڙ ٻڪريون، ۽ سلامت سڀڪا،

ڪيائين شڪرانا ڪريم کي، لکين ساراها،

صحي ڏٺائين معجزا، سندا محمّد شاهه.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ڳوهه وارو

(چيل مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جو )

اٺيتاليهون معجزو لکان، سو پڻ سڻيجاه،

هو ويٺو مجلس ۾ نبيءَ ڪريم ساڻ اصحابا،

تان آيو اعرابي هيڪڙو، ’بَني سليمن‘ منجها،

سو ويو ٿي ڳوهه ويڙهيو گنديءَ ۾ ڪيو شڪارا،

ڪارڻ قوت عيال جي، وٺي نيائين سا،

اڃا اعرابي سو هو، ڪفارن منجها،

تنهن اعرابيءَ گذر ڪيو، اچي نبيءَ نُور وٽا،

پڇائين صحابن کي، پرينٌءَ جي حقيقتا،

ته، هي ڪير آهي سهڻو، سونهاري صورتا،

ڌاري پاسي جنهن جي، ماڻهو سڀ مِڙيا؟

تان چي، ايءُ رسول ربّ جو، آهي احمدا،

سائينٌءَ سندو سپرين، ڪامل ڪمالا.

تڏهن اعرابيءَ سُنٌهن ڪيو، سندو ’لات‘ ’عُزا‘،

جي ٻئي بت ڪافرن جا، هوندائي هئا.

قسم ڪيائين تن جو، ڪفر جي سببا،

ته هيءَ ڳوهه ايمان آڻي ان مڙس تي، ظاهر زبانا،

ته هوند آءٌ پڻ آڻيان، اُتس ايمانا.

ڪڍي وڌائين تنهن ڳوهه کي، مجلس مهندا،

تان حضرت پڇيو تنهن ڳوهه کي، مرسل مجتبيٰ،

ته، تون عبادت ڪرين ڪنهن کي، سَل ايءَ ڳالهه سندياءِ.

تان ڳالهئيٖن آئِي ڳوهه سا، احمد کي اڳيا،

چي، جيءُ ڪريان عبادت ربّ کي، جو مولو ملڪ خدا،

جنهن عرش ڪرسي خلقيا، ۽ قلم لوح ڪيا.

حضرت چيو، هاڻ ڪِي سڃاڻِينٌ مون کا؟

تان چي، تون رسول ربّ جو، آهين احمدا،

ريٻارو رحمان جو، خاتم الانبياء.

سي راحت رحمت رسيا، جي پُٺيءَ تو لڳا،

جنهن مُنهن تو کان ڦيريو، سي وڃڻ کي ويا.

عجب ٿيو اعرابيءَ کي، اِيء سڀ سڻي ڳالهاء،

آيو سو اسلام ۾، ڪلمون چئي مُها.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ڳوهه وارو

(چيل غلام مهدي شاهه جو )

الله جلّ جلالہ، ساريو سبحانا،

خالق ڪل مخلوق جو، دانا ۽ بينا،

جوڙيائين جوڙَ جهان جي، اَرض افلاڪا،

جنهن مٿانهون مصطفيٰ، خلقيو خيرالوريٰ،

سو حمايت هاشِمي، اجهو اڙين آ.

چار ئي يار چڱيرا، تن جا افضل عجيبا،

ابوبڪر، عمر، عثمان، علي، ڏيا ڏيهن جا.

ڪيان قصي جي ڳالهڙي، ڪڍي ڪتابا،

ته، مرسل ويٺو مسجد اندر هو، وارث ورياما،

ساڻن گڏ اصحاب سوين هئا، ويٺا تنهن وقتا،

حضرت حلقي جي اندر، پيو سونهين سردارا،

جئن تارن اندر چنڊ ٿو، وَڌ رکي رونقا،

ته، آيو مرد شڪاري هيڪڙو، جاهل جُهولا،

ڳجهي لڪل ڳوهه هئي، تنهن کي بيشڪ منجهه بغلا،

تنهن روبروءِ رسول جي، اچي وڏا ويڻ ڪيا،

ته، ڪهڙو مجمع ماڻهن جو، آهي مِڙيو هن مهندا،

ڪوڙئين ڪيو ٿا ڪرنشون، ڇو احمد جي اڳيا؟

برخلاف آهيو بُتن جي، ڦريا فرمانا.

چي، سُڌ  نه تو کي بيخبر، آهي سندي سيّدا!

ٿو سڃاڻين ڪينڪي، آهي رهبر رسولا،

اوجارڻ اسلام جي، آهه مڪوئي موليٰ،

واٽ طرف خداء جِي، ٿو ڏسي ڏيهنئا،

رجوع ڪري ٿو خلق کي، صاحب جي پارا،

قاتل آهه ڪفار جو، شافع شينهن شجاع،

بيخ پٽيندڙ بُتن جي، آهي نرمل نبّيا.

پوءِ چيو اصحابن کي، موٽي تنهن مردا،

ته، ڏسان معجزو مرسل جو، ته ٿئي يقينا،

ڏنهه نبوت نرمل جي، منجهه خاطر خيالا.

تڏ چيو تنهن شڪاريءَ کي، مير محمّد شاهه.

ته، طلب سگهو معجزو، ڏسين قدرت ڪريما.

تڏهن پيش پيغمبر جي رکيائين، ڳجهي سا ڳوها،

جا لڪل هئي بغل ۾، طور ڪنهن طرحا،

چيو پاڪ رسول کي، مهل تنهين مردا،

ته، چؤ تون هن ڳوهه کي، ته کولي زبانا،

۽ ڏئي شاهدِي تو سندي، جي آهين رسولا.

پوءِ چيو پيغمبر ڳوهه کي، ساري سبحانا،

ته، در حق منهنجي ڇا چوين، تون ڳالهاءِ ڳوها!

پوءِ ڳوهه اتي ڳالهائيو، وڏي آوازا،

ته، تون رسول رب جو، آهين موڪليل موليٰ،

جن آندو ايمان تو تي، سي ڇُٽا عذابا،

جاءِ جنّت ۾ تن جي، هوندي هميشا،

حاصل ٿيندن ميوا بهشت جا، حورون غلمانا،

۽ ٿيندن لقاءُ ربّ جو، وڏي نعمت نصيبا،

جن نه آندو ايمان تو تي، اي اَجها عالم جا!

ٻن جهانن جي اندر سي، ڪيا خراب خدا،

سقر ۾ سڙندا اُهي، ڪافر ڪذابا،

سي هوندا ڪل هميشگي، منجهه داخل دوزخا.

اهڙا مرد شڪاريءَ ڳوهه جا، جڏهن ٻڌا ڪلاما،

پيو پيغمبر پاڪ جي، ڪِري قدمن تا،

آيو سو اسلام تي، پڙهي ڪلمون شريفا،

در جو وڌيڪ دين جو، آگي ڪيس عطا،

ٻيا جي اهل ڪفار جا، حاضر اُت هُئا،

معجزو مرسل سندو، جن پسيو پرتا،

صلوات سيّد تي پڙهيائون، منجهه آيا اسلاما،

موليٰ پنهنجي محب تي، قادر ڪرم ڪيا،

ٿيو معجزو مهندار جو، منجهه عالم اظهارا.

پڙهو صلواتون حضرت رسول تي، لکين مرتبا،

مٿي آل ۽ اصحاب اُن جي، يڪدل يارانا.

”غلام مهدي شاهه“ جا، هي آگا ٻُڌ عرضا،

پرور پاڪ پسائين، مون محل مديني جا!

ساٿ سلامت سِير مؤن، ڪج ڪنڌيءَ ڪنارا،

ٿا ٻُجهن هَول حشر جا، ڀَؤ ۽ ڀُلڪارا،

سي مير محمّد جي محابي، لنگهائج لوڏا،

ڪلمون چئي هن دارمان، هلان ڏهون عقبا.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: نانگ وارو

(چيل ادريس جو )

ساراهيان سچو ڌڻي، رازق رحمانا،

وڏائي واحد جي، آهي انت نه اندازا،

اوڀڙ سڀ قلم ڪريان، مس سڀ دريا،

ته به لکڻ ليکو ناهه ڪو، واحد وڏايا.

حمد تنهن هاديءَ کي، جنهن پرين ڪيو پيدا،

تنهن جهڙو جهان ۾، خلقيو ڪو نه خدا.

توڻي ڪافر ڪفر ڪمائين، ٿين گمراها،

ته به ڪلمي پڙهئي، ٿين آجا گناها،

ايڏا شرف شافع کي، ڏاتر ڏيج ڏنا.

اُڀ تَتو، سج ٽامڻي، ڏيندو سو ٺڪا،

ڪري پوندو پَٽ تي، ڪارو ٿي قهرا،

اچي بيهندو اوڏڙو، نيزي جي پاندا،

ماڻهو محشر ماڳ تي، جوڙي جمع ڪندا،

جئن ڪڻا آهن سنگ ۾، تئن ٿيندا هيڪاندا.

اتي پڇندو پاڻ ڌڻي، باري بيانا،

ڏِسو ڏوهه گناهه پنهنجا، اُڀي رت روئندا.

ماءُ نه ملندي پُٽ سان، ڪُڙم نه قبيلا.

عملن جو ”ادريس“ چئي، چٺو واچيندا،

ڏسي ڏوهه گناهه پنهنجا، ڳوڙها ڳاڙيندا،

نه ويجهو سڱ سيڻپو، نه اوڏو عزيزا.

اُتي رسج رسول ربّ جا، عالمن اَجها!

مون ڪيو ڪينڪي، تو  ريءَ نه تڪيا.

ڏاڍو ڏينهن قيام جو، جتي ماڻهو ڪل مڙندا،

سڀڪو ڇٽندو عمل تي، توڻي هجي شاهه گدا،

سڄي هٿ مومن، کٻي ڪافر ڪل نيندا،

پڙهو صلوات سڳوري، ڪيو سردار جي ثنا.

چوان معجزو تنهن جو، جو سڀن سردارا،

کڻي آيا غار تي، ڪاهي قافلو ڪريما،

وَرُ وجهي واسينگ جان، پيو اُن ۾ ازدها،

جو وجهندو هو وات ۾، اُلا آتش جا،

قاتل ڪاريهر گهڻو، زوراور زهرا،

مڙئي ڊڄندا هئا، جنهن کا جانورا،

کڻي ڪر ڪَرڙو، ڪاوڙئون ڪستا،

اُت ڏنائين کڻي، ڦُوڪ في الحالا،

اچي لڳيون اُٺِ کي، چڻنگون چوڌارا،

اُٺِ ڀڳي ڀؤ ڪري، دهلجي دهشتا،

تنهن کان پڇيو چاڳلي، سچي صديقا:

ڇو ڀڄين ٽهين، ڪرين توڏِي تماشا؟

توتي چڙهي سرور سوار ٿيو، مٺو محمّدا.

تڏهن چيو نرمل نانگ کي، موٽي محمّدا:

سپ! سڃاڻين نٿو، اڄ مون کي مستانا!

آهيان رسول ربّ جو، محمّد منهنجو نانءُ.

تڏهن نانگ ڪيا نياز سان، سهسين سلاما:

ڪين سڃاتم سپرين، مٺا محمّدا!

آءٌ نانگ نه آهيان نبي! جيڪو جانورا،

آهيان جنن جي قوم جو، آءٌ اميرا،

آهيان پٽ  ’الحام‘ جو، منهنجو نام ’اُسيماءُ‘،

آندم ايمان حضرت ابراهيم تي، ڪيم قبولا،

مون کي خليل ڪارڻي چيو، اُڀي هئن مُها،

ته، آخر زماني جو نبي، پرين ٿيندو پيدا،

ڪندو شفاعت ڪارڻي، ڪامل ڏينهن قياما.

سڻي سخن خليل جو، مون آندو ايمانا،

چيم دين محمّد جو، مون ڪيو قبولا،

وٺي ويٺس وعدو، منجهه هن مڪانا،

ڪارڻ اميد ان لئي، ٿي ڪيم ڪشالا.

 ٻارهن سؤ ورهين، مون کي سڪندي ڏينهن ٿيا،

مير محمّد مصطفيٰ، مون کي ملايو موليٰ،

ويا سُور سرير مؤن اگهيم اوجاڳا.

ڏنا نرمل نبيءَ نانگ کي، دلبر دلاسا:

آيو آهين جنهن پار کان، وڃ تنهن طرفا،

اڄ پڄاڻان متان ڏئين، ڪنهن کي ڪو ايذا،

شافع شفاعت ڪندو، ڏينهن قياما.

صدقو ٿيان سرور تو تان، اي مٺا محمّدا!

ڪين ڇڏيندو ڪارڻي، اُمتي احمدا،

ويندا سي ايمان سان، ڪلمون چون مُها.

لا اِلہٰ اِلا الله محمد رسول الله

معجزو نبي صلعم جو: ڀُڳل نانگ وارو

(چيل امام بخش جو )

حمد ربّ جا ٿو چوان، جو آهي مالڪ مهربان،

جنهن پنهنجي قدرت سڳوري سان اُپايو آ جهان،

سج، چنڊ، تارا بڻايائين زمين ۽ آسمان،

هر ڪنهن مخلوق جو، هر دم آهي روزِي رسان،

ظاهر و باطن، اول و آخر، پرين آهي پائدار.

 

جوڙ جڳ جي ڪان هئي، هو پاڻ هڪڙو هڪ خدا،

نور پاڪيزي پنهنجي جو، پاڻ ڪيائين ٿي لقا،

ٿي محبّت پياس پيدا، سِڪ صاحب کي صفا،

جوڙيائين محبوب مُونِس، جو هجي ساڻم سدا،

تنهن جي خاطر پوءِ ڪريان، ڪيئي عجائب آشڪار.

 

خاص پنهنجي نور مان، محبوب کي پيدا ڪيو،

عشق کؤن الله اُن تي، اسم احمد جو چيو،

پڻ محمّد مصطفيٰ، شوقئون وڏي تنهن کي سڏيو،

 خوب خاصِي شڪل سان، قنديل نوريءَ ۾ رکيو،

نور پنهنجي جو نظارو ربّ ٿي ڪيو ورهين هزار.

 

اُت سچي سردار نورِ پاڪ سجدا ٿي ڪيا،

ربّ جي تعريف ۾ تسبيح جا الفاظ چيا،

سي سڀئي حق پاڪ وٽ، منظور ۽ مقبول پيا،

تنهن کان پوءِ هر شيءِ جي پيدا ٿيڻ جا ٺهراءَ ٿيا،

حسن صورت، گل رنگا رنگ، ۽ چمن باغ و بهار.

 

پوءِ درياهن رحمتن مان، نور کي ڪيو پاڪ رَب،

اُت به سرور نُور اَنور، شڪر ڪيا ٿي سان ادب،

ربّ سائين چيس، اي سيّد العجم و العرب،

چور پنهنجا عضوا سڀ، ظاهر ڪريان لَکها عجب،

جي ڪِريا قطرا، ڪيا مخلوق خالق بيشمار.

 

سڀ زمينون، اُڀ، تارا، چنڊ، سج، لوح و قلم،

عرش ڪرسي، واءُ پاڻي، جبل ۽ آتش گرم،

انبيا ۽ اوليا ۽ علم دانش ۽ فهم،

پڻ مقدس، بيت اقصيٰ، بيت معمور و حرم،

نور مؤن حضرت نبيءَ جٖي جملہء عالم ٿيو تيار.

 

ٺاهه سڀ ٺاهي خداوند خلقيا پوءِ روح هام،

ڪي ولي عابد علم سان، ڪي نبي ٿيا نيڪنام،

ڪي ارادتمند ڀلارا، خوش سُخن شيرين ڪلام؛

ڪي مجوسي ۽ منافق، سيہ باطن خيال خام،

جي هِتي توڻي هُتي، هوندا  سدائين خوار زار.

 

خاڪ مؤن جبار جوڙيو پوءِ آدم ٿيو بشر،

نسل مؤن جنهن جي ڪيو آباد سارو بحر و بَر،

نور نرمل جو پيشاني منجهه رکيائين ڪالقَمر،

چمڪيو ٿي سج وانگر روز شب شام و سحر،

نور جي باعث ڪري، مَلڪن ڪيو ٿي سِر نثار.

 

نرڙ ۾ مڙني نبيّن، نُور نرمل جو هو صاف،

جنهن جي حرمت، اُنهن جي هئي جڳ ۾ عزت ۽ عفاف،

نور حقاني جي خاطر، جسم تن جا هئا غلاف،

معجزا تن جا پَسي تابع ٿيا، جي هئا خلاف،

نيڪ صالح ٿيٖ ٿِيا، توڻي هئا سي گنهگار.

 

خاص حضرت مير مرسل مصطفيٰ جا معجزا،

بي عدد بيحد آهن، جن جي نه آهي انتها،

ڇو ته ربّ هِي پسارا خاص اُنَ لَئي خلقيا،

شان اُن جي ۾ خدا لولاڪ چيو آهي صفا،

رحمةاللعالمين آهي شفيع روزِ شمار.

 

هڪ عجائب معجزو، هت ٿو چوان سو پڻ ٻُڌو،

مومنو ايمان وارؤ صدق دل جي سان سڻو،

ياد هوندو جي ڪنهين کي، معجزو سارو سڄو،

ملندو قيامت ڏينهن دوزخ کؤن اُنهيءَ کي ڇوٽڪو،

خاص جمعرات پڙهندڙ کي ثواب آهي بيشمار.

 

جي پڙهي، توڙي ٻُنٌڌي، ملندو تنهين کي هڪ ثواب،

سڪرات تنهن سؤکي ٿيندي، منجهه قبر ڏيندو خوش جواب،

اجر ملندس بندگيءَ ۾، سال پنج سا جو حساب،

منجهه قبر محشر نه ڏسندو، هرگز نه ڪوئي عذاب،

زال توڻي مرد ٻڌندو، منجهه بهشت ملندس قرار.

 

منجهه مڪي مسجد مبارڪ، هو ويٺو مرسل ڪريم،

ساڻ صحبت ۾ صحابي، سڀ ويٺا ها دل سليم،

وعظ ويٺي ٿي ڪيو، فياض فائق ۽ فهيم،

اوچتو ناجنس ماڻهو، آيو هلي بي خوف وبِيم،

هيس هڪ ڳوٿريءَ ۾، خنجر اگهاڙو خونخوار.

 

جاهلن وانگي پڇيائين، ڪهڙو آ حضرت رسول؟

جو سڏائي ٿو نبي آخر زمان صاحب عقول،

ساري مجلس ٿي ٻڌا، الفاظ اُن جا نا اصول.

جوش مان ’سلمان فارس‘ چيس، اي احمق فضول!

تون انڌو آهين سڃاڻين جو نٿو مرسل مڻيار.

 

چنڊ چوڏهين جان ٿو چمڪي، وچ ستارن ۾ نبي،

سمجهه ڌاري هوش ۾ اچ، سُرت سان ڏس تون صحي.

پوءِ ٺَهرَجي ٿيو ڏسڻ، اُهو مرد متوالو قوي،

نور انور تي نظر پيس، چيائين هي آهي سخي!

پوءِ پيس لرزو لِڱن ۾، ڪرڻ ٿيس هٿ جو هٿيار.

 

دل جهلي جرئت ڪري، جلدي ڪيائين هي سوال:

تون آهين جو سڏائين ٿو نبي صاحب ڪمال؟

تو تي ڪلمون ٿا پڙهن، تون آهين رسولِ ذوالجلال؟

ڏيو وراڻي تان لهٖي، منهنجي اندر جو سڀ ملال،

آزمائڻ تنهنجي جو، دل کي گهڻو آهي انتظار.

 

تڏهن فرمايو سچي سرور نبيّن جي امام:

آءٌ آهيان پيغمبر خدا جو، موڪليل ربّ العلام،

دين جي دعوت ڪريان ٿو، هر ڪنهين کي صبح و شام؛

وحي مون کي ٿو رسائي، پاڪ خاوند جو ڪلام،

رحم ربّ جو مون تي آهي، هر گهڙي ليل و نهار.

 

پوءِ اڳيان حضرت نبيءَ جي، اُن يهودي ڪيو عرض:

دعا گهران ٿو معجزي جي، ڪفر جو آهي مرض،

جيئن نبيّن اڳين ڪئِي پَر، تيئن ڪر تون الغرض،

ڪريان قبول سڀ قوم سوڌو دين تنهنجو بالفرض،

پوءِ سچو ڄاڻان توکي، آهين پيغمبر نامدار.

 

جي تو کان نا ٿي سگهيو ۽ نا ڏيکاريئي معجزو،

سچ چوان ٿو مون کي آهي، قسم پنهنجي ربّ جو،

هي اُگهاڙي تيغ جنهن کي، پاڻي آهي زهر جو،

بي شُبهه تو تي هلائيندس، نه ڪندس خوف ڪو،

سِر تريءَ تي کنيو اٿم، لاهي ساهه جو آسر آڌر.

 

هي توڻي انبوهه ماڻهن جو ويٺو آهي تو اڳيان،

سر جو سانگو کنيو اٿم، ڪين ڪنهن کؤن ٿو ڊڄان،

هن سڄي مڪي شهر کي، رت تنهنجي سان رنگيان،

ٿئي ٻين کي خوف عبرت، مرسل سڏائي ڪو متان،

جوش ۽ جوهه کؤن ڏاڍي ڪندس آءٌ ڪارزار.

 

پوءِ محمّد مصطفيٰ ڏانهس ڪئي نرمل نظر،

اي يهودي جوان! مون کي ڏي پنهنجي دل جي خبر،

ڪهڙو معجزو ٿو گهرين، چئو ۽ ڦٽا ڪر اهي ڏمر،.

سوال پنهنجو ڪر تون ظاهر، مطلب ڏسين منجهه پهر،

مومنان آهه همراهه، هردم منهنجو مالڪ مددگار.

 

چيائين آهن سوال هي، خدمت ۾ تنهنجي صاحبا!

هڪ ته نالو منهنجو ڇا، پڻ پيءُ منهنجي جو آهي ڇا؟

ٻيو ته هن ٿيلهي ۾ ڇا چيز پئي آهي ڀلا؟

چئو چٽائيءَ سان چڱيان، ڪر دفع دل جا وسوسا،

بخش گستاخيون ۽ بي ادبيون، آهيان آءٌ بدڪار.

 

تڏهن رجوع ٿيو طرف مولٖي جي محمّد مصطفيٰ،

تو کي سڀ معلوم آهي، مشڪلڪشائي ڪر  خدا!

حڪم ٿيو جبرئيل کي، چئو دوست منهنجي کي صفا،

سعد پُٽ آهي قيس جو، اُتهين اُن کي سڏين پيا،

ڳوٿريءَ ۾ نانگ ڀُڳل آ، جو آهي هِن جو شڪار.

 

وقت تنهن جبرئيل آيو، روبرو سرور سچي،

بعد صلواتن سلامن، سڀ چيو ظاهر ڪري،

پوءِ مٺي مرسل ڪيو اظهار سائل کي سڏي،

سعد پٽ تون قيس جو، تو نانگ آندو آ تري،

وحي مون کي حق وٽان، هن پر ڪيو آهي خبردار.

 

جڏهن يهوديءَ هيءُ ٻڌو، گم ٿي ويس سڀئي حواس،

سِحر جي نسبت ڏني خيرالوريٰ کي تنهن خناس،

ڪون غالب ٿيندو تو تي، سڀ کان آهين اعليٰ شناس،

سا ٻڌايئي سڀ سچي، لڪل هئي جا خبر خاص،

ڪون ڪو هرگز ٿيندو، تو جيان ڪو سِحر ڪار.

 

منع ڪيس حضرت نبي، ائين نه چئو تون بي يقين،

ڪين ٿي تون بي ادب، نه ته جاءِ لهندين منجهه سجِين،

سِحر جادو ڪين آهي، قدرت الاهي آهه مبين،

مون کي ڄاڻايو آ مولٖي، معرفت جبرئيل امين،

ڊڄ خدا کان، ڪجهه حيا ڪر، ڀڄ ڪفر کؤن ٿي بيزار.

 

جڏهن يهودي هي ٻڌو، سردار عالم جو عتاب،

تڏهن ڪيائين عرض ٻيهر، ٻڌ تون عالي جناب،

سِحر جادو جي نه آهن، ائين چئو نا خوش خطاب،

معجزو ٻيو ڀي گهران ٿو، سو ڏيکاري فيض ماب،

پوءِ ٿئي پڪ ۽ يقين دل کي تسلي ۽ اعتبار.

 

جي نبي آخر زماني جو آهين ۽ سچو رسول،

هيءُ جو مون وٽ نانگ ڀُڳل آهي، مروڙيل ۽ ملول،

جيءُ پوي جيئرو ٿئي، جان تنهن کي ٿئي حصول،

تنهنجي قدمن کي چُمٖي، ڏاڍي ادب سان ذوالعقول،

شاهدي تنهنجي نبوت جي ڏئي، ايهو پاڻ مار.

 

شرف مان اشهد پڙهي توتي چوي دل سان دُرود،

ڪلمون پڻ پڙهي واضع، صفا اي بحرِ جُود،

هن مبارڪ معجزي سان، حل ٿين قلبي عقود،

پوءِ آڻيان ايمان توتي، ڏيان محبت سان سجود،

دين تنهنجي ۾ اچان، دل تان لاهيان زنگ جو زُنار.

 

پوءِ سچي سرور ٻڌي، اُن جي اندر جو سڀ بيان،

ڏيئي دلداري چيائونس، هيءُ به ربّ کي آهي آسان،

تنهن کي مشڪل مور نه آهي، جنهن اُپايو آ جهان،

آهي صاحب صنعتن جو، قدرت سندس آ بي پايان،

بادشہ بي انت بيشڪ، ڪُل جو آهي ڪردگار.

 

تنهن گهڙيءَ ۾ ربَّ جي طرفان، حڪم ٿيو وحي کي،

ڏي وڃي دلداري جلدي، وڃ منهنجي تون دوست کي،

بعد صلواتن سلامن، منهنجا نياپا اُن ڏي نئي،

اُن جي مون کي مرضي گهرجي، غم نه آڻي دل مڃي،

خاص جنهن خاطر ڪيو آهه، جوڙي جڳ مون بيدار.

 

ڇو نه اي خاتم رسولا، مرسل مڙني جا شاهه،

تنهنجي وس ۾ مون ڇڏي آ پنهنجي سڄي بارگاهه،

جئن چوين ٿو تئن ڪريان، اک ڇنڀ اندر اي عاليجاهه!

هن خدائي جي ٺاهڻ مان، هُئي فقط هڪ تنهنجي چاهه،

آءٌ آهيان قادر اعليٰ ڪل، مون کي آهي اختيار.

 

آءٌ جياريان ٿو مئن کي، هڪ دم اندر جي آءٌ گهران،

بي وسيلي بيواهي کي، بادشاهي ٿو ڏيان،

بحر برتن ۾ آڻيان، ڪلر کي گلشن ڪريان،

جيڪي گهر جيئي مون کان گهر، اي دوست منهنجا آءٌ مُنجان،

پورو ۽ سهڻو بڻايان، تنهنجو سڀڪو ڪاروبار.

 

پوءِ اچي وهندو وحي پهچايو حضرت کي پيغام،

پهريائين پيش ڪيائين، تحفا صلواتون ۽ سلام،

مزده مالڪ جو ٻڌي، خوش حال ٿيو خيرالانام،

شڪر جا سجدا ادا ڪيا سرور عالي مقام،

ٿيا شگفته شاد خوش، گم ٿي وين غم ۽ غبار.

 

وڏيءَ خوشيءَ کان تڏهن کنيا، سردار ربّ ڏي هٿ ٻئي،

تون آهين معبود مالڪ، تو کي آهي روشن سڀئي،

نانگ مئو جيئرو ٿئي، اِيها طلب يهودي آه ڪئي،

پڻ ڳالهائي مثل ماڻهوءَ، راز کولي ڏئي چئي،

ڏي نبوّت جي گواهي، سڀني اڳيان هو آشڪار.

 

دعا گهري فارغ ٿيو، سڪ سان جڏهن سرور سچو،

حق تعاليٰ پاڪ جي، اي مومنو قدرت ڏسو،

نانگ ڀُڳل هٿ يهوديءَ منجهه ٿيو ڪوسو سڄو،

خشڪ ٿي ڳنڍجي  پيو، پوءِ ڪنٌئرو ۽ نرم ٿيو،

ساڻ قدرت پاڪ حق جي، سارو قلب ٿيس تيار.

 

پوءِ ڪيو جيئرو انهيءَ کي، پنهنجي حڪمت ساڻ حق،

هٿ انهيءَ جي هو ٽپي پيو، جنهن کي ها شبها ۽ شڪ،

پاڻ گهوريائين مٿان، مرسل نبيّن جي مرڪ،

ڏسي مبارڪ معجزو، پيغمبري جي ٿيس پڪ،

ڪئي قدمبوسي ڪاريهر، چُميا چاهه پِر جا پيزار.

 

صدق دل جي سان ڪيا، پوءِ نانگ سرور کي سلام،

صاف ظاهر ۽ بلند ههڙا ڪيائين خوش ڪلام:

يا رسول الله! انور نور نافع نيڪ نام،

تو ڪارڻ هي جڳ جُڙيو آهه، اي نبيّن جا امام،

پاڪ ربّ تعريف تنهنجي، هر هنڌ ڪئي آ بار بار.

 

تون پيغمبر تڏهن هئين، آدم اڃا پيدا نه هو،

تنهنجو مادح ۽ ثناخوان، پاڻ آهي ربّ سچو،

منجهه حشر شافع ٿيڻ جو، حڪم تو کي حق ڏنو،

راز پنهنجي جو توڏي، قرآن پاڪيزو مُڪو،

تون نبيّن جو نبي، ۽ مرسلن جو آهين سالار.

 

پوءِ يهوديءَ ڏي ڏٺو، اُن نانگ ڏاڍي ڏمر سان،

ڪر ڦٽي ايها هوڏ حجت، ڳالهائي نرمي ٺهر سان،

ابي ادب تون ڪين ٿي، سردار شافع حذر سان،

ڪم فهم نادان، تو ٽَڪرو لاتو آ ٽَڪر سان،

ڪر توبهه، تون باز اچ، اي بي حيائي هوشيار.

 

معجزن جي دعويٰ ديوانا رکين ٿو تون اڃان،

ڪجهه تسلي تنهنجي دل کي ڪين ٿِي ٿئي جِهل کان،

ڪر توبهه، تسليم ۾ اچ، ٿو چوان تو کي چڱيان،

جو حجت واري اَٿِي حضرت حيات النّبي سان،

ڏهؤن نشي مستِي جِهل جي، اي بيخبر ٿي خبردار.


*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+   سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو  حاشيہ ص 1.

*  هن معجزي جو متن ”قوت العاشقين“ مطبوع مسلم ادبي پريس، حيدرآباد سن 1950ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمريءَ لاءِ ڏسو حاشيہ ص  1.

*  هن معجزي  جون ٽي روايتون اُتر مان عبدالرزاق (پير جو ڳوٺ)، غلام رسول جتوئي (وارهه) ۽ محمد عثمان خواجي (گمبٽ) کان مليون.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* هن معجزي جون ٻه روايتون مليون. هڪڙي اُتر (تعلقي ڏوڪري) مان غلام نبيءَ کان ملي ۽ ٻي وچولي (تعلقي ٽنڊي الهيار) مان يار محمد مهاڻي جي قلمي نسخي تان ورتل آهي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

* هن معجزي جو متن ”وفات نامون“، مطبوع نولڪشور پريس لاهور، سن 1914ع تان ورتل آهي.

+  سوانح عمري معلوم نه ٿي سگهي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org