سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :14

ڪافي 3

اَديون ڙي اَڄ آههِ،

اَسان مُحبن جو ميلو!

دلبر سِڪندي ڏينهن ٿيا، سُپيريان جي ساءِ.

فَنا ڪيائون فراق کي، ٻُڌو جاءِ بجاءِ.

ڏک لنگهيا سُک آئيا، لڳڙي ٿڌڙي واءِ.

جنهن ساعت گڏيا سُپرين، سا ”سچو“ ساعت سُهاءِ.

 

ڪافي 4

ماريو هوتَ وڃَن اَلا، ڪنهن در ڏيان دانهڙي، ڀلو لو!

ڪاڪيون، ڪڏهن ڪينڪي، منهنجي مِنت مَڃن، اَلا.

پُٺيءَ پيس جَن جي، سي ڀِي سورَ سَڃَن، الا.

دعا ڪَريجو جيڏيون، ڀيرو تان نه ڀَڃن، اَلا.

اهو اَٿم آسرو، ڏيندا آب اُڃَن، اَلا.

”سچو“ سهمي ڪينڪي، روحُ ته کانءُ رُڃَن، الا.

 

ڪافي 5

هُتَئؤن هوتُ هَلي، ڙي، دوست دلاسو ڏيندو!

وجهج ڪم ڪريم تي، ٻي ڳولج ڪامَ ڳِلي،

- پاڻهين پُٺيءَ تو ايندو.

پَکا پَکن سامهان، تنهنجي ماڳ مِلي،

- اوڏا اَڻي اَڏيندو.

اَچڻ سندي اُن جي، ويندو روحُ رلِي،

- ٿورو ٿورياڻيءَ ٿيندو.

جا ڳُجهي هوتن مَنَ ۾، سا ساٿِن ڳالهه سَلي،

- پُنهل پاڻ سان نيندو.

مهرَ پنهنجيءَ سان تو پرين، اِنهيءَ ڀَت ڀِلي،

- ڙي ”سچو“ نانءُ سَڏيندو.

 

ڪافي 6

ذري ذري ڪَن چَشمان چُور،

نِين اسان کي ٿيون وَهلور!

تَن مَن سڀ تاراج ڪَرن ٿيون، ديدن جو آهي هي دستور.

خوني وتَن خيال پنهنجي سان، کَسِن شهزادن شَعور.

ناز نياز سان هِڪي واري، چاڙهن سولِيءَ تي مَنصُور.

ساڻ ڏسڻ جي مشتاقن سان، ڪَيفِي ڏاڍو ڪَن ڪَلوُر.

”سچو“ ڪير ويچارو آهي، وجهن ڦيري دل، ڪَرِن فَتُور.

 

ڪافي 7

پاڻِهي پئيوَ سُڌ سورن جي، وو، عِشق لڳيوَ جو اَديون!

ساري خبر وڃي تَن کؤن پُڇجو، جي ورِهه سڄڻ جي وڍيون.

ڪين لِڪن سي لوڪَ اڳيون، جي آهِن ڏکَن جو ڏَڌيون.

مُحب مسافِر ٿيا جَنين جا، ڪُوڪان اُهي لَک ڪنديون.

ورِههَ ولوٽيا جو وهنديون تَن جي، نيڻؤن نِيرَ جون نديون.

پارؤن پِرين جي سڻو سڀيئِي، لوڪُ ڀَلِي ڏي بَديون.

اڳيون پويون سڀ معافي ڪيون، تنهن محب ”سچوءَ“ جون مَديون.


 

ڪافي 8

اوري آڻ سي اوري، ڙي الله، جنين ڪاڻ سِڪيَس سال!

ڏسُ نه مون کي ڪو ڏئي، ڏيهه رهيس آءٌ تان ڏوري.

واٽَ جنهين کؤن لنگهيا، گهوري هِيءَ جندڙي گهوري.

هيڪند تون ڪر هوت جي، ساڻ ٿَڪيءَ ڪنهن ٿوري.

ساهه ”سچو“ جو تنهن ڏهاڙي، ويا چاڪَ وجهي چِتُ چوري.

 

ڪافي 9

ڏينهن پُڄاڻؤن آئين- ڀلي آئين ڙي يارَ مُنهنجا!

اڱڻ اسان جي هوتَ ٻاروچا، پيرَ جي اَڄ پائين- ڀِلي پائين.

پَري اَسان کؤن يار پرين ڙي، ڏينهن ڇولائين- ڪيئن لائين.

ڏوههَ ڏنگايون يار سڄڻ ڙي، ڪيئن ڀُليءَ ڏنهن ڀانئين- ڇو ڀانئين.

هيئن نه گهُرجي يار توکي، چِتُ چُڪيءَ تؤن ٿو چائين - ڪيئن چائين.

عَرش ڪرسيءَ تؤن اَچي اُتاهين، مَن ”سچوءَ“ جي تون مائين- ڀلي مائين.

ڪافي 10

تُنهنجي پانڌي پيغامن، اَلا، منهنجو جيءُ جياريو!

هِي تان تَنُ توان ڪيو، اَڙي ساٿِي سَلامَن.

تو تَؤن آءُ قربان ٿيان، ڏنهن آئين عجيبن.

مَنهنجو چِت چَريو ڪيو، هِن نيهَن جي نياپن.

درد منديءَ جي دل کي، ڪيو قابو ڪلامَن.

ڪيائون ياد حقير کي، اُسرئي ايامن.

ڪَيئون مِهرؤن پانهنجي، گوشُ ڏي غلامن.

مُنهنجو وِرههُ وڌايو، ان جي اَنجامن.

جيهو تيهو آهي ئي، ”سچو“ سگ سندن.

ڪافي 11

ڪري سانگ پِرين وري آيم اُهي، ديس آساڏڙي، اَلو اَلو!

وري وطن آئيا، ڀينر ٿيڙم ڀَلو ڀَلو.

پريَن اڳيؤن پيشوا، هاريو مون سان هَلو هَلو.

اَصلَ لاڪؤن آهي اُنهن سان روح منهنجي جو رَلو رَلو.

اُنهن ٻاجهُون ناهِه ڪو، ڳولڻ مون کي ڳَلو ڳَلو.

سِر سڄڻ جو لوڪ کي، ساهيڙيون نه سَلو سَلو.

”سچو“ سچيءَ سِڪ ۾، شال نه پوندو ولو وَلو.

 

ڪافي 12

ناهي هِنَ درد جو دارون، توئِي وٽ يارَ طَبيبا!

تِرُ تفاوت درد نه ڏيندءِ، ڇوڙين جا سِيَر سَرارؤن.

ڦَڪِي ڏيڻ سان هَي وڃي ٿو، هِنيڙو هاڻي هيڪارؤن.

سوز گداز، نِي وي، غم فراقان، لائن ٿا قول قطاروُن.

دوا دردَ جِي سوئِي ڏيندو، جو ايندو پرين جي پاروُن

ناز ڀَرين جيون يار ”سچوءَ“ جي، هِن تان ساههَ سنڀاروُن.

 

ڪافي 13

منهنجو شرم سَڀوئِي آهي، جيڏيون تان پِير مُغان تي!

وري ڏٺائون پاڻ ڏي پاڻِهين، نا ته هئا حالَ اسان هي.

اُهي پاڙيائون پاڻِهي پانهنجا، هو جي قول ڪيائون ڪي.

جَن پياريو پُر پيالو، شالَ ساقي جِيَن سي.

سَدا آهي وسَن اسان وٽ، جانِي جِيءَ جا جي.

سِر ”سچوءَ“ کي ڏَسيو ڏيهاڙيون، پنهنجي يار هَٿؤن ڏي.

 

ڪافي 14

ڏنِي ڏيکاري، ڙي ميان، صورتَ سُپرينءَ جِي.

حَسن حُسين جي ڪارڻ، زاري، ڙي زاري.

ورتَم ساري لوڪَ کؤن، ڀينر ڙي بيزاري.

مَحبت محبوبن جي، مون اَصل اِختياري.

چوان حقيقت حال جي، هيءَ سڄڻ کي ساري.

هِت هُت ڪندا ڪاڪيون، اُهي مون سان موچاري.

”سچوءَ“ سدائين گهُرجي، يارن جي ياري.

 

ڪافي 15

ڏيئي مون ڏيکاري، لَڙي وريو ويو در تؤن دلبر!

ڏٺُم اَکِڙين سان، هوءِ هوءِ حسن هزاري.

وس نه هِن جو ڪو هُيو، هوشُ نئين هَسواري.

دينَ ڪفر اسلام کؤن، بِرههَ ڪئِي بيزاري.

ڪنهن در ڏيان آءٌ دانهڙي، مونجهه اِنهيءَ مون ماري.

سوز سَفيران لايون، هِن چُڪيءَ کي چوڌاري.

حاجت هن جِي نه هُئي، جا قاتِل فوجَ قراري.

گهڻيءَ مدت کان پوءِ اُچي، دوست ڏني دلداري.

باسيائون تان بِرههَ جي، ميان ”سچوءَ“ کي سَرداري.

 

ڪافي 16

پرين اوهان کؤن پوءِ، هِت راتيون رهنديس ڪا؟

پُٺيءَ اِيندي تانهنجي، لالَ وري هِن لوءِ،

- پوءِ سورَ سهنديس ڪا؟

واعدا ويڙا وسري، هوتَ ڪيَوَ جي هوءِ،

- ٻئي ٻولي ٻَهنديس ڪا؟

پِرين تنهنجي پار ڏنهن، قاصِد اچي ڪوءِ،

- وري هِت ويهنديس ڪا؟

سچو سِڪَ اوهان جي، هنيڙي ۾ هوءِ هوءِ،

- ٻئي ٺاههَ ٺهنديس ڪا؟

 

ڪافي 17

مون ۾ عيب اَپارَ، سَڄَڻ تُنهنجي ٻانهڙي آهيان!

ٻانهِن جي آءٌ ٻانِهي آهيان، ساري سڀ ڄمارَ.

هُئان هميشہ هوتَ سان، شالَ نه ٿيان ڌار.

هِي سِر صَدقي تو تؤن، سِسي ساڻ ڪپارَ.

اوڇَڻ ڪنديس اَکيون، پٿر ڪنديس وارَ.

پاڻُ تو ئي تَؤن صَدقي، سِسِي سان ڪپار.

ساهَه ”سچوءَ“ جو سوگهو ڪِيڙو، رکي ياراڻو يارَ.

 

ڪافي 18

سو ڏاڍن جو آهي ڏيههُ، جاتي نِينهڙو وو نيڻن لايو!

جاتي پُهچ نه پَکيءَ جي ميان، سو سيڻن جو ساڻيههُ.

جي ٿِي وڃان در دوستن جي، ميان، چُمان پيرن کيههُ.

جي ڪوٺيو ڪُهن سُپرين، ميان، وڃي پَکڙي تَن جي پيههُ.

”سچو“ عاشقُ جي آهين، ميان، واڍوڙين وڃي ويههُ.

 

ڪافي 19

ڀلو، آءٌ تان يارَ سڄڻ جِي، ٻانِهي گولي آهيان!

آءٌ نماڻِي عيبَن هاڻي، ڏوهَن ۾ آءٌ تان اولِي آهيان.

جيهِي تيهِي آهيان، ڙِي جيڏيون، جانب جِي آءٌ تا جهولِي آهيان.

پَلپَل پُڇَن حال مُنهنجڙو، ڳالهه انهيءَ جي تان ڳولِي آهيان.

هيڏي هوڏي نه وڃان، مُحبن جي آءٌ تان ٽولِي آهيان.

ڏِسُ ”سچوءَ“ ڏي سُپرين، نا ته ڇَپَر هِت ڇولِي آهيان.

 

ڪافي 20

اَديون اُهي اَڄ آيا، ڏيههُ جَنين لءِ ٿي ڏوريان!

ڏيو مبارڪ سرتيون مون کي، مولا سي محب مِلايا،

- چرخو ڪيهو آءٌ چوريان؟

در پيهي سي، وو، آئيا، سائين اَلا، جَن لءِ مون وِرههَ وسايا،

- پاڻُ مَٿانئن گهوريان!

پَرڏيههِ ويا ها، وو، مون پرين، واليءَ سي پوءِ ورايا،

- تَڪِ ڪيها ٻيا توريان؟

”سچو“ اتي، وو، دوستُ گَڏيوسي، ڏينهن گهڻا جَنهن لايا،

- وندر ڪنهن لءِ ووڙيان.

 

ڪافي 21

ڀينر ڙي بيوس، وڃي آءٌ پَئيان!

وس نه آهيان پانهنجي، واڪو ڪَيمُ بيوَس،

- مين ديوانڙي ٿَئيان.

لوڪُ ساروئِي سرتيون، روحَ نه اَچي رَس،

- حالَؤن هُڻ مين ڳَئيان.

مَچُ ڏاڍو مون سِر آئيو، ڪوئِي نه اَچي ڪَس،

- قابو عَشق ڪَئيان.

بِرهه واري باتِ کؤن، ”سچو“ نه ڪَري بَس،

- مِهڻا ڏيَن سَنئيان.

جهولڻو

(سسئي ۽ پنهونءَ بابت)

1

سَرتيون سڀ ٿِيَس صلاحِي،

هوتان راههَ وٺي پيا راهِي،

ڇوٿينءَ ڪَڍ تَنِين جي ڪاهِي،

ڏونگر ڪِيم ڏَسائج، ڏاهِي،

حَبَ ۾ ڪونه ڪَندُئي همراهِي،

تڏهن ڇَپ ڪرڻ تو ڇاهِي،

پَر هو اِهڙو امر اِلاهِي:

ٻيا سڀ ويههُ تون وهَم وساري.

 

2

چي ڙي، مون سان مُور مَ ٿيو مَصلحاتِي،

ثابت سِڪَ رهي ڪا ساتِي،

هاريون هي جا آهي حياتِي،

تن کي روهه رسان ٿِي راتِي،

پائيِنديس جهَر تَتي جهَنگ جهاتِي.

ڇاجي ڇڄي پوي مون ڇاتِي،

ڪنديسِ وؤڙ سندين ويلا تي،

ايندس ساڻ وٺي ڀَڙُ ڀاتِي:

ڏسنديُونءَ هوت مِڙئِي هِڪواري.

3

چي ڙي، ويههُ وسار وڃَڻ جي وائِي،

توسان لَعلَن جنهن لَؤن لائِي،

تُنهنجِي دل کيڻَن تَنهُن تائِي،

سو اڄ جاڙَ ڪري ويوءِ جائِي،

ڏيئي ڪَن ٻُڌج تون ٻائِي،

ڊوهن پاس نه ڊوڙج ڊاهِي،

سُرت صلاحَ تون سَمجهج سائِي،

اِها ڳالهه اَمرَ ۾ آئِي:

ڏونگرُ ڏوُرؤن ئِي ڏهڪاري.

 

4

آيَل، اَڻَ مُلهِي جا آهي،

سا ڪيئن سَگءَ سڄڻ سان ساهي،

ٻيو تا ٺاهه نه هرگز ٺاهي،

ڏاڍن ساڻُ شَريڪتَ ناهي،

جا پَئي سڀ لاڳاپا لاهي،

ڇَپَر ڇوهه اَڳيانئُس ڇاهي،

ڪيچن ڪَڍَ اُها مَرُ ڪَاهي،

کڻندي گام ته پُڄندي ڪاهي:

محض اُنهيءَ کي مِيرُ نه ماري.

 

5

چي ڙي، رَههَ روين ٿِي روڙي،

آڏو ڀِينگ ٻُجهي ٿي ڀَوڙي،

هيبَت هول هراست هَوڙي،

ڪامِڻ ناهِين اسان کي ڪؤڙي،

تُون تَنهن ديس مَ وَڃج ڊَوڙي.

پَرڏيهيءَ جي پُٺِ مَ پؤڙي،

ٿَرَ ۾ ترسَ اَٿئي ٿَڪَ ٿَوري:

هِتِ تا ڪانَه گهَڙي هِڪ گهاري.

 

6

آن دل آرياڻِيءَ سان اَٽڪِي،

مان جا ريجههَ اَديون تَنهن وٽڪِي،

هَي هَي گهُوري تان هِنَ گهَٽڪِي،

رهنديَس ڪِين هِجَر ۾ هَٽِڪِي،

جانبَ ڪاڻ نهَ جاڳيسَ جهٽ ڪِي،

ڀِنيءَ ويلَ وڃان مَرُ لَٽڪِي،

ڪنهن جي فَهم نه هَٽڪا ڦَٽڪِي،

هاڻي سِر توڙين مون سَٽڪِي:

هِنَ کي ڪامَ هَلڻَ کؤن کاري.

 

7

چي ڙي، سڀ پَر سُڃَ ڄُلي ٿِي ڄاڻِي،

پُرجهج پَٻَ نه اَٿيئي پاڻِي،

وسهج تو دل جَنهن سان واڻِي،

سَسئي سو تان ٿِيُئي نه ساڻي،

ناحق تانگهه تنهين ڏي تاڻِي،

ڇو ڪيءَ خواب کڻِي تو کاڻي،

ڪِيئن ٿِي آبُ اکين ۾ آڻِي،

حِيلا ڪَر مَ هلڻَ جا هاڻِي،

پُڄندينءَ بام پَسِي بُــرُ باري.

8

 

جيڏيون جبلَ چَؤ ٿيون جيئِي،

ساجهُر سَنگَ لتاڙيان سيئِي،

گهوريان گهوٽ بِنا گهرُ هيئِي،

سائِي وَسَ وَٽانئُم ويئِي،

رهندَمُ روحُ نه هِت تَن ريئِي،

ويڙم دوست دلاسا ڏيئِي،

هِيءَ تان پَلَؤ پُنهونءَ جي پيئِي:

هُن تان ڪامِڻَ ڪيڙس ڪيئي،

نِيائُونس وَرُ وٺي ويساري.

 

9

چي ڙي، گهورين ڪاڻ، جنين جي گهَرڙا،

اَٿئي تَن اَڙانگا اَرڙا،

آڏو ٿاڪُ نه ڏيندءِ ٿَرڙا،

ٿِيندءِ زور مَٿي تو ذرڙا،

بيدل بَس ڪَرائيندءِ بَرڙا،

اوجهڙ ڪوههَ اَٿئي سي ڪَرڙا،

گهائي پيرَ کائيندءِ کَرڙا،

سگهندينءَ نارِ وَرُ نِهاري.

 

10

ثابت ڳالهه سڻو هِيءَ ساري،

جبل واٽ نه جيڏيون جاري،

پَرَ ڀِي بِرهه جنهين سان باري،

سا هَڏِ ماڏي مور نه مَاري،

ڇا جي وَر وِنگا وَڍَ واري،

تاڀِي درد منديءَ دَهڌاري،

توڙي ڪوهه ڪري ٿو ڪاري،

ڪندو پاڻ پنهون پوءِ واري:

تا پڻ سَرسُ سِڪائِي ساري.

 

11

جيڏيُن ڪَيَس وراڻِين جوڙي،

هُت ٿو روههُ رڙندا روڙي،

تَنهن جو تابُ نه سگهندي توڙي،

آڏو مِير مَيائِي موڙي،

رائو ريگَ ٿرَن کؤن ٿوڙي،

سگهندينءَ پيرُ نه ڪَر ڳَل کوڙي،

تون تان لعلُ لَهين ڪِيئن ووڙي،

ڪَنهن جِي ڪَامَ ڪَمر ڇَڏ ڇوڙي:

ٻيا ٿِي ماڳ مِروُن چوڌاري.

 

12

جيڏيون جَتُ مُنهنجو آهي جائِين،

آءٌ تان وينديَس اَڄ تَنهن تائِين،

آهيان ٻانهي اُن جي آن ئِين،

پاڻؤن گهٽ ڀينَر ٿِي ڀائِين،

آن کي پَلؤ ڳچيءَ ۾ پائين،

دَمَ دَمَ دُرس ڪريج دعائين،

مون کي سَڄڻن ميڙيين سائِين،

ڪيچپڙن کي پَهچان ڪائِين:

بِرهه جِي باهه ٻَهون ويا ٻاري.

 

13

چي ڙي، آڏو لَسَ بَگهيڙَ ڪَن لوڙا،

تَن کؤن ڪَنَ ٻَئي ٿين ٻوڙا،

ڇوهئون ڇَپُر ڇِني ٿو ڇوڙا،

تاتي ٽاڪَ ٽَڪَ جا ٽوڙا،

سَهمناڪَ سُنڊا سي سوڙها،

ڏيون مار مٿي ڏين موڙا،

سي ئِي ڏَرت ڏورَڻ جا ڏوڙا،

ڏينڀو ڏنگَ هَڻن ٿا ڏوڙا،

آهِن هاڙي مَنجهه هَزاري.

 

14

چي ڙي ڇا جي مَستُ مِرون هنئن مارا،

چُرڙين نانگَ چُرن چوڌارا،

سي ئي ورهه اڳيون ويچارا،

هڻندا شينهَن ڏسي شوڪارا،

هو جي هاڙي مَنجهه هاڪارا،

سَرتيون سَنگ نهاريان سارا،

ڪيا جُک جانب جي جيءَ جارا:

وَرَ سان ڪانه ايندي ڪا واري.

 

15

چي ڙي، هُيَڙئِي جي جَتَن جِي جا ڪا،

توکي سَمجهه پيئِي چَؤ سا ڪا،

ويَڙَئِي نازِ نهوڙي ناقا،

ڏونگَر ڪين اَٿئي ڪي ڏاڪا،

لَوهي لَس وجهندئِي لاڪا،

ڇِپِؤن ڇُوهه لنگهندينءَ جهاڪا،

آڏو فَلَڪ فِڪِر آهِن فاقا،

ونگُن وِچ واسِينگَن واڪا:

هُت تو پَپُ وِجهي پاتاري.

 

16

ڪاڪيون ڪامَ ٽِڪي هُت ڪانِي،

جاڏي جَتَ وٺي ويس جانِي،

سورج آهي نه تن جو ثانِي،

تاڏي تُرتُ وڃان آءُ تانِي،

ڇا جي پَٻِ نه هوندس پاني،

ڇَپَر ڇوهه اَڳيانئَس ڇانِي،

لوچون ڪِين ڪنديَس سالانِي:

اِهو عَرض اَٿوَ اِظهاري.


 

17

جَلَدؤن جَت وٺِي ويئي جوري،

ڀوري ڇو نه ڀِرينءَ تَنهن ڀوري،

گاذر هاڻ مَحَل گهَر گهوري،

ڏونگر ڏرڙَ سَگهِين ڪِيئن ڏوري،

عاجِز عام ٿيندئِي، هِت اوري،

ٿَرَ جي پنڌ نه ٿَڪِيئن ٿوري،

تن کي توڙَ سَري ٿِي توري،

وجهه مَ جِيُ ڀَلا ڪَنهن جهوري:

مَرنديءَ گامَ کنيو ڪوڪاري.

 

18

چي ڙي، بيحد ڪِيم ڪِهو ٻيون باتِيون،

ڇو ٿيون لَسَ لوايو لاتِيون،

ڪَنهن کي ڪَنڌ نه اِينديون ڪاتِيون،

رهنديَس روز نه اِتي راتِيون،

وينديَس سِڪ سَڄڻ جِي ساتيون.

ڏاتَرُ ڏِس جو ڏيندُم ڏاتِيون،

پائِيندس جالَ جَبَل ۾ جهَاتِيون،

مَحبن هَس اِهي مَصلحاتون:

هَلِي آ مَردِ ساڻ اُماري.

 

19

ڪامِڻ مِنَٿ ڪَريون ڪَنهن ڪيهِي.

سي جَتَ جاڙَ ڪري ويئِي جيهِي،

ڪِيَڙي پُرجهه نه تو پٻ پيهي،

ڪا ڪَر ڪاهه تِنين پُٺ تيهي،

تون تان نِينهَن نسوري نيهي،

ووڙج وَرُ مَ وِِرِچج ويهِي،

ڪيائين دُرس ديوانِي ديهِي،

اَول عِشق نِشانِي اِيهِي:

تَڙ ڦڙ راتِ ڏينهان تڪراري.

 

20

ڪيچين ڪَڍَ لڳِي هوءَ ڪَهڪي،

پهريين پور ٽَڪر سان ٽَهڪي،

ڪامِڻ ڪوهه ڏسِي نا ڏهڪي،

اُتي روحَ نه تنهن جي رَهڪي،

توڙي پير ڦِٿَس پَٻ ڦَهڪي،

تان ڀِي نارِ نه بالڪل نَهڪي،

توڙؤن ڪِين تنهين هَڏ تَهڪي،

اَوجان عاشق اهڙي آهڪي:

ڏونگر سڀ وڌائين ڏاري.

 

21

توڙي جهَڪَ جهَڪي ڪَئي جهولي،

ٻِي تان ٻولي هَڏ نه ٻولي،

ڦيريون ڏئي، پِرين کي ڦولي،

ڇوهؤن پاڻ ڇَپَر کي ڇولي،

گورَن رَند ڏسِي سِرُ گهولِي،

ڳڙَ ڳڙَ ڳورها ڳاريو ڳولي،

ڏونگر ڏرڙ ڏکوئِي ڏولي،

قادر شال قريبَن ڪولي:

ڪندو گام ٽڪَر کَؤن ٽاري.

 

22

پهريون کانءُ پهاڙَ پُڇيائين،

هِت ڪي ويٺا هوت هَنڌائين؟

هَر هَر توکي سُرت سڻائين،

ڪي هئا رات توئِي وٽ سائين؟

ڪَر ڳَل الله لَڳ اَلائين،

ٻيو هَڏ سور نه سَنگ سليائين،

مون کي مُحبن ساڻ مِلائين:

عاشَقِ هَي هَي ويا آزاري.

 

23

پوءِ تا ٿيڙس جبل جوابِي،

ڀِنيءَ ليلَ لنگهيا بشتابِي،

ساڳيين سارو ساٿ ثوابِي،

سي سڀ هُئڙا گُل گُلابِي،

وڄندا وِيڙا رات ربابِي،

اصلوءِ اَڙٻنگ هئا اَعرابِي،

توسان ڪيائون خام خرابِي،

اوٺي عن هئا عاذابِي:

هتؤن ڪاهه آڙاهه اَنڌاري.

24

ڏونگر ڏَسُ چُڪيءَ ڇَڏ ڏيئي،

تو وٽ رات تنين ڪا پيئي؟

آهه هي وَسَ تنين کؤن ويئي،

ڪِي تان لنگهيو ساٿ سنجهيئي؟

هاڻي حال سُڻج مون هيئي،

ويَڙس ڏک وڏو هي ڏيئي،

هُو هُئا ڏاڍا سُپرين سيئي،

جانب آهن منهنجا جيئي:

ماري آهه ويا اَتاري.

 

25

حَجر چَيَس آهي هِنيڙي هاري،

جي تون محبوبن جي ماري،

آهي عشق سَندُءِ آزاري،

وجهج ڳَلِ ڳچيءَ ڪا ڳاري،

مون کي تِر نه ڪج تَڪراري،

پُٺِنِ ڪاهه نه ٿيءُ قراري،

اَٿئي بِرهه بلوچي باري،

يَڪدِل کانئن مَنگج ياري:

ويندئِي عشق نه هڏ اوتاري.

 

26

ڏونگر ڏيرن ڏي ڏَس ڪوئِي،

اَوڙي روحَ نه ٻيو رسُ ڪوئِي،

ناهي ويچاريءَ جو وَسُ ڪوئِي،

لاهي ڪو نه ٻيو ڪَسُ ڪوئِي،

ناهي جانبَ جو جَسُ ڪوئِي،

ڪُٺي غَم ڏِسِي ڪَس ڪوئِي،

خاطِر منجهه نه پيس خس ڪوئِي،

وٺي درد ڦِري ڏس ڪوئِي:

بيٺِي عِشق منجهؤن اوساري.

 

27

چُڪيءَ چوٽ وڻِي ورچاٽي،

وِيڙا وِرهه توئي سان واٽي،

آندي عِشق تڏهن اورهاٽي،

ڪُٺل ڪيچ وڃج ڪنڌ ڪاٽي،

پِيتَئي زهر منجهؤن گهُٽ گهاٽي،

توکي آندو عشق آڳاٽي،

ڳولج ڄامُ پنهونءَ گهِر گهاٽي،

هَي هَي لَعلَن ويو لوهاٽي:

هُئڙي جن جي هِيءَ آجهاري.

 

28

هَي هَي ماري عشق اَميران،

وٺِي وِرهه وَڪيل، وَزيران،

توڙؤن هِيئن لِکيون تقديران،

ٻانِهن هٿ ٿيون تقصيران،

ڏاڍيون عشق سنديون تڙ ڀيڙان،

پُٺِيءَ منهنجي بِرهه بَهيران،

هَلَن هُت نَڪي تدبيران،

مون سان سندين سوز سفيران:

ورتُئي ورهُ ڪنهين وَڻجاري.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org