سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :16

داستان ٻيو

1

مَٿي جَن مُوڙا، هئا ڄارين گندئين گودڙئين،

بئنسر بئينان زر جا، تن جهاٻا آئون جُهوڙا؛

جَن ٻانهين ڪُلهين ڪِين هو، تَن چُوڻِ تائين چوڙا؛

سمي جي سهاڳ سان، تن ننگن نپوڙا؛

ڪوڙيون ۽ ڪُوڙا، سچا سمي سڀ ڪيا.

2

رنگ ڪاري روُيون، هيون مڙني مَلاحَن جِيون؛

سي کنيون کارَن ۾ اَچن، دَرا ۽ دُويون؛

جِت بيحد بدبُويون، اُت الله عطر اوتيا.

3

هڪ دَرا ٻي دَوءِ، پيون گوجان مارنِ گانگَٽيون؛

ٽَن مون کِکيءَ جِي اَچي، برابر بدبوءِ؛

اچي مُشڪ عطر جي، اَڄ منجهانئن خوشبوءِ؛

رنگ سوني جِيءَ رُوءِ، صورت انهين سُوهڻي.

4

منهن مِٽيءَ ميريون هيون، بيهوديون بڇڙيُون؛

گهِڻ گهِڻ نوريءَ گهِنگِرو، ڇِم ڇِم ٿيون ڇيريُون؛

سمي پاڻ سهاڳ ڏئِي، هِي جي هُنَ هيريون؛

لوهاڻِيون لوريون، پارسَ لڳي سون ٿيون.

 

5

پارس لڳي سون ٿيون؛ لوهاڻيون لوريون؛

جَهلَ جهُڳن کي ڪانه ڪا، وَريون ۽ ويريون؛

محلين رَهن ميرَ جي، مُهاڻيون ميريون؛

سمي ڏنا سُهاڳ، کي، سَهجَ ۽ سيريون؛

ڪوجهِن مان سهڻيون ٿيون، جهٽ پَٽ جهَٻيريون؛

تماچيءَ تيريون، ڪينجهر جون ڪِنيون کڻِي.

6

مُنهن مِٽيءَ ميرا، هئا بيهودا بڇڙا؛

سمي جي سهاڳ تي، ٿيا گاندرَ گُنيرا؛

ڏسو ڏهاڙي ڏئي، ٿو در تنين ديرا؛

ساجهُر سويرا، ٿا کائِن طعام خوشيءَ سان.

7

تَرڪو جَن تَريون، ٻيا ڪونئر ڪُڙهيون ڪَڇ ۾؛

تَن اَڄ لَڙهان لَڙڪن موتئين، ٻيون سنديون سون سريون؛

زيور آئون پازيب ٻئا، زري بافَ زريون؛

ڪِينجهُر ٻئِي ڀَريون، اُنهن کي انعام ٿيون.

8

جَنين دُوءَ دَرا، ڪَڇين ڪُمَ ۽ ڪُوڻيون؛

سي مٿي پيرين بَرهنه، هئا گانَدر سَڀُ گَرا؛

اُهي پاهان پاڻ ڀرا، ٿيا سَمي جي سُهاڳ سان.

9

جي ڪونئر ڀَرن ڪُمَ، تن ناتو ناپي سان هئو؛

تَرِن جا تن تار ۾، ٿي رَوان ڪِيا رُم؛

پوِءِ اچي تماچِيءَ ڄام جي، پئي در تنين جي ڌُم؛

جي هئا گوشائت گُم، سي پَلءِ لڳي پَڌرا ٿيا.

10

بِههَ ڏوڏا جَن ڏاجُ، قوت جنين ڪُمَ ڪوڻيون؛

انهن جو اَحتياج، ٿو تماچِي ڪيڏو ڪڍي.

11

نه ڪنهن روُءِ نه رنگ، هئا بيهودا بُڇڙا؛

اَڄ پڻ انهن جي ٿيا، پيرن هيٺ پَلنگ؛

مِياڻيون معافي ٿيون، نه اَبوابَ نه اَنگَ؛

پَٽُ اوڍين اَڙٻنگ، سي سَمي جي سُهاڳ تي.

12

پوِ ڪُيِون لَسَ پَلا، ٿي مُهاڻن ماريا؛

لَکَ هزارين حاڪمين، ٿي کاڌا تَن کَلا؛

ڪُڙهِيون جن ڪَنڌن تي، سي ٿيا لڳي ڀاڳ ڀلا ؛

دمڙي تن نه دست ۾، هئا ٺهريل ڪين ٺلا،

اڄ ميئن جي گهر مال جا ٿيا ٿم ٿلا؛

پَر هُيڙي اکڙِين ۾، ڪا جا مِييَ ڪَلا؛

ڪينجُهر گهُمن لاڏڪِيون، ڪَيون رسَ رَلا؛

اَگلا جي سَگلا سَمي نانوَ سُڃاڻبا.

13

حَريران ۽ حُلا، ڏنا ڄام ته ڄارِنِ وارئين؛

جي هيون اَڌو ٻنڌن ۾، تَن چوتِيون چُوڪُلا؛

ڪينجهُر سَنديءَ جاءِ تي، تن بنايا بَنگلا؛

اَگلا جي سگلا، تان سَمي نانو سُڃاڻبا.

 

14

ڪينجهُر سنديءَ ڪَنڌئين، رهن ڀريون جي ڀَڀُور؛

تن ميئن مٿي آئيا، سالو ۽ سالُورَ؛

چڙهيون سان چَؤڏول ۾، ٿي حُڪم هلائي حُورَ:

راتو ڏينهان راءِ جا، ٿيا مَلاحين مَذڪور؛

سي حاضر منجهه حضور، وهن تماچِيءَ ڄامَ جي.

15

تون سَمو سرتاجُ، آءٌ ميئي مُهاڻي آهيان؛

لاٿئي پنهنجي لَطفَ سان، اسان کؤن اَحتياجُ؛

ڪينجهر سارو تو ڪَيو، مون مييءَ سندو محتاجُ؛

تنهنجو مون ڏنهن راج، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.

16

لانگوٽيون لاشون، هيون وَههَ وَهلَ جي وچ ۾؛

سي پلِءِ لڳي پوءِ ڄامَ جي، ٿيون خوراڪين خاشيون؛

لَعلَن ياقوتن جون، وَٽن ڪينهن ڪَماشون؛

جن پاسا هِريل پَنِ تي، تَن فرشين فَراشون؛

تا ڀِي تماچيءَ کي، ڪن طرحين تلاشون؛

روءِ هيون راشون، پَر سمي ڄام سُهاڻيون.

17

هئا خامَ خسِيسَ، ڪينجهُر سنديءَ ڪَنڌئين؛

سي مورائو مَڇيءَ جا، هَمہ ڪُل حَريص؛

تڏيون تنؤريون تن کي، پاٿاريون سڀ پِيسَ؛

جڏهن ٿِي تماچيءَ جِي، ميئَن سان مجليسَ؛

سي سون رُپي سرسا ٿيا، لٿن هڪ ٻئي جي هيسَ؛

واتين ڪري ٿو اُن جِي، هر هر ڄامُ حديثَ؛

مهرَ آئون شفقت جي، ڏئي اُنهن کي اَسِيسَ،

تَن سان ڪير ڪَريندو ريسَ، جي سَمي ڄام سُهاڻيون.

18

جن واتين وَههُ و  هل، بانس آئِي ٿي بُڇڙِي؛

تَن ويهاري وَٽِ ۾، ڪيا شاهه شُغل؛

اَهي چڙهيان پالڪئين، آهي سڀَ سَهَلَ؛

جتي جهَٻيرن جهوپڙيون، ٿيا ماڙيون تِتِ مَحَلَ؛

سمو ڄامَ اَنگَلَ، اَچيو اُنهن سان ڪَري.

19

ڇڇيءَ جِي هَئي ڇَٽَ، ٿي آئِي عام خلقَ کي؛

وَههِ وڃائي وَههَ ۾، ميئي مڃائي نه مَٽ؛

نوري ڄام تماچيءَ سان، کِلي چڙهِي هُئي کَٽَ؛

سرلاجو سَرپَٽ، مَلاحِڻَ مشرو ڍڪيا.

20

جنِين ڦاٽوڙيون هيون، گنديون گودڙيُون؛

تَن ڀيريون بافتن جيُون، جُنگ ڏئِي جوڙيُون؛

اُڇليو اُنهن ڏي وجهي، سون رُپو روڙيُون؛

پانوَ پاسي مييَ جي، قَناتان کوڙيُون؛

گهوڙا ۽ گهوڙيون، ٿو ويٺو ڏيهاڙيون ڏئي.

داستان ٽيون

1

نوريءَ ڪيو نازُ، ٿِي ريجهائي راوَ کي،

نِت نِت ڄام نيازُ، ٿو اَچيو اُنهن جو ڪري.

2

تون تماچي ڄامُ، آءٌ ميئِي مُهاڻِي آهيان،

ڏنو تو آرامُ، ڪينجهر ٻِن ڪنڌيُن کي.

3

تنبوءَ جِي طَنابَ، اڄ کُتي ڪينجهُر ڪنڌئين؛

ناد وڄن ٿا نادرِي، ٻيا ڀِي رودَ رَبابَ؛

جِتي کِکيءَ کوڙ هئا، قيما تِت ڪبابَ؛

وَتن مُهاڻا مستَ ٿيا، ماڇي بي مهابَ؛

تَن تَؤن سڀ حسابَ، مورائِين معاف ٿيا.

4

پَلَئه مون پاتوءِ، تون راجا لَڄَ رَهائيين؛

سَما سُڃاتوءِ ڪاملَ پنهنجي قُرب کي.

5

ڏُٿُ جَنين ڏوڏا، پَهرڻ پاٻوڙا تَنين؛

پيٺا وَڃن تن جا، گَپَ اندر گوڏا؛

سو پَٽن جي پَينگهُن ۾، تن لالُ ڏئي لوڏا؛

اُهي آڻيون اوڏا، ٿو وير وهاري وَٽ ۾.

6

ڪوجهيون رنگ ڪاريون، منهن نه موچاريون اُهي؛

سي ڪڍيون ڪالورن جِيون، سِر کَڻَن کاريون؛

ڪيئي کڻي اُن جيون، ٿو تماچِي آريون؛

سي اَڄ سالون ڍڪين سِرَ تي، ڪُلهين ڪِيناريون؛

زور ڇڏي زاريون، ٿو تماچي تَنِ کي ڪري.

7

لاڏڪيون لاڏ لُڏَن، ڪينجهر سنديءَ ڪَنڌئين؛

ڪاريون ٿِيون ڪُڏَن، سَمي جي سهاڳ تي.

8

ڏُلِيُن کي ڏولئين، ڄامَ تماچيءَ چاڙهيو؛

لَعلان زمردَ تَن ڏئي، ٿو جواهِر جهولئين؛

زريءَ ڪَلاباتَ جا، تَن چِڪَمَ تي چولئين؛

ڇڻڪائي ڇولئين، هيرا لَکان لَکنئين.

9

هئا لانگوٽِيا لول، ڪوجها ڪنهين نه ڪَم جا؛

تَڏي مَڏي ڪانَ تَن، سي ڪَن جهَروڪين جُهولَ؛

فَرش فُروشَ آئون غاليچا، ٿو ڏئي تَنين کي طَولَ؛

مَڏيون مال ڏسي اُهي، غمزا هڻن غُولَ؛

قدرُ تَن کي ڪهڙو، جي آهن اولَجَلولَ؛

پيا اِهڙي منجهه اَلولَ، تِن ڄاريون ڄار وساريا.

10

ڪؤنر جَن ڪُڙهيون، هُيون هميشہ هٿَ ۾؛

سي لوڙهن جي لَڙهه لءِ، ٿي لُڙئي منجهه لُڙهيون؛

جهُڳن جهَل نه اُن جي، ڪونتلَن ڪُڙهيون؛

ڪي وَتَن ڇيڪ ڇُڙهيون، ڪي تازي طَويلن ۾.

11

هُيون لَسَ لانگوٽيون، پاڻِيءَ پوندي جن جيُون؛

تَن مِياڻيون معافِي ٿيون، ٻِي ڇَر سَڀا ڇوٽيُون؛

اُن جون کڻي ڪيتريون، ڄام سَمو ٽوٽيُون؛

جو ميئون ريجهائي راوَ کي، ماڻَن سان موٽيُون؛

کَريون جي کوٽيون، ته ڀِي پيون پلئه ڄامَ جي.

12

ٿي پُڻ هُوءِ هُپيون، پورهيون ڪَندي پَن ۾؛

لِيڙَ نه جن لِڱن تي، ٻاهين ڪَنين ٻُٽيون؛

پَلئه لڳِي پوءِ ڄامَ جي، ڇِيهن کانءُ ڇُٽيون؛

اُنهن لانگوٽِن لُٽيون، ٿي مُهران لَعلان لاڏَ سين.

13

بيهودا بي آب هئا، اڳي ڪينجهُرَ ڪنڌئين؛

پَلئه لڳي پوءِ ڄام جي، ٿيا تنهن جا جوڙَ جوابَ؛

ٻِيا سَڀ حرفَ حسابَ، مَلاحَن معافِي ٿيا.

14

پيرين اُگهاڙي جي گهُميون، تن لڳيون سَو سُتيون؛

ساڻ جڙاوَ جُتيون، ٿي ڏنيون تماچيءَ تن کي.

15

مُهاڻيءَ مَرڪُ، جان تماچي طرُيلُ ٿيو؛

مَٿي مييءَ گلابَ جو، ٿو اوتي پاڻ عرقُ؛

ڪيائين ڪو نه فَرقُ، پاڻ گڏيائين گاندرين.

16

جَنِ مَون بُڇڙي باسَ، آئِي ٿي عامَ کي؛

تن سان سَمي ڄامَ جا، ٿيا ايڏائي اِخلاصَ؛

ٿي عامَ نه ڏٺو جن ڏي، سي ٿيا خاصاً خاصُ؛

عطر عَنبير ڪچور جا، اُهي وَڳين ڏيَن واسَ؛

لَکين ڪن لباسَ، زريءَ آئون زَربافَ جا.

17

تون سمو سُلطان، آءُ ميئي مهاڻي  آهيان؛

تون مون ڏنُهن مِهربانُ، مون ڪيهي ڪاڻ ڪُڙم جِي.

18

ڪَڍيو ڪالوڙا، ٿي آندئون اَڌو ٻنڌ ۾؛

جن پيرين لِتَر ڪونه هو، سي ڪن جڙائو جوڙا؛

تن مُهران سون سَمو ڏئي، ٻيا رُپي جا روڙا؛

ڏينهن ۾ ڏوڙا، ٿئا سَمي جي سُهاڳَ سان.

19

ٿِي لانگوٽِين لوڙَ، پِيو ڍويو ساريءَ ڍِنڍَ ۾؛

ناپي ۽ ڏُٿ ڏَپَ جا، آڻيو ڪَنِ اَروڙَ؛

تتي مُشڪَ عطَر ٿيا، هئا جِتِ کِکيءَ جا کوڙا؛

سي ڪن ڪِينارئين ڪپڙا، ٻيا جواهِرَ جوڙ؛

مَٿي ٻَنَدي موڙ، گهِڙيو تماچِي تَن ۾.

داستان چوٿون

1

مَڪَ برابر نه ڏيان، توڙي ڀَرين موتئين ماڻِ؛

جو مون ڪميڻيءَ ڪاڻ، ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.

2

ڄامَ کنيو ڄارو، مُرڪِي مَلاحن جو؛

تيلهان مَڪَ مٿي موتِن جي، ڏيان ٽِيڻو تُرارو؛

سڀ ڪينجهُر ڪنارو، مُهاڻن معافِي ٿيو.

3

موتي مٿي مَڪَ جي، وٺان نه ٻِيڻا؛

ڀِي برابر نه ڪريان، جي ٻيڻا ڪِي ٽِيڻا؛

اَسين تا هِيڻا، پَر ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

4

مَڪَ موتين تي نه ڏيان؛ توڙي هُئن ڀاتون ڀاتِ،

ڪوجهِي مان ڪَم ذات، پَر ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.

5

پَلئي لڳِي آهيان، آهِيان اَياڻِي،

سَمي سُڃاڻِي، ڄارو ڄامَ ڪُلهي کنيو.

6

هئا ٽولا ڪين ٽوٽَ، پر نادر ڄام نوازيا؛

جَن ناپا لوڙهه ڪَلور ٻيا، ٿي ڦَڪيائون ڦوٽَ؛

سي اڄ کِيا وَتَن خمارَ ۾، اَٺئِي پَهرَ اَلوٽَ؛

ڪِينجهُر ٻِن ڪنڌيُن ۾، ٿيا لانگوٽيا، لَک لوٽَ؛

پينگهن آئون سُک آسَڻين، ڪَن جَهٻيرا جهُوٽَ؛

هڪ ڪلهين ڪونئر سئيل ڪن، ٻيا منهن لائن منهن سُوٽ.

ڇِڇيءَ هاڻن ڇوٽَ، ڪيون مَرد مِياڻيون.

7

جن ٿي ڦَڪيا ڦُٽَ، ٿيا ڪُلين قيمَن هيروان؛

اَڄ تن دُشالا سِرَ تي، ٻيو شالون ٻنڌَن ٻُٽَ؛

زمرد آئون ياقوت جِي، ٿي لَعلين هيرين لُٽَ؛

سَمي سڀ معافِي ڪئِي، تَن ساٽِن تان سَٽ ڪُٽَ؛

لَٿا ذِيل اُنهن تَون، ٻي ڪُلِي ٿِين ڇَرَ ڇُٽَ؛

عيبَ ڏسِي عامَن جا، ڪيائين ڪان اُپَٽَ؛

اُنهن ڄامُ اُکُٽَ، موتي ماڻِڪَ ٿو ڏئي.

8

هيٺ مٿي پوتِي، هئي ماڳين مهاڻِنِ کي؛

پاڻيءَ پوندي تَن هُئي، چِڪَ جيهِي چوتِي؛

اڄ گاندرِ سِر گلابَ جي، ٻي عطر عنبر اوتِي؛

مُنهن لَڳُس موتِي، تان جهولي ٿِي جواهِرَ ۾.

9

ڄارو ڄام کڻي، ٿو مُرڪيو مَلاحن جو؛

زريءَ آئون زرباد لَئي، ٿِي ڇُڳير ڇَڻي؛

سَهجَون سون رُپا ڏِئي، ماڻِڪَ ميَي مَڻي؛

خيما خوب قناتان، هيجون تِتِ هڻي؛

ڳاڻاٽي نه ڳڻي، ڏي جالَ جواهَر تَنِ کي.

 

10

تماچِي طرُا، ٿو سڏيون ٻڌائي اُن کي؛

سي شوق وَتن شِڪار تي، کنيو زور زُرا؛

ڪُڏائِينِ ڪُرا، سي ٻنهي ڪِينجُهر ڪَنڌئين.

11

راتو ڏينهان ڏِٻَ، هو مَرَڪُ مَلاحن جو؛

ٿي ٻوڙيون وَههَ وَهل ۾، ڪئي جَهٻيرن جهِٻَ؛

هو روز جَنين جي رِٻَ، سي اَڄ ڪُلين حلون هيروان.

12

مُهاڻِيءَ جي من ۾، نه هو گِيرَبُ گاءُ؛

نيئن سان نازَ ڪري، ريجهايائين راءُ؛

سَمو سَڀنِي کانءُ، وَٺي ويٺي پاڻ سان.

13

هُئِي ويٺي بازر وچ ۾، هُئا هٿ کِکِيءَ هاڻس؛

دَرَن ڪاڻ دُٻَن ۾، ٿي ڀَنَ وِڌا ڀاڻَسِ؛

هُئي مُهاڻِي ماڻَسِ ، پر هِن سان ڪَرم ڪَريم ڪيو.

14

ٻيو ڀِي چار چُري هَليون، ٻڌي دعويٰ دانايُون؛

”هلي ته کِکيءَ کوڙ سان، ڳَچ ڪِي ڳالهايُون؛

مضمون ڇا هي مَلاح جو، جنهن سان راءُ کڻي رايُون!“

نوريءَ اَڳِيون نازَ مَون، جڏهن چِٽِ اکيون چايُون؛

تڏهِن سُهمجي سايون، ٻولينديون ٻاتِيون ٿُيون.

15

لَٿو لانگوٽين جي، پَکي ڄامُ ڄُلِي؛

مَنَهن مَنَهَنِ پيون مَسندان، جهُڳي پاس جهُلِي؛

ماڻِڪَ ۽ موتئين، ڇولِي ڇول ڇُلِي؛

ڪِنجهرُ سڀ ڪُلِي، ڄَڻ اَصليءَ کنؤن اَهڙو هئو.

 

16

فارغ ٿِيَن نه فِراقَ کَون، ويجها ڪين وصالَ؛

گُم ٿِيڻ کَؤن گم ٿِيا، نَڪا سُرت سنڀال؛

اتي قِيل نه قالَ، ”سچو“ صُمءٌ بُڪُمءُ ٿيا.

مارئي

داستان پهريون

1

سارَيم اَڄ سَنگهارَ، جن ڏٺي مون ڏينهن ٿيا؛

سي لَڪَ لَنگهي پيهِي ويا، پانورَ منجهه پَنهوار؛

هَڻِي ويٺا پَکڙا، هُتِ سُکِ ٿي اُجَڙوارَ؛

جن جي ساهه سنڀارَ، سي اَڄ پَنهوارَ پَري ٿِيا.

2

اَڃا ڪالهُون ڪالهَه، هُيس مارن گڏ ملير ۾؛

سي ڏينهن وِيڙا گذري، ڄَڻ منجهه خوابَ خيالَ؛

اڄ پرئين ڪنڌئين پکڙا، جوڙي ويٺا جالَ؛

جن جي ساهَ سنڀال، سي اڄ پنهوارَ پري ٿِيا.

3

تڏهن مُڪئون جيڪَر، مون ڏي خاصا خابَرو؛

لَهَڻ سُڌ سَنگهارِ جِي، نَڪو پانڌِي پٺيائُون؛

پَر پَري شايد پنهوارَ ويا، جو سُڌ نه لَڌائُون؛

پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نئين هيجؤن هَنيائُون؛

ڇڏي مُلڪ ملير ويا، هن تر تيلهائون؛

اِئين اُتائُون، ته هِت ڏَرُ ڏريجو ناهه ڪو.

4

ڪڏن ڏيهه ڏٺام، ٿي ساعَتَ ساعَتَ سومرا؛

مارو ڪالهه ملير ۾، پَر پَري اَڄ پيام؛

آهِن ڪينَ اُنهن ريءَ، اکڙيون ۾ آرام؛

سَدا وتن سِڪنديون، پَر سانڀڻ سُورَ ٿيام؛

سي پُڻ ڪين وِيام، جَن سان ڳَرهيم ڳالهڙيون.

5

جي هوند اُتيئي، هئا ماروئڙا ملير ۾؛

سُڌ لڌائون سِگهڙي، حال ٻُڌي هيئِي؛

پَر ٿَر چڙهي ويئي، جيڪُسِ وَسئن ويڙهيچن جي.

6

پَنهوارن پيغامَ، جيڪَر مُڪا تَڏهين؛

پَر مون کان اَڄ پَري ٿيا، ويڙهيچا وريامَ؛

تيلهان مون ڏي نه آيا، ڏنهن سنگهارَن سلامَ؛

هئا ملير مُدامَ، پر ڪو سانگِن اَچي سانگُ پيو.

7

هِيءَ وَس ڇڏيائون، هُن وَسِ ويا واهَڻين؛

پَکا پانورَ ڪَنڌئين، نَئين عُمَر اُڏيائُون؛

پَٽي اوريان پَکڙا، وڃي هُنَ ٿَر هَنيائوُن؛

پانوَرَ سَنديون ڪَنڌيون، وڃي اُتي واسيائوُن؛

ڇڏي مُلڪ ملير جو، ويا ٿَريچا تائُوُن؛

اُڪندَ جن آئون، سي اَڄ پنهوارَ پَري ٿيا.

8

ٿيا پنهوارَ پري، آءٌ ڪنِ کي ڏوراپا ڏيان؟

اُنهن ٻاجهؤن مارُئِي، ٿِي مِيان هِت مَري؛

نئين قبَر ڪَري، ڪو اوڏي اباڻَن کي.

9

جي پيڪَن پوءِ پيامَ، سي تا ڏکيا ڏينهڙا؛

هِيئن نه ڀائڻُ ڪا هُيَم، تا ڪي هيئن ڪندامَ؛

پَرَ وڃِي ٿرِ ٿيام، سي سُڌ لَهندڙ سومرا!

10

پري ڏينهن پيانِ، جيڪُس سانگِن ڪو سانگُ پيو؛

پکا پانورَ ڪَنڌئين، ٿرؤن ڏور ٿيان؛

هوند ڏوراپا ڏيان، پَرَ پَنهوار پري ٿيا!

11

پَري ٿيم پنهوارَ، جَن وري وَرَڻُ نه ٿيو؛

ڏيان ڏوراپا ڪَن کي، ٿيا سِهج ڪاڻِ سنگهارَ؛

عُمَر اُٻائون آهِ مون، جو دم تَنهنئون ڌارَ؛

اُهي اَجَڙوارَ، مانَ مِلائي مُون ڌڻِي!

12

پَرئين ٿَر پنهوارَ، جيڪُس وڏو وڇَٽُ ڪري ويا،

ڪڏهن ايندم اوڏڙا، سومرا سنگهارَ،

رڻُ ڇڏي ريڍار، مَن ڪَرن مهڙ ملير ڏي!

13

پانورَ پاس پيا، وڏا ڏوٿِنِ ڏينهَڙا؛

ٿانهر وڃي ٿَرَ ۾، ٿَريچا ٿيا؛

لَنگهي ملڪ مَلير جو، ويڙهيچا ويا؛

عُمَر ايڏي پَنڌ تي، ڪنهِين سانگ نِيا؛

قادر شال ڪِيا، مون کي ويجهان واهَڻِين!

 

14

اَٿم سارَ سَندين، پَرَ اَڄ پنهوار پَري ٿِيا؛

مشڪل موٽَڻ تَن جو، جي هي لَڪَ لنگهِين؛

وري هيج ورينِ، جي سانگِنِ ڪو سانگ پيو.

15

جي لويوون ڍَڪي لوءِ، ڪڏهن اِيندا ها اَجڙي؛

اَڄ هڻي پَکا پانورين، عُمَر ويٺا اوءِ؛

تَن پنهوارن پوءِ، موٽِي اَچڻ نه ٿيو.

16

جي هُوند اُنهِين جاءِ، هئا اَباڻا اوڏڙا؛

ته هِنَئون اَڳي وَسَ ڪِيا، تَن منهنجي اَچڻ لاءِ؛

پَرَ اُتَن عِتاب نه آءِ، جي ٿوري ٿَرِ چَڙهِي ويا.

17

جي اوڏا هوند هيام، ماروئڙا ملير ۾؛

ته پڻ پيغام فراقَ جا، مارُنِ ڏَنهُن مُڪام؛

پَرَ پَرئين ٿَرِ ٿيامِ، ناهِ عِتاب اُنهِن تي.

18

لنگهي مُلڪ مَلير جو، ويا پَرئين ڏيههِ پنهوار؛

تَن موٽي اچڻ جِي نه ڪئِي، اَي سومرا سردار؛

هاڻي ساريو، هِتَ سَنگهار، ڳَچَ هِنيانءَ ڳَريو پَون.

19

ڇا هُون ڇَڏيائون، نه ڄاڻان مُلڪ ملير جو؛

پَکا پانوَرَ ڪَنڌئين، نَئِين عُمَر اَڏيائون؛

اَٺَئِي پَهَر اُٻاڻِڪِي، اُنهِنِ ري آئون؛

ڪو موٽي ڪائُون، مَنَ ماڻهو مُلڪَ ملير جو!

20

اَڄ نه حوضين هُوءِ، مارو نانههِ ملير ۾؛

ايندا هئا آجڙي، کَليُون کَنيو کُوههِ؛

جيڪُس مِيان پَرَ جُوءِ، اُهي ويا ويچارا واهَڻين.

21

عُمَر آباڻي پارَ جي، فانِي ڪَيَس فِراق؛

جي هُئا ريجاڻين رَهاڪَ، تَنِ ٿَرِ وڃي ٿاڻا ڪيا.

22

ٿي گَڏ ڪَيمُ گُذرانُ، جَنِين جهانگِيئَڙَن سان؛

ڪاٿي اَڄ اُهي ٿِيا، سومرا سُڃاڻُ؛

ڪاٿي پيس آءٌ اَچِي، آههِ اِهوئِي اَرمانُ؛

حَيرتَ ۾ حيران، آءٌ اِنهِينءَ تان آهيان!

23

مُون جاليو سان جَنِ، موٽِي تَن نه پُڇيو؛

حالَ هِنَ جون خَبران، پيون، هُوندن ڪَن؛

پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، توڙِ هنيان اَڄ تَنِ؛

ڏيان ڏوراپا ڪَنِ، جو سَنگهارئِي ساڻيهه ٿيا.

24

جيڪس سنگهارَنِ، اُهو ڏيهه وڻِي ويو؛

وري هيج وَرَن، جي سانگِن، ڪو سانگُ پيو.

25

جيڪُس سنگهارَن، وري وَرَڻ نه ٿيو؛

عُمَر اَباڻَن، هُو اَڄ ڏيہُ وڻِي وَيو.

26

ويجهائِيءَ لَئه وِجهُلان، سَندِيءَ اباڻَن؛

اُهي هميشه هُئن، جي سُڌ لَهن سڀ حالَ جِي.

27

ڏينهَن اُتي جاڪي، اَڄ اَچي مون ياد پيا؛

پَهُون پنهوارن جون، صبح ويلي سي؛

اُٿيا اَچن آبَ لءِ، مٿي آنهه اُهي؛

هئا اُڌُل جهانگِي جي، تَن سانگن ڪو سانگِ پيو.

28

آريُون اَباڻَن ري، ٻِئا تان کڻندم ڪير؟

هي جي ڳَههَ ڳِچيءَ جا، ظالمَ ڀانيان زيرِ؛

سَنگهارنِ ساويرِ، مِلان شال ملير ۾!

29

ايندم اَباڻا، ڏُورِ لايا جَن ڏينهڙا،

ڪير سَهندم سومرا، ري مارئڙن ماڻا؟

هاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽِي ملنديس مارئين.

ڪافي 1

سومرا سائين توکي، وو،

ڳالهيون چونديَس آءٌ حالَ جون، هوءِ هوءِ!

عمر اباڻي پارَ ڏي، ڪِرڙ ڪڪوريا ڪي، وو.

ڪوڪَڙ چونڊيان ڪانڌَ سان، پٽ چڙهي پيڪي، وو.

سِڱَرَ کِيَن سڦڙا، سَئين جا سڀڪي، وو.

 

* ڪافي 2

جاليم جن سان ٿي، وو، تا مارو ڪيڻ ويا؛

هوءِ هوءِ حالڙو ڪنهن سان ڳرهيان!

پَکا پٽي اُتهون ويا، پَرئين پنڌِ کڻي.

راتو ڏِينهان روح کي اوڏنهن گهُرَ گهڻِي.

گهڙي جا هِت گهاريان، سا ويڙهيچن نه وَڻِي.

جهليان شالَ وڃِي اُن پَنهنجن جِي به پَڻِي.

مون من ماندو مارئين، ڄاڻي هڪ ڌڻِي.

پکا پانورَ ڪنڌئين، هو ويٺا حالَ هڻي.

جدائيءَ کَون جهانگيڙن جي منهنجِي بابِ بڻِي.

”سچو“ سنگهارن جا هِت ويٺِي ڳڻ ڳڻِي.


 

ڪافي 3

ڪانگل ڏج سنيهڙا، مان ويراڳڻ آهيان!

اوهان ٻاجهُون آءٌ گهڻيري، مَحلَن ۾ مُسجان.

قسمت قيد الماءِ جي ايرادي آهيان.

چانور ڇا چورمان، آڇِن نِت نوان.

ڏَونرا پُسيون ڏيههَ جا، ساريون هِت رئان.

زهر پيالا سوز جا، اوتيون آءٌ پيان.

اوهان ٻاجهون سپرين، مَران آءٌ ڪِي جيان!

ڏکَن ڪارڻ ڏيههَ ۾، نِپايَس اوهان.

”سچو“ اَکڙين مَؤن، ميان، هاري رتُ وئان!

 

ڪافي 4

متان منڌ مارُن تَون، وهين آسرو لاهي!

بَندُ تُنهنجي بابَ ۾، اَصلَ کؤن آهي.

سَڱَ اسان جو سومَرا، ڇِنَڻ جيهو ناهي.

پِرين نِيندا پاڻ سان، سڳر ڏي ساهي.

نِيَرَ هِي جي نِينهَن جا، ڪير سگهي لاهي.

رکج منهن ملير ڏي، ٺاهه نه ٻِيو ٺاهي.

 

ڪافي 5

وري آءُ وطن، منهنجا ساريون نيڻَ سِڪَن،

- موٽ سلامت سپرين!

اکڙيون اوهيرا ڪَري، واٽ ڏسيو وجهلَن.

پِرينَ پرديسن لاءِ، جهوريءَ نيڻ جهِڄَنِ.

عمر اَباڻي پارَ ڏي، وڄون ٿيون چمڪَن.

ميڙائي جا مِينهَڙا، ويجهو شال وَسَن.

الله آندا مون پرين، دارون درد مندن.

”سچل“ سِڪَ سبيل ٿِي، پارئون جا پِريَن.


*  سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي طرفان ڇپيل ٽن ڇاپن ۾ ڪافي 2 کان ڪافي 6 تائين بيتن جي نمونن تي (2) (3) (4) (5) (6) ڏنل آهن. جڏهن ته ترتيب موجب ڪافين کي نمبر ڪافي 2 ڪافي 3 ڪافي 4 ڪافي5 ڪافي 6 هئڻ کپن. هن ڇاپي ۾ اِها درستگي ڪئي وئي آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org