سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :24

ڪافي 8

هوُت ڪڏهن هِت اِيندو؟

ڪَههُ ڪانگا ڪَل ڏي ڪا!

چئه ڪِي ويهَندو هتهين، ڪِي ساڻ نماڻِي نيندو؟

هِيڪندِ اَچي هوتُ مُون، هِن ٿَڪيءَ سان ٿيندو.

پاڻُ پنهنجو سُپرين، ساڻ غَريبِ گڏيندو.

پَکا پاڄاڻين کي، اوڏا يارُ اُڏيندو.

هوتُ پنهنجا هَٿڙا، هن ڏکيءَ کي ڏيندو.

سَنگَت پنهنجيءَ سُپرين، ”سچوءَ“ کي به سڏيندو.

ڪافي 9

زار روئِي ڪيم زاري،

دوستَ ڙي توريءَ تا نه سَري

محبت تنهنجي، وو، ڪِيَس مستانِي، بارُ بِرهَ جو باري،

دوستَ ڙي چَوي لوڪ چَري.

هِن بنديءَ کي، وو، بخش بلوچا سائين، هوت اَچِي هڪ واري،

دوست ڙي سَندءِ ذوقَ ذري.

ميلائي لَڳي، وو، محب اَوهان جي، واجهه وجهي ويچاري،

دوست ڙي وڃان تا مَ مَري.

آهي مِڙيوئِي، وو، توکي معلوم سائين، حال حقيقت ساري،

دوست ڙي وڃ مَ يار وري.

جيڪِي آهين، وو، سو تا تون هين سائين، حڪم سندءِ آهي جارِي.

دوست ڙي پِيَڙم خبَر کَري.

”سچو“ آهي، وو، اَوهان جو سائين، ڏجو تنهن دلداري،

دوست ڙي وڃن ڳَچَ ڳَرَي.

داستان چوٿون

1

ڪاغَذ لکي ڪالَ، مُڪم جو محبوبَ ڏي؛

ڳالهيون سنديون حالَ، ٿِينديون پڙهڻ مان پڌريون.

2

آيو راتِ رقمُ، مون ڏي محبوبن جو،

ته ’دوستيءَ وارو دم، ڪڏهن تون نه وسارئين.‘

3

لکيو موٽي مُون، ڪاغذ قريبن ڏي،

’اَٿَمَ تون هِي تون، ٻئي جو ناهم آسرو.‘

4

حَبِيبن ڏانهُن هِيئن، اَديون لِکجي آئِيو،

ته ’تون مون سان جيئن، آءٌ تيئن تو سان آهيان.‘

5

نَئون لِکيو آيوم، پِريان سندي پار ڏنهن؛

سو لُونءَ ڀَريو لايومِ، وٺِي حال هيانوَ سان.

6

جيڪر لِکي موڪليان، هَي خط هزارين؛

پڙهي مانَ منهنجا پِرين، هِي سگ سنڀارين؛

شَل وار نه وسارين، اِهو اَٿَم آسرو!

 

7

لکي خط مُنجان، هِي پِريان سندي پارَ ڏي،

ته ’منهنجون لَک هُجان، توسان آهن تو جئين‘.

8

پانڌي پَهچائي، ورُ عَريضو عجيبَ ڏي؛

قاصِد ڪونچائي، متان سورَ وجهين ساهَ کي.

9

چَئون ڪِيم تِکو، مون کي پارئون پرينءَ جي؛

سرتيون سڀ سِکو، جيڪر لائڻ لُونءَ ڙي.

10

ليلائيندو آئيو، پانڌي اَڄُ پَراءِ؛

ورتس دردَ ڌُراءِ، جو مَت وڃائي آئِيو.

11

آڳيَئون مُحب مَٺِي، متان ڪا منهنجِي ڪَرين؛

وهندو ورُ وٺي، ساٿِي خبر کِيئنِ جِي.

12

وڃِي ڏيهه ڏٺو، ڪِي تو سندو سڄڻين!

چڱيءَ طرح چِٺو، پانڌي ڏنُئِي پِرينءَ کي؟

13

سوزَ ڀري سِٽِ جا هُئِي، سا ساٿِي ڪين سِکيو؛

ته متان ڏئي لهَسَ لِکيو، جو پڻ مُڪو سڄڻين.

14

سندو رازَ رقعو، آيو جو عجيبَ ڏنهُن؛

سا سِٽَ پڙهندي سَرتيون، ڳالهائڻ چُڪو؛

عاشقَ جي ارواح کي، ڄڻ لڳو تِير تُڪو؛

مون ڏي مُحب مُڪو، ڄڻ ساٿِي سلامَن جو.

15

حَبيبَن هيڪارَ، آئين ورِي موٽئين؛

ٻاٻِيهَلَ ٻيهارَ، اَچي ويهه اَکين تي.

16

وري ڪانگ وريو، پريان سندي پارَ ڏنهن؛

لامين لڳِي لُونءَ جو، تنهن ڏاڍو سُر ڀريو؛

ڪاڪيون ڪنِ ڪريو، جو ٿو ڏئي سنيهو سَڄَڻان.

17

سنيها ساري، منهنجا چَوي محبوبَ کي:

’پرين تُنهنجي پارَ جِي مدت مون ماري؛

’مُنج ڏهاڙِي مون مَڻين، اهو ڏاهو ڏياري؛

’مَرُ سِگهَڙو سَنڀاري، ڏئي سِڪ سَنِيهڙا.‘

18

سنهيو سان سُور، چوي ٿو چهنب سان؛

پون پاڙيجن پُور، ٻولي ٻڌي تنهن جي.

ڪافي 1

آءٌ ڪانگا ڪا پِرين جي ڳالهه ڪَر

وعدو ڪَيُئِي ڪالَهه سو پَرحال ڪر!

ڪِيئن ڏٺو تو دوست منهنجو ديس ۾،

خوش ڏٺو هوئي يار ڪهڙي ويس ۾؟

سا خَبر مون سان وري في الحال ڪر.

ڪِي پُڇيائون خَبر منهنجي حالَ جِي،

ڪي ڪَيَئي آگاهه هِن احوالَ جِي،

سو مون سان ڏاها اِهو اَحوال ڪَر.

هِت فراقَ آهي ماريو، مان ٻيو ڇا چوان،

سور منهنجي ساهَ کي نِت نِت نوان،

آءٌ ادا خاطر منهنجِي خوشحال ڪَر

ڪِي اڏاڻو هُئين پِرينءَ جي پارَ ڏي،

ڪِي نياپا هِي نِيا هُئي يار ڏي؟

ڪا مَدد مُنهنجِي ادا الحال ڪَر

دوستن جي منجهه حضور حاضر ٿئين،

زاغ زاريءَ مَون نياپا هي نِئين،

لڳه سائينءَ سارو، ”سچوءَ“ جو سوال ڪَر

 

ڪافي 2

اي پِرين تُون پاڙ پنهنجا، قولَ جي تو ڪالهه ڪيا!

مَنجهه جدائِيءَ تانهنجي، هِت اَسان هِي حال ڪيا.

مون تا مِلڻَ لئه تانهنجي، ڪوڙين ڪهڙا ٿي خيال ڪيا.

حالَ مُنهنجي کي ڏسي، ڪيئن ڀلا تو ڀالَ ڪيا.

سڏ ”سچوءَ“ سِڪ سوزَ مون، جانِي اوهان کي جالَ ڪيا.

ڪافي 3

مُنهنجو هاڻي مون وٽ اِيندو، هاريون واقف حالَ جو!

ڪينَ ڇڏيندو ڇَپَرين، نال نِماڻِي نيندو.

شالَ مقام مُئِيءَ جو، ٿَر وڃِي نِي ٿيندو.

درسن سندو دائما، ڏاڻ ڏکيءَ کي ڏيندو.

”سچو“ پار پرينءَ جي، وره وارو ڪو ايندو.

 

ڪافي 4

هِن غريب جو حالُ،

توکي مَعلوم آهي!

صدقي ڪنديَس سِر سائِن تَون، ٻيو سڀ مِلڪ ۽ مالُ.

دوستَ اَوهان ريءَ ديس ۾، جيَڻ آهي جنجالُ.

چَئِي ٻُڌايان ڪيترو، آرياڻِي اَحوالُ.

مَڃ ”سَچوءَ“ جو سُپرين، سائينءَ لڳ سوال.

 

ڪافي 5

پَرديسِي گَڏيا دوستَ لَٿو هِجر هلاڪِي،

آيا اڱڻ مُنهنجي، جن ڪيو هو فراقِي.

 

جَن ڪاڻِ سڪيس سالَ، ويٺي واٽڙين تي،

مُون ساڻ اَچِي پاڻ، ٿِيا محب ملاقِي.

 

پَرديس لَڳه مون ٿي، پانڌي روز پُڇايا،

مون کي ڪانه پَئي خبَر، اَچِي سي ٿيم اوطاقِي.

 

پيغامَ پَهريئون پانڌن هَٿ پاڻ مُڪائون ٿي،

هاڻي هِڪُ ٿيان مون سان، جي يارَ هئا ياڪِي.

 

اَهي سَگ ”سچو“ دوست جي در جو اَصلَ کَون،

تنهن ڏيَڻ ڏوراپو، ناهي مَستُ ميثاقِي.

 

ڪافي 6

تون تا وسين مُنهنجي مَن،

ميان توکي چَئِي ٻڌايان ڇا!

هوتَ سنديَوَ آءٌ حاضرِي، ٻيون سي ڏنَڙم ٻَن.

مقصد منهنجو تون ٿِيئن، ٻيا ڪَعبي نيتَ ڪَن.

آءٌ گهڻو گهورِي تَن جِي، ڪيو سِرُ صدقي جن.

عرضَ اِلاهُون عاجزن، ڪوهُ نه ڪرين ڪَن.

اَکيُن عامُ نه آوُڙي، توکي جانِي ڏٺو جَن.

آهي ”سچوءَ“ کي سدا، طَلبَ توهان جِي تَن.

 

ڪافي 7

يارَ اسان کي ٿيون مارين،

تنهنجيون اَلغرضايون!

انهوُن دانهُن تي، سائين هِي ڪميڻيون ڪارين.

باهيوُن تنهنجي بِرهَ جيون، ٻارڻُ دل ۾ ٻارين.

کِيئَن جون ڏنئون خَبران: ”سچو“ تو هُتِ سارين.

ڪافي 8

جڏهن پِريَن پاتيم جهاتِي،

تڏهن حاجَت ناهي حج جي!

اَچڻ ساڻُ اَنهن جي يرو، عشِقَ ڪئِي اثباتِي.

سڀ ڪُجهه ٿيڙُ حالَون محرم، وسريَم ذڪر ذاتِي.

چوريءَ چوريءَ يار سَڄَڻ سان، ڏس ”سچو“ دل ڦاٿِي.

 

ڪافي 9

دوست تُنهنجي در جي، هيءَ ڳالهه آءٌ ڪنهن سان ڪرين!

ڇڏ پِرين پَرڏيههُ تون، ميان، ڏکَ اَوهان ٻاجهُن ڏريان.

دوستَ رهه هِن ديس ۾، ميان، سرو منجهُون سُورن ڀرَيان.

لڪ سڀئي وٺي لنگهيس، ميان، پوريم اوريان پريان.

ساڻ چرخي چتَ جي، ميان، ورهَ جا ڌاڳا وريان

سِرُ ”سَچو“ چَوي پانهنجو، ميان، دوست تو آڏو ڌريان.

داستان پنجون

1

ڏار چڙهِي ڏاهي، ڪِي جو چيو چُهنب سا؛

اِهو مون آهي، آڌرُ ڙِي اَرواح کي.

2

ڏاهو ڏار چڙهِي، لَسين ٿو لاتيون ڪري؛

ڪو نئون سبق پڙهي، اَڄ پڻ آيو اوڏنهُون.

3

ڏاهو مَٿي ڏارَ، عجَب اَڄ لاتيون ڪري؛

ٿو ”سچو“ ڏئي سنڀارَ، پريان سندي پارَ جِي.

4

ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري، ڪِي ٿو چهنب ساڻ چوي؛

اَديون سَڀ اُهي، آهيو ٻُڌڻَ واريون.

5

چهنبَ ساڻ چوي، ڪِي پيو ڪانگل ڪاڪيون؛

پورن مَنجهه پَوي، ٿو سُڻِي ساهُ سنهيڙو.

6

مُحبن ڏنهن مَسين، اڄ پڻ ڪانگل آئيو؛

لاتيون واهَ لَسين، ڏاهو ڏار چڙهِي ڪري.

7

لاتيون ڪنديئِي، ڪانگو هيٺ ڪِري پيو؛

هَي هَي هَنڌيئِي، ساٿيءَ ساه مٿي ويو!

8

ڪَهيو هِيئن ڪانگي،آئُون چيائين چهنبَ سان،

ته ’سَڄَڻ ڪنهن سانگي، وري اِيندءَ اُُتهِين‘

9

چُهنب ساڻ چِئي، ڪاجا ڪانگل ڳالهڙي؛

ساري اآتڻ سان انهيءَ، ڪَهڙي ڏِسُ ڪَئِي؛

پُورن منجهه پئِي، سڀ ڪنهن اَئٽ ڦٽو ڪيو.

10

ڏاهي چڙهِي ڏارَ تي، ڪا جا لتِي لاتِ؛

ڏک ڏنائين سڀ کي، وائِي آڻي واتِ؛

پَيون ۾ هيهاتِ، آتڻ واريون اُتهين.

11

ڏاهو چڙهِي ڏارَ تي، ڪري هيءُ مذڪور،

سنيهَن ۾ سورُ، چوي ٿو چهنب سان.

12

سُڻو سنيِها سَرتيون، ٿو چڙهيو ڏارَ ڏئي؛

سارو ساهُ نئي، ٿو نازڪ نِياپَن سان.

13

ڏاهو ڏارَ مٿي چڙهيو، ٿو ڪري بِرهَ بيانُ،

آتڻ تي احسانُ، ڪري ڪلامن ساڻ ٿو.

14

ڏاهيون سڀ ڏسو، جو آيو ڪانگ قريبَ ڏنهُن؛

وڃِي جان جثو، نيو نياپَن ساڻ ٿو.

 

15

وتيون ۾ ويڙهي، ٿو ڪاريون ڪانگ وهائي؛

روح نئين ريڙهي، سڀ ڪنهن جو سرتيون.

16

ريڙهيون روح نئين، پَسو سَڀ جو پاڻ ڏي؛

سنيها جي سَڄَڻان، سي چڙهيو ڏار ڏئي؛

آتَڻ ۾ افسوس ٿيو، تنهن جي پيرَ پِئي؛

ڪَتي سگهي ڪانڪا، کَؤن وهلور وِهي؛

ڪهڙِيءَ طرح ٿئي، وري سَنباهو سَرتئين!

17

ويس تَندُ ڇڄِي، پَهو پٽِ ڪري پيو؛

سُڻِي سَنيها نيهن جا، پَئِي جهوريءَ منجهه جهڄِي؛

اِنهيءَ ڀَتِ ڀڄِي، پيسَ روئندي ڪپڙا.

18

ويڙهي وتندي ئي، ڪانگي قهر ڪمائيو؛

ڪاڪيون ڪتندي ئي، پيَم پورُ پريان جو.

19

صدقي ساُه ڪريان، هِنَ ڪانگي تَون ڪاڪيون؛

جي ڏئي سنيها سَڄَڻان، سي سانڀِي ساه ڌريان؛

ڀلي پيرَ ڀَريان، اُنَهيءَ ويلي اوڏهِين.

20

آڻي ڪانگَ ڏنياس، ڪتابَت قَريبَ جِي؛

پُهو ڪتيندي پَٽ پِيُس، ڇو هون تَند ڇُٽياس؛

ڀيڄون ڀيڄ ٿياس، روئندي چولي چِڪَ ۾.

 

21

هَلي ڪانگي هِڪَ، ڪا جا ڪَيس ڳالهڙِي؛

تنهن مامَ ٻُڌڻ سان روئندي، چولِي ڪيائن چِڪَ؛

سَنيهي مَون سِڪَ، پاڻهِي ڪيائين پَڌري.

22

ڏاهي چڙهي ڏارَ تي، ڪا ٻولي هيءَ ٻولِي؛

سا ٻُڌي روئِي رتَ سان، چِڪَ ٿيس چولِي؛

ڄَڻ هنيڙي ۾ هولِي، تنهن آڻي هِندن جي هنئي.

23

سَڄَڻ ڏنهُن سَنيههَ، تنهن آڻي آتڻ ۾ ڏنا؛

ڄڻ ڏنائين سَڀن کي، ڇُريءَ ٻاجهون ڇيههَ؛

ڏک ڀَريائين ڏيهه، ماريون اِنهيءَ مام سان.

24

سُڻو سَنيهه سَڀي، ماريون مَحبوبن جا؛

لَکن مَنجهه لَڀي، ڪا سُورائِتي سارَ سان.

ڪافي 1

آءٌ تا ڪالَهه اُڏامِي، وڃي پَيَس پِرين وٽ!

هت قبوليم تنَهن جِي حلقہ بگوش غلامِي.

مِهر مٿو ئِي ناه ڪو، عاشقَ ٿِج تون آرامِي.

اصل لاڪُون اُن جو، هِي پاڄِي آهي پيغامِي.

ويَس برابر اوڏاهِين، ويٺيس ڪين وسامي.

مون کي ڪيائون پنهنجو، ”سچو“ يار سلامِي.

 

ڪافي 2

ڪڏهن اِيندين هِڪُ ٿِيندين،

نِت نِهاريُون سنديَئِي واٽَڙيُون!

سانَولَ ڪنهين سانگَ سان، اڱڻ اسان جي اِيندين.

اِهو اٿئون آسرو، بَديون تا بخشِيندين.

ڪَنهين ڏينهن هِن ڏکيءَ کي، دوست دلاسو ڏيندين.

پِرين نيندين پاڻَ سان، ڇَپَر تا نه ڇَڏيندين.

ٿوري گهڻِي ڏينهَڙي، گولِي ساڻ گَڏيندين.

پَکا پَکن سامُهون، اورِي آڻي اَڏيندين.

سو ڏينهُن ٿيندو ڪَهڙو، ”سچو“ ڪري سڏيندين!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org