سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :6

ڪافي 24

رانجهو چاڪَ ٿي آيو،

نه ڄاڻان ڪهڙيءَ ڳالهِه کَؤن.

پَڌر وِجهِي پاڻ کي، لالَن پاڻ لِڪايو.

بَنگُلي ۾ آدمَ جي، ساڄَنُ پاڻ سَمايو.

سوئِي چَوندڙ، سوئِي ٻڌندڙ، ڪيائيِن ڪو نَه ڪِنايو.

”مَاراِئتُ شيَئا اِلاوراَيتُ اللهَ فِيہِ“ فائِق اِئين فرمايو.

”لَوکَف الغِطَاء مَا زدتّ يِقَيناً، حيدر هِي رنگُ لايو.

مَاڻهوءَ جي مَظهَر ۾، آڻي سو نِيهنَ نِوايو.

”سچوءَ“ جي صِفَت ۾، الله اِئين الايو.

 

ڪافي 25

نانوَن حَق ڇپايو، ڀلو جيڏيون، وو.... هوءِ هوءِ، هوءِ!

هِنيڙي کي حيرتَ، يار وي، آهي اُهائِي.

لَهِرن بحَرُ لِڪايو.

هِنيَڙي سان لائين، يار وي، رمز اِهائي-

هاديءَ هِيئن سمجاهايو.

جان جسم جِي، يار وي، ڏيئي ڏيکاري-

لِڪ لِڪوٽي ٿي آيو.

رنگَ بيرنگَ ۾، يار وي، طرحين طرحين.

يار ”سچوءَ“ رنگ لايو.

داستان ٻيو

1

اَوّل گُمراهي، آهي رباني راه ۾؛

تِنهان پوءِ هَمراِهي، آهي هيءَ هدايت جِي.

2

جي اول هِدايَتَ، تَحقِيقاً ڄاڻيج تون؛

زياده ضَلالتَ، آهي اُنهينءَ وچَ ۾.

3

قَدرُ هِدايتَ جو، آهي ۾ ضَلالتَ؛

جي ضَلالتَ نَه هُئِي، تان ڪاٿي هدايَت؟

4

جي تو نَه تَجريدَ، تان آئين نَه تَفريدَ ۾؛

ڪاٿي ٿِي توحيدَ، ڪاٿي بيهَڻ تانهِنجو!

5

جِتي ماڻهن ميڙ آههِ، آءٌ تِتي ناهيان؛

سِسِي سَنباهِيان، پُٺِيءَ شاهَ حلاجَ جي.

6

جي مَڃِن ٿا آدمِي، سي نهَ مَڃان مان؛

ڪوئي آهيان اَن، جو ٻانهو ڪَنهنِ جو نَه ٿيان.

7

پَسِي ڀَت ڀُليوس، تان آءٌ آدمِي آهيان؛

وچان جان ويوسِ، ته ساڳيو سائِين آهيان.

8

ٻيائِي ٻانَهَپ ڇَڏِ، آءُ تون اَحديَت ۾؛

لَحمؤن دَمَؤن لڏِ، تا پاڪائِي پاڪُ ٿِئي.

9

آڇِپا اَول آههِ، پوءِ ٽِکُٽ جو پنڌڙو؛

جڏهن ٽِکٽ جاءِ، وڌُ تڏهِن اُن حَد کي.

10

فِراقاءُ فَرقُ، شالَ نه پويءَ جيڏيون؛

مون کي آهه مَرَڪُ، سَدا سوزُ پِرين جو.

11

جَهڙو ڀانيُم پاڻ کي تَهڙو آهيان آنءُ؛

باقِي رهيو نانءُ، ”سَچو“ مون صاحِبَ جو.

ڪافي 1

ذاتِيءَ مَنجهه ذاتِ ڇُپائي،

بازي جا يارَ بنائِي!

هاديءَ حقيقت حالَ جِي، مون کي ساري سُڻائِي.

سَڀڪَنهن ۾ سَڄڻنِ، نوبت نينهن وڄائِي.

ڪاٿئين ”اَناالحق“ جي، تن چوٽ تَه چَلائِي.

”انَا اَحمَد بلا مِيم“، اِها مَعنيٰ مِڙيائِي.

ڪاٿئين مَسِيتن ۾، ٿيو خاصو خدائي.

موٽِي مَڙهين وِچ ۾، تَنهِن مالهان ڦيرائِي.

ڪاٿئين وٿِ نه وارَ جِي، ٿِي ڪاٿئين جُدائِي.

ڪاٿئين مَٿي تَخت جي، ڪاٿِئين گدائِي.

اندر ٻاهر هڪڙو، آهي صورتَ سَڀائِي.

ڳالِهه نَه سَمجهڻ جِهڙِي، پر سَڀا سَمجهائِي:

ڪافِر مومِن هِڪڙو، ”سچو“ ٻوڙج، ٻِيائِي؛

 

ڪافي 2

سڀَ ڪَنهِن پارِ پِرينءَ جو پَر تو، خوابون عينُ کلايو؛

وحدتَ مون، وو، ڪَثَرتَ ڪِيائين، رَنگيءَ رنگُ رَچايو؛

تو مان جي پَردي مَون ٻاهر، سرتِيُون ڇو نه سِندايو؛

طرحين طرح پوشاڪان پَهري، لالَن پاڻ لِڪايو؛

هِي سَڀ حُسن هَاديءَ جو آهي، ڀينَر ڪِيمَ ڀُلايو؛

پاڻ ڳُجهو ڪِيائين پَڌرائِيءَ ۾، هِي تَنهِن هنر هَلايو؛

”سَچيڏني“ جي صورتَ ۾ تَنهِن، اِهڙي رمَزر لايو.

 

* ڪافي 3

هيڏي هوڏي نه نهار، تنهنجي ويڙهي سو تان يار وَسي ٿو.

 

ساڻَ سدا آهي تان تنهنجي، پِرين نه آهي ٻي پارِ.

ڦولهي لَهجِ پاڻ مَون، ڇو ٿو وَڃين وڻڪارِ.

پِريِنءَ نه پُڇِج پَنڌڙا، تون ”سَچو پاڻ سَنڀارِ؛

 

ڪافي 3

ناهي ٻاروچو ڪو ٻيو، آهي اُهو جو مان روز ڏِسان ٿي!

 

وِيٺِي هُيَڙَس وَاٽَ تي، اَچي وسيلو ٿيو؛

ماڙيءَ مَنجهه مَعشوقُ ڏٺوسِين، لالَن پائي لِيو؛

دريءَ مَنجهون ديدَ ڏٺيسُون، لالَن پاتو لِيو؛

جَتَن ڪَج جَتَن جو، سَگَ سَبب سان ٿِيو؛

صحِي سُڃاتَم سُپُرين، يار يقينؤن ٿيو؛

”خَلَق اَلاشيَاءِ وَهُوَ عَينُهَا“، شَڪ وچَون ٻِيو ويو؛

کڻِي وڃان آءُ خوشِيءَ سان، سَرتيُون جي سُنهن ڏيو؛

سَير ساروئِي صُورَتين، پاڻَ قريَبَن ڪيو؛

يارَ ”سچل“ تون صحيح ڪر ڄاڻج، ڪيو خمارن کيو.

ڪافي 4

حاجي حَجُ اَڄُ ڪيوسي، ڪعَبو مُنهُن محبوبَ جو.

 

هاڻ حاصل سَرتيون، اَڪبر حَج ٿيوسي.

ٿِيو قَبوليت مُنهنجو، جيڪو عرضُ چَيوسي.

هِيءَ تنُ طَوافِي ٿيو، وچؤن غيرُ ويوسي.

هاريون ڙي حَرمين ڏي، سَندن نامُ نِيوسي.

اُنِهيءَ ٻاجهُون ناه ڪو، اِهو احرام ٻَڌوسي.

اُهو ڪَعبو اهو قبلو، ”سَچو“ ڏَس ڏيوسي.

 

ڪافي 5

تو ڪِيئن وڃايو پاڻَ، ڳولي لِهج پاڻ کي!

 

پاڻ وڃايو نَه لَهِين، ڀَڃي شَڪ گمان!

آخر گَڏيُئي گهرَ ۾، ميان سوئِ گهَرُ سُڃاڻ.

مُکَڻُ اکر هِيڪڙو، ميان سوئِي گهَرُ سُڃاڻ.

آهين ناهين آهه سَڀوئي، آهه نڪو اُهڃاڻ.

ڇا جي ٿيندو، ڇا جي لڀندو، صورت وچ سُڄاڻ.

”سَچو“ ٿي سَچُ آئيو، ماڳ اِنهِيءَ مِهمانُ.

 

ڪافي 6

سَڀڪنهن صورتَ ۾ سُپرَين، سَرتيون ڙي، ساري ڳالِهه سَليائون.

 

ڏيو ٻاري سِجَ کي، ڪاٿي ڪِينَ ڏٺائوُن.

ساڻُ روشِنيءَ سِجَ جي، پُر جهِي سِجُ پسيائؤن.

وحدتَ ڪثرتَ هِڪڙي، جيئن ميِنَهَن ڦُڙيون مورائون.

”سَچوءَ“ سندي نانءَ ۾، اِهڙيءَ طرَحَ اُتائون.

 

ڪافي 7

جيئن سجُ آهي پِريشان، سوئي ڳولي سِجَ کي.

 

مَڇِلي جيئي آبَ سان، آب پڇي طغيان.

تارو پڇي نجَم کي، موجَ پُڇي مِهراڻ.

ڦڙُي پُڇي مِينهَن کي، شاهُ ڳولي سلطان.

هو مِڙيئي پاڻَ ٿِيو، ڪير ٿِيا حيران!

”سچوءَ“ جي صفت ۾، اِهو باريءَ ڪيو بيان.

 

ڪافي 8

صورتَ سَڀ سلطان، پاڻ ڏسَڻ آيو پَنهنجو تَماشو!

 

ڪاٿَئين حَنبل، شافِعي، ڪاٿئيِن مالِڪ، نعمان؛

ڪاٿَئِين پَٽي پوٿيون، ڪاٿَئِين پِڙهي قرآن؛

ڪاٿئين اُنَاالحق چَوي، ڪاٿئِين ڦيرائي فرمان؛

ڪاٿئِين طفوليّت ۾، ڪاٿئين پِيرُ جوان؛

ڪاٿَئِين مِير وزير ٿيو، ڪاٿَئِين ٿِيو دربان.

ڪاٿَئِين اَحمد بلاميمي، ڪاٿَئِين هَنو مان؛

”سچُو“ پيو صَبرَ ۾، هوءِ حَيرتَ ۾ حَيران!


 

ڪافي 9

ٻانهون ڀانءَ مَ پاڻ،

توهِين مالِڪ مُلڪَ جو!

”لاَ خَير فِي عَبدِي“ اِهو اَٿَئي اُهڃاڻ؛

پاڻ پنهنجو پاڻَهِين، صورت مَنجهِه سُڃاڻ؛

تون ئِي ڄاڻَندڙ سَڀَڪِي ميان، ٿِئين ڪِيئن اُڄاڻ؛

اللهُ الله ڇو چُوين، پاڻ ئي اَلله ڄاڻ؛

”سَچو“ سائِين هِڪڙو، ناهي شَڪ گمان.

 

ڪافي 10

آءٌ پُنهون پاڻ آهيان،

ڪاڪِيون مُنجان قاصِد ڪاڏي!

اِها صورتَ سَمجهِي ڏٺِيَم، ساٿِي ٻِيا ڪيئَن سَنباهِيان.

ڳالِهه پَري هُئي، ٿِي پَئِي اوري، ڪيڏي سي ڪانگ اُڏايان.

مُدعا مَطلب هو مِڙيوئِي، پوٿِيون سي ڪيهُون پَٽايان.

سُڌِ پَئِي مون سِر انهيءَ جِي، ڪيچ ڀنڀور کي ڀايان.

”سچوءَ“ مَنجهَون ٿيو سچُ پِيدا، ڪيهون ڪوڙيون ڳالهيون ڳايان!

 

ڪافي 11

مون سان تون آهين آهين،

ڪَڏهن ڪِيئن ڪَڏهن ڪِيئن!

اسان نماڻن توُن سُهڻا سائين، هَٿ هَٿَئون متان لاهِين،

آءٌ ڪَنِيزڪ، تون تان سائين، سگَ نَه تَنهِن سان ڪو ساهِين ساهِين.

ڪَڏهن آرامِي ڪَرين اسان کي، ڪَڏهن بَڇين ٿو باهِين باهِين.

ڪَڏهن مَنصُوري دمُ اُناالحق، ڪَڏهن ڏسين ٿو ڦاهِين ڦاهِين.

حاضر ناظر آهين اسان سان، ڪِيئَن چوان تان ناهِين ناهِين.

اَستَغفِرُ الله ڳالِهه اِهائي، جو ڪُجهه مُون سان تون ناهِين ناهِين.

”سچو“ جي عاشِقُ آهِين اسان جو، ٿج نَه دردَ جون دانهِين دانهِين.

 

ڪافي 12

 تو ۾ تَندُ تنوار،

ٻُڌين نٿِي ٻوڙي، الا!

ڳالِهه اِهائِي ناهي سَلڻَ جي، خَرچين سَو لکَ هزارَ.

ساٿِيَڙن، ميان، ڪيا هي سَڏڙا، لاهي سَڀ مَيارَ.

دم غنيمَت جا هِت آهِن، ڏينهَن دنيا ۾ چار.

”سَچلُ“ اَکي عِشق مَنجهارؤن، تڳان تُنهنجيءَ تار.

 

ڪافي 13

مَحبوب ڳولي ڏسُ مَنَ ۾،

مَنَ ۾ تون، ڏسُ دل ۾ تون.

واهَ ڪاريگر سازُ بَنايُئي، ”ڪُن فَيَڪُون“ جي ڪُنَ ۾.

بي فائِدو بازار گهُمين ٿو، گُلَ ڦُلَ باغَ بَدنَ ۾.

چوريءَ چوريءَ سَير ڪَرين ٿو، تُنهنجو چاند چَمَنَ ۾.

”سَچَلَ“، سائين صَحي ڪَر ڄاتُم، يار گڏيو ڪَکَ پَنَ ۾.

 

ڪافي 14

مون ساري سُڃاتِي، بازي بازيگر جِي!

 

مَستِيءَ مَون مَنصورَ جو، ٿِئين جي جَماعِتي؛

سورهيه باسِج سِرَ تي، تون ڪُسَڻ جِي ڪَاتِي؛

غيرُ نهَ اَڻِج وچَ ۾، آهِين ظاهِر تون ذاتِي؛

مَتان ڀائِين پاڻ کي، تون ”سچَو“ صفاتِي.

 

ڪافي 15

پاڻُ سُڃاڻڻ آيو، ڙي، سڄَڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو،

ڪَم نه هُيَڙس ڪو ٻيو!

پاڻَون ڄاڻِي پاڻ سان، هِت لُؤن تا لائِڻ آيو.

عَرش مَنجهارؤن اُلَهِي، هِت ورهُ وسائِڻ آيو.

سوليءَ تِي مَنصُور ٿِي، هِت سِر سَلائِڻ آيو.

مِصرَ جي بازار ۾، هتِ مُلهه وڪامَڻ آيو.

”سچو“ ري سنسارَ ۾، هتِ پير گهمائڻ آيو.

 

ڪافي 16

توڙي پُٺيءَ لڳي سارو جڳُ، تان ڀي ڇا ٿيو-

ناهي مَڃتا ۾ مَطلبُ.

 

نَفِي سِري خفي اخفا، توڙي جاري ٿِيئي قلب.

ڳالِهيَن ڪِئي ڪِين ٿِئي، مَنصوُري منَصَب.

ڪاڻ تماشي ڪِيتَرا، پُڇن پار عَرب.

ڪَري ڏيکارين ڪيترو، عالَمَ کي به عَجب.

نَفلَ نماز، ان وردَ وَظِيفا، اِهو ڪوڙ ڪَسَب.

دائرا دَعوتَ جا ڦرِين، ڪَرين تَسخِيرات طلب.

ٻاجهَون عِشقَ اللهَ جي، ”سچو“ ٿِئي نَه سَبب.


 

ڪافي 17

چَئون ميان عشقا ڪِيئَن، تُون سَوين سيلَ بنائِين ٿو!

يا تُون آهِين ذاتِ ديوانو، جو ڪيڏا ٺاه ٺهائِين ٿو.

 

ڪاٿئين مُلا قاضِي تُون، ڪاٿَئِين سَيد سڏائين ٿو.

ڪاٿئين مُغ برهمڻ تون، ڪاٿئِين ٻانگ ٻڌائِين ٿو.

ڪاٿَئيِن مُنهن ۾ محراب، ڪَاٿئين تِلڪ لائِين ٿو.

ڪاٿئين تسبيحان تون سورين، ڪاٿَئِين جڻيان پائِين ٿو.

ڪاٿئين پيرين آهِين پيادو، ڪاٿَئِين بور بَڇائِين ٿو.

ڪاٿئين منبر واعِظي، ڪاٿَئَين پوٿيون پٽائين ٿو.

ڪاٿئين زربفت قبائون، ڪا ٿئين ليڙا لڙڪائين ٿو.

ڪاٿَئِين ڏيئِي شرعي فتويٰ، ڪاٿِئين مَنصوُر مارائين ٿو.

ڪاٿئِين هَنومان ڪوٺائِين، ڪاٿَئِين ڏهيسر ڏَسائينِ ٿو.

ڪاٿئِين ٿئِين رام يا سيتا، ڪاٿئين لڇمڻ لکائِين ٿو.

ڪاٿئين نمرود ابراهيم ٿي، ڪيئي بيک بنائين ٿو.

ڪاٿئِين ٿي فرعون يا موسيٰ، سڀ صورت ۾ سَمائين ٿو.

ڪاٿئين ٿي بادشاه مُلڪ جو، سارو ديس دٻائين ٿو.

ڪاٿئين ٿئين غرض گداگر، ڪاٿئين ٽوليون ٽڪائين ٿو.

ڪاٿِئين مفتي تون ”خدائي“،  ڪاٿئين ”اُنَالاحق“ فرمائين ٿو.

حقيقت

داستان پهريون

1

هُو ڀِي ڪِينَ اَچِڻو، هِي ڀِي ڪِينَ وِيو؛

نَفيءَ ۽ اثبات کَؤن، پَري خيال پِيو؛

”سچو“ سَچ ٿِيو، ٻي ٻانهپ ٻولِي ناهِ ڪا.

2

”سَچُو“ سَارو سَچُ ٿِيو، مَنجهان ڪَثرتَ ڪُلُ؛

اَلَف مَؤن آدَم ٿيو، ڪَري هنگامون هُلُ؛

هِندو مؤمِن سو ٿِيو، ڀول نَه ٻئي ڪَنهِن ڀلُ؛

”خَلَقَ الاشيَاء فَهُوَ عَينُهَا“ اِهو آڻ عَمَلُ؛

ٿج گلابِي گُلُ، مَرُ مارِ نِئِي مَنصُوَر جان.

3

قلبِيءَ ۾ نَه قرارُ، آهي عاشِقَن کي؛

روحيءَ لکَ رُلايا، نه نفيءَ نفع دارُ؛

سِريءَ سَوَ وِڃايا، خَفِيءَ ڪيان خوارُ؛

اپَرَ اِخفا ناهِ ڪو، طالِبَ کي تَڪرارُ؛

رِيءَ پَروڙڻ پانهنجي، آهِه شيطانن شِڪارُ؛

”سَچُو“ هِي سَنسار، سارو پاڻَ سَهِي ڪَرِين.

 

4

سائرَ مَنجهه سَهسَ، گهيڙا گهِڙڻ آئِا؛

ڪوسِرَ سِيڻاهِيو ڪَڍي، ماٺي کَؤن مَسَ؛

”سَچو“ لُنگهي لَس، شَرط وَڃِي پيو شَهه ۾.

5

اُچِي اَوَ تڙياءُ، گهِڙيس گهوري جَندڙِي؛

چڙهِيَس ڏَاڍي چَاهَ مَؤن، مَستِي، مَوجَ مَٿاءُ؛

تَڙَ لهِي تِرڀاءُ، شَرط لنگهي پيِس شَهه ۾.

6

جي وَڃِي شَهه پِيا، مُشڪل موٽَڻ تن جو؛

ڇا تانگهي ڇا تار ۾، ٻڏي پَوَن ٻيا؛

جي وِچؤن پاڻ ويا، سي پاڻ ئي پاڻِي ٿِيا.

7

گهِڙَن جي گهيِڙاءُ، تانگهو عِشقُ تَن جو؛

جن کي عشَق عَلِيل ڪيو، سي اينديون اَوَتَڙاءُ؛

جي سُورَ چَکَنديُون ساءُ، ميهَرُ سي ماڻِينديُوُن.

8

اسان پِريِن وِچَ ۾، وَهي ٿو دَرياهُه؛

آهي ڪو نَه اُسان جو، هاديءَ ري هَمراههُ؛

سُپيريان تؤن سَاهُه، ”سچوءَ“ تان صَدقي ڪِيو.

9

ڏاها ڏوُريون پَنڌُ، متان ڀائين پِريَن جو؛

حَبيِباڻو هَنڌُ، وڃِي ڏِسِج اُکڙيَن سان.

10

پِرين مُنهنجا پَارِ، تون ڪِيئن هِت ويلا ڪَرين؟

قاصِد قَريبَن ڏي، دوڙَڻَ تو درڪارِ؛

ڏسِي وَرج سِگهڙو، دوساڻِي دَربارِ؛

لڳِي اَٿُم لَونءَ جِي، عَجِيبَن سان عَارِ؛

ڏاترَ مُون ڏيکار، صورتَ سانگِيَڙَن جِي!

11

اُسان پِريَن وِچَ ۾، دور وهي دَرياءُ؛

ڇُولُيوُن ڇَران ٿِي ڪري، پِيو وِڇُٽي واءُ؛

سُڻي آهان آءُ، مِيان هِن مُشتاقَ جُون!

12

اسان پرين وچَ ۾، جَرُ وهي جاري؛

هِڪُ ڪَڙڪو ڪُنَن جو پَوي، ٻيون وِيريُون ڏي واري؛

هُت ساجَن جا سارِي، سا دَهلي ڪِينَ دَرياءَ کَنؤن.

13

مُون تان توڏي موڪلِي، لِکِ ڪِتابَتَ؛

ڏَکَن جي هِنَ ڳالهڙيءَ، مُنجهائِي مَصلحتَ؛

ڪِيو فنا فرض سُنتَ، سِڪَ تَوهان جيءَ سپريَم.

14

چَري چَري مَ چئو، چَريو آهي لوڪُ؛

جو چَرئي لُڌو ٿوڪُ، سو ”سَچُو“ آههِ نهَ سڀ ڪنهن.


*  هيءَ ڪافي 3، در اصل هِن کان اڳ ساڳي ئي وحدت جي داستان پهريون ۾ ڪافي 10 طور شامل ٿيل آهي. فرق رڳو اِهو آهي ته هِت ڪافي 3 ۾ بند 4: ”و في انفسکم افلا تبصرو“ ويجهو ڪيم وسار. ڏنل نه آهي، تنهنڪري هيءَ ڪافي واڌو ۽ اڻپوري سمجهڻ کپي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org