سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :15

 

29

اَول بابين برهه پَڙهيائين،

تنهن پوءِ سورن منڍ سَڙيائين،

سَسئي ساڻَ فِراق ڦڙيائين،

اَصلؤن ڪيچن ساڻ ڪَڙيائين،

جڙان جيءَ ۾ جال جڙيائين،

تيلهان مٿي روههَ رَڙيائين.

مَحبت منجهه مريض مَڙهيائين،

توڙؤن غير خيالَ تَڙيائين:

پيئي هَٿ بِرهه هاڪاري.

 

30

هِيءَ دل لالَنُ وِيَڙسُ لُٽي،

وِڌسُ ٻاڻُ ٻروچ جِي ٻُٽي،

وَرکؤن شالَ فقير نه ڦُٽي،

ڏنگر ڏک چَريءَ کي چُٽي،

ڪيائين ڪيچن منزل کُٽي،

آنديُس عِشق گهڻيري گهُٽي،

مٿو پيرَ ڪرايون ڪُٽي:

هَي هَي ڪيو ٿِي سَا هونگاري.

 

31

وَرَ جا وِرهه پياريَس وَٽِي،

توڙي سسئي سورنَ سَٽي،

تَنِهن دل ڏانهن نه مُحبن مَٽِي،

چوکو عشق نه آهي چَٽِي،

سُورن سوز کِلڻ کَؤن کَٽِي،

مُحبت کانءُ نه گهايل گُهٽِي،

سسئي سوزَ فِراق جي ڦَٽِي،

ڀائين پَٻُ پَٽولا پَٽِي:

روئي ڦوڙائِي جان ڦوهاري.

 

32

لوٺِي بَڪ مٿي ٿي لَتِي،

ڊوڙي تيزَ منجهارؤن تَتِي،

محبت مَنِ تنهين جي مَتِي،

وڃي ڪيچ وِرهه مون وَتِي،

گهوري گامَ گهڻيري گَهَتِي،

ڏکَ جي چِتِ هنيائونس چُتِي،

روئي ريتِ تنهين سڀ رَتِي،

ڄاڻي پَٻ سَڀو هڪَ پَتِي:

عاشِق عِشقَ منجهؤن اُڇنگاري.


 

33

هَرڻيؤن کِيرُ پيارڻ آيس،

ڪِرهَڙ دانهن ڪري سَڀ کانيسَ،

ڪوڪن ساڻ ڇَپَر سڀ ڇانيسَ،

ڏونگر ڏک منجهارون گهايس،

ڇُلنگيون عشقَ ڏکن ٻُٺ لايَس،

ڳالهيون ڪيچ ڪيچيڙن ڳايَس،

بَر کي بِرهون بازر ڀايَس:

حِجَر ڳاريَس ساڻ هوڪاري.

 

34

هَي هَي هوتُ ڪري وِيس هولِي،

تنهن محبت ٻاروچي جِي ٻولِي،

ڏونگر حُبؤُن ڀاين ڏولِي،

ڪوهيارَل جِي ٻانِهي گولِي،

ساٿي پَٻِ پِرينءَ جي ڦولِي،

تَنهن تا جانبَ تان جِند گهولِي،

روئِي ڪيائين ڇَپَر ڇولِي،

سَنگ جِي راهه ڪيائونس سولي:

نيندس ڪيچي نالِ قطاري.

 

35

منجهؤن نِيهن هنيائين نعرو،

سَڻندي سير سڙي ويو سارو،

منَ ۾ محبت وِڌس مارو،

ڪيائين واري اَتي وارو،

اَندرؤن عشق ڏِنس اوٻارو،

ڏيئي مَٿي سَنگ سَرارو،

ڪائين مانَ ڏسان ڪوهيارو،

محبت ريءَ آهي مُنهن ڪارو:

”سچيڏنا“ ڪو نه سنڀاري.

 

36

مٿي روهه چيائين روئي،

هيءَ ڪَلَ ڪوهيارلَ ڏئي ڪوئِي،

عاشقِ تنهنجي عشق اندوهِي،

محبت مَنجهه هَلاڪِي هوئِي،

لڳِي لالَن تان لَڙهه توئِي،

ٿوڙؤن سُورَ وِڌائين پوئِي،

ساٿِي ٿيُس ”سچيڏنا“ سوئِي،

جانبُ آهيس جِيءَ جو جوئي،

قادِرُ گڏَ تَنهين سان ڪاري.

 

37

هيءَ جا هنيڙي ٿي حيرانِي،

محبت مادُ ڪَئي مَستانِي،

دلبر ڪاڻ هُئي ديوانِي،

باقِي نِيهُن رهيُس نِيشانِي،

ڪيَڙي فوج فِراق جي فانِي،

ڪيائين ساهه سَريرُ قرباني،

گَڏبُس شالَ جَبَل ۾ جانِي،

ٿيندُس رَحم اُتُس رحمانِي:

آئِي هيٺؤن نِينهن نغاري.

 

38

محبت محبوبن جي ماري،

ڪا جا باهه ٻاروچَلَ ٻاري،

ڳالهين ڪيچيڙن جي ڳاري،

ڪيائين جانِبَ تَؤن جِندُ واري،

منجهؤن ذوقَ چيائين زاري،

هيءَ دل آهي سڄڻ تَؤن واري،

ڪُوڪان ڪوهه ڪري ڪوهياري،

توڙي وِرِهه ڪئي ويچاري:

راتيان ڏينهان گهنگهر گهاري.

 

39

مٿي روهه ڏسو سا رَمڪِي،

ڪا جا عِشقَ چَکايَس چَمڪِي،

ڏسِي سُڃَ نه دم ڀر دهمڪي،

محبت مُور نه ڪامِڻ ڪَم ڪِي،

گوندر وِچ گُذاري غَمڪِي،

هاديءَ جانبَ سان نئين جَمڪِي،

تنهن تان تانگهه نه تِر هڪُ تَمڪِي،

مٿس وڄُ وِرِهه جي چَمڪِي:

تنهن جي شور وِڌي شوڪاري.

40

چڙهندي چُنج نه عاشق اَڙڪِي،

ڪا جا فوجَ مٿائنس ڪڙڪِي،

لڳِي لعل پُٺتيءَ سان لڙڪِي،

لڳِيس باهه بِرهه جِي ڀڙڪِي،

جو هَر جوشَ سَڄڻ جي جهَڙڪِي،

رنجيءَ روهه اُتؤن جا رَڙڪِي،

سارو سَنگُ پيو سَڀ سڙڪي،

ٽَڪرُ سڀ پيو تان ٽَڙڪِي:

اهڙو سوز هلِي سينگاري.

 

41

جانِبَ ڪاڻِ ڇڏيائين جايُون،

فوجان عِشقَ اڳيانئُس آيُون،

ڪلان ڪوههَ سَنديَسِ ڪَهڪايُون،

سڀئي وِرهه وِساريُس وايُون،

وڃي خاڪَ لِڱن کي لايُون،

تنهن جي سوزَ ڇَپَر سڀ ڇايُون،

روئِي روههِ ڏنائين رايُون،

پيان پٻ چڙهي ڄَڻ پايون:

اهڙو عشق هَلي اختياري.

 

42

ڇَپَرَ ڪا نه ڇڏي سا ڇوري،

جنهن تان گهوٽَ اُتَؤن جِندُ گهوري،

جا ڪِي پورَ پرين جي پوري،

هيڪَل هوتُ نِهاري هوري،

ڳولي تَنين جنين ٿَر ٿوري،

لَؤن لَؤن قابو لڳيس لوري،

هَئڙس جهورَ برابر جهوري،

تنهِن جي هٿ سڄڻ جي ٽوري:

اِنهيءَ ڳالهه وِڌي سا ڳاري.

 

43

آهي ريءَ عجيبَ اَٻائُون،

اَچي شالَ ڪوهيارل ڪائُون،

جنهن سان لوهِ لڌيون هُم لائوُن،

هَي هَي جَت وٺي ويا جائُون،

تنهن تان ڏَس پُڇي ٿِي تائُون،

ننڌر هيءَ جا نال نه نِيائُون،

تنهن جِيون زِيلان هُت سُيائُون،

هِهڙَس ڏونگَر حال ڏٺائُون:

ويچاري ٿِي تونگِ تنواري.

 

44

موٽي چاهه پرينءَ جي چائِي،

تَنهن ڪا ڳالهه محبت ڳائِي،

ڇَپَر سَڀ ڪيائين ڇائِي،

ڏاڍيءَ تِکَ تَنهين جي تائِي،

”ويجهي آيس“ هُئڙس وائِي،

روئي روهه ڏنائين رائي،

گهِٽِن منجهه قلم گهُمائِي،

تان تان اوڏي وَسئون آئِي:

آيُس مُحبُ اڳيون منهن پاري.

45

ڪُونجن هَٿ مُڪائين روئِي،

دانهن ڏوگهه منجهارؤن ڏيئِي،

سا تان ڪَنِ سَڄَڻ جي پيئِي،

اُٿي هليا هوت هنڌيئي،

جانبَ جِيءَ گهُريا هَسِ جيئي،

آيس سَڄڻ پاڻَ سنجهيئِي،

جن جي ڪاڻ ويچاري ويئِي،

وڃي ڪيچ اُها ڳل پيئي:

پنهون پِريَن گڏيو غم ٽاري.

 

46

سسئي ڄامَ پنهون هڪُ هو تان،

ڪامِڻ جانب ڳوليو جو تان،

ساڳي پاڻ پنهون هئِي سو تان،

ڀڃي هيءَ ڳجهارت ڪو تان،

ڇاجي ڪاڻ ڪَرين ٿِي ووءِ تان،

ڇَپَر ڳولي ٿِي سا ڇو تان،

”سچو“ دَست دوئِيءَ کان ڌوتان،

ساڄَنُ ڪيئن صَحِي ڪَيو تو تان:

پَر جي عشق اَچِي اوجاري.

47

آهي”ڪُل شيءِ“ سو هادي،

”خَلَق الاَشياءَ“ کَؤن آبادي،

”وَهُوَ عَينُها“ ٿِي آزادي،

واندِي غير ڪَنؤن هيءَ وادي،

لَٿا شَڪ شُبها ٿِي شادي،

”سِري سِرهُ“ ٿِي اِمدادي،

جنهن کي سَمجهه تنهين کي تَعدي،

سوئِي مَرد نه آهي مادي:

سَڀ وِچ صورتَ يارَ پياري.

 

48

پَنهنجِي پاڻَ ڪري ٿو وائِي،

تنهن تان ڳالهه اها ڳالهائِي،

ڪافر مؤمن صورَتَ سائِي،

انهيءَ رَمزَ ڏنائين رائي،

جانب ڏسي ڏنو هي جائي،

”فاَ ينَمَا تُوَ لوا“ آيتَ آئِي،

ٿيڙو اَڄُ بَهاني ڀائِي،

اَحمد وحي هِڪو هِڪ هئائِي:

’احمد‘ ’اَحدُ هُئا اِسراري.

 

49

”عَرفتُ رَبِيء بِرَبِي“ آيت آئِي،

نوبت ”اَنَاالحَق“ وڄائِي،

”اَعظَمُ شَانِي“ رَمز رلائِي،

ڪِيَڙي ”لَو ڪَشَفَ“ اُجرائِي،

”يَسمَعُ يُبصِرُ“ آهي هِڪڙائِي،

”بِلامِيم اَحمدُ“ اِها وائِي،

”اِني اَنَا الله “ آگاهِي،

هُئڙي صُورت هِڪ سڀائِي،

سوئي بندو سو مولائِي،

سوئِي هيٺ سو بالائي:

عالَم الله مون اِظهاري.

 

50

ظاهِر سِڄُ ته سڀ ڪنهن جائِين،

هيءَ ڀي رَمز تون دل سان لائِين،

تون تان آئينو ٿي آئِين،

پنهنجو پاڻ ئِي ۾ مُنهن پائِين،

”مَين“ کي ڇوڙ ته ٿِيون ”سائِين“،

ڀولو مور نه هن ۾ ڀائِين،

توکي صَحِي سَچ سُڻائِين،

ڪاشَي ناهي بِنا حق ڪائِين،

”ڪُلُ شَيءِ ناِطقءُ بالحق“ ڳالهه اِهائي ڳائِين:

هَر جا پاڻَ غَنِي گُفتاري.

نوري

داستان پهريون

1

تون سَمو سردار، آءُ ميئي مهاڻي آهيان؛

تنهنجيءَ شفقت مِهر جو، آهي ڪو نه شُمارُ؛

گنديءَ گاندَر گهر کان، ڪيو ساري عالم عارُ؛

مٿي تَنهن مَدارُ، تو ساريءَ ڪينجهر رکيو.

2

تون سَمو سائين، آءٌ ميئي مُهاڻِي آهيان؛

مون لَڄ رهائين، جو پَلهءِ لڳيس تانهنجي.

3

آءٌ ميئي مَهاڻِي، تون سَمو ساري سَر جو؛

قرب منهنجو ڪهڙو، ڄاڻيو ٿو ڄاڻِي؛

کارِي سرِ کنيم ٿي، ڇِڇيءَ، کِکيءَ هاڻِي؛

راجا تنهنجي راض سان، ٿيس راڻِنِ جي راڻِي؛

تو سَما سِيباڻِي، نه ته هيس بيهودي بڇڙي.

4

ڪلسا ڪلوري، ڪِنَ ڪالورا ڪينجهرين؛

پيهي وڃي پَن ۾، ڪَنِ ٻُڪين ٻُوري؛

روز تنِي، کي راوَ ڏنهن، ٿيا چانور آئون چُوري؛

جي هيون اڌوٻَنڌ ۾، سي ڪن ڪپڙا قصوري؛

هيٺ مٿي تن ٿي، ڍڪيون سالان سموري؛

واسِيا وتَن ويسَ ۾، هُيَن کُهنبي کَٿُوري؛

ڇڇيءَ کِکيءَ تارِ جي، سي اَپَر عَطوري؛

ٿِي مُلڪين مشهوري، سَمي جي سُهاڳ جِي.

5

پيرَ آئون مُنهن نِيرا، پاڻيءَ پوندا جَنِ هئا؛

سي اڄ ٻَڌيو وتن سِرَ تي، چاهه منجهؤن چِيرا؛

ماڻِڪَ موتي مُنهَن تي، هٿ تَنهين هيرا؛

ڪاتَ سڀئِي ڪِيرا، سُگهَڙ سَمي ڄامَ جا.

6

وَهين وَهلَ لَپيوُن، ٿي پيٽَ پاريا تنِ پانهنجا؛

ڏنيون ڏُٿ ڏُپَ جون، ٿي جهَٻيرن جهپيوُن؛

کِکيءَ خاطِر ڌَٻيريون، ڌُٻَن منجهه ڌپيوُن؛

جي کائَن پَٻڻِ پَپيون، سي چُوريءَ تي چَريون ٿيون.

7

جي جهاڳيون وتَن جهاڳَ، ميئون ڪارڻِ، قوتِ جي؛

سي اعليٰ درجي آنديون، سَمي جي سُهاڳَ؛

مَنچر مَها وچ ۾، ڪَن رنگيليون راڳَ؛

هُئا حال جنين جا هِهڙا، تَن تي ڀلي ڪيا ڀاڳ؛

ڪينجهُر ٻن ڪنڌين جِي، ٿي هٿ اُنهن جي واڳَ.

هِيرا ۽ ياقوت ٻيا، اُڄ اُنهن وٽ اَجهاڳ.

ٻيا ڀِي لَکين لاڳَ، تنهن ڏليُن کي ڏيئي ڇڏيا.

8

بيحد ڀڳوڙيون، هُين ڊولِ نه ڪنهن ڊونڊيون؛

ناپي ڏُٿ آئون ڏُپَ جون، ڪن خرارين کوڙيون؛

ٻُُوريءَ ڦرها ڦَريون، اچن ملاحيون موڙيون؛

جوڙون سڀ جوڙيون، ڄامَ تماچيءَ تن جون.

9

ڊولَ نه ڪنهن ڊونڊيون، پَر هُيون سَمي جي سهاڳَ تي؛

ڪينجهر سنديءَ ڪنڌئين، ڪَنَ ٽوريون آئون ٽونڊيون؛

چَڪَ جيهون چونڊيون، ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾.

10

هُيون لڱين ليڙيون، مُنهن نه موچاريون؛

سي ٿو ڄام وهاري وَٽِ ۾، ڪري ملاحن ميڙيون؛

ٿو ڀڳيون جوڙائي ڏئي، ٻَهڳڻ تَن ٻيڙيون؛

وٺن ماڻِڪ موتئين، تنهن کؤن جهَٻيون ۽ جهيڙيون؛

توڙي اِهڙِون اَويڙيون، ته ڀي سَمي ڄام سُهائِيون.

11

جَن ٿي پالِيا پيٽَ، ڪُمنَ ڪالورَن سان؛

سي ٿا تيل ڦليلَ سان، ٿيون مَلائِن ميٽَ؛

ڄام جواهِر جي ڪري، ٿو اُنهن پارِ اُميٽ؛

ڪَئي لاکِيڻي ليٽَ، سَمي مير مُهاڻن ڏي.

12

هئا وڏا جَن تي ويلَ، ٿي قوت مِليُن ڪين ڪِي؛

خاصين سي خوراڪن تي، تان ڪَن مُهاڻيون ميلَ؛

مِڙي جُهڙي پاڻ ۾، ڪن سيلابين سيلَ؛

پوءِ لاٿا ڄام لُطف سان، زبونِن تَؤن ذيلَ؛

تن سي تيلَ ڦليلَ، اڄ عطر گاڏڻَ اوتيا.

13

جَنهين اَڌوٻَنڌِ، هُئي عُمر سَڀائِي اِهڙي؛

سي سَمي جي سهاڳ تي، آيو ڏاڍي اَنڌِ؛

تنين جي طولان جيون، پيون هاڪان هنڌو هنڌِ؛

ڏَلِيون ڏوليين چَڙهيون، پيرين پَوَن نه پنڌِ؛

سَڀ اَندامين سَنڌِ، جَڙيون جواهِر ۾.

14

چولِيون جَن چِڪِ هُيون، اَڄ ٿيون لالين لائُو،

جُتيون جَڙائُو، پايون وتَن پيرَ ۾.

15

نوريءَ نادر ڄامَ کي، ڪي چَکايون چاٽيون؛

تنهن کي ڏسڻ سان ڏياريون، ڪنهن ڦِڪَل ڦيراٽيون؛

وٽان سو واٽيون، ٿو ڏئي ڏهاڙي اُن کي.

16

هون مَڪَ هِڪَ تُرارُ، چار تُرارا موتِئين؛

تنهن برابر نه ڏيان، توڙي ڏين جال جَوهارُ؛

جو پلِءِ پِيڙو ههڙو، مهاڻِيءَ مَڻيارَ؛

تنهن مَرُ ڪينجهرَ ڀَرِ قرارُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

17

تارازيءَ جِي توري، مَڪ موتِنِ تي نه ڏيان؛

ٻيڻا ٽيڻا نه وٺان، ٿوري نه ٿوري؛

گهوري آءٌ گهوري، جو ڄارو ڄام ڪُلهي کنيو.

18

مَڪَ برابر نه ڪريان، ماڻِڪَ موتِنِ ساڻَُ؛

سَمو ڄام سُڃاڻُ، جنهن ڄارو ڄام ڪُلهي ڪيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org