سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :18

ڪافي 3

مارو مون کي نه وسارين، آهيان اُنهن جي! ميان.

درد جنين جو دل کي، ڪَرم سين اُڪارين.

اٺ ئي پَهر اوڏهين، ٿا نيڻ نهارين.

هر دم طَلب جون تَن اندر، تارون تنوارين.

”سچو“ سارين جن کي، سي ڀي تو سارين.

ڪافي 4

هلي ههڙي حال، ميان،

وڃي ڏوٿن کي ڏسان!

پيڪَن مون پهچائين، ڀلا پنهنجي ڀالِ.

منهنجو ماروئڙن ريءَ، جِيڻ آهي جنجال.

ههڙي وڇوڙي جي، ڪنهن سان ڳرهيان ڳالهه.

هُئڻ سدا خوش سومرا، مارو پنهنجي مالِ.

”سچوءَ“ جي ته سَرير ۾، مارن جِي آهي قالِ.

 

ڪافي 5

ڏوٿن کؤن نه ڏور، آهيان جيڏيون،

آءٌ اوڏي ان کي! سائين الا.

ناهيان ٻاهر تن کؤن، ميان، هڪڙوئِي دم دور.

”اَلاِنسانُ سِري وَاَنَا سِرهُ“، دوسن جو دستور.

هِي مڙيوئِي آهي تان، ميان، مارن جو مذڪور.

”سچَو“ سا پُڇ ڳالهڙي، ميان، مارن جِي مَستور.

داستان چوٿون.

1

تون حمير هِٺِي، آءٌ ٿورياڻِين آهيان،

جا لوئي آندم لوءِ ڏنهن، وينديس ساڻ وٺي؛

ڪڏهن ٿيندي ڪانڪا، مانهؤن شال مَٺِي؛

ڪتابت قولن جي، مون ڏي پنهوارن پَٺي؛

هيءَ بندَُ بندياڻِيءَ کي، هو لکيو رات ڇَٺِي؛

اُن سانگِن ڪاڻ سَٺِي، مون مِڙيائِي سومرا.

2

ڪو بِي خيال نه هوم، هُيس مارن ساڻ ملير ۾؛

جان وڇوڙو سومرا، کؤن ٿريچن ٿيوم؛

قسمت قيد الماءِ جي، ڏَسي ڏور وڌوم؛

تڏهن وڏو قدر پيوم، هَي ”سچو“ هيڪاندِ جو.

3

ويٺا ڳالهيون ڪَنِ، ماروئڙا ملير ۾:

ته ”اِجها اِيندي مارئِي، وري هن وطنِ!“

ايڏي اُڪنڍ آهي، مُنهنجِي جا پُڻ جَنِ؛

آءٌ سگهي سان تَن، وڃي گڏ گذاريان!

4

قَرابتي ڪاٿي ٿيا، آءٌ ڪاٿي آئِي!

قسمت قيد ڪٿي ڪيو، آءٌ ڪٿي ڄائِي!

آهي منهنجي روح کي، ريءَ مارُن موڳائِي؛

اَٺئي پهرَ اُنهن جِي، وات اَٿم وائِي؛

گهڻي مدت مونجهه ۾، مون پڻ لنگهائِي؛

مَنَ سِگهڙي سنگهارن جي، ڪل پوي ڪائِي!

ته ڪي آهن آرامي اُتهين، جهانگيڙا جائي؛

ڪِي ويا مُلڪ ملير مَون، ڪري آجائِي؛

وڃي پانورَ ڪنڌئين، ويٺا وهڻائِي؛

اُتي تازا توانا ٿيا، ڏُٿ ڏنؤرا کائِي؛

ڪر سومرا سائِي، جئن ٿِيَن آسودا آجَڙي.

5

جن گڏ گذاريوم، سڀ ڄَماندر سومرا؛

اَچي پَري پَيَس اُن کؤن، مُونجهه اِنهيءَ ماريوم؛

ساريو سنگهار جي، ڳالِهن هِت ڳاريوم؛

جو مارو محرم حال جو، سو پڻ سنڀاريوم؛

ڏيہُ ڏاڏاڻو ڪَڏهين، وار نه وساريوم؛

نِتُ نِتُ نِهاريوم، پَنهوارن جي پارَ ڏي.

6

اَڄ پڻ ٿِيمُ اُداسُ، هِي مَن ماروئڙن ڏي؛

ڪري بندياڻي بند مَو، خاوندَ لڳ خلاصُ؛

جو مَٽي کيتَ ڌنارَ کي، ڪا پلنگين ڏينديَس پاسُ؟

ڪو وجههُ صاحبَ سومرا، اُنهن سان اِخلاصُ؛

جو هو ويچارا واهَڻِين، تون ڪري ڏس قياسُ؛

زور تنين تا ناهِ ڪو، لوئِي جن لباسُ؛

اَٺئِي پهرَ اُنهن کي، آهي حَمِيرن هراسُ؛

تاڪون تنهنجي تاب کؤن سهميون اٿن ساس؛

چاڙهيو لِڱين ڪِين تَنين، ماسي قَدر ماسُ؛

تعديون تَنين تي ڪَرين، جن تو هَؤؤن ٿئي مَواسُ؛

ويڙهيچا وڻراهَ ۾، هُتِ وڻِ وڻِ وٺن واسُ؛

پاءِ پنهوارَ پياسُ، آهي راجا منهنجي روح کي.

7

چئي مُڪائون، هيئن ڏاڏاڻي ڏيههَ ڏنهن،

ته ”جيڪس“ اِهي تو هُيون، مَنَ جون مُدعائون.

”تان وڃي پَلنگين پَٿَرڻِئن، شَلَ چڙهان آءٌ،

تو پُڻ تيلهائون، هاڻ ويا ويڙهيچا وسِري!“

8

چڱيءَ طرح چَئي، ٿي مُنجان ماروئڙن ڏي:

ته ”سُکين سانگيڙن کَؤن، پري آءٌ پَئِي؛

”قسمت قيد الماء جي، مون سان هِيئن ڪَئِي؛

وسري ڪين وئِي، سَنگت سنگهارن جِي“

9

ماروئڙا ماندي، آءٌ اوهان ريءَ آهيان!

سُکيا آئين ساڻيهه ۾، هِت بَند رهي باندي؛

هِت قسمت قيد الماء جي، هِيءَ اَچانَڪ آندي؛

آهيان اوهان جي ڳالِهه کؤن، ويل نه ڪنهن واندي؛

چڱي ٿِي چاندي، اِينديَس لوئِي وٺِي لوءِ ڏي.

10

قاصِدُ اَڄُ ڪوئِي، مَنَ اَچي ماروئَڙن ڏنهن!

تنهن تا چَوان حالَڙو، سارو سڀوئِي؛

’ايڏنهُن آندي آههِ مون، لاکيڻِي لوئِي؛

’سا وٺي وينديَس پاڻ سان، اَٿم عهد اِهوئي؛

’سَرتِن سان روئِي، سِڪون لاهينديَس لوءِ ۾‘.

11

هِيءَ اُميد نه هُئي، مون کي ماروئڙن ڏنهُن؛

جو ڪو نه مُجندا مُون مڻين، پُڇَڻ ڪاڻ پَهي!

ڏٺم هڏنهِن ڏيهه ۾، نَڪو ڳوٺَ ڳَهِي؛

هاڻي وائِي وائندي، اها سيُمَ اَڄُ صحِي؛

ته ”اَٺا مِينهن ملير ۾، ويڙا راڄ رهِي؛

”ڇڏي پانورَ ڪنڌيون، آيا هيٺ لهِي؛

”جهجهو جهانگِن کي ٿيو، ڏِهيان ڏٿ ڏَهِي؛

”ڪَڍيو پيَن پاڻ ۾، وڏيءَ مَهَلَ مَهِي“،

وينديَس ڪوڏِ ڪَهِي، آءُ پَکي پنهوارن جي.

12

سَنگهارن جي سِڪ، آهي منهنجي مَن؛

شال سِگهوئِي سومرا، ڏسان ڏوٿيڙن؛

راتو ڏينهان ڪاڻ ٿِي، جهڄان جَهانگِيڙَن؛

پاڻهي پَنهوارن، اَڄ تا مون کي ياد ڪيو.

13

جهانگي جهڻ پِياڪ، ناهِن شَربت هيروان؛

ڳاڙهيو ڪاريون لوئيون، پهَرڻُ تَن پوشاڪَ؛

لاهِج لوئيَڙن تان، الله لڳِ اِولاڪَ؛

جو رکن هَڏنهن ڪانڪا، عُمر ٻِي اِملاڪَ؛

ڪارڻ پرورَ پاڪَ، مون کي ميڙيين مارئين!

14

ڪيا کِوڻِن کيجَ، اَڄ ڏاڏاڻي ڏيهه ۾؛

پر ماڻو ماروئڙن ڏنهن، هَڏِ نه آيو هيجَ؛

ڪالهه ڏٺا هُئم اُڀ ۾، اَڻِڪ ۾ اَٽيجَ؛

اُٺا مينهن مَلير ۾، ٿيا رڻَ سارائِي ريجَ؛

ڇانگن سان ڇِڙي ڪري، ڪَن ڇَنن ۾ ڇيجَ؛

آءُ پُڻ ڀِنيءَ ڀيجَ، ملنديَس ماروئڙن کي!

15

هي وٺي حالُ وڃان، ميان ماروئڙن ڏي؛

آهي اُميد اَڃان، جو خوشِي ڪنديَس کيت سان.

16

مينهن وسندي مان، ويڙهيچن ويندياسِ؛

لوئِي ساڳين لوءِ جِي، نال وٺِي نيندياس.

وڃي ٿر ٿيندياسِ، ڏکَ سُکَ پائي سومرا.

17

ڌنارن کؤن ڌار، جي مون ڏينهن گذاريا؛

سي هئا قيامت جيهڙا، ميان سومرا سردارَ؛

الله ڪري اوڏڙا، ”سچو“ مَنَ سنِگهارَ؛

ته ڪريون ويهي ڳالهڙيون، هنيڙي جون هِڪوارَ؛

پَر پري ٿيم پنهوار، ڏيان ڏوراپا ڪَن کي!

18

جيڪي هُتِ هونديون، ساهيڙيون ساڻيهه ۾؛

سي پيرون چونڊن پاڻ ۾، گڏ ڪيون گُونديون؛

ساريو مون کي سومرا، رات ڏينهان رونديون؛

ٻيون ڀِي ڇا چونديون، اَڃا عُمر الاجي آجڙيون!

19

ريگستانِن رنگُ، جي تون پسين سومرا؛

ته ميان ماروئڙن تَؤن، ظالِم لاهين زنگَ؛

جو تاڪون تنهن تابَ کؤن، جهانگِي واسِن جهَنگُ؛

نامِيا هي تون ننگُ، نيئي رسائين راڄ ۾.

20

جي ريگستان رهيا، تَن سخت نه وٺج سومرا؛

جو تاڪون تنهنجي تابَ کؤن، ڇَنن مَنجهه ڇپيا؛

سي ڪي پَرئين وسِ وهيا، وسَ چائيتا واهَڻين!

21

ڪري ياد قلبُ، ٿو منهنجو ماروئڙن کي؛

جو ٿيان هيڪاندي تَن سان، ٿئي سائينءَ ڏنهُن سَبب!

ڪڍ بندياڻي بند مؤن، ته راضي هُئي رب؛

غازي لاهه غَضَبُ، ڪَر مِهر ماروئڙن تي.

22

رڃُون ريگستانُ، جِت وطن ويڙهيچن جو؛

راحِم ٿي رکيج تون، تَن ماروئڙن جو مانُ؛

جهونن جهانگيڙن تي، ڪَر عمر تون اِحسانُ؛

ته سارو جڳ جَهانُ، مَرُ تعريفان تنهنجيون ڪري.

23

هيءَ خبر هاڻي، آئي ريگستاني راڄ ڏنهُن؛

ته ”اٺا مينهن ملير ۾، ٿيو پٽَنَ ۾ پاڻِي؛

گُلَ ڦُلَ گلزاريون ٿيا، رِڻَ سڀ ريجاڻِي“؛

تون ڀِي صاحب سُڃاڻي، موڪل ڏينم مِڙي مَران.

24

مينهن وسندي مون ڏٺا، هي پکا پنهوارن؛

ڳاڙهيون اَڇيون لوئيون، ڪيا سَهَج سَنگهارن؛

اُهي عام خلقَ کؤن، ٿا گوشي گذارن؛

منهنجي اَچَڻ سنديون، ٿا واٽان نهارن؛

سانگيڙا ساڻيهه ۾، پيا نِت نِت سَنڀارن؛

هي ڳالِهيون ٿيون ڳارِن، مون کي ماروئَڙن جون.

25

مِينهن وسندي سومرا، اَڄ پُڻ پورَ پيا؛

پَکا پَنهوارن جا، سي مون ياد ڪيا؛

ڏٺي گهڻا ڏينهڙا، مون ٿَريچن ٿيا؛

وسِري تا نه ويا، ڪا ساعت منهنجي ساهَ کؤن.

26

هِت ڏيهي ڏسان ڪونَه ڪو، جو ڏئي کيتَ خَبَر؛

هِيءَ قابُو رهي ڪوٽَ ۾، اُنهن ريءَ عُمَر؛

مَليران مَحضَرَ، ايندم آجائِيءَ جا.

27

مِينهن وسندي ياد مون، اَڄ ماروئَڙا آيا؛

قيد الماءَ جا ڏينهڙا، سي مون لنگهايا؛

موٽي اَچڻ جا ٿِيَم، ڏي سنگهارن سايا؛

اُهي موليٰ ملايا، جي پنهوار پَري ٿيا.

28

ڪو جو وريو واءُ، اَڄ پڻ مُلڪ مَلير ڏنهن؛

ڄَڻُ آيم اَباڻاءُ، ماڻهو موٽائِڻ جو.

29

مون کي رات رسيون، ڏيہ ڏاڏاڻؤ خَبران؛

”ته ساڻيهه سَڀ سَرهو ٿيو، وڄون واهَ وَسيون؛

”اچي ياد الله ٿو، ڦوڳُ ڦُلار پَسيون؛

”برابر بادل ڪَيون، مُنِي لوءِ لَسيون؛

”ساول کائِي سبزيون، ٿيون سَجِيہ سَسِيون،

”ڳاڙهيون اَڇيون ڪاريون، لاهن غم گَسِيون؛

”وُڙهيون ڪَسَ ڪَسِيُون، پُڻ آهِن تارِ تَرائِيون.“

30

رات وري آيا، ماروئَڙا ته مَلير ۾؛

جو لڌم خوابُ خوشِيءَ مون، ڄَڻ موليٰ مِلايا؛

وري وسايا، ڀلي ڀاڻَ ڀِٽُن جا.

31

وسَ چَري آيام، ماروئڙا ملير ۾؛

ڇڏي پانورَ ڪَنڌيون، ويڙهيچا وريامَ؛

عُمر اُميد ٿيامَ، پَسَڻَ پنهوارن جِي.

32

جي ڏوٿي هُيَم ڏورِ، سي والِيءَ ڪَيَم ويجهڙا؛

هُئي جا پورن پُورِ، سان تا اڄ من تَون لَنگهِي.

33

موٽِيا پارِ مَلير، سانگيڙا سانگُ ڪَري؛

جَن جِي سِڪَ سَرير، سي ئي عُمَر آئيا.

34

لَٿو ڦوڙائو، وريو ورق وصالَ جو؛

وري وطَن آئيا، ريگَ لنگهي رائو؛

”سَچُو“ چَوي سائو، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.


 

ڪافي 1

مارو ٿر ٿيام، ڀلو ميان وو، ڏيان ڏوراپا آءٌ ڪَن کي!

سي پارينديَس پانهنجا، ميان، جي هُتِ قولَ ڪيام.

ڇڏي مُلڪ مَلير جو، پَرينءَ وس ويامَ.

گهوريا پَري ڏينهڙا، جي پنوهارؤن پيام.

سنگهارن جي اَچڻ جا، ميان ”سَچو“ سَنيها سُيام.

 

ڪافي 2

روئان زارو زار، يار،

مانَ مارُن کي ملان آءُ!

ڏيان ڏوراپا ڪن کي، پَري ٿِيَم پنوهارَ، يارَ.

وٺِي ويڙا پاڻ سان، منهنجو ساهُ سَنگهار، يارَ

اهو اٿم آسرو، ايندم اَجڙوار، يارَ.

ڪَندا مُهڙ مَلير ڏي، رڻ ڇڏي ريڍار، يار.

سو دم گوندر گذري، جو دم اُن ريءَ ڌارَ، يار.

روئي رت اکين جا، جهونا ٿيا جهالار، يار.

وڃي ٻُڌنديس اُتَهين، سندي پنهوارن پُڪار، يار.

رکي ويڙهيچا ويا، مونهين سر مَيار، يار.

پيڪن مُون پَهُچائيين، سومرا سردار، يار.

راتو ڏينهان اوڏيهن، ”سچوءَ“ ساهَ سنڀار، يار.

 

ڪافي 3

ساريان آءُ تا لوءِ پنهنجي جون لويون،

عُمر گهوريا هِي پَٽَ پٽيهَرَ، ميان!

هُت ويڙهيچا، وو، ويٺا ورهائن ڏيهاڙيون،

سي ڏونرن سنديون ڏويون.

سنگهارن ڏي سوز سنيها،

آءٌ ٿي روزُ مُنجان رويون.

ڪنڍيون ڪوڪَڙ سَنديون، ميان،

ڳچيءَ پائن ٿا هِت پيڪا پويون.

صبحَ سانجهيءَ کَڻَن خوشيءَ سان،

اُهي سي تا آب ڀَريون اويون.

پاندين پائِن پُسيون، ساڳن سِڱر سَنگهارَن،

”سچو“ سي سويون.

 

ڪافي 4

گهوري هِيءَ جدائِي، اڙي ميان، پنوهارن ٻاجهُون پُورَ پيا!

صبح ويلي ميان سومرا، الا سائين، خبر اها مون آئِي.

لنگهي مُلڪ مَلير جو، ويَڙئي ويڙه سَڀائِي.

پانورَ ڪنڌئين ڪينڪي، وهندا ساعَت سائِي.

ڪنَين ٻُڌان ڪِينڪِي، وري اِها شَلَ وائِي.

ڏوٿي پنهنجي ڏيهه مَون، ڪَندا ڪِيئن نِوائِي.

عمر اَباڻا ڏيهه ۾، سَرها هُونِ سَدائين.

موٽِي نه وڃَن اُوڏهِين، جن جِي سِڪَ سَمائِي.

هوءِ هوءِ هِن جي حالَ تي،ڀاڳيا ڪرن ڀَلائِي.

”سَچو“ سندن ساٿَ ۾، ڪَري مَرُ ته گدائِي.

داستان پنجون

1

جوڙي پَکا جُوءِ، اَچي ويٺا عُمرَ اَجڙِي؛

سَدا سَنگهارن جِي، ٿي مَٿي حوضَن هوءِ؛

ٿيون گلزاريون گاهَن جيون، ٻِي خوب کُلِي خوشبوءِ؛

نَئِين رونق روءِ، ٿيو موٽِي مُلڪ مَلير جو.

2

سدا هئن سُکيا، ماروئَڙا ته مَلير ۾؛

شَل نه ڏينهن ڏکيا، اَچن اَجَڙين تي!

3

سدا سَرها هونِ، ماروئَڙا ته ملير ۾؛

مٿي پنهوارن پون، مِهَر جا شَل مِينهڙا!

4

مِيان ماروئَڙن تي، مِهران وسَن مِينهَن؛

شَل نه ڏکِيا ڏينهن، اَچن آجَڙين تي!

5

سدا سي ساڻيهه ۾، سُکيا هُئن سَنگهارَ؛

پکي مَنجهه پنهوارَ، شَل هُئن هميشہ سَرها!

6

سائين سَنگهارن جو، رکج پَن پکي؛

ڪوئِي تا نه لَکي، هُئَن سَدائين سَرها!

7

سنگهاري ساڻيهه، شَل هُئن سَدائين سَرها؛

وڃَن نهَ پَرڏيهه، خوش گذارن اُتَهين!

8

ساڻيهه سنگهاري، سَرها آهِن سومَرا؛

ويڙهيون ۽ واري، مَحلا ماروئَڙن جا.

9

جاتِي واريءَ ڊنو، تاتي اَڏنِ پکَڙا؛

ڀاڳين لَٿا ڀَوَ، سدا رهن او سَرها.

10

نِوڙن ۽ نُونڌيَن، مارو چارنِ مالَڙا؛

گوڙين ۽ کِونديَن، سَرها ٿِيَن ساهَ ۾.

11

جڏهن کِنوڻِيون، وَسَن مينهن مَلير ۾؛

نونديون ۽ نِوڙيون، تاتا سوئِن ٽاريُون.

12

ڀاڳَين ڀَوَ لَٿَا، جي ويٺا پانورَ ڪَنڌئين،

اَٺن مِينهن مَٿا، آجڙين عِيدان ڪيون.

13

وري وَسايو، مالِڪَ مُلڪ ملير جو؛

سو اڳي کَؤن اُجرو ٿِيو، سائو سَوايو؛

آگي اَگهايو، ”سچوءَ“ جو سوالُ ڪيو.

14

آهي سارَ سنڀالَ، ميان ماروئَڙن جي؛

هِتِ هِهڙا حالَ، هُت عِتابَ اُنهن جا!

15

الله اوري اَڻ، ماروئَڙا مَلير جا؛

يا مُون کي ڪڍي ڪوٽ مَون، نئين مُلڪ رَساڻ؛

ڀِڄَندي وڃي ڀاڻ، پِهان پنهوارن جي!

16

آڻ الله اوري، ماروئَڙا، مَلير جا؛

مون کي آندو اوچتو، هِت ظُلمَ جي زوري؛

آءٌ تَنهن گهڙيءَ تَؤن گهوري، جنهن هيڪاندِي هِڪُ ٿِيان.

17

جي ريگستان رهن، تن کي سَخت نه وٺج سومرا؛

جو تنهنجو زور ظلمَ جو، سانگِي ڪِينَ سَهَن؛

مَتان پَرينءَ وَسِ وِهَن، هو ويچارا واهڻِي.

18

جڏهن ويجها هُئامِ، ماروئڙا مَلير ۾؛

تڏهن ڳالهه احوال جي، ٿي تنهين ڪَن وِڌامِ؛

هاڻي وَڃِي ٿَر ٿِيام، اُهي سُڌِ لَهَندڙ سُومرا.

19

ٿِيا پنهوارَ پري، آءٌ ڪنَهن کي ڏوراپا ڏيان؛

وهَندو شالَ وِصالَ جو، وارو ڪو وري؛

سونيئِي گڏَ ڪري، مُئيءَ کي ماروئَڙن سان.

20

هُيمَ جَن سان حالَ، سي اَڄ سنگهاري سِجڪاڻ ٿيا؛

عُمَر اُنهي پارَ جي، اَٿمَ سارَ سَنڀالَ؛

جو صبح اُٿي ساجهُرين، مارو ڇيڙن مالَ؛

پِيَسَ پَري پنوهارن کَون، هَي جي ٿِيَم حالَ؛

آهي اُنهي ڪوٽَ ۾، جِيَڻُ مَنجهه جَنجالَ؛

سِگهَڙي وڃِي شالَ، پهان پکي پنهوارن جي.

ڪافي 1

هو جي ماروئَڙا ٻيهَر مانَ مِلن،

شالَ الله اوراهون ڪَندن، سانگي سانگ سَندن.

ويٺي آهيان واٽ تي، مَنَ اَچو حال پُڇَن.

پَکا پَکَنِ سامهون، اوري آڻي اَڏنِ.

انهن ڪارڻ جيڏيون، منهنجيون اکيون رتُ رُئَن.

اَصل لاڪون آهي، ”سَچو“ سَگ سَندن.

 

ڪافي 2

مارو اُهي مِليامَ، عُمر ڄامَ، وو،

طَلَب جَنِين جِي آهي تَن کي.

ڪَرَم ڪَيائون ڪيترا، ڏوٿِي هت ڏٺامَ.

هِت جنَهين کي، هُت ڀي تن کي پيو آرام.

پاڙِيائون سي پانهنجا، ميان، ڪَيئون جي انجام.

طالع وارا تن جي گولن جا به غلام.

ڪاڏهن ”سَچو“ سالڪان، ميان، ٿِئي طَلَب تمام.

 

ڪافي 3

ڏوراپا ڏيئِي، ڪنهن هَٿ مُنجان، وو، ماروئين!

وساري ويهي رهيؤ، حال ٻُڌي هيئِي.

مِڙي اَچو مون ڳَري، آهِيو جهانگِيڙ جيئِي.

لَهو سُڌِ سَنگهار جِي، جي آهيو اَتيئِي.

”سچو“ ساريَؤ ڪِين سا، جا ويڙهيچؤن ويئي.

ڪافي 4

راتِ مُڪَم روئِي،

ساري سلامَ سنگهارن ڏي.

اکيون اباڻي پار ڏي، بيٺيون جهُڙَ جهوئِي.

اَباڻَن جي آسري، لِيڙون ٿِيَم لوئِي.

ونڊن وِرڇن پاڻ سين، ڏؤنرن جِي ڏوئِي.

لِکِي ڪاغذ مُون وڌو، پَکيءَ کي پوئِي.

ڪي ڏينهن ڍويَم کيت سان، آبَ ڀَري اوئِي.

اَوهان ٻاجهؤن ڪونَڪو، ڪَل لَهي ڪوئِي.

مارو ملندو مارئِي، ”سَچَل“ کي سوئِي.

داستان ڇهون

1

ڄَڱرَ ڄارڙيون، ٻيا ڪِرڙيُون ڦوڳَ ڦُلارِيا،

سي سنگهاريون ساڻيهه ۾، وِهَن وارڙيون،

ٽامان اُٽارڙيون، لاڙيون ڇنِن لاکڙان.

2

وَروٽا ويرهيچن جا، اِهي موتئين مالهڙيون؛

رَس نه اَچن روح کي، ٿالهه ۽ ٿالَهڙيون؛

سَنگهارنِ جون سومرا، چَڱيون چالَڙيون؛

جو فَجُر ڦوڪي سَنديون، ڪن دانههَ دالَڙيون؛

وَرُ سي لويون لاکَ جون، ٻَن شالان شالڙيون؛

اَٺئي پَهر آهن اکيون، منهنجيون عُمر اَلڙيون؛

ڪامل تنهنجي ڪوٽ ۾، وجهان فَلَڪين فالَڙيون؛

شال سڻندو سو ڌڻي، مون نِڌر نالڙيون؛

وڃي ڳجهيون ڳالهڙيون، ڪنديَس سَرتن سان ساڻيهه ۾!

3

هِت ڏسان ڏوٿِيڙن جيُون، ويٺي واٽَڙيون؛

هُتِ پَون پنوهارن تي، مِٺِيون ماٺَڙيون؛

ياد اُتي جون مون پيون، ڇوهُون ڇاٽَڙيون؛

توڙي چار ڪنڊان لوئيءَ جون، هِت ڦاڪين ڦاٽَڙيون؛

تان ڀِي وڃان اوڏهين، جتي کِنوڻِيون کاٽَڙيون؛

مون کي لوهِن لاٽَڙيون، تَن لالن سَنديون سومرا.

4

ٻُور پُڄاڻَون ٻيَر ڪَن، ٻَهون ٻيرڙيون؛

ڇاڻِن چونڊن سي چڙهيو، ڏئِي ڦيرڙيون؛

پانَوَ پيرڙيون، ڪن تماشا تِکُن جا.

5

هُت گهُمَن ڏوٿِي ڏٿَ لئه، ڪَيون ٽولا ٽولڙئين؛

ڇاڻِن لنب آئون مَکِڻي، جهَلي جهولَڙئين؛

پيِهَن پَچائن مانيؤن، ڦوڪي ڦولَڙئين؛

تون، عمر اولَڙئين، ڪَري هُت ڇَڏيج مون.

6

هُت ريت ته آڌو ٻَنڌِ، ڪَن لويون لاکَڙيون؛

مَشَر مارُئَڙن جيون، سَچيون ساکَڙيون؛

وَٽين تورنِ ڪينڪِي، مَکَڻ ماکَڙيون؛

اَڃان ڦُٽَن باکَڙيون، ته کڙا آهن کوهَ تي.

7

اَڃا کِنونِ کِنوِڻيُون، ته سانگيُن ساهه پوي؛

وَسي تَر تارِ ڪَن، نَيون ۽ نُوڻِيون؛

جاتي هَئن جوڻِيون، تاتِي آجَڙي آرامِ ٿيا.

8

اَڄ جوڙي ويٺا جهَنگَ ۾، جهانگِي جهوپڙيون؛

ڏي نه ڏوٿيڙن کي، لائِقَ لوپَڙيون؛

راجا روپڙيون، گهَرين رکن ڪينڪِي.

9

هُت ڏِينَ مارو ڏاجَ ۾، ڄاڻِي ڄارَڙيُون؛

پَيون آهِن سڀ کي، اُهي ويڙهيون وارَڙيون؛

سي چُونڊن پيون پِرهه جو، نائي ڏارڙيون؛

وِجهَن گوندنِ سَنديون، ڳچيءَ ڳارڙيون؛

پوءِ کنيو کارڙيُون، وَڃَن لوئَڙِياريون لوءِ ڏي.

10

مون کَون وِسَرن ڪِينَڪِي، اُهي عُمرَ ويلڙيُون؛

چاريَم وڏي چاهه مَون، ٿي ڇيلا ۽ ڇيلڙيَون؛

ٿي کيڏيَمِ کيلَڙيون، سَرتِن سان ساڻيهه ۾.

11

اَوس اَڏنِ سومرا، چوڌاري چَؤنرا؛

تَن ۾ سانڀي رکَن سامهان، ڏَٿ ٻَهون ڏونرا؛

ڌڳَ رکي ڌؤنرا، صبح کائِن خوش ٿِي.

12

ڪَرين ڇو کِلان، سانگيڙن تي سومرا!

سارِههَ سو تِن تي، لاهه ٽوڪان آئون ٽَهلان؛

هي جي مَوتَن جون مَهلان، ٿِي مَحلن مَنجهه گذاريان.

ڪافي 1

ڪاڏي ويَڙا، وو، پِرين پاڙيچا!

جاڏي هَليا، تَهدِل تاڏي، هَلُ تون هِنيڙا، وو.

محبن مون سين عَجَب جيها، ڪيئي ڳُڻِ ڪيڙا، وو.

گوندر گاڏائون ڏينهڙا، هِت جالڻ جيئڙا، وو.

هِن اَجايا اُنهن ٻاجهون، جي پلڪ پيڙا، وو.

”سَچوءَ“ سَندا سانوَل ٻاجهون، هي حال هَي ٿيڙا، وو.

 

ڪافي 2

آئين هَلِي هِن جاءِ، وي،

هِڪ ساعت ڪارڻ تون سانگِيڙا!

ڪا گهَڙي نيباهُ نه ڄاڻج، پيچ نه تَنهن سان پاءِ، وي.

”الدّنُيَا سَاعَةُ‘“ اِهو نَڪتو دل سان تون لاءِ، وي.

جاڏنهن آئين تون وڻجارا، وري وڃَڻ اوڏنهن آءِ، وي.

دنيا ۾ دَمَ ڪيئي گذاريئي، ”سچو“ سڄڻ جي ساءِ، وي.

 

ڪافي 3

اوڏاهُون آيا، مون ڏي عتابَ اَباڻن جا.

هي ڏيههُ وِيَڙُءِ وِسري، اِتي ڏينهن وڃي تو لايا.

ياد اسان کي ڪِين ڪيڙئي، منجهائينءَ مايا.

ڏينهن اسان ريءَ گذري، ويَڙئي سڀ اَجايا.

گهڻا مِينهن مَليرَ ڏي، والِيءَ وري وَسايا.

تَنهنجي ڏسڻ لئه، هِت سانگِي سِڪايا.

سائينءَ ”سَچو“ سِگهڙا، مون کي مارو مِلايا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org