سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: رسالو سچل سرمست

صفحو :17

ڪافي 6

مون تان چيو تو اڳهين، نه تون دل ڦاساءِ!

آهون دانهون ڇو ڪَرين، سَٻَر سيڻ سَنداءِ.

ڪُڇ ڪنهين سان ڪينڪي، ٻولي ٻي نه ٻڌاءِ.

وڇڙيا گَڏُ گَڏي پِرين، ڪو والي ورق وراءِ

ٿوري گهڻي ڏينهڙين، ڪندءِ ماڙ خداءِ.

سانگِي ويڙا سانگ تي، پنهنجي سانگِ سُئاءِ.

پاڻوُن ڄاڻِي پِريت مؤن، ڪوهه ڪَرين هاءِ هاءِ.

”سچو“ سُپرينءَ لاءِ، ڪوڙين ڪانگَ اُڏاءِ.

تو پئي ساريو جن کي، تنِ ڀِي سِڪَ سندياءِ.

داستان ٻيو

1

عمر اَباڻن ۾، لَڌمَ لائون لالڙئين؛

کُهه موتِي مالَهڙئين، هارَ گهوريا هِن حالَ تون.

2

جو ڏاڏاڻو ڏيہُ، مُونهؤن مور نه وسري؛

سو ڏاتَرَ لَئه ڏيکار مُون، سومرا ساڻيہُ؛

ريءَ پنهوارن پَرڏيهہُ، هِيءُ مِڙيو ئِي ڀائيان.

3

ڏيهه ڏاڏاڻي، شل سِگهي وينديس سومرا؛

مون کي ماروئڙن ۾، ڇڏ عمر اُماڻي؛

ڏينهن گُذري ڏکَ ۾، ٿو ڄاڻيندڙ ڄائي؛

سُکَ ڏَکَ سنديون ڳالهڙيون، وڃي اوريان اَباڻي؛

نه ته سُڌ لَهندڙَ سِگهڙا، اَلله اُهي آڻي؛

جو هُن بِنا هاڻي، گهَڙي هِت نه گهاريان.

4

وَس نه وِساريايم، سُرها وَڻَ ساڻيہَ جا؛

اُهي هيڪَند ڏينهڙا، ٿي گُڏجِي گذاريام؛

ياد ڪيون سي ڪيترو، سانگِي سنڀاريام؛

اوڏنهن اُڏاريام، ڪَلَ لَهَڻ لَئه ڪانگڙا.

5

جهڙِي هُيس مَلير ۾، جي هِت ٿيان تِهڙي؛

پَرَ ڳالهه ڪَريان ڪهڙِي، جو قابو رهيسِ ڪوٽَ ۾.

6

هُيس ڪير ملير ۾، هِت ٿِي آيَسِ ڪيرَ؟

جيڪُس پيڙمَ پيرَ، فقط لَڳ فِراقَ جي.

7

ڪاٿي آءٌ هُياس، ڪاٿي اَيَسِ سومرا؟

هُتان هلي هِتِ اَچي، پورَن منجهه پياسِ؛

هنجن هابُ ڪِياسِ، وڇوڙي جي ڏينهڙي.

8

شال نه رهن ڏورِ، هُئن اَباڻا اوڏڙا!

ميان تَن ريءَ مور، مون هِت جالَڻُ نه ٿئي.

9

ڏوٿِي ڏورئون ڏورِ، عمر اَڄ مون کي ٿيا،

سُمهَڻ جاڳَڻ سورِ، مون گذارَڻ آئيو.

10

جڏهن آءُ ڄاياسِ، ڪنهن وٽِي، وِهَ جي نه ڏني!

جڏهن ساماياسِ، تڏهن آيَس اور اتَن ۾.

11

هي سامائِجڻ گهوريو، جنهن بت ڪَيو بيرؤن؛

وڃي شَلَ ويڙهيون، ڏِسان ڏوٿيَڙن جون.

12

ڏٺي ڏوٿيَڙن کي، گهڻا ڏينهن ٿيا؛

جالڻُ جُدائِي ۾، جيڪي پَلَڪ پئا؛

سي وڻواند ويا، سارا سنگهارن ري.

13

هُت ٿا لوءِ لُڇَن، سُڻِي ڳالهيون سومرا؛

پيهي ڪِئن نه پُڇن، جي هُئن اَباڻا اوڏڙا!

14

پاڙو پاڙي ساڻُ، شَلَ هُئان اَباڻن جي؛

پکي تَن جي پاڻُ، آءٌ تا سُکيو ڀائِيان.

15

مون کي رَبُ رکي، شل پَردي ساڻ پناهَ ۾!

ته هئان منجهه پکي، عُمَر اَباڻَن جي.

16

پَردي منجهه پناهَ، مون کي رَبَ رکيج!

اُڪنڊ هِن اَرواحَ، آهي اَباڻَن جِي.

17

ڏِسي کيٽَ کَڻِي، ويا ماروئَڙا ملير مَون؛

پَکا پانوَرَ ڪنڌئين، ويٺا جالَ هڻِي؛

اڳي پنهوارن پاڻ ۾، ٿي اِها ڳالِهه ڳڻي؛

هِت رَتِي رهَڻ ناهِ ڪا، ڄاڻي هِڪُ ڌڻِي؛

جا عادت زور ظلم جِي، هيءَ حَمير وَڻِي؛

رَعيت جي رَنجڻ جي، ٿيس گهُر گهَڻِي؛

هاڻ بَرسَر هِيءَ بَڻِي، سنگهارن تي سومرا.

18

پَلَڪ نه ٿيان پاسي، شَل عمر اَباڻَن کَؤن!

گڏُ گَڏين ها سي، سڀن سان سي سومرا.

 

19

ڪاڏي اَڄ رهي، آءٌ ڪاڏي اَباڻان؟

هاڻي نه ڄاڻان، ته ڪا موٽي مِلنديس مارئين.

20

اَڃا نه آيا، سنگهارا ساڻيهه جا؛

ڏينهن جهَجها لايا، پانوَرِ پنهوارن پاڻ ۾.

21

جيڪس نه آيا، سنگهارا ساڻيهه تي!

نه ته کيتن خابرو، تڏڙهئين هَلايا،

تن ڏينهن وڏا لايا، وڃي پانورَ ڪنڌئين.

22

وڃن تامَ پري، شل اَباڻَن اوڏي هُئان!

جو سُڌِ لَهَن مون سِگهڙي، ذري منجهه ذري؛

اکيون آب ڀَري، ٿي ويجهائيءَ لئه وجهُلان.

23

بيوسِي آهيان، هِن ماڙن ۾، مارو!

وِساري ويهي رهيؤ، ڄڻ منجهانئِوَ ناهِيان؛

لالچ نه لاهيان، پَسَڻ پَنهوارَن جِي.

24

موٽِي شال اَچن، ماروئڙا ته مَليرَ ۾!

اَچڻ سندي تان ان جي، ڪَر پوي مون ڪن؛

تا سڀيئي سُک ٿين، گوندرَ وڃن گُذري.

25

ڏوراپا ڏيئي، ڪنهن هَٿ مُنجان مارُئين؟

ته وساري ويهي رهيَوَ، حال ٻڌي هيئي؛

مِڙي اَچو مون گهرين، آهيو جهانگيڙا جيئي؛

جي آهيو اتي ئِي، تا لهون سُڌِ سنگهار جِي.

26

موٽي ماروئڙن، سُڌِ نه لڌي ساهَ جي؛

لاهي ڇڏيو دل کؤن، اَديون اَباڻن؛

ڪنهن ڳُڻؤن سنگهارن، جيڪُسِ ويڙسِ وِسري.

27

ڪي ڏينهن هُيس قرار، مارُن گڏ ملير ۾؛

درد نه هو ڪو دِل کي، هُيسِ مِٽَن ۾ مختيار؛

ريءَ اَباڻن آرِ، هاڻي ڪنديس ڪَن سان.

28

اَڄ ساريم سنگهاري، جَنَم لنگهايَم جَن سان؛

هيءَ وڇوڙي تَن جي، ميان هِت ماري؛

عمر سڀا مون سانگئين، ٿِي گَڏجي گذاري؛

منهنجي پار پنهوارَ جي، آهي تاڪون تياري؛

هاڻ لکي منجان مارئين، هِيءَ حقيقت ساري؛

ڏينهن هيترا ڏوٿيو، ڪِيئن اوهان وِساري؟

جيڪُس ڌَرئون هُئِي ڌاري، تيلهان ويَڙَوَ وِسري!

29

منهنجي مَن ميان، هِن ڳالهيون ماروئڙن جون؛

ڏُٿ ڏاڏاڻي ڏيههَ جو، وڃي خوشِئون هُتِ کِيان،

ڪائِي ساعت سومرا، جهانگِن ري نه جِيان؛

وڃِي ٿر ٿِيان، شَلَ سَنگت سنگهارن جي.

30

ويجهان جڏهن هُئام، ماروئَڙا ته ملير ۾؛

تڏهن ڳالهه احوال جي، تَن ڪَنين ڪين وڌام؛

هاڻ وڃِي ٿِر ٿيام، اُهي سڌ لهندڙ سومرا.

31

ٿيا پنهوار پَري، آءٌ ڏيان ڏوراپا ڪن کي؟

وَهندو شالَ وصالَ جو، ڪو پڻ واءُ وري؛

نَئي گڏ ڪري، سو مون کي ماروئڙن سان.

ڪافي 1

مارن ڏي آءُ وڃان وڃان! هادِي الله، الو ڀلو!

لاوان لهنديس کيت پنهنجي سان.

سرتيون ٿينديون مون ڄَڃان ڄَڃان.

ڪَڍ بندياڻي بند مؤن، ڪُرف ڪڙا ٿِي ڀَڃان ڀَڃان.

واٽَ جنهين کؤن سانگِي ايندا، سائِي واٽ مان وڃان وڃان.

”سچو“ سائِل آهي اوهان جو، سِرُ سائينءَ اڳيون سَڃان سڃان.

 

ڪافي 2

لڄايان نه لوئِي، وو،

عمر آنديم جا اوڏانهون!

جي تا ملڪَ ملير ڏنهن، قاصِد اَچي ڪوئِي، وو.

سارو سنگهارَن ڏي، حال منجان روئِي، وو.

وجهان ٻَرنديءَ باه ۾، شالون پَٽ سڀوئي، وو.

کٿِي کَنيمَ کِيئن جي، اَڌو ٻَنڌ جا هوئي، وو.

آنديم کڻِي کوهَ تؤن، آب ڀَري اوئِي، وو.

پِيَڻ ڪاڻ پنهوار جي، کَلي مُون تان ڍوئِي، وو.

اهڙي اڳي ڪنهن نه ڪئي، جهڙي ڪيڙي توئِي، وو.

مون سان مدد ني ڪندو، ”سچو“ صاحب سوئِي، وو.

 

ڪافي 3

ويٺا منهنجيون ڳالهيون ڪن،

هُت ماروئَڙا به ملير ۾!

عمر آنديئي مارئِي، تاسف ڏيئي تَن.

سَدا آهِن سومرا، مارو منهنجي مَن.

مون جيڏيون ملير ۾، چانگن پاسِ چَڙن.

ڇڏي پانور ڪنڌيون، مَنَهيون اوري اُڏن.

”سچوءَ“ جي سَريرَ ۾، ويڙهيچا ٿا وسن.

 

ڪافي 4

غم ۾ ڪِيئن نهَ گذاريان، اَديون، تن وچؤن مون کي ڏينهن پيا!

ميان مُلڪَ ملير ڏي، کنيو نيڻ نِهاريان.

پَکا پنهوارن جا، ساعِت ساعِت سنڀاريان.

راتيان ڏينهنان روح ۾، ساهيڙين کي ساريان.

وَسُ جي هو ڪو منهنجو، گڏ هُنِ پاڻ قطاريان.

پَت پنهنجِي پاڻهين، پنهوارن سان پاڙيان.

ياد ڪيو سي ڳالهيون، پنهنجو پاڻ ٿي ڳاريان.

موڪل ڏينم مٽين مِڙان، گهڙي هِت نه گهاريان.

ٻَڪَر ٻاٻاڻن جا، چَهرائيءَ سان چاريان.

جي مون روحَ رڳن ۾، ويڙهيچا نه وساريان.

جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنهن، عمر شال اُجاريان.

حال پَسي هِيءُ پانهنجو، ماروئڙن لڳ ماريان.

پَٽَ پَٽيهَرَ گهوُريا، طولَ ڀايان تلواريان.

ڪَرَ لَهَڻ لَئه ڪانگَڙا، اوڏنهن روز اڏاريان.

”سچو“ سنگهارن کَؤن، هِي سِري هڏ نه واريان.

 

ڪافي 5

شالَ نه وِسارين، مارو مون کي، شالَ نه وِسارين،

- درد جنين جو آهي دل کي!

اَٺئِي پَهر اوڏهون، نيڻَ ٿا نهارين.

پَهون پنوهَرَ پانهنجا ويجها وهارين.

جوڙُ اسان جا جهوپڙا، ماڙيون ٿيون مارين.

هَردم طلب جون تَن ۾ تارون تنوارين.

سنگهارن جون ساه کي ڳالهيون ٿيون ڳارين.

”سچو“ سارين جن کي، سي ڀِي تو سارين.

داستان ٽيون

1

جهانگيڙن لَئه جِيءُ، هِت عمر آهه اُٻاڻڪو؛

نَئِي گَڏائج اُن سان، حال منهنجو تا هيءُ؛

سانگيڙن ۾ سيءُ، آهه اَڃا توڻِي تانهنجو.

2

ڪو نه وري آيو، ماڻهو مُلڪَ ملير جو؛

جو کِيئن جون ڏئي خبران، ساٿِي سَوايو؛

ڏورائيءَ ڏوٿِن جي، هيءَ مون کي مُنجهايو؛

ميان ماروئڙن جي، هِت طعنن تپايو؛

ڪر سومرا سايو، ته وڃان ويڙهيچن ڏي.

3

قاصد آيو ڪونڪو، ۽ ڪو نه لکيائون خط؛

جيڪُس هُيس ڪينڪي، ريگستانِن رَتُ؛

پنهوارن پاهَتُ، تيلهان مون سان نه رکيو.

4

قاصِد آيو ڪونه، ريگستاني راڄَ ڏهُون؛

جو تو مون کي تارِ ڪيو، سومرا ۾ سونَ-

ليهه پتو روحَ کي، هُت هَي هَي جيڪس هو نه!

ڇيهون هِتي ڇو نه، ٿيان اَهڙن عتابن سان.

5

پنهوارن پيغامَ، اَڄ ڏئِي مُڪا مُون مَڻين:

”ڪڏهن آيا ڪينڪِي، تو ڏنهن هِت سلام؛

”کائِي اتي محظوظُ ٿئين، طرحين طرحين طعامَ؛

”پيرُون چونڊئي پَٽَ جا، ٿي ڪڏهِن لاڙيو لامَ؛

”ڏي عيش اِنعامَ، اَڄ اُهي ويلان وِيَڙئي وسري!“

6

پَري ٿين نه شالَ، هُئن اوڏائِي آجڙي!

اُٿي ويٺي اُن جا، اَٿم خوابَ خيال؛

سدا سانگيڙن جِي، مون کي ساه سنڀال؛

هِتِ مون ههڙا حال، هُتِ عِتاب اُنهن جا.

7

عمر مون ڏي آئيا، اَباڻئون عتاب:

”ٿيئن اتي تون مارُئي، کائِي خوش ڪبابَ“؛

هِت مون اکيون پنهنجيون، جهليون روئِي آبَ؛

جهوريَس هِن جواب، ويڙهيچن وساريو.

8

مُنجن هِيئن چَيون، مون ڏي مارو، سومرا:

”وڃي عمر ساڻ تو، ڳالهيون ڪالهه ڪيون؛

”سي پُڻ پنهوارن ۾، پَڌر هِتِ پيون؛

”اِهي پَچارون تانهنجون، ويڙهيچؤن نه ويون ؛

”کيتن هاڻ کنيون، پکُيون ملڪ ملير مَون.“

9

ڪو نئين نِياپو، منهنجو ماروئڙن ڏي:

”مون ڏي اَوهان موڪليو، ڏيئي ڏوراپو؛

”تو لوئِي لاهي سِر ڪَيُئي سونَ رُپي ڇاپو؛

”مون کؤن وسري ڪين ويو، آهي جهڻ اُهو جهاپو؛

”اِينديَس سِگهي ايڏهين، لاهي لاڳاپو؛

”موليٰ ميلاپو، ڪندو سِگهڙو سنگهارن سان.“

10

آءٌ پُڻ ڇا ته چوان، موٽِي ماروئڙن کي!

”هَئي هَئي هِن جي حال جِي، ناهي ڪَل اَوهان“:

هِت اُنهن ري سومرا، نِتُ نِتُ سورَ نوان؛

پَکي شالَ پهان، مان وڃي پنهوارن جي.

11

کڻي ساڻ کٿِي، جا آنديم مُلڪَ ملير ڏنهن؛

سا اَڄ توڻِي تا سِر تؤن، لَحظو ڪين لٿِي؛

لوئِيءَ سنديءَ لَڄَ کؤن، مون ڍڪيا پٽَ نه ٿي؛

هِت سُورن آهه سَٿي، آئين ٿيون ڏوراپا ڏيو!

12

ايڏانهين اِيندياس، ڪنهن مهل موچاريءَ ماروئا!

جا لوئِي آنديَم لوءِ ڏنهن، ساڇن نه ڇڏيندياس؛

توڙي تَهباران ٿِيئي، تهَ بِه مور نه مٽيندياس؛

اَچي ڏوٿيڙن کي، اَڃا ڏوراپا ٿيندياسِ؛

ته ڪيئن وساري ويهي رهيو، ٿوراهين ڏيندياس؛

مِنَهيون، مَنَهَن سان اِتي، آڻي اَڏيندياسِ؛

ڳالهيون ڳرهيندياس، سرتن سان ساڻيهه ۾.

13

الله اَباڻن سان، مون کي گڏَ ڪرئين!

جي ويا ٿَر پَرئين، سي موٽي آڻ ملير ۾.

14

عمر اَباڻن ري، آءٌ تان ڪوجهِي آهيان؛

هيءَ لوئِي نه لاهيان، جا آهه نِشانِي اُن جِي.

15

جا آباڻن ڏني، سا لوئي هڏ نه لاهيان؛

ڪنديس ڪين ڪني، وٺي ويندس ويڙهه ڏي.

16

عمر ڏيهه اَباڻي، مون چڱا ڏينهن گذاريا؛

هِت اَچي هاڻي، پيو هِنيڙو هَلاڪت ۾.

17

عمر اَباڻؤن وڇڙي، ڪنهن اعراضي آندياس؛

وڃي خوشيؤن کائيندياس، پَڪا پيرون پانهنجا.

18

ڪائِي پلڪَ پَري، شال عمر اَباڻؤن نه ٿيا!

ذري منجهه ذري، هُئن پڇندڙ حال جا.

19

جڏهن هُيس اَباڻين، مَحل نه ماڙيُون مون ڏٺا؛

لَئي ۽ لاڻين، هيون پيهيون پنهوارن جون.

20

ڦَٽِي ڦوڙائِي، آءٌ مِيان ماروئڙن جي؛

ڏنيون مون کي تو هتي، آهن ماڙيون جوڙائي؛

ويهان وچ نه انهين، ٻُڙو ٻوڙائي؛

هِن هنڌن ۾ سومرا، ٿو لکيو لوڙائي؛

جنهن آندم ٽوڙائي، پکن مَؤن ته پنهوار جي.

21

ريگستاني راڄَ جِي، آءٌ ڳالهه ڪيان ڪيهِي!

ڪَن پَچارون پاڻ ۾، سي واريءَ تي ويهي،

ته ”ايندي ماروئين مارئِي، شل پَکن ۾ پيهي“؛

اُڪنڊَ مون ميلاپ جِي، آهه جهانگن کي جيهي؛

منهنجي تن تيهِي، آهي سِڪ سنگهارن جِي.

22

مان اُنهن کي ساريان، هو بِي سارن مون؛

جي راضي ٿئين تُون، ڏي موڪل ماروئڙن ڏي!

23

مان اَباڻن ساريان، هُت اَباڻا سارين.

واٽان نِهارين، منهنجي اَچڻ سنديون.


 

ڪافي 1

پَلپَل پونم پُور، عمر تن ماروئڙن جا.

دمدم منهنجي دل ۾، مارُن جا مذڪُور:

سرتيون سورن جا.

سانگيڙن کي سدا مان ساريان، هنيڙي هونم هُور،

پل پل پنهوارن جا.

منِ مَچائي ”سچو“ ويا سانگِي، دونهن جا دستور،

خاصَن کورن جا.

 

ڪافي 2

پاڙيچون نِي پِرين جو، مون کي پُور اڄ نِي پيو.

انتر جنتر مَون ٿي، هي نيهڙي نيو.

جيڪي چيو نجوميءَ، سو تا صحيح ٿيو.

چرخو ڀَڃي چيهاڙيون، مون ٿي ڪاڪيون ڪَيون.

هِن جان ٿئي جميعت، لالَن جي پائي ليو.

ڪوڏس اچي پريئن جو، هِن ڏاهه کي ڏيو.

جي در اچي سو دلبر، تا جِيءُ، ”سچوءَ“ جو جيو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org